اوڏ اِتهاس تي تبصرو
عبدالقادر جوڻيجو
سالها سالن کان هلندڙ نسلي بُڇان، اُرهه زوراين، جهيڙن جهٽن ۽ جنگين ٽارڻ
۽ روڪڻ لاءِ موجوده دور جا ائنٿراپالاجسٽ ۽ اجتماعي نفسيات جا ماهر، وڏي بحث مباحثي
کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتل آهن ته ماڻهو پنهنجي نسلي گروهه کي وساري هڪ ٿيڻ واري
اجائي نصيحت بازي کان هٽي ڪري، جيڪڏهن هر ڪنهن نسل جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن نسلي گروهن
تي فخر ڪرڻ لڳندا، ته اُهي انهيءَ فخر ۾ ٻڏل هئڻ جي ڪري، ٻئي نسلي گروهه تي چڙهت ڪري،
نسلي فساد کان بچي ويندا. اهڙا ماڻهو پنهنجيءَ دنيا ۾ گم رهندا ۽ ٻئي ڪنهن تي آڱر کڻڻ
جوڳا نه رهندا ته موٽ ۾ ٻيا نسلي گروهه به انهيءَ ڪيفيت ۾ گُم رهندا ۽ ڪا به ڇيڙ ڇاڙ
ڪري نه سگهندا. نتيجو اهو وڃي نڪرندو ته ”تون تنهنجي خيال تي قائم رهه، آئون پنهنجي
خيال تي قائم آهيان.“
هونئن به اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جيستائين ڪو به ماڻهو ڪنهن به حقيقت
جي تهه تائين پهچي، انهيءَ حقيقت کي Diagnose نه ڪندو، تيستائين علاج نا
ممڪن آهي. پاڙ وڃي جهلبي، تڏهن وڃي پتو پوندو.
انهن ٻن ڳالهين جي ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي ته مختلف نسلي گروهن جي ڇنڊڇاڻ
ڪجي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اسان نسلي ٻاکاٽڙي کي ۽ نسلي دُوريءَ کي ختم ڪري نه سگهنداسين.
مون کي ائنٿراپالاجي جي ۽ ائنٿراپالاجي جي مک شاخ Ethnology (نسلن
بابت علم ) جي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي. انهيءَ بنياد تي آئون وڏي واڪ اهو چئي سگهان ٿو ته
ٺاڪر لڇمي نارائڻ سنگهه
ڀڳوتي پرشاد سنگهه اوڏن جي نسلي
گروهه تي وڏي ريسرچ کان پوءِ ڪتاب ’اوڏاتهاس‘
لکي، وڏو ڪم به ڪيو آهي ته ڀلي جو ڪم به ڪيو آهي.
هيءُ ڪتاب ٻين تاريخي ڪتابن جي بنسبت هڪ مختلف ڪم آهي. ائين ٺاڪر لڇمي
نارائڻ سنگهه ڀڳوتي پرشاد سنگهه سنڌي تاريخدانن جي ”ڍڳو پير پيران“ واري عادت کان بچيل
آهي. بلڪه منهنجيءَ نظر ۾ هيءُ ڪتاب ”تواريخ“ جي ذمري ۾ اچڻ جي بدران “ائنٿالاجي” جي
علم ۽ ذمري ۾ اچي ٿو، يا ائين کڻي چئون ته “ائنٿراپالاجي” جي ذمري ۾ اچي ٿو، جنهن تي
اسان جي اسڪالرن جي نظر نه هئڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن اسان جو ڪو اسڪالر ڪنهن نسلي گروهه
تي ڪم به ڪري ٿو، ته انهيءَ جي نظر ”تاريخ“ تي وڌيڪ ۽ اصلي سبجيڪٽ ”ائٿنالاجي“ تي گهٽ
هوندي آهي. انهيءَ ڪري اهڙو ڪتاب ڪَسو رهجي وڃي ٿو. علم جي انهيءَ کوٽ کي هن ڪتاب
۾ گهٽ ڪيو ويو آهي، جو هيءُ ڪتاب اهڙن ڏٽن کان بچيل آهي ۽ مضبوط بنياد مهيا ڪري ٿو.
هونئن به چوندا آهن ته “جيڪا ڄڻي سا نِپائي.” ٺاڪر لڇمي نارائڻ سنگهه ڀڳوتي پرشاد سنگهه
خود اوڏ نسل مان آهي، تنهنڪري سندس راءِ ڀرپور به نظر اچي ٿي ۽ اصل مامري تي آڱر رکي،
اسان پارن پڙهندڙن جو ڌيان به ڇڪائي ٿي.
هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اسان کي اها چٽي ڳالهه نظر اچي ٿي ته ٺاڪر لڇمي
نارائڻ سنگهه ڀڳوتي پرشاد سنگهه کي هندي ۽ سنسڪرت جي به ڄاڻ آهي ته پنهنجي نسلي گروهه
جي شجرن جي به گهري ڄاڻ آهي، جنهن کان اسان جا روايتي قسم جا اسڪالر وانجهيل آهن. هن
ڪتاب ۾ ”ڀاڳونت پراڻ“، ”برهم پراڻ سوريه ونش نروپن“ مان به حوالا ڏنا ويا آهن، جن کان
اسان جا اسڪالر اڻ واقف آهن. اهي ئي ڳالهيون آهن، جن جي ڪري هيءُ ڪتاب علمي دنيا
۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو.
اهڙي ساڳيءَ طرح هن ڪتاب ۾ بابو ڇيدا لال، پنڊت پرڀو ديال جي شرما، پنڊت
ڇوٽي لال شرما، شري مهاراج ڌراج سوائي، سَرماڌو سنگهه جي بهادر جي، ڪنور راوت سنگهه
جي، ڪنور جگديش سنگهه ۽ ٻين ڪيترن ئي ريسرچ ڪندڙن ۽ ريسرچ ڪرائيندڙن جي ڌيان ۽ گيان
جو به تذڪرو ملي ٿو. اهي اهڙا نالا آهن، جن تائين اسان جي پهچ ئي ناهي. ائين هن ڪتاب
۾ نوان در ۽ دريون کلنديون نظر اچن ٿيون جيڪي اوڏن تي روشني وجهن ٿيون.
جن ماڻهن کي اها به خبر ناهي ته اوڏ سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪٿي رهن ٿا ۽ اها
به خبر ناهي ته اوڏن جون ڪيتريون نُکون آهن، انهن ڀائرن کي عرض آهي ته محبت، محنت
۽ يڪسوئيءَ سان لکيل هن ڪتاب جو مطالعو ڪن، پوءِ وڃي خبر پوندي ته اوڏ ڪير آهن، ڪهڙي
نسل سان تعلق رکن ٿا؟ ٻيءَ صورت ۾ اسان دُڦ تي بندوقون ڇوڙيندا رهنداسين.
هن ڪتاب ۾ ڏنل معلومات ڇڏي ڪري لکڻ جي انداز، ٻوليءَ ۽ ڊڪشن تي به وينداسين
ته به اسان کي ٺاڪر لڇمي نارائڻ سنگهه ڀڳوتي پرشاد سنگهه جي تحرير ۾ هڪ چَس ملندو،
جيڪا وري سندس لکڻيءَ جي انفراديت آهي. سندس اندازِ بيان Spoken
Language وارو آهي، جيڪو اڄڪلهه جي بين الاقوامي ادب توڙي
ڪجهه اعليٰ قسم جي اخباري مضمونن ۾ ملي ٿو- ۽ لکڻ جي اها ريت ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي
وڃي. هن ڪتاب پڙهڻ وقت ڪٿي به ڪو مونجهارو نٿو ٿئي. ڪتاب جي Simplification واري اها
خوبي اهڙي آهي، جو ههڙي قسم جو ڪتاب گهڻن هٿن تائين پهچي پڙهندڙن کي غور ويچار تي مجبور
ڪري ٿو.
ائين هن پورهئي کي جس ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. وڌيڪ مُکياري پڙهندڙن
تي ڇڏجي ٿي.
No comments:
Post a Comment