ڪتاب ”سنڌوءَ جون سلطنتون“
رکيل مورائي

1976ع
تي لنڊن ۾ ڄاول ايلائيس البينيا، هن ڪتاب جي
ليکڪا آهي، هوءَ ڪئمبرج مان ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۽ ادب بابت ڊگري ورتل خاتون آهي،
جنهن لڳ ڀڳ انڊس ويلي جي جاگرافيائي حدن ۾ ايندڙ سموريون تهذيبون ڏٺيون آهن ۽ پوءِ
هيءُ ڪتاب لکيو آهي. ڪتاب سنڌ جي قديم جاگرافيءَ جي احاطي ۾ لکيل آهي ۽ سنڌ جي
تاريخ تي ورهاڱي تائين هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن جي شروعات ليکڪا ڪراچيءَ مان ڪئي
آهي، جتي هوءَ ڪجهه عرصو تحقيق جي معاملي ۾ رهيل هئي.
قديم
نقشن سان هن تاريخ جي اهم ڪتاب کي نيرون بُڪس ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ ان جي
ڇپڻ ۽ ورهائڻ جون سڀ گهرجون سنڌيڪا اڪيڊميءَ پوريون ڪيون آهن. نهايت خوبصورت ڇپيل
سنڌ جي تاريخ بابت تازي تحقيق ڪيل هن ڪتاب جي سنڌ کي گهڻي گهرج هئي، جيڪا سنڌيڪا
اڪيڊميءَ پوري ڪئي آهي. پڪي جلد ۽ لاجواب ٽائيٽل سان 328 صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه 400
رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment