06/03/2013

وڏو شهر، وڏيون ڳالهيون - منظور ملاح (Manzoor Malah)


بمبئي بابت سوڪيتو مهتا جي جڳ مشهور ڪتاب
”ميڪسيمم سٽي“ تي رايو
وڏو شهر، وڏيون ڳالهيون
منظور ملاح
پڙهندڙن جي دماغ جا واڄٽ وڄائيندڙ ليکڪ اموس اوز، جيڪو اسرائيل جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي به اهڙيون ته اندر کي ڌوڏيندڙ ڳالهيون پنهنجي عبراني لکڻين ۾ ڪندو آهي، جو پڙهندڙن جي دماغ جا تختا اونڌا. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون دنيا جي ڪئين زبانن ۾ ترجمون ٿي چڪيون آهن. هن جي وات مان به ساڳئي ڳالهه منڊيءَ تي ٽِڪ وانگر نڪتي آهي ته محقق ڪنهن به تحقيقي ڪم جو نتيجو اڳ ۾ ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ تحقيق پوءِ شروع ڪندا آهن، جن جو زور هوندو آهي ته هو اڳ ۾ طئي ڪيل نتيجي کي درست ثابت ڪن. اڃا ان ڳالهه کي اڳتي ٿا کڻون.

سنڌ ۾ سطحي رواجي تنقيد جي Cliché جا مَٽ ڀڃندڙ منهنجو ليکڪ دوست حفيظ ڪنڀر، سندس ڳالهه به ڪک هيٺان لک وانگر، ته هتي سنڌ ۾ جن ليکڪن صرف ٻُڌل، ڏٺل شين کي جيئن جو تيئن سهيڙي ڪتاب جي شڪل ڏني، اهي به وڏا محقق ۽ اهي لکڻيون به شاهڪار تحقيق جي ذمري ۾. هائو ٻيلي! ڳالهه سچي، جيڪڏهن ڪو دوست پنهنجي نڪ کان اڳتي نه ڏسندو ۽ رڳو نڪ هيٺان ايندڙ شين تي نظر ڪندو، ته اهو ليکڪ فڪري Cliché جو شڪار ٿي ويندو، پر جي ڪو وسيع نظر ڪندو، دنيا جهان جي علم ۽ ادب کي ڦولهيندو، ته ڪئين علم جا ماڻڪ موتي ميڙيندو. هتي اسان وٽ پڙهڻ جو رواج گهٽ ۽ لکڻ، ڳالهائڻ جو وڌيڪ. جي هروڀرو پڙهبو ته رڳو سنڌ جي ادب کي، ورلي ڪو ٻاهرئين ادب جو ڪتاب. معنيٰ اسان وٽ پڙهڻ به  Cliché جو شڪار، نتيجو؟ ڪنهن ننڍڙي ٻار جي ٺاهيل تصوير وانگر ڏنگا ٽيڙا خيال، هرڪو پنهنجي پر ۾ ادب جو ’استاد‘- سو اسان جهڙن ليکڪن جي ڇپيل ڪتابن کان ويندي انٽرنيٽ تائين، ڪئين اهڙا هزار داستان ڏسڻ ۾ ايندا. ٻيلي ڏاها ٿيو! دنيا اڃا گهڻي ڪشادي آهي، پاڻ ئي پاڻ مٿان وڏي يا عظيم ليکڪ جا ٺپا هڻائي، کوهه جا ڏيڏر نه ٿيو. خير! هرڪو راز جو راڻو آهي.
جيتوڻيڪ آئون به سنڌ جي هڪ سافٽ ڪارنر سانگهڙ ۾ رهان ٿو. آئون به اهڙين جُٺين جو شڪار آهيان، پر ڪجهه چڱو پڙهڻ جو خفت، ڪڏهن ڪڏهن چيچ مان ڏوريو اچي ”سامراجي ۽ دشمن ادب“ وٽ بيهاري، ان ئي خفت جو شڪار ٿيندي، تازو زبردست تحقيق تي ٻڌل هڪ شاندار ڪتاب منهنجي ور چڙهي ويو، جنهن کي هاڻي پڙهي پورو ڪيو اٿم. نالو اٿس Maximum City. ليکڪ اٿس گجراتي نسل جو ڪلڪتي ڄائو انڊين افسانه نگار ۽ جاکوڙي صحافي سوڪيتا مهتا. مختلف ايوارڊ ماڻيندڙ ۽ نيويارڪر، ٽائيمز ميگزين، گرانتا، هارپرز وغيره جهڙين ساکائيتن اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندڙ  هن يار بالي ووڊ فلم ”مشن ڪشمير“ جو به گڏيل اسڪرپٽ لکيو آهي.
هيءُ ڪتاب ممبئي شهر جي هر رنگ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪتاب جي شروعات ممبئي جي تاريخ ۽ اتان جي وقت بوقت رهائش پذير قومن ۽ برادرين متعلق آهي. هو ۱۵۰ع کان ممبئي تي پيل نالي جي تاريخ جا پيرا کڻي ٿو، جنهن ۾ پهرين کيس ستن جذيرن جي سرزمين سڏيو ويندو هيو، ڇاڪاڻ ته بقول ليکڪ، ان سرزمين ۾ موجود ستن جزيرن کي لٽي ممبئي جو شهر اڏيو ويو، جيڪو عمل اڃا به جاري آهي. بعد ۾ پورچوگيزن خوبصورت سمنڊ ڪناري جي ڪري، ان کي بم بئيا، بمبيئن سڏيو. ۱۵۳۸ع ۾ انهن کيس نئون نالو بئوودا يعني شاندار زندگيءَ جي سهولتن وارو شهر سڏيو. هڪ ٻيو خيال اهو به آهي ته ۱۴ صديءَ ۾ سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه جهڙي ظالم حڪمران پنهنجن ڏينهن ۾ اتي موجود مندرن کي ڊاهي پٽ ڪرايو، تنهنڪري شهر جو نالو ممبا راڪشش پيو. جڏهن ته هندن ان کي من ٻائي، ممٻائي، ممبي، ممبا ديوي، ممبئي وغيره جا نالا ڏنا. ممبئي، جيڪو مختلف دوءرن ۾ مختلف ماڻهن جو شهر رهيو آهي، جنهن ۾ هندو ملاحن کان وٺي مسلمان بادشاهن، پورچوگالين، انگريزن، پارسيز، گجراتي واپارين، سنڌي، مارواڙي ۽ پنجابي سيٺين ۽ هاڻي اصلوڪا لوڪ مهاراشٽيرينز به ان ۾ شامل آهن، اهو ئي شهر هاڻي گينگسٽرن ۽ چنچل حسينائن جو شهر به سڏجي ٿو. ممبئي، جنهن جو ڪلچر رڳو ”ڪاروبار“ ئي آهي، ۽ جيڪو انڊيا جي ماڻهن جي ٻاهر وڃڻ لاءِ گيٽ وي به آهي، اهو ئي وڏي ۾ وڏو اجگر شهر آهي.
ممبئي جي سوشل سائيڪالاجي متعلق ليکڪ ڏاڍو دلچسپ تبصرو ڪيو آهي ته هتي هر ڪنهن جي زبان تي رڳو No آهي. تنهن ڪري هن سرزمين کي No جي سرزمين چيو وڃي ٿو ۽ ان No کان گذرڻ کان پوءِ توهان ممبئي جو حقيقي مزو وٺي سگهو ٿا. هتي وڻ وڻ جي ڪاٺي، پنهنجي پنهنجي ڪم ڪار ۾ قابو آهي. هن شهر ۾ جتي وڏا وڏا لگرزي اپارٽمنٽس به آهن، اتي وڏي ايراضي ۾ ’جهوپڙ پٽيون‘ به شامل آهن، هيءُ شهر نون نون ڪارماڊلن جو شهر آهي، جتي في ايٽ ايمبسڊر ڊوپولي کان وٺي بي ايم ڊبليو تائين ڪارون روڊن تي ڊوڙن پيون. جتي سمنڊ ڪناري، شام جو نوجوان گاڏين جون رَيسون ڪن ٿا. جتي امير ڊالر جا تلاشي ۽ غريب روپئي جا محتاج آهن. ممبئي ۾ تفريح پهرين ترجيح ۽ سياست پوءِ جو ڌنڌو آهي.
ليکڪ، ۹۳-۱۹۹۲ ۾ هندو، مسلم فسادن جي ڳالهه تفصيل سان ڪئي آهي، جيڪي شيوسينا پاران بابري مسجد کي ساڙڻ کان پوءِ ڀڙڪي اٿيا. جنهن کي هو ممبئي ۾ هندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفرت جو ٻج پوڻ جو سبب قرار ڏئي ٿو. هن ڪتاب ۾ بال ٺاڪري جي شيوسينا جي سرگرمين، دائود ابراهيم، ڇوٽا شڪيل جي گينگن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلن، مافيائن جي پاڻ ۾ شروع ٿيل ويڙهن جا واقعا، انهن جي منصوبه بندي، بي گناهن جي قتل، شهر جي تباهي ۽ نوگو ايريا جي قائم ٿيڻ جي خبر چار لڌل آهي. انهن واقعن کي پڙهيو دل هٿن مان نڪريو وڃي. جان وڃائڻ جي ڊپ ۾ انهن فسادن دوءران ساڳيو ماڻهو ٻه نالا يعني هندو ۽ مسلم نالا گهرج مطابق استعمال ڪندو رهيو. بقول فرينچ اديب وڪٽر هيوگو ”سڀ عظيم شهر شيزو فرينڪ هوندا آهن“ سو ممبئي جا ماڻهو به ائين ئي شيزو فرينڪ لڳندا. تنهن هوندي به انهن فسادن کان پوءِ ۲۴۰ اين جي اوز ۽ سماجي گروپن جي ”ايڪتا ڪميٽين“ گڏجي، انساني زنجير جي شڪل ۾ شهر جي اوج کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ڪنهن حد تائين ڪامياب به وئي.
ليکڪ جي زباني ته ممبئي شهر ۾ غالب اڪثريت ۾ موجود مراٺين جي اڪثريت مذهبي پيشوائن جي آهي، جيڪي وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا، جن جي زبان مراٺي کي ڪنهن زماني ۾ طنز وچان ”نوڪرن جي زبان“ چئبو هو، سي هاڻي ممبئي تي حاوي آهن.
شيو سينا هن شهر ۾ متبادل حڪومت طور ڪم ڪري ٿي، جنهن جي هيٺان مقامي حڪومت کان وٺي ان جي واپاري يونين، جنهن جا ۸۰۰۰۰۰ کان وڌيڪ ميمبر آهن، شاگرد تحريڪ، عورتن جي ونگ، روزگار ڏيڻ جو نيٽ ورڪ، وڏي عمر وارن لاءِ آشيانو، ڪو آپريٽو بئنڪ ۽ هڪ اخبار شامل آهن. بقول شيو سينا جي هڪ ڪارڪن ته، هي وزير اسان جا آهن، پوليس اسان جي ٻڌي ٻانهي آهي، اسان جي ڪاروباري ٺڳن کي سياسي ڍڪ صوبائي حڪومت فراهم ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان لاءِ ڪا رڪاوٽ ٿئي ٿي، ته وزير جو هڪڙو فون ڪافي آهي. سو اسان وٽ هن شهر جي اختياري آهي، جنهن جي بنياد تي ڪجهه به ڪري سگهون ٿا ۽ ان ڪل اختياري جو اصل مالڪ شيو سينا جو اڳواڻ بال ڪيشو ٺاڪري آهي. پنجن ڌيئرن کان پوءِ ديوتائن کان پني ورتل بال ٺاڪري پنهنجي پاڻ کي ممبئي جو هٽلر سمجهي ٿو. بقول سندس ته مهارا شٽيرين قوم به جرمن نازين وانگر دنيا جي عظيم ۽ ڏاڍي قوم آهي. بال ٺاڪري صاحب، سپريمو، رموٽ ڪنٽرول ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽائيگر جي نالي سان پوري مهاراشٽر ۾ مشهور آهي، جيڪو سندس پارٽي جو انتخابي نشان به آهي. ممبئي شهر ۾ وک وک تي سندس بينر ۽ پوسٽر آهن. هو جيڪو گرم بيئر پيئي ٿو، پائپ ڇڪي ٿو ۽ جنهن جا پنهنجي نُنهن سان حيرت انگيز طور ويجها ناتا آهن. جنهن جي در جا وزير وڙا، اداڪار، واپاري به سوالي آهن، جتي سڀ ٽاٽا-برلا ائين ئي ڪن ٿا. جڳ مشهور پاپ سنگر مائيڪل جيڪسن، هڪ وڏي آمريڪي ڪمپني جو سيٺ، بالي ووڊ اداڪار سنجي دت کان وٺي ڪارپوريشنز جاڪرتا ڌرتا، سياستدان ۽ فلمي صنعت جا ماڻهو به ساڻس جهڪي ملن ٿا. ۱۹۹۵ع  ۾ مهارا شٽر ۾ سينا حڪومت اچڻ کان پوءِ سندس ڪارڪنن، مسلمان آرٽسٽن جي خلاف مهم شروع ڪئي، ۲۰ سال اڳ ۾ ٺاهيل ايف ايم حسين جي بُرش سان سرسوتي ديوي جي ٺاهيل تصوير کي بهانو بڻائي، اگهاڙي تصوير ٺاهڻ جا الزام لڳايا ويا، ڪورٽ ۾ گهليو ويو ۽ سندن اخبار ”سامنا“ مراٺي ۽ هندي ايڊيشن ۾ هن خلاف زهر اوڳا ڇيندي رهي- جنهن جي ايڊيٽر، تنهن وقت کيس چوڪ تي ٽنگڻ جي ڳالهه ڪئي. آهستي آهستي شيوسينا کاٻي ڌر جي ڪميونسٽ يونين کي سڱن تي کنيو ۽ پنهنجين مزدور يونين ذريعي صنعتن تي قبضو ڄمايو، تنهن ڪري پارٽي کي فنڊ وڏن واپارين کان ملڻ لڳا. ممبئي جي چڱي مڙس ٺاڪري جي مخالفت جيڪڏهن ڪئي وڃي ٿي ته رڳو ڪجهه ٻهراڙيءَ جي علائقن، مڊل ڪلاس مهاراشٽيرينز ۽ مراٺي ليکڪن طرفان ڪئي وڃي ٿي باقي  ڪنهن کي طاقت ناهي جو چُون به ڪري، ڀلي اعليٰ عدليه جو جج ڇونه هجي.
هن جاکوڙي ليکڪ، ۱۹۹۸ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو دلت صدر ڪي.اين نارائڻ چونڊ جي آيو، نارائڻ کي صدر بڻجڻ کان پوءِ برهمڻ وزير به پيرين پئي مليا، اهو پهريون دفعو هئو جو گهٽ ذات وارن هندن جي هانءُ تي ڇنڊو پيو. ممبئي جو بي تاج بادشاهه بال ٺاڪري، ممبئي جي علائقي بندرا ۾ رهي ٿو، جنهن جي حفاظت لاءِ ۱۷۹ پوليس آفيسر رکيا ويا آهن، جيڪو باقاعده پروٽوڪول سان سرڪاري بلٽ پروف گاڏيءَ ۾ سفر ڪري ٿو. تنهن ڪري اهو چيتو، انهن جي گهيري ۾ ويهي ئي گجندو آهي. ممبئي شهر، جنهن جي مالڪيءَ تي ڪيترو ئي عرصو گجراتن ۽ مهاراشٽرين وچ ۾ جنگ هلندي رهي، ان جو مقصد الڳ مهاراشٽيرين رياست قائم ڪرڻ هئو. آخرڪار ۱۹۶۰ع ۾ مهاراشٽيرين ميدان ماري ورتو. جيتوڻيڪ سينا تحريڪ جو بنيادي مقصد ”مراٺي قومپرستي“ وارو هئو، پر پوءِ آهستي آهستي هنن پنهنجو دائرو ٻين قومن طرف به وڌايو، ايستائين جو ۲۰۰۰ واري اليڪشن ۾ شيو سيناجي ٽڪيٽ تي راجيو سڀا ۾ چونڊيل ايم پيز سڀ جا سڀ غير مهاراشٽيرين هئا. بال ٺاڪري ”انڊيا“ جي نالي کان نفرت ڪري ٿو، بقول سندس ته هن ملڪ جو اصل نالو هندستان آهي، ڇاڪاڻ ته اهو انڊيا يا سنڌو درياء (انڊس رور) مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي، سنڌو. سنڌ، پاڪستان جو هڪ صوبو آهي. پوڙهي شينهن ٺاڪري جا سڀ کان وڌيڪ حمايتي ۱۶ کان ۳۰ سالن جا بيروزگار نوجوان آهن.
هن شهر جي پوليس بقول هڪ سينئر پوليس آفيسر، اسڪاٽ لينڊ يارڊ کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي پوليس آهي، جيڪا هميشه سياستدانن ۽ انڊر ورلڊ مافيا جي مُنهن ۾ هجي ٿي، جنهن وٽ ڪئين منڌل ڳنڍيون سلجهائڻ لاءِ اهم سياستدانن جي ڪرپشن ۽ انڊر ورلڊ مافيا جي گينگسٽرز جا ڪيس اچن ٿا. تنهن هوندي به ڪئين ڪاريون رڍون ان ڌڻ ۾ ويٺل آهن، جيڪي چڱو ڀلو مال ڪمائين ٿيون. هن ڪتاب ۾ دائود ابراهيم کان وٺي ڇوٽا شڪيل ۽ ڇوٽا راجن جي انڊر ورلڊ مافيائن ۽ گينگز بابت ڇرڪائيندڙ حقيقتون به ظاهر ڪيون ويون آهن، جيڪي ممبئي شهر جي اڇي ڪاري جا مالڪ ليکيا وڃن ٿا. جن جو نيٽ ورڪ وچ اوڀر تائين پکڙيل آهي. انهن جا تعلقات سياستدانن کان وٺي وڏن واپارين تائين آهن. هنن جي هڪ چپٽيءَ تي ممبئي شهر رڻ بڻجي سگهي ٿو.
ممبئي شهر ۾ آفيشل معيشت سان گڏ، متوازي معيشت به پنهنجا رنگ ڏيکاري ٿي. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ ٻار داخل ڪرائڻو آهي ته توهان کي خبر هجي ته ان اسڪول کي ڪيترو چندو ڏيڻو آهي. توهان کان ڪنهن گاڏيءَ جو حادثو ٿي وڃي ته توهان کي خبر هجڻ کپي ته پوليس واري ۽ متاثر شخص کي ڪيترو مال ڏيڻو آهي يا ڪنهن سان دشمني پاڙڻي هجي ته ڪيترا پئسن جا کوکا انڊر ورلڊ مافيا کي ڏيڻا آهن، سو اها معيشت به شهر سان گڏ چڱي ڀلي، تازي تواني ۽ خوش و خرم رهندي پئي اچي. هيءُ شهر مافيائن جي گينگ وار لاءِ به جنت بڻيل آهي، تنهن ڪري ممبئي جو هڪ ڊان ڇوٽا شڪيل گينگسٽرن کي بليڪ ڪالر ورڪر سڏي ٿو، جيڪي پڙهيل لکيل بيروزگار شارپ شوٽرز آهن.
هن شهر جا سيٺ راتين جي روشنيءَ ۾ وڏين وڏين هوٽلن ۾ مختلف قسم جا کاڌا کائين ٿا، جنهن جي هڪ ويلي جي مانيءَ جو خرچ، غريب جي مهيني جي پيٽ جي خرچ برابر آهي. هن ۾ ممبئي جي حسين راتين جو به ذڪر ڪيل آهي، جن ۾ زندگيءَ جي چهل پهل تيز ۽ تکي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جتي وڏين وڏين هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ وڏيون وڏيون دعوتون ڏنيون وڃن ٿيون، جتي گڙنگ سيٺ، فلم اداڪار، سياستدان، انڊر ورلڊ مافيا جا ماڻهو ڏينهن جو ٿڪ لاهڻ لاءِ، پيار، محبت، ناچ گاني جي جهان ۾ گم ٿيڻ کان وٺي، ڏينهن جي ڪار وهنوار جون خبرون چارون ڪن ٿا ۽ ميزن تي موجود اعليٰ قسم جي وِسڪين مان مزو ماڻين ٿا. ڏينهن جو ”ماڻهو بوءِ ماڻهو بوءِ“ ڪندڙ گينگ مافيا جا نشانِي باز پنهنجي گرل فرينڊس سان ڪچهريون ڪن ٿا، پنهنجي دوستن سان ڏک، سک اورين ٿا. تنهنڪري انهن گڏجاڻين ۾ انهن پٿر دل ماڻهن مان نرم انساني جذبا ۽ احساس ڦٽي نڪرن ٿا. انڊر ورلڊ گينگ مافيا، جيڪا انهن نشاني بازن کي رڳو ماڻهو مارڻ جو معاوضو نه ٿي ڏيئي، پر کين زندگيءَ جون سڀ سهولتون ۽ سندن خاندانن ۽ ٻارن جو مستقبل به محفوظ رکڻ جي ضمانت ڏئي ٿي، ڀلي همراهه ڪنهن گولي جو کاڄ بڻجي يا جيل جو اسير، سندس مافيا ساڻس ساڳيو تعلق برقرار رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ممبئيءَ جون مافيائون باقاعدي ڪارپوريشن جو روپ ڌاري چڪيون آهن ۽ جيڪي پوري ملڪ مان آيل بيروزگار پڙهيل لکيل نوجوانن کي ”روزگار“ سان لڳائي، در در جي ڌڪن کان بچائين ٿيون. هونئن به ممبئي شهر ۾ گذارو ڪرڻ لاءِ توهان کي شيوسينا سان تعلق جوڙڻو پوندو يا ڪنهن انڊر ورلڊ مافيا سان، تڏهن توهان هن شهر ۾ پنهنجي وجود جي جنگ کٽي سگهو ٿا. هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪئين ڪردار سٿيا پيا آهن.
هتان جي ڪلبن جي خوبصورت ڊانس گرلز  جون وري پنهنجيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ڏک، خوشي، پڇتاءُ ۽ چمڪ گاڏڙ زندگي ممبئي ۾ ڪيئن ٿيون گذارين؟ انهن جي رازن تان به هن ڪتاب ۾ پردو کنيل آهي. هنن جي هنج ۾ آرامي رڳو سندن زلفن جا اسير سيٺيون نٿا ٿين، پر عرب سڳورن جا به ميڙا متل هوندا آهن. اهڙي ئي هڪ ڇوڪري موناليزا جو دل کي ڇهندڙ ناسٽيلجڪ جملو ته پڙهو: ”ننڍڙي ڇوڪري وڏي شهر ۾ وڃائجي وئي“. ممبئي جي ڪنهن به وڏي ماڊل ۽ مشهور بار ڊانسر جي هڪڙي ڳالهه صفا هڪ جهڙي هوندي آهي ته ٻنهي جي ٻانهن تي ڪنهن نه ڪنهن اندر جي باهه جا ڏنڀ چٽا بيٺا هوندا آهن. ممبئي شهر، جتي جو هڪ روپ جنسي ڪاروبار به آهي، سو صنعت جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.
هن ڪتاب ۾ بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۽ ٽي.وي چينلن جي شڪل ۾ ان ثقافتي ڪاهه جو به ذڪر ڪيل آهي، جيڪا بقول انڊينز دماغن ته هالي ووڊ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ڪلچرل ڪاهه جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. فلم، موسيقي، ناچ گاني، ڊرامي وغيره جي ميدان ۾ انڊيا جي سرحدن کان به ٻاهر مغرب جي ذهنن تي ثقافتي قبضي ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. ان بالي ووڊ جي جهان ۾ فلم ڊسٽري بيوٽنگ لاءِ به ڊسٽريبيوٽرز پاران پروڊيوسرن کي بلينڪ چيڪ ڏنا وڃن ٿا ته جيئن کين سندن فلم ڏيکارڻ جا حق ملي سگهن. انڊيا ۾ اهڙا ڊسٽريبيوٽينگ زون پنجن حصن ۾ ورهايل آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انڊيا ۾ فلم ڪيتري پاپولر ۽ رِسڪ جو سودو آهي. ڪتاب ۾ ممبئي شهر ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ گهٽين، بازارن ۾ رلندڙ نوجوان شاعرن جو به هلڪو ڦلڪو ذڪر ڪيل آهي.
سوڪيتا مهتا ممبئي، ۾ رهڻ دوران پنهنجي ٻاروتڻ جي يادگيرين کي به چٽيو آهي، جنهن ۾ مُون سُون جي برساتن کان وٺي شهر جي گهٽين ۾ رولاڪين جون يادگيريون به شامل آهن- ۽ ان ئي پس منظر ۾ هن شاعراڻيون سٽون لکيون آهن:
A thousand suns will stream on thee,
A thousand moons will quiver,
But not by thee my steps shall be,
For ever and for ever.
۽ ها! ممبئي، هتان جي واپارين، سياستدانن، سيٺين، انڊر ورلڊ مافيائن جي ماڻهن، ننڍن وڏن سياسي ورڪرن، مزدورن ۽ شاعرن لاءِ واقعي به ”سوني جهرڪي“ آهي. جيڪو هتي اچي ٿو، هن شهر جي روح ۾ سمائجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ماضي تي ليڪا ڏيئي ڇڏي ٿو. ممبئي، هڪ تيز رفتار زندگيءَ وارو شهر، جتي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ مقابلي جو رجحان آهي ۽ جتي ناجائز کي جائز ڪري ڏيڻ لاءِ به ”ايڊجسٽ“ وارو رواج عام آهي.
جيتوڻيڪ هن همراهه ۵۴۲ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ڪيترا ئي کيپ کٽيا آهن، ممبئي جا ڪئين جهان ايڪسپلور ڪيا آهن، پر ڳالهيون وڏيون، پنا ٿورا آهن. هڪڙي ٺپي ۾ ڳالهه ڪجي ته هيءُ ڪتاب جديد تحقيق جي ميدان ۾ پڙهندڙ لاءِ هڪ سوکڙيءَ کان گهٽ ناهي، جيڪو راڄن کان رڙيون ڪڍرائيندو. هن ڪتاب متعلق نيويارڪ ٽائيمز ۾ ڇپيل هي سٽون ته پڙهو:
Probably the best work of nonfiction to come out of Indian recent years........ Mehta succeeds so brilliantly in taking the pulse this riotous urban jungle”.

No comments:

Post a Comment