10/03/2013

ووٽ بنا سوچ جي! - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)


ووٽ بنا سوچ جي!
مبارڪ علي لاشاري
نظم
گلزار سيال
ووٽ بنا سوچ جي،
تخت جڙي خير جو،
موٽ ملي خير جي،
ديس جڙي خير جو.

چور درن تي چون
پاڻ ڳلي تي سڌي
نوڪ رکو تير جي
مان رکو تير جو
جان هرڻ ڏيئي ڇڏي
پيٽ ڀري “شير” جو
تخت جڙي خير جو.

روز پڙهو ٿو اچي
ماپ پٺي جي ڏيو
جيئن اڌي ۾ هڻي
فوج لتون خير جون
کيڏ ڪندي منصبي
ٺينگ ٽپا ٿو هڻي
نان ونڊي ڀولڙو،
ونڊ هلي خير جو،
لوڇ بنا لوچجي،
ووٽ بنا سوچ جي،
ديس جڙي خير جو،
موٽ ملي خير جي،
تخت جڙي خير جو
بخت جڙي خير جو.

ادب کي اسين جيڪڏهن ”صرف“ ادب جي لبادي ۾ ڏسنداسين ته ادب ”ادب“ بنهه نه لڳندو پر جي اسين ادب کي زندگي، رابطن جي ذريعي اجتمائي شعور/سمجهه، روزمره جي حالتن جي عڪاسي، پرک ۽ ساڃهه جي نقطه نظر سان ڏسنداسين ته ادب اسان جو رهنما نظر ايندو. ڇوته هڪ اديب لطيف سائين چواڻي ”اک الٽي ڌار“ رکي ٿو. هو شين کي پنهنجي ضمير جي اولڙي ۽ عڪس ۾ ڏسي ٿو جتي پنهنجي تخليق يا شعر جو ذميوار ڪنهن ڀوتار، باس، سيٺ، سياستدان يا ڌاڙيل وٽ هجڻ بجاءِ سڀ کان پهرين پنهنجي ضمير آڏو آهي ۽ ساري زندگي اهو سرجيل ادب سندس شناختي سرٽيفڪيٽ هوندو آهي. ان ڏس ۾ مثالن سان سموري دنيا ڀري پئي آهي هتي حوالا ڏيڻ جي ضرورت ناهي.

ادب، بلڪه معياري ادب، جنهن موضوع کي پنهنجو متعين بڻائي ٿو سو موضوع به هروڀرو ڪو حالي احوالي ناهي هوندو نه ڪي ڪو مدي خارج يا رسمي هوندو آهي. ان تخليق جو گهرو، حقيقي ۽ تاريخي پس منظر هوندو آهي. سو اڄ جو سنڌي ٻولي ۾ سرجندڙ ادب به پنهنجو هڪڙو تاريخي ۽ ڪڙين حقيقتن جي پسمنظر رکي ٿو. اگرچه شعوري ڪوشش ڪري حڪمران طبقي، وڏيرڪي روين ۽ سرمائيدارن سنڌي ادب کي انهي ليول تي اچڻ نه ڏنو ۽ ان جو ڪارج عوام، عوام جي مسئلن، ڏکن، تڪليفن ۽ ايذائن کان الڳ ڪري بيسود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي (اگرچه ادب ۽ تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪيو آهي نه ئي کين بخشيو آهي سنڌي ادب غدارن جي تاريخ رکي ٿو).
ان حوالي سان جڏهن اسين سنڌ ۾ موجوده حالتن جي پسمنظر ۾ جيڪو سنڌي ادب سرجندي ڏسون ٿا، خاص ڪري ٻٽي مڪاني نظام يا حڪمران پارٽي جي روين يا ڪارڪردگي جي حوالي سان سو تمام اونهو ۽ بامقصد آهي جنهن جي هڪڙي تاريخي حيثيت آهي. ان جي انهي عوامي حيثيت کان بيشڪ ته اڄ جا حڪمران انڪار ڪن، ان جي مذمت ڪن، ان کي ڌتڪارين، ان کي نه مڃين پر تاريخ ۾ اهي پاڻ ئي نه هوندا ته سندس ڪڌائپ ۽ غداري جو انڪار ڪير ڪري سگهندو؟ جڏهن ته ادب ساه کڻندو رهندو.
اهڙي سرجندڙ ادب جي حوالي سان اسان وٽ گلزارسيال جهڙو بهترين شاعر موجود آهي. گلزار نثري نظمن جي حوالي سان مڃيو وڃي ٿو. سندس نظمن ۾ حالات حاضره Current Affairs Contemporary issue جي تمام وڏي اهميت آهي. اهي صرف موجود حالتون نه آهن، پر هڪڙي عوامي تاريخ آهي. اڄوڪي دور جي، اڄوڪن حڪمرانن جي، اڄ جي حالتن جي. ان ڏس ۾ پيار محبت جي اظهار جي ڪيترن ئي موضوعن کي ڇڏي عوامي مسئلن جي اپٽار ڪرڻ هڪ فن آهي ۽ اهو فن اجتمائيت جي فڪر بنا نٿو اچي. ڇوته ڪو به لفظ ايستائين وجود ۾ نٿو اچي جيستائين هو پنهنجي مخصوص نشونما/ پرورش مان نٿو گذري. ان حوالي سان اسان گلزار هي هن نظم جو جائزو هيبر ماس جي نقطه نظر سان وٺنداسين.
ادب ڪنهن خال Vacuum يا خلا Space ۾ جنم ڪونه ٿو وٺي پر ادب ڪنهن زمان ۽ مڪان جي وچ ۾ رهي ڪري اتان جي اسرندڙ حالتن ۽ زندگي جي لوچ يا ڀوڳنا مان جنم وٺي ٿو. ادب جي وسعت ته ٺهيو پر ٻولي جي سماجي ساخت کان اڄ تائين ڪير به انڪار نه ڪري سگهيو آهي. ان ڪري ادب کي تنقيدي نقطه نظر سان ڏسڻ گهرجي. لفظ Critical جو اسان وٽ متبادل ”تنقيدي“ آهي جيڪو پنهنجي غلط مروج معنيٰ جي ڪري صرف نقطه چيني جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي. پر لفظ ڪرٽيڪل يا تنقيدي جي معنيٰ هتي خيالن ۽ انهن جي سماجي حالتن جو لاڳاپو ڏيکارڻ ورتو وڃي. اهڙين حالتن جو اظهار جيڪي امڪاني طور تي منجهيل هجن يا اهي عام (عوام) کان لڪل هجن خاص ڪري ٻولي (لساني بناوت)، طاقت ۽ نظريي سان لاڳاپيل خيالن جي تشريح ڪرڻ آهي. ان مقصد لاءِ اسين هتي فلسفي هيبر ماس( Knowledge and Human Interest 1971, & Theory and Practice, 1973) Hebermas  جو تنقيدي سائنسي نقطه نظر سان جائزو پيش ڪنداسين. ان نقطه نظر کي اسين سماجي سائنس خاص ڪري لسانيات ۽ ادب تي بخوبي لاڳو ڪري سگهون ٿا.
هيبرماس جو چوڻ آهي ته علم/ڄاڻ تاريخي ۽ سماجي طرح انساني مفادن سان جڙيل آهي. (ساڳي ڳالهه ايڊورڊ سعيد، مشل فوڪو، ڊيريڊا، فرانز فينن، گرامچي به ڪئي آهي پر انهن جا ماڊل گهڻي ڀاڱي سماجي علوم وارا آهن). سندس چواڻي انساني ادراڪ Human cognitive ٽن شين تي مبني آهي هڪ فني، ٻيوعملي ۽ ٽيون آزادي جي ادراڪ تي. اهي ٽي ادراڪ انسان وري ٽن ذريعن /media Channels وسيلي حاصل ڪري ٿو، 1. پورهيو/محنت، رابطن جي لهه وچڙ ۽ طاقت. (مطلب ته غالب ۽ مغلوب، حاڪم ۽ محڪوم جو تعلق). اهي ٽي ذريعا يا ميڊيا وري ٽن بنيادي سائنسزکي جنم ڏين ٿا؛ انهن ۾ 1. تجربياتي تجزيو (نيچرل سائنس Natural Science)، 2. ڪلچرل سائنس (هرمينيوٽڪس Hermeneutics) ۽ 3. تنقيدي  Criticalسائنس شامل آهن. انهن علمن ۽ سائنسن جو ڪم آهي خارجي دنيا کي ڪنٽرول ڪري منظوم ڪرڻ ۽ هڪ هيئت ۾ آڻڻ، جيڪي انساني سرگرمي لاءِ موزون هجن. مثال طور ٻاهرين دنيا تي ضابطو آڻڻ، هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ پنهنجو معڪس هجڻ. نيچرل سائنس يا فطرتي علوم جو ڪم آهي انساني جي عقلي ادراڪ ۾ ڄاڻ جو اضافو ڪرڻ، ان لاءِ فطرتي علوم تمام ضروري آهن، جو انسان شين جي جامد ساڃهه رکي ۽ ان کا با خبر رهي ته جيئن وهم وسوسه مٿن حاوي نه ٿين. جڏهن ته ڪلچرل سائنس يعني ثقافتي علوم انسان جي باهمي رابطن، تعلقاتن، عدم بيگانگي کي جي مايوسي خلاف اميد کي وڌائڻ ۽ پروموٽ ڪرڻ آهي.
مٿين نظم جو، هيبرماس جي نقطه نظر تحت جائزو وٺجي ته انهن ادراڪن مان سڀ کان اول آهي فني ادراڪ جيڪو جامد شين لاءِ هوندو آهي جنهن جو مطلب ته ڪنهن شي جي ڄاڻ رکڻ جيڪا شيءِ تاريخي باهميت Historical Interrelationship جو نتيجو هجي.
ووٽ بنا سوچ جي،
تخت جڙي خير جو،
موٽ ملي خير جي،
ديس جڙي خير جو.
نظم جي شروعاتي شعرن ۾ لفظ ”تخت“ ۽ ”ديس“ فني يعني ساختي آهن، جيڪي محنت سان حاصل ڪبا آهن. (تخت عمومي طور) ڇو ته ساختي شين جو چينل محنت يا پورهيو آهي، پر اهي لفظ آزاد ۽ ڇڙوڇڙ بنهه ناهن جو انهن جو تعلق سندس لاءِ (حاڪميت حاصل ڪندڙن لاءِ) ديس يا تخت نه پر طاقت آهي. سموري نظم ۾صرف اهي ٻه لفظ ئي اهڙي پيرايي ۾ آهن. جڏهن ته ووٽ، موٽ لفظن جو تعلق هرمينيوٽڪس يا ثقافتي علوم ۾ اچن ٿا جيڪي باهمي روابط جو مظهر آهن نه ڪي باهم قبوليت جو. باهمي قبوليت (جيڪي سڀني لاءِ سدائين قابل قبول هجن). ان کان علاوه باقي سموري نظم ۾ به پوين ٻن علومن يعني ڪلچرل سائنس ۽ تنقيدي سائنس آهي جڏهن ته سندس چينل، رابطن جي لهه وچڙ ۽ طاقت جي حاصلات  جي اک ٻوٽ جوعڪس چٽيل آهي. يعني فني شيون يعني ديس جي بقا، ساڻس رابطن ۾ اچڻ آهي ۽ ساڻس رابطه معنيٰ کين طاقت ڏيڻ آهي. تنهنڪري سادي ابجد موجب
ديس جڙي خير جو،
(جي اوهان چاهيو ٿا ته) پوءِ کيس (پي پي پي لاءِ)
پاڻ ڳلي تي سڌي،
نوڪ رکو تير جي،
مان رکو تير جو،
( پاڻ ئي اچي قربان ٿيو، والنٽرلي اچي تير پنهنجي ڳلي تي رکو ۽ پنهنجي خوشحالي کان وٺي هر شي جي ٻليدان ڏيو. ان لاءِ ڀل اوهان کي ايم ڪيو ايم  (يا ٻين اتهادين) جي عتاب جو شڪارٿيڻو پوي، ڀل جيترو ڦرائڻو پوي، ڀلي چور درن تي چون) پوءِ به؛
مان رکو تير جو.
جيڪڏهن نه ته اوهان کي (عوام کي) هرڻ ٿيڻو پوندو. پوءِ شڪاري کان به ڀڄڻو ناهي. پر شڪاري جي خواهش پوري ڪرڻي پوندي يعني شڪاري ”شير“ (مسلم ليگ) جو پيٽ ڀرڻو پوندو.
جان هرڻ ڏيئي ڇڏي
پيٽ ڀري ”شير“ جو
تخت جڙي خير جو.
 جيڪڏهن انهن ٻن مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار نٿا ٿيو (پي پي پي جي تير هيٺيان پنهنجو ڳلو نٿا رکو ۽ ”شير“ جو پيٽ نٿا ڀريو ته پوءِ؛
روز پڙهو ٿو اچي
ماپ پٺي جي ڏيو
جيئن اڌي ۾ هڻي
فوج لتون خير جون
لانگ بوٽن جي سنگينن وارا به پڙها ڏيندا ٿا وتن. انهن جي ”اڌي“ به رهندي آهي. کٽي ۾ ڀل ته منصبي جا کيڏ پيا ڏسو ۽ ٻٽن نظامن وارا ٺينگ ٽپا ڏيو، ڀل ته ڀولڙن جيان نان جي ونڊ ورڇ ڪيو (انڪم سپورٽ، وطن ڪارڊ، سيلابي راشن).
پر انهي سمورين ڳالهين لاءِ هڪ ئي شرط آهي ته ووٽ سوچ سمجهه بنا ڏيو. ٻي صورت ۾ شير ۽ تير جا شڪار اوهان نه ٿيندا انهن ٻنهي جي شرط آهي ته اوهان (عوام) ووٽ بنا سوچ جي ڏئي ۽ لوچ به لوڇ بنا هجي. جيڪي شيون اسان وٽ اڻ کٽ آهن. تاريخ ۾ اسان وٽ اهي ٽيئي طاقتون رهيون آهن.
سموري نظم ۾ هيبرماس جي سماجي رابطن واري ميڊيا تي فوڪس ڪيل آهي جنهن جو الٽيمٽ/قطعي مقصد طاقت جي حاصلات آهي. طاقت جو علم تنقيدي نقطه نظر جي پيرايي ۾ اچي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن اسين پي پي پي جي هلندڙ تخت ۽ ديس جي خير جو تجزيو ڪيون ته سندن وري به طاقت ”ووٽ بنا سوچ جي“ ۽ ”لوچ بنا لوڇ“ وارا آپشن آهن (نثار کهڙي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي عوام پيرين اگهاڙي، پيٽ بکئي پي پي پي کي ووٽ ڏيندي). اڄ ٻنهي پارٽين جو مک فوڪس انهي عوام تي آهي جيڪا اڪثريتي طاقت آهي ۽ اها حالت مٿي ذڪر ڪيل ٽن طاقتن جو ڦل آهي. جڏهن ته ٽيون آپشن سدائين موجود رهيو آهي.
اڄ جا حڪمران، خاص ڪري موجوده حڪومت پنهنجي ٺينگ ٽپن جي ڪري پنهنجي نانن جي ونڊ ورڇ ۾ ايتري ته پوري آهي جو کيس سنڌي ادب ۾ سرججندڙ هيڏو مزاحمتي ادب نظر ڪونه پيو اچي. کين وسري ويو آهي ته سڀاڻي هي شيون تاريخ جو حصو ٿينديون، هي شيون ريڪارڊ تي اچي وينديون. کيس ليکڪن جون هي معيارون نظر ڪونه ٿيون اچن. کيس قلم ڌڻين جي ٻٽي مڪاني نظام خلاف هٿن جي زنجير نظر نٿي، انهي نظام خلاف ڪوٺايل مشاعرا نظر نٿا اچن، سموري رات سندس نظام خلاف ڪيل شاعري سمجهه ۾ نٿي اچي. بيشڪ سڀاڻي ڪن سياسي مصلحتن تحت ٻٽي مڪاني نظام وارو فيصلو واپس به وٺڻو پوي ته به سندس ارادن يا نيتن جي پرک ته ٿي وئي. ڌرتي ۽ غيرت جا ويچار  يا سودا هڪ لمحي لاءِ به ڪرڻ نه جڳائبا آهن، ڪڏهن به عزتن جو سودو ڪري وري فيصلا واپس نه وٺبا آهن. جڏهن ته پنج ساله حڪمراني کانپوءِ صرف پرائمري شين، پورهيو/محنت ۽ فني ادراڪ (عام ماڻهو لاءِ جيئي ڀٽو، ۽ شهيد راڻي  جون حقيقتون) کان سواءِ تنقيدي سوچ ۾ مثبت جاءِ ڪانه جوڙي سگهي آهي، جو کين ووٽ لاءِ ”تير“ جو نوڪ ڳلي تي رکي (پيٽ کي بک ڏيئي به شهيد راڻي خاطر) تير کي مان ڏيڻ جي صدا آهي. جڏهن ته ٻي پاسي عوام کي هرڻي ٿيڻ جون التجائون آهن جو ”شير“ (مسلم ليگ ن) جيڪولڳ ڀڳ ڏهاڪو سالن کان بک تي ويٺو آهي. هي ته تير جي نالي ۾ پوئين دفعي حاص ڪيل ”خير جو تخت“ وٺي نان پيا ورهائين ۽ ٺينگ ٽپا پيا ڏين. پر ديس جي خير لاءِ اهو سڀ ڪجهه آخر ڪيستائين؟ سنڌ جي عوام کي سوچڻ گهرجي!
mubaraklashari78@gmail.com

No comments:

Post a Comment