ڪتاب ”ڳالهه پِريان جي ڳُجهه جي“
رکيل مورائي

سليم
ڀٽي لطيفيءَ جي ان عشق جو تازو مثال هيءُ ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ”ڳالهه پريان جي ڳجهه جي“ جيڪو پڻ شاهه سائينءَ جي
حوالي سان ئي آهي. شاهه سائين بابت ۽ ان جي الڳ الڳ پهلوئن بابت لکيل هن ڪتاب جا
سڀ ليک شاهه سائينءَ جي بيتن جي هڪ هڪ پد تان کنيل آهن. جيڪي شاهه سائين جي فن جي
وضاحت ڪن ٿا.
سليم
صاحب هڪ درجن کن ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه سائين جي شخصيت ۽ فن توڙي فڪر جي حوالي ۾
لکيا آهن، جيڪو وڏو ڪم آهي. هي ڪتاب پڻ شاهه سائين جي شعر کي سمجهڻ ۾ هڪ مددگار
ڪتاب آهي، جيڪو پڙهندڙ لاءِ لطيفيات جي حوالي ۾ هڪ اهم ڪڙي ثابت ٿيندو. ليکڪ جي
عشق جي سلامتيءَ جو مثال آڻيندڙ هي ڪتاب ”لطيفي تحقيقي تڪيو“ نالي اداري شايع ڪيو
آهي ۽ ان کي خوبصورت ڇپيو آهي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ. شاهه سائينءَ بابت ڇپيل هن
پڪي خوبصورت جلد واري ۽ 198 صفحن تي پکڙيل ڪتاب جو ملهه 250 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment