امر سنڌو ۽ اوجاڳيل اکين جا خواب
زاهده حنا
3 مارچ تي آچر هو پر صبح جو ساجهر تي اک کُلي
وئي ۽ گهڻي دير تائين ننڊ ڪرڻ واري آرزو پوري نه ٿي سگهي. سج جي سونهري ڪرڻن سان بالڪونيءَ
۾ رکيل ڪونڊين ۾ ڪجهه گُل جهومڻ لڳن ٿا، پنن جي سرسبزي ۽ گُلن جا رنگ اکين کي ٿڌڪار
بخشين ٿا. ڪبوترن جو جوڙو هڪ ٻئي کي لڀائي رهيا هُئا. اُنهن جو آواز ڪنن کي وڻي رهيو
هو. آرام ۽ آرس جا مزا وٺندي مون کي ياد اچي ٿو ته شام جو مون کي آرٽس ڪونسل وڃڻو آهي
۽ سنڌيءَ جي اُڀرندڙ شاعره امر
سنڌوءَ جي مجموعي ”اوجاڳيل اکين جو خواب“ تي ڪجهه چوڻو آهي. مان اُٿي ويهان ٿي.
ڪافيءَ جي مگ مان اُٿندڙ خوشبو مون کي پنهنجي حصار
۾ وٺي ٿي. نثري نظمن جي اُن مجموعي کي پڙهندي راحت محسوس ٿئي ٿي. اُن کان پُراُميد
ڳالهه ٻي ڇا هوندي ته اسان کان پوءِ وارو نسل اسان کان وڌيڪ بُلند حوصلو ۽ بلند خواهشن،
شاعري ۽ نثري ادب جو دامن جهلي اُهي جهيڙڻ تي سندرو ٻڌي ٿو.
امر سنڌوءَ کي مون پهريون ڀيرو ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪندي
ٻُڌو هو. سندس لفظن مان باهه جا شعلا نڪري رهيا هُئا. هوءَ مون کي سُٺي لڳي. پوءِ هڪ
محفل ۾ نيشنل ازم، مارڪس ازم ۽ فيمينيزم متعلق اُن جون ڳالهيون ٻڌيون. جيءُ خوش ٿيو.
جلسو ختم ٿيو ته مون کيس گلي سان لڳايو. اهڙيون ڇوڪريون گهٽ ئي هونديون آهن، جيڪي پنهنجن
غمن جي نمائش ڪرڻ بدران ٻين جي ڏُکن جون ڀريون پنهنجي پُٺي تي کڻي هلنديون آهن. پنهنجي
جذبن جي تپش کي مسڪرائيندي سهنديون آهن. پيرن جي ٿڪاوٽ کي پاڻ لاءِ انعام سمجهنديون
آهن. ڪجهه هفتا پهرين 11 فيبروريءَ تي مون لاهور ۾ هُن کي دهليءَ جي ڪملا بهسين جي نغمن تي رقص ڪندي ڏٺو هو.
توڙ توڙ ڪي بندهنون ڪو بهنين
آتي هين،
ديکهو لوگو بهنين آتي هين
آئين گي ظلم مٽائين گي، وه تو نيا زمانه لائين گي.
امر جو چهرو اُن گيت سان گڏ گنگنائيندي لال گُلابي
ٿي رهيو هو.
ان وقت مان اِهو ته ڄاڻندي هئس ته اُها شعر چوندي آهي،
پر هُن جا شعر ڪڏهن ٻڌا نه هُئا. هُن سان اُن اڌوري ملاقات کان پوءِ پوري ملاقات اُن
جي نظمن جي مجموعي ”اوجاڳيل اکين جو خواب“ جي صفحن تي ٿي. مختصر ڪتاب، جنهن ۾ پوري
زماني جي انسانن جا غم نظر اچن ٿا. سنڌيءَ ۾ لکيل نظم، جنهن کي سنڌ جي ٻئي شاعره ۽
اديب عطيه دائود اُردوءَ جو ويس اوڍايو ۽ جنهن کي اسان جي هڪ ڪامياب
آرٽسٽ خدا بخش ابڙو آراسته ڪيو. هُن جو ڪتاب کوليندي مون سوچيو ته سڀئي
ڇوڪريون کليل اکين سان خواب ڏسنديون آهن. هٿ جي ترين تي مينديءَ جا چٽ، هٿن ۾ ڇڻڪندڙ
ڇوڙيون ۽ سينڌ ۾ سنڀالي رکيل اُهي سنهري خواب. پر جڏهن مون اُن جا نظم پڙهڻ شروع ڪيا
ته معلوم ٿيو ته هُن جي نعرن جي گونج هُن جي گيتن ۾ به ٻڌڻ ۾ آئي. هُن جي خوابن ۾ ڪڙين
حقيقتن جا ڀورا ۽ ڪارا رنگ ڦهليل آهن، تڏهن ئي هوءَ اِهو چئي سگهي ٿي ته،
مان اڌ هوندي به
سزائن جو حصو ته پورو کڻان
ٿي،
ڇو ته جنس جي تارازي ۾
منهنجو گناهه پورو
۽ سچ جي شاهدي اڌ توري وئي آهي!
مزاحمت هُن جي رڳن ۾ رت بڻجي ڊوڙي رهي آهي. اُن جو
کيس ادراڪ آهي. تڏهن ئي ته هوءَ لکي ٿي،
بغاوت
ميري رگون مين دوڙتي
ميري آنکون مين ڀر جاتي
هي
بغاوتون سي بوسه
اور راستون سي ڇالي لي ڪر
ميري هونٽ اور پير
اجنبي زبان مين لکي هوئي
تاريخ ڪي ڪتاب ڪي
خالي اوراق مين بغير عنوان
هي
ڇپ جاتي هين.
پنهنجي عمر ۽ پنهنجي جذبن جي پينگهي ۾ لڏندي هوءَ گيت
گُنگنائي ٿي، پر اها ڪوشش هُن جي لفظن کي مٽي ۽ موت ۾ بدلائي ڇڏي ٿي. اُن کان پوءِ
هُن جون سسڪيون نعرن کي جنم ڏين ٿيون ۽ هوءَ پڪارڻ لڳي ٿي،
مين ني ايڪ نعري ڪو جنم
ديا هي
نعره
جس ڪي مستقبل مين سيڪڙون
ڪائناتين اور
حال مي گندهڪ ڪي گوليان
اور
ڦانسي ڪي ڦندي لٽڪ رهي هين
ڦندون مين لٽڪتي هوئي گردنون
سي
مين خوابون کا مطلب پوڇتي هون!
هن شاعره جي معصوميت جو عالم ته ڏسو، هوءَ خوابن جو
مطلب سوليءَ تي لٽڪندڙ گردن کان پُڇي ٿي. هُن جي شاعري ۾ گهرن جون ديوارون به ماتم
ڪندي ڏسجن ٿيون ۽ سوال ڪن ٿيون ته دار تي گل بڻجي ڦُٽي پيلن جو خون ڇا ڪڏهن بُکايلن
کي ماني ڏئي سگهي ٿو؟ امر جي خوابن جو رشتو ذات سان ناهي، ڪائنات سان جڙيل آهي. تڏهن
ئي ته اُن جا سپنا ڪڏهن ڪنهن خانه بدوش جي جهڳي جي بي سرو ساماني ۽ سامونڊي طوفان
۾ اڪيلي ٻيڙي جي بادبان ۾ پنهنجي جهلڪ ڏيکاري ٿي. هُن جي شعرن ۾ بزرگ جي لٺ اکين جا
خواب ڏسي ٿي ۽ خواب ڏسندڙ اکيون جڏهن مٽي ۾ ملايون وڃن ٿيون، ڌرتي ۾ سمهاريون وڃن ٿيون،
تڏهن تاريخ پنهنجي لُڙڪن سان خوابن جو نوحو لکي ٿي. هُن جي نظم ”نيلام سپني“ جون سٽون
خنجر جيان دل ۾ لهي وڃن ٿيون:
تاريخ ڪي چوراهي پر
نيلام شده سپني
درد ڪي مرثيون سي
ختم شده زندگيون ڪا مقدر
بنتي هين
اور ڦر وه اس غم ڪا ماتم
ڪرتي هي ڪه
بڇڙي هوئي ساٿيون ڪي ليئي
ڪوئي ڀي نظم نهين لکتا
ڦر ڀي روندي هوئي وجود
جيون ڪي تمام اداسيون مين
مقدر ڪي مايوسيون ڪي ساٿ
سرخ تاريخ ڪي باب بنتي هين.
هن نظم کي پڙهندي مون کي گولڊ امان
جي ياد آئي، جيڪا ذاتي ۽ اجتماعي غمن جي بار کان ٿڪجي وسريل يادن جي گم ٿي ويل رستن
تي نڪري چُڪي هئي. روزالڪسمبرگ، ايٿل
روزابرگ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عورتون
ياد آيون، جن پنهنجي پوري زندگي سُرخ خواب ڏسڻ ۾ گُذاري ڇڏي ۽ جن جي پُڄاڻي ڪنهن درياهه
جي تهه ۾، ڪنهن اداس شام جو قاتل جي هٿ ۾ پيل خنجر جي ڌار ۽ آمريڪي سرڪار جي وڇايل
اليڪٽرڪ ڪرسيءَ تي ٿي.
امر جي شاعريءَ ۾ عشق جا پاڇولا ملن ٿا، پر اُنهن پاڇولن
تي تاريخ ۾ مزاحمت ڪرڻ وارن جا نقش چٽيل آهن ۽ اها شيءِ ئي هُن کي ٻين ڪيترين شاعرائن
کان ممتاز ۽ منفرد بڻائي ٿي. انهيءَ شام جو امر جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي مون هُن کي
چيو ته خواب جي ڪا به جنس، ڪا به صنف نٿي هُجي. مزاحمت ڪندڙ عورتون ۽ بغاوت ڪندڙ مرد
سڀ خواب ڏسن ٿا. باغي عورتون ۽ منحرف مردن جي جدوجهد سان ئي ادب ۽ شاعريءَ ۾ اضافو
ٿيو آهي. سيفو کان سلوياپلاٿ
۽ سيمين ڀڀاني کان سڀدرا ڪماري چوهاڻ
تائين سڀني جي جاڳندڙ اکين آزادي ۽ عشق جا خواب ڏٺا ۽ پاڻ کان پوءِ اچڻ وارين جي اکين
۾ اُنهن خوابن جا فصل پوکيا. اها روايت امر سنڌوءَ تائين هلندڙ آهي. اها مبارڪباد جي
ڳالهه آهي ته هوءَ انڪارين ۽ باغين جي صف مان آهي. کيس به اڃا شاعريءَ ۽ عملي جدوجهد
۾ وڏا معرڪا طئي ڪرڻا آهن. مون پنهنجي ڳالهه ختم ڪندي هُن کي چيو ته اڍائي سؤ سال پهرين
اردوءَ جي هڪ شاعر سراج اورنگ
آباديءَ چيو هو ته،
وه عجب گهڙي ٿي ڪه جس گهڙي
ليا درس نسخه عشق ڪا
ڪه ڪتاب عقل ڪي طاق پر جيون ڌري ٿي تيون هي دهري
رهي.
مون چيو ته امر سنڌو تون به ان عشق جو اهو رستو چکي
چُڪي آهين ۽ تو به عقل جو ڪتاب طاق ۾ رکي ڇڏيو. تڏهن ئي ته تون امر سنڌو آهين.
شام گهري ٿي رهي آهي. عطيه ۽ ابڙو جي ڌيءَ سُهائي يمن ڪلياڻ تي رقص ڪندي امر کي عقيدت جا گُل پيش ڪيا. نورالهديٰ شاهه، عرفانه ملاح، تنوير انجم، سلطانه
وقاصي، تاج جويو، نور ناز آغا، راحت سعيد، غازي صلاح الدين ۽ لاتعداد سنڌي ۽ اردوءَ جا اديب ۽ شاعر محفل ۾ موجود
آهن. سڀ هڪٻئي سان ڳلي ملي رهيا آهن. کلي ڳالهائي رهيا آهن. منهنجي موبائل جي گهنٽي
وڄي ٿي، دبئي مان ڪامران عباس جو فون آهي، ”توهان ڪٿي آهيو؟“ مان پڇان ٿي ته هُو
اهو ڇو پُڇي رهيو آهي؟ ”جتي به آهين فورن گهر پهچ، اوهان جي علائقي ۾ وڏو ڌماڪو ٿيو
آهي....“ منهنجي دل ڪير پنهنجي مُٺ ۾ وٺي ٿو ڇڏي. ڪير بچيو، ڪير ويو؟ رستي ۾ روشنيون
آهن، ايمبولينسن جو شور آهي. مان ٿڪل نگاهن سان رستي کي ڏسان ٿي، جيڪو تيزيءَ سان ويران
ٿي رهيو آهي. ماڻهو پنهنجن گهرن طرف تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيا آهن، پر گهر به قبر
بڻيا. مون کي امر جون ٽي سٽون ياد اچن ٿيون،
مين ني اپني بوئي هوئي
دعائون ڪي کهيت مين
فقط ببول اگتي ديکهي هين.
zahedahina@hotmail.com
No comments:
Post a Comment