10/03/2013

امداد حسيني ۽ سندس شاعري - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


امداد حسيني ۽ سندس شاعري
رکيل مورائي
هاڻ جڏهن امداد کي ڪراچيءَ ۾ ڏسبو آهي ۽ ساڻس ملبو آهي ته پڪ سان محسوس ٿيندو آهي ته امداد هاڻ رول نه رهيو آهي، سندس رولاڪي سنڌيءَ ٻوليءَ جي جديد شاعرا ۽ سندس ونيءَ مئڊم سحر ختم ڪري ڇڏي آهي. هاڻ هو مئڊم جي ڊرائيونگ جي قيد ۾ آهي. هاڻ هو فقط ذهني رولاڪي ڪري سگهي ٿو، جيڪا ئي سندس وڏي عياشي هوندي، ان کان وڏي عياشي، هن احمد ۽ مون سان پنهنجي گهر ۾ سڄي رات پرهه ڦٽيءَ تائين اسڪاچ جون سرڪيون ڀريندي ڪئي هئي، پر ان رات مئڊم ڪراچيءَ پنهنجن ٻچن وٽ ڪراچي آيل هئي، تنهن هوندي به امداد مون کي رول محسوس نه ٿيو هئو، ۽ ان کان اڳ اهڙيون اڻ ڳڻيون گهڙيون گذريون هونديون ساڻس ويجهڙائي ۾. ٻيءَ طرح ”امداد آهي رول“ سندس اها سڃاڻپ آهي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا شمشير جي ”لاٽ“ جي معرفت آهي سنڌي شاعريءَ ۾.

”امدام آهي رول“ اسان پنهنجي ٻاروتڻ کان جوانيءَ ڏانهن ايندڙ عمر ۾ پڙهيو ۽ اعتبار ڪرڻ گهرجي ته هڪ مقدس ڪتاب وانگر پڙهيو جيڪو منهنجي پياري دوست ادريس جتوئيءَ اسان کي پڙهايو. ۽ اهو به سچ آهي ته اهو ننڍڙو ڪتاب اسان لاءِ اڄ به ايترو ئي اهم آهي جڏهن ته اڄ تائين سندس ٻيا ٻه شاعراڻا ڪتاب به سنڌي ادب خاص طور جديد شاعراڻي ادب ۾ هڪ نهايت اهم واڌاري طور داخل ٿيا آهن ۽ اهي ٻئي ڪتاب سندس شاعريءَ جو عيوضيپڻو به ادا ڪن ٿا، جن جي هر پني تي آيل هر نظم هر غزل، هر گيت، هر وائي، هر چَوسٽو، هر نئين ڪوتا توڻي هر سٽ ۾ سندس شاعراڻي رولاڪي سان گڏ سندس شاعراڻي حسناڪي به آهي ته سندس شاعراڻي تازگي به. اها تازگي جيڪا امداد کي پنهنجي سڀني همعصرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي ۽ کيس هڪ الڳ مرتبو عطا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هو اڳ ئي پنهنجي شخصي توڻي شاعراڻي سڀاءَ ۾ غضب جي انفراديت رکندڙ آهي. اهڙي انفراديت، جيڪا سندس مرڪ کان وٺي سندس سٽن تائين پنهنجي سڃاڻپ ڏيندي آهي.
مون کي اپ سيٽ ڪري
سيٽ ڪري پئي ڪمرو
يا
اداس آنءٌ
اڪيلو
۽ آخري سگريٽ
دکائڻي ته هئي ڪا نه
پر دکي ويئي.
يا
ڊيٿ اسڪواڊ جي آڏو بيٺل
آهيان آنءٌ
پڇن ٿا مون کان
ته سندم آخري خواهش ڇا آهي؟
جهڙيون نئين ڪوتا جون سٽون پڙهي ڏسجن يا سندس تازگيءَ ڀرين خوشبودار هوائن جهڙن غزلن جون سٽون:
تنهنجي در تي پهچائي،
اهڙو ڪهڙو رستو هو !
تو ڏٺو ۽ جڙي وئي ڪوتا.
بس پني تي اتارڻي آهي.
چپ ۾ چڪ وجهي ڇڏيم،
اڌ ۾ گهٽجي ويو سڏڪو.
اهڙيون سٽون فقط امداد ئي لکي سگهي ٿو ۽ امداد جي اهڙي ئي انفراديت هن جي سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ بڻيل آهي.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ جنهن ورجاءَ سنڌي شاعريءَ جي تخليقي سفر کي گهڻي حد تائين روڪي رکيو آهي، تنهن کي امداد مسلسل محسوس به ڪندو رهيو آهي، ته اهڙي محدودگي کي الڳ الڳ وقتن تي اظهاريندو به رهيو آهي، پر هن جو اصل ڪمال ان کان وڌيڪ اهو آهي هو ان محدودگيءَ جي بدلي اهي تازگيءَ واريون تخليقون ڏيئي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو مثال به ڇڏيندو آيو آهي. سندس ٻئي ڪتاب ”هوا جي سامهون“ ۽ ”ڪِرڻي جهڙو پل“ اهڙا مثال آهن سنڌي شاعريءَ ۾. ۽ هي ڪتاب جيڪي پنهنجي هر حوالي ۾ انفراديت برقرار رکي بيٺا آهن، ان دور جي تخليق آهن. جنهن دور ۾ اياز، تنوير ۽ شمشير پڻ موجود آهن ۽ اهڙي غضبناڪ دور ۾ امداد جي هيءَ حسين افراديت سنڌي شاعري نه صرف صدين تائين ياد رکندي، پر ان تي فخر به ڪندي.
امداد وٽ اکر کان وٺي احساس تائين ۽ احساس کان وٺي اظهار تائين سڀ منفرد آهي ۽ اهڙو منفرد، جنهن تي گمان ڪجي تڏهن به امداد جي نالي جو گمان ئي ٿيندو انهن شعرن تي، ٻيءَ طرح انهن شعرن کي پڙهندي توڻي ٻڌندي، اهي امداد جي مُهر لڳل محسوس ٿيندا. سنڌي شاعريءَ کي باريڪيءَ سان پڙهندڙ ان ڳالهه کان واقف آهن.
گذريل مني صدي سنڌي شاعري لاءِ ڪيترو سازگار رهي ۽ ڪيترو ناسازگار رهي آهي، اهو ته وقت حاصل ڪري سنڌي شاعريءَ تي ڪو ڊگهو اڀياس ئي فيصلو ڏئي سگهندو پر ان مني صديءَ واري عرصي جي وچ ۾ سنڌي شاعريءَ کي سونهن، سندرتا، تازگي، بي ساختگي ۽ هوا ۾ اڏامڻ لاءِ حسين پَر جن شاعرن ڏنا آهن امداد انهن ۾ اڳيان اڳيان آهي. اهو قبول ڪرڻ ادب سان ايماندار هجڻ آهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته امداد جي شاعريءَ بابت بنهه گهٽ لکيو وڃڻ سبب هن جو اظهار سنڌي ادب ۾ ڀرپور نموني جيترو اڀري اچڻ گهرجي ها اوترو اڀري نه آيو آهي ۽ هاڻ ته سچ اهو به آهي ته امداد تي جن لکندڙن کي ڀرپور لکڻ گهرجي ها، اهي لکندڙ به آهستي آهستي موڪلائي رهيا آهن. مون کي احساس آهي ته مون سميت منهنجي عمر وارن لکندڙن جي لکڻي ۾ پڪ ئي پڪ هڪ شاعراڻي اڀياس کان وڌيڪ امداد لاءِ عقيدت جو عمل وڌيڪ هوندو جيڪو ممڪن آهي ته امداد لاءِ توڻي امداد جي شاعريءَ ۽ مجموعي سنڌي ادب لاءِ ايترو اهم نه هجي.
اسان جو سڀ لکڻ ان محبت جو اظهار ئي هوندو، جيڪا اسان پنهنجي محبوب شاعر امداد حسينيءَ سان ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ جو اهو سمجهيون ٿا ته اڄ جي جديد سنڌي شاعريءَ جي ضمانت امداد جو نالو آهي. جڏهن هاڻ سندس همعصر دوستن، اديبن، عالمن ۽ نقادن جو وڏو حصو نه رهيو آهي، تڏهن اڄ جي نوجوان، ذهين ۽ سنجيده لکندڙن ۽ پڙهندڙن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هو پنهنجي قلم وسيلي، دعائن وسيلي، گلابن وسيلي ۽ محبتن وسيلي امداد ڏانهن ايتريون نيڪ خواهشون موڪلين جو هن جي عمر سان گڏ هن مرڪن ۾، هن جي قلم ۾ وڌيڪ نئين تازگي جو احساس جاڳي پوي، جيئن هو اسان کي، سنڌ کي ۽ سنڌي ادب کي اڻ ڳڻيا نوان گيت، نئون ڪهاڻيون ۽ ليک ڏيئي سگهي.
آهه اهو امداد ڪٿي
جيڪو شعر به چوندو هو.

No comments:

Post a Comment