13/03/2013

خدا جو قسم - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


خدا جو قسم
مشتاق گبول
سندس ننڍپڻ سدائين زخمي حالت ۾ گذريو هو، ڇو ته هو سدائين پوپٽ پڪڙڻ جي چڪر ۾ ڪنڊن سان ڀريل لوڙهن تي وڃي ڪِرندو هو ۽ جيستائين زخمي هوندو هو سندس اکين ۾ حسرتن جا پوپٽ اڏامندا رهندا هئا ۽ ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ وري ساڳيا پوپٽ، ساڳيا ڪنڊا، ساڳيا لوڙها ۽ ساڳيا زخم!
وقت ۽ عمر جي وڏي ٿيڻ سان گڏوگڏ هو به وڏو ٿيندو ويو ۽ هن سان گڏ اُهي پوپٽ، اُهي ڪنڊا، اُهي لوڙها به وڏا ٿيندا ويا. پوپٽن شاعريءَ جو روپ ڌاريو، ڪنڊا سماج جا اُهي رويا ٿي اُڀريا جيڪي اڪيلي ماڻهو کي اڃان به اڪيلو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ لوڙها سماج جا اُهي هٿ ٺوڪيا اصول، جن ۾ ڪنهن به تخليقي ماڻهو کي پنهنجو ساهه گهٽجندي محسوس ٿيندو آهي.

بدين جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ جهڙو ڳنڀير ۽ اڪيلو شخص بدين کان پنهنجي ڳوٺ تائين يا ته پنڌ ويندو هو يا وري ڪنهن اٺ يا گڏهه گاڏي تي ويهي قدرت جي خزانن جي ٽجوڙين جا دروازا کوليندو اهو سوچيندو ويندو هو ته:
”وڻ سائو سون آهن، اُڀ نيرو نينهن آهي.“
ظاهري طور تي شيزوفرينيا جهڙي مرض ۾ مبتلا هي شاعر پنهنجي هڪڙي ويهڪ ۾ ۷۰ کان ۸۰ نظم لکي اهو ثابت ڪري ڇڏيندو هو ته هُو ڪيترن ئي سياڻن، نارمل ۽ بيورو ڪريٽ شاعرن کان وڌيڪ سگهارو، سياڻو ۽ تخليقي هو. هُو هن سماج جو خوددار ترين شخص هو، جيڪو بيماريءَ جي حالت ۾ پنهنجي دوستن کي اهو چئي موٽائي ڇڏيندو هو ته هينئر مان لکان ويٺو، وري اچجو. سندس سڄي زندگي فطرت سان کيڏندي گُذري. اڪثر ننڍي هوندي هُو اوٺين سان گڏ هليو ويندو هو. نديون، پهاڙ، درياهه، کجيون، آسمان، وڻ، پن، گل سندس محبوب هئا، جن سندس طبيعت کي هڪ ڪامل انسان بڻايو هو. هُو اڪثر پنهنجي پُٽ ”دانش“ کي چوندو هو ته: ”دانش جُتيءَ کي اُس ۾ نه، ڇانءُ ۾ رک، ڇو ته جتين ۾ به ساهه آهي.“
مان سوچيان ٿو ته جيڪو ماڻهو جُتيءَ کي اُس ۾ نٿو ڏسي سگهي، اُهو ماڻهوءَ کي اُس ۾ بيهڻ کي ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي!؟ جيتوڻيڪ سندس سڄي حياتي، زندگيءَ جي تيز ڪاڙهي ۾ ئي گُذري هُئي.
هُن جي هڪڙي ئي ويهڪ ۾ لکيل نظمن کي سندس پياري دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سُهڻي ۽ سگهاري شاعر علي اظهار سندس خواهش مطابق سنواري، سُڌاري ڇاپي پڌرو ڪيو. جڏهن منهنجي نظر سندس هن نظم تي پئي ته مان ڇرڪجي ويس؛
ڏيڍ روپيو زندگي،
ڏيڍ روپيو موت.
جو وٺين سو وٺ پرين،
جو کڻين سو کڻ پرين.
ڏيڍ روپيو زندگي،
ڏيڍ روپيو موت.
سندس نظم ڇهن يا ستن سٽن تي مشتمل آهن، هن جا نظم فڪر سان گڏوگڏ فن به پنهنجي پاڻ سان کڻي آيا. هن جي نظمن جو گهاڙيٽو بنهه نئون ۽ نرالو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ جيئن امداد حسينيءَ جي تقريباً هر ٻي نظم جو گهاڙيٽو بنهه نئون ۽ پنهنجو آهي، تيئن هن جي نظمن جو گهاڙيٽو به بنهه نئون ۽ نرالو آهي. هن ريشم جهڙي شاعر کي موت جي ڌاڳن ۾ ڦاٿي گهڻو وقت گُذري چُڪو آهي. گلزار شايد هن جهڙي شاعر جي لاءِ هي نظم لکيو:
شهتوت ڪي شاخ په بيٺا ڪوئي
بُنتا هي ريشم ڪي تاگي
لمحه لمحه کول رها هي
پته پته بين رها هي
ايڪ ايڪ سانس بجا ڪر سُنتا هي سودائي
ايڪ ايڪ سانس ڪو کول کي اپني تن پر لپٽا جاتا هي
اپني هي سانسون ڪا قيدي
ريشم ڪا يه شاعر اڪ دن،
اپني هي تاگون ۾ گهٽ ڪر مرجائي گا!
گلزار جي انهيءَ نظم وانگي واقعي ريشم جهڙو اسان جو خوبصورت شاعر هڪ ڏينهن پنهنجي ئي ڌاڳن ۾ گهٽجي مري ويو! مرڻ کان پوءِ هاڻي شايد هُن جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪير به نه ڪٽي ۽ شايد ڪڏهن ڪير هُن جي ورسي به نه ملهائي!
هاڻي شايد هن کي آڪاش انصاري، غلام نبي سومرو ۽ علي اظهار کان سواءِ ڪو ٻيو ياد به نه ڪندو هُجي! هُن جي دوستيءَ جي محدود حلقي وانگي، هُن جي ياد به ڪيتري نه محدود ٿي وئي آهي، فقط ٽن ماڻهن تائين!
تون رهينءَ ويهي وساري،
آءٌ تنهنجو ڳوٺ آهيان.
ڪيتريون رانديون رهيون سين،
ڪيتريون ڳالهيون ڪيون سين.
تون رهينءَ ويهي وساري،
آءٌ تنهنجو ڳوٺ آهيان.
هُو خوددار شخص هو ۽ خودداري ۾ ته هن جو مثال ملڻ مشڪل هو. هميشه ائين ئي ٿيندو آيو آهي، خوددار ماڻهو تمام ٿورن ماڻهن کي ياد هوندا آهن ۽ اُهي تمام ٿورا ماڻهو انهيءَ شخص کي بهتر نموني سمجهي سگهندا آهن.
هُو جڏهن شعر لکندو هو ته چوندو هو: ”مان شاعري جا اُٺ چاريان پيو“. شاعري جا اُٺ چاريندي چاريندي هن هڪ دفعي سوچيو هو ته هُو زندگي تي سوچيندو، پوءِ ڇا ٿيو؟
”هڪ دفعي مون سوچيو هو،
زندگيءَ تي سوچبو.
يا ته مون کي ڳالهه وسري وئي،
يا ته واندو ڪو نه هوس.
هڪ دفعي مون سوچيو هو،
زندگيءَ تي سوچبو.“
بدين ضلعي جتي حاجي احمد ملاح، شمشير الحيدري ۽ آڪاش انصاري جهڙا وڏا شاعر پيدا ڪيا، اُتي هن جي ننڍڙي ۽ پتڪڙي وجود جو تعلق به انهيءَ ضلعي جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ آدم سومري سان آهي. سنڌي نظم جو وڏو شاعر هو. هن جي زندگي مونجهارن ۽ مسئلن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿي ته هُو پريشان پريشان رهڻ لڳو هو. انهيءَ پريشاني جي ڪري هُو ڊپريشن جو شڪار ٿيو.
غلام نبي سومرو هن جي لاءِ لکي ٿو ته: ”شاعر کي سندس شاعريءَ جيان ٻه رستا آهن؛ گلن ۽ وڻن جي قطارن وچ ۾ ڏينهن جو روشن رستو، سنگيت، ندي، ٻيڙي، روشن ستارن سان همسفر رات جو رستو. دانائي ۽ دانائيءَ کان افضل ديوانگيءَ جو هڪ وڌيڪ رستو. وڻن جي سنگيت سان گڏ سُريلي شعر جو رستو. انهن سڀني گسن تان تخليق ٿئي ٿو، اهو فن ۽ ڪاريگري، جيڪا شاعري آهي، هڪ طلسم آهي، ساحري آهي.“
روشن ستارن سان همسفر رات جي رستي تان گُذرندي شاعري جي نظر جڏهن هڪ ننڍڙي روشن ڏِيئي تي پئي ٿي ته هو چئي ٿو ڏي:
”ڏيئڙو باغيءَ جيان،
رات ۾ بيٺو رهيو،
ڪنڌ لوڏيائين نٿي،
پير چوريائين نٿي
ڏيئڙو باغيءَ جيان،
رات ۾ بيٺو رهيو.“
هُو ائين ئي ڪندو هو، ڪنهن به شيءِ، ڪنهن به موضوع کي انوکي ۽ نرالي ڍنگ، مَن موهيندڙ ڏانءَ سان، سادن ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪندو هو. هُو آسان پسندي جو قائل هو. تڏهن ته لکيو هئائين ته: ”جيڪڏهن دنيا جا سڀ ماڻهو شاعر ٿي پون ته سڀ درد دور ٿي وڃن ۽ شاعر ٿيڻ ڪو ڏکيو ڪم به نه آهي ته سولو ڪم ته پهرين ڪرڻ گهرُجي، ته جيئن ٻيا ڏکيا ڪم آسان بڻجي وڃن. سائنس به ڪم سولا ڪرڻ جو هڪ وسيلو آهي، پر سائنس پيچيده آهي ۽ شاعري سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ۽ سڀڪو چوي ڪرڻ جهڙي آهي ته دنيا کي آسان بنائڻ لاءِ ڇو نه شاعري ڪجي.“ هُو شاعري کي ذريعو سمجهندو هو دنيا کي آسان بنائڻ جي لاءِ.
مولانا حالي پنهنجي ڪتاب مقدمه حالي ۾ عربيءَ جا ٻه مقولا لکيا آهن، هڪڙو آهي: ”اڳلا گهڻو ڪجهه پوين لاءِ ڇڏي ويا آهن“ ٻيو مقولو آهي: ”اڳلن پوين لاءِ ڪا شيءِ نه ڇڏي آهي.“ انهن ٻنهي مقولن جي معنيٰ آثم ناٿن شاهي چواڻي هيئن ٿي سگهي ٿي ته: ”اڳلا ڪيتريون ئي اڌوريون ڳالهيون ڇڏي ويا آهن (ان لاءِ ته پويان انهن کي پورو ڪن) پر، انهن پوين لاءِ ڪابه اهڙي شيءِ نه ڇڏي آهي، جنهن جو اڳ ۾ نمونو موجود نه هُجي.“
اهڙي صورتحال ۾ لکڻ، سو به نئون نرالو ۽ منفرد لکڻ ۽ لکڻ وقت شعر پنهنجو مُنهن مهانڊو ۽ شڪل يعني گهاڙيٽو پاڻ سان گڏ کڻي اچن، اهو ڪو آسان ڪم ناهي. تخليقي عمل دوران لُڙڪن کي لفظ ڪرڻ وڏو سورائتو عمل آهي. هر اُن ماڻهو جي لاءِ جيڪو لفظن جي تقدس ۽ حرمت جو قائل آهي.
امداد حسيني چواڻي ته:
”لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي.“
هن جي ڪتاب جو ڪور سياهه آهي، جيڪو ماتم جو رنگ آهي، جيڪو وڇوڙي جو رنگ آهي. سياهه ڪور واري ڪتاب ۾ ديس جي درد کي محسوس ڪندي ههڙا نظم شامل آهن:
درد ديس جو گهڻو،
شام ديس جي دُکي،
ٻار ديس جا بُکيا،
مان نٿو لکي سگهان،
مان نٿو پڙهي سگهان،
تون لکين ته لک پرين،
هي پين هي پنو پرين.
يا وري ڪتاب جو پهريون نظم پڙهو:
ٺپ ٻوڙو ديس آهي،
ٺپ گونگو آءٌ آهيان.
پوءِ ڪهڙا گيت ٺاهيان،
پوءِ ڪهڙا گيت ڳايان.
ٺپ ٻوڙو ديس آهي،
ٺپ گونگو آءٌ آهيان.
ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڪيفيتون جُڙنديون آهن جو ماڻهو شديد عذاب ۾ ورتل هوندو آهي، پوءِ اهڙين عذاب وارين حالتن ۾ اڪثر رات لاهي ڏينهن پائبو آهي ۽ ڏينهن پائي رات لاهبي آهي. ائين چوڻ ته نهايت سولو آهي، آسان آهي، پر انهيءَ ڏينهن پائي رات لاهڻ ۽ ڏينهن لاهي رات پائڻ واري عمل مان گذرڻ مذاق ته ناهي. اسان جو شاعر انهيءَ عذاب ڏيندڙ عمل مان گذرڻ کان پوءِ ائين لکي سگهيو آهي:
رات لاهي ڏينهن پايان،
ڏينهن لاهي رات پايان.
ٻيو ڪرڻو به ڇا هي،
ٻيو ڀلا ورڻو به ڇا هي.
رات لاهي ڏينهن پايان،
ڏينهن لاهي رات پايان.
لاهڻ ۽ پائڻ يا پائڻ ۽ لاهڻ واري عمل وانگي شاعر جڏهن پنهنجي موج ۽ مستي واري ڪيفيت ۾ هوندو آهي. انهيءَ وقت شاعر جو هڪ ٻيو مشغلو به هوندو آهي. شاعر هڪ ٻي انوکي راند به کيڏندو آهي. اهڙي قسم جي راند صرف شاعر ئي کيڏي سگهندا آهن ۽ اهڙي دعويٰ صرف شاعر ئي ڪري سگهندا آهن. دعويٰ نه پر اِها هڪ حقيقت به آهي، شاعر ئي ائين ڪري سگهندا آهن، پنهنجي شاعري جي ذريعي.
چنڊ ٺاهي سج ٺاهيان،
سج ٺاهي چنڊ ٺاهيان.
ورڻ ويرو ٿي وڃي،
ٿو انڌيرو ٿي وڃي.
چنڊ ٺاهي سج ٺاهيان،
سج ٺاهي چنڊ ٺاهيان.
شاهه لطيف هينئڙي کي ”اوٺي وڳ“ ڪوٺيو هو يا ”هينئڙو ڪوٽ بُرج“ چيو هو يا وري ”اڻ ڏٺا آرا“ واري ڳالهه ڪئي هئي ته اسان جي هِن شاعر به پنهنجي ”جيئڙي“ کي رُٺل ٻار چيو آهي:
”جيڏيون منهنجو جيئڙو،
رٺل ٻار جيان،
پرچايان پرچي نٿو،
سمجهايان سمجهي نٿو،
ترسايان ترسي نٿو،
موٽايان موٽي نٿو.“
اسان جو هي محبوب شاعر اهڙي قسم جا نظم لکندي روايت کي پُٺيان ڇڏي ڏي ٿو. ائين هُو هڪ اهڙي روايت سان جُڙڻ لڳي ٿو، جيڪا هن جي پنهنجي ايجاد ٿيل آهي، جنهن سان هو پنهنجي شاعري جي نئين روايت تشڪيل ڏي ٿو ۽ هڪ حد تائين شعري جمود کي ٽوڙي ٿو.
جيڪڏهن هُو ڪٿي پنهنجي روايت سان جُڙي ٿو يا پُراڻن ڪردارن سان پاڻ کي جُوڙي ٿو، پر پنهنجي نظر سان، پنهنجي شناخت سان. هن جي هر نظم هن جي شناخت جي شاهدي ڏيندي نظر اچي ٿو.
رڻ سوچيندو رهي ٿو،
ڇو نٿا جوڳي اچن،
آءٌ ڀي آهيان وطن،
يا ته گوتم پنهنجي گهر،
ننڊ مان جاڳيو نه آهي.
يا ته ڪو گوتم نه آهي،
يا ته آئون رڻ نه آهيان.“
اوهان حيران هوندؤ ته مان اڃا تائين اوهان کي ان شاعر جو نالو ناهي ٻُڌايو. جي، ها! اهو شاعر آهي نور محمد سومرو، جنهن جي ڪتاب جو نالو: ”خدا جو قسم“ آهي. ”قسم“ جو ”م“ صليب وانگي ٺهيل آهي، جنهن جي وچ ۾ نور محمد سومرو جو نالو ”مصلوب“ ٿيل آهي يعني نور محمد سومري پنهنجي پاڻ کي صليب تي ٽنگيل ڏيکاريو آهي ”يسوع“ وانگي.
هِن ڪتاب ۾ ”مصلوب“ ٿيل شاعر جي محبتن جا نظم ڏنل آهن.
شايد هر شاعر ۽ اديب ”مصلوب“ ٿيڻ ۽ ”صليب“ تي ٽنگجڻ جي لاءِ هوندو آهي نور محمد سومرو وانگي. انهيءَ حوالي سان مان آخر ۾ امداد حسيني جو نظم ڏئي پنهنجي ڳالهه کي ويڙهيان ٿو:
”اها ئي هٿ لڪير آهه هر اديب جي لاءِ،
ته جا به سِٽ لکي، پُلصراط تان اُڪري.
اهو نصيب نه آ ڪنهن به بي نصيب جي لاءِ،
هُجون، هُجون نه هُجون پوءِ ابنِ مريم پاڻ،
صليب آهه اسان لاءِ، اسين صليب جي لاءِ!“

1 comment: