05/03/2013

سرڪش سنڌيءَ جي شاعري - تاج جويو (Taj Joyo)


سرڪش سنڌيءَ جي شاعري
زندگي حساب ۾ ٻڏي وئي!
تاج جويو
ڪوٽ رَنيءَ تهذيب جا وارث، اک چوڌاري رکندا ايندا،
نارين پنهنجا وارنه واسيا، لوڪ سُتي جا پيار نه واسيا،
سرڪش سنڌي ماڻهو دل شمشانن واري، رکندا ايندا.
سنڌي ادب (نثر ۽ نظم) جي تاريخ بابت شيخ اياز جو رايو آهي ته اُها حقيقت ۾ ”ڀٽائيءَ کان شروع ٿئي ٿي، جو سنڌ کي هڪ اڪيچار خزاني وانگر ملي ويو. باقي اُن کان اڳ ۾ ڪا سِپي، ڪو ڪوڏُ، ڪي ٻه چار ڀڳل ڪُوڙا سچا موتي ملن ٿا. ڀٽائيءَ کان پوءِ سچل ۽ ساميءَ کي ڇڏي، سارو ادب ڀٽائيءَ جو ورجاءُ آهي.“

اسان ڏسون ٿا ته اُها شاعري سچل سرمست ۽ ساميءَ کان پوءِ ڪجهه دور تائين هَلي. خليفو نبي بخش لغاري، فقير قادر بخش بيدل، صوفي صادق فقير، ڇتو فقير سانگي، مصري شاهه امام، منٺار فقير، خوش خير محمد هيسباڻي، رکيل شاهه ۽ ٻيا ڪلاسيڪي شاعر ڀٽائيءَ جي روايت جو تسلسل هئا؛ ۽ پوءِ سنڌي شاعري فارسي ۽ اردوءَ جي روايتي اثر هيٺ، انگريز دور جي خاتمي کان ويهارو سال اڳ تائين اهڙي وڃي رهي، جنهن ۾ تازگي، شگفتگي ۽ دلڪشي نه رهي هئي. ان کان پوءِ، جيڪا جديد سنڌي شاعري سرجي وئي ته اُها مست سنڌوءَ وانگر بند ڀڃي آئي ۽ هڪ ڀيرو وري سنڌي شاعريءَ پنهنجو اوج ڏٺو.
جديد شاعريءَ ۾ سرڪش سنڌيءَ جو به پنهنجو هڪ ڪردار آهي. آءٌ هتي سرڪش سنڌيءَ لاءِ پڻ شيخ اياز جو حوالو دهرائڻ چاهيان ٿو. اياز لکيو آهي ته ”مجموعي طرح اُن مان (يعني سرڪش جي شاعريءَ مان) هڪ ڪيفيت واضح طور ڪبير جي شعر وانگر اظهارجي ٿي:
ڪبيرا کڙا بازار مين، لئي لُکاڻهي هاتهه،
گهر ٻاري جو آپنا، چلي هماري ساتهه.
(ڪبير بازار ۾ بيٺو آهي ۽ لٺ اُن جي هٿ ۾ آهي ۽ چوي ٿو ته جيڪو پنهنجو گهر ٻاري سو اسان سان گڏ هلي“.)
اِئين سرڪش جي شاعري؛ ’دردِ دل‘، ’امن آب حيات‘ (1987ع)، ’پيار ۽ آزادي‘ (1993ع) ۽ ’سنڌو ڳالهائي ٿي‘ (2000ع) تائين پهچندي، هڪ رُخ ۽ رنگ اختيار ڪري وٺي ٿي ۽ هن قسم جو اظهار ڪري ٿي:
دردَ مون ڏي ٿا اچن ’سرڪش‘ اِئين،
سنڌ ۾ جئن روز ڌاريا ٿا اچن!
اِئين سرڪش سنڌي، باهه جا اُلا ۽ اُمڙَ بڻجي سنڌ ۾ اُڀريو، ۽ پنهنجي قومي مزاحمتي ۽ مجازي شاعريءَ ذريعي اُستاد بخاريءَ کان پوءِ نوجوانن جي دلين جو آواز بنجي پيو. هن سماجي شعور، طبقاتي شعور ۽ قومي شعور جا واهڙ وهائي ڇڏيا:
هن ڌيءُ ويهاري آ ڇڏي پيٽ گذر لئه،
غيرت جو اُرهه نوٽ تي نروار پيو آ.
’ڌرتي ۽ عورت‘ سرڪش جي شاعريءَ جا محرڪ رهيا آهن. ’ڌرتي ۽ سرتي‘ سرڪش جي شاعريءَ جي حد ڪمزوري رهي آهي. ڪمزوري هجي به ڇونه، ٻيئي (ڌرتي ۽ عورت) تخليق جا سرچشما رهيون آهن:
نلڪي هيٺان نينگري، ڪپڙا ڌوئيندي،
ساري سرجڻهار کي!
ڇوري ڇاتيءَ ڏي ڇا ٿي گُهورين تون،
ڀاتي ڀاتيءَ ڏي، ڇا ٿي گُهورين تون.
جوئر سنگ جهليا، جهار جُهڪي پيئي،
هن حياتيءَ ڏي ڇا ٿي گهورين تون!
اِئين سرڪش جو تخليقي سفرُ، ”سمنڊ، ڇوليون ٽهڪ“ (2009ع) کان وڌندي، ”زندگيءَ جي گونج“ (2011ع) تائين پهتو ۽ سندس زندگيءَ، جي اُها گونج پڄاڻيءَ تي وڃي پهتي.
شاعر جي مڃتا ۽ امرتا پنهنجي دور ۾ به ٿيندي آهي ۽ مُئي پڄاڻان پڻ. اِئين سرڪش جي مڃتا ۽ امرتا جو فيصلو به تاريخ کي ڪرڻو آهي. سرڪش انسانُ هو ۽ هُن جي شاعري انسان جي سفر جو اُهڃاڻ ۽ علامت آهي. هُن 2011ع ۾ ڇپيل پنهنجي آخري شعري ڪتاب ”زندگيءَ جي گونج“ ۾ لکيو هو ته:
چؤڦير ٿئي چرچو، هونئن ڀي ته مري ويندين!
سرڪش نه ٿجان هلڪو، هونئن ڀي ته مري ويندين!
آءٌ جڏهن سرڪش جي آخري سفر وقت سندس ڪُلهي ڪانڌي ٿيڻ آيو هوس ته مُون سندس پُٽ سان تعزيت نه ڪئي هئي، پر نياڻي ناياب سرڪش سان ڪئي هئي. محترم بشير قريشيءَ ۽ اسان سرڪش جي تدفين کان پوءِ سندس قبر تي شيخ اياز جي لافاني وائي ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي، پنهنجو سيسُ نمايان، مٽي ماٿي لايان“ جي گونج کان پوءِ مقام تان واپس ٿياسين ته بشير خان ۽ ٻيا سرڪش جي پٽ طرفان وڇايل تڏي تي تعزيت لاءِ ويا، پر مُون ۽ سائين راشد مورائيءَ، ناياب جي گهر اچي ساڻس تعزيت ڪئي، ڇو ته ’سرڪش جو اصل تڏو اُتي ئي وڇايل هو‘. مون ڪٺور سماج جي ڪٺور فردَ، سرڪش جي پُٽ سان تعزيت نه ڪئي، جنهن ڀيڻ جي گهر ۾ پيءُ جو لاش آخري ديدار لاءِ به نه آندو هو. مون تعزيتي نوٽ بڪ تي اُن وقت جيڪو تاثر لکيو يا مختلف چئنلن کي جيڪي تاثرات ڏنا، تن جو تت هن ريت هو:
”سرڪش ڳرو هو يا هلڪو، پر هو هُئو پنهنجي رنگ، پنهنجي مزاج جو ماڻهو! هڪ منفرد شخص، هڪ منفرد شاعر! سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ لهجو پنهنجن همعصرن کان منفرد ۽ مختلف هو. قومي مزاحمتي شاعريءَ ۾ عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايونيءَ جو پنهنجو رنگ هو. محمد خان مجيدي، سرويچ سجاوليءَ ۽ ابراهيم منشيءَ جو پنهنجو رنگ هو. اُستاد بخاريءَ ۽ سرڪش جو پنهنجو پنهنجو رنگ هو. اُستاد بخاري، ارڏو به هو ته مِٺڙو به هو، پر سرڪش پيار توڙي مزاحمت ۾ کهرو ۽ ڪسارو وڌيڪ هو، هُو مولويءَ جو پُٽ هو، پر مُلو نه ٿيو، هو چانڊيو هو، پر ڌاڙيل نه ٿيو، ليڪن اُستاد ۽ شاعر ٿيو!“ (جيئن زخمي چانڊيو ٿيو).
سرڪش ۽ آءٌ ساڳيءَ فڪري واٽ جا هئاسون. اسان جا پاڻ ۾ ڪيترن مسئلن تي اتفاق به هئا ته اختلاف پڻ. حديث آهي ته ”اختلاف اُمتي رحمتي“. اختلافن جو به پنهنجو حُسن ۽ پنهنجي اخلاقيات ٿيندي آهي.
آءٌ اهو اعتراف ٿو ڪريان ته مون سندس پوئين زندگيءَ واري اهڙي موقفَ تي ساڻس سخت اختلاف ڪيو هو، ۽ اهڙو ساڻس اظهار به ڪيو هو، پر اُن اختلاف ۽ اظهارَ ۾ به رشتن جي ديوار نه ٽُٽي هئي. مون نه رڳو ساڻس اُن اصولي اختلاف جو کليل اظهار ڪيو هو، پر ڪيئي ڀيرا سندس فون جو جواب به ڏيڻ پسند نه ڪيو هو، ليڪن سرڪش باوجود منهنجي شديد اختلافي رَوين جي مون سان ٻاڙو نه ٻوليو، ميارون ڏنائين، پر دل کان دُور نه ڪيائين. منهنجي ڪاوڙيل خاموشيءَ تي سنيها (sms) ڪندو رهندو هو، پر ڪاوڙ جي اظهار بدران مِٺيون مِٺيون ميارون ڏنائين.
سندس وڇوڙي کان ڪجهه ڏينهن اڳ، جڏهن هُو ڪينسر جي پيڙائن سبب سخت تڪليف ۾ مبتلا هو، منهنجي ساڻس ناياب جي گهر ملاقات ٿي هئي. هن کي ويهڻ ۾ به سخت تڪليف پئي ٿي، ان ڪري ٻانهن جي ٻل تي کٽ تي اُٿي ويٺو هو. مون سمجهيو ته هن ڪيفيت ۾ مون تي ضرور ڪاوڙون ڇنڊيندو، پر ڪا به ميار نه ڏنائين ۽ نه ئي ڪوسو ٿيو.
سرڪش زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ پنهنجن روين سبب بنهه اڪيلو ٿي ويو هو. انهن ئي گهڙين ۾ پنهنجي شاعريءَ جو آخري ڪتاب ”زندگيءَ جي گونج“ منهنجي پياري دوست زخمي چانڊيي جي پٽ ساجد هٿان مون ڏانهن هن نوٽ سان لکي موڪليو هئائين:
’انتهائي پيار مان پنهنجي ڪاوڙيل
دوست تاج جويو صاحب لاءِ!‘
سندس لکيل ’صاحب‘ لفظ مان ئي سندس مِٺي مِٺي ميارَ جو اظهار محسوس ٿي سگهي ٿو.
ڪينسر مرض ئي اهڙو نُگرو آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي اڪيلو ڪري ڇڏيندو آهي، پر سندس نياڻي ناياب جو ساڻس نايابُ ساٿ رهيو، جنهنڪري هو پنهنجي زندگيءَ جا ڪجهه پل، ڪجهه ڏينهن، پنهنجي will power ذريعي ڪڍي ويو.
سرڪش عجيب شخص هو، عجيب شاعر هو، هوڏي به هو ته هٺيلو به هو. هُن وٽ پنهنجا دليل ۽ پنهنجا منطق هئا. اهڙيءَ ريت، سندس شاعريءَ جو لهجو به پنهنجو هو، جيڪو ڪنهن جو به تتبع نه هو. ڇهه ڪتاب شاعريءَ جا ڇڏي ويو، ڇپائي ويو، پر اڳ کان اڳرو رهيو، قلم ڦِٽو نه ڪيائين ۽ جڏهن قلم سندس هٿ مان ڪِريو ته پاڻ به نه رهيو. سرڪش سنڌيءَ، زندگيءَ سان شايد حساب نه ڪيو هو، پر زندگيءَ کيس ڪهڙي موٽ ڏني، ان جو اظهار خود هن ريت ڪيو اٿس:
جنهن سان ڪو حساب ئي نه ڪيو هو،
زندگي حسابَ ۾ ٻُڏي ويئي.
سرڪش جا محسوسات ڀلي اِهي هئا ته سندس ’سڏن مان ساهُه‘ نڪري ويو آهي ۽ ’اُنهن جو پڙلاءُ صحرا ۾ ٿَڪجي پيو آهي‘پر جيڪڏهن سندس سَڏَ، سيد ۽ سنڌ جا سَڏ هئا، ته اُهي سڏ ساڻا ڪيئن ٿي ٿِي سگهيا؟ ۽ اُنهن جو پڙلاءُ صحرائن ۾ ڪيئن ٿي ٿڪجي سگهيو؟ اُن جو جيئرو جاڳندو مثال، اسان سڀني جو محبوبُ ڀاءُ ۽ محبوب اڳواڻُ محترم بشير قريشي هو، جنهن کي سرڪش جي چاليهي جي هن ملتوي ٿيل تقريب (جيڪا اصل 15 اپريل تي ٿيڻي هئي) جي صدارت ڪرڻي هئي، پر اُهو به اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي ۽ لکين رُئندڙ اکين کي ڇڏي وڃي، ’سنڌ جي سائينءَ‘ سان مليو آهي، پر اُهو سڏ ۽ اُهو پڙاڏو مرڻو نه آهي:
پهريون سيد- سن تان صدقو،
۽ پو پنهنجي من تان صدقو!
سرڪش اهو به چيو هو:
سنڌ نه ڇوري ٿئي، دعائون سڀ گهرو،
دکندو دردُ رهي، ڇيڻن ڀوري نه ٿئي!
اڄ سيد جي سچي پيروڪار بشير قريشيءَ جي وڇوڙي جو غم پڻ اسان کان اها تقاضا ٿو ڪري ته ”سنڌ ڇوري نه ٿئي“ ۽ ”ڇيڻن ڀوري نه ٿئي“ ۽ هي سمورو غم، طاقت، ٻڌيءَ ۽ اتحاد ۾ تبديل ٿئي!

No comments:

Post a Comment