ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
صورتحال
ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي
ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ حالتون
اهڙيون سازگار نه آهن. جو اُها پاڻ مرادو، سڀاويڪ طرح، ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌي
سگهي. اَچو ته اَول ٿوري ۾ اِنهن تي ويچار ڪريون:-
1. علائقائي حالتون: ڀارت ۾ سنڌي لوڪ جدا جدا ڀاشائي صوبن
۽ ايراضين ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. سال 1991 جي آدم شماريءَ ۽ ٻولين جي انگن اکرن موجب،
ڀارت ۾ 848، 22، 21 (ايڪويهه لک، ٻاويهه
هزار، اَٺ سؤ اٽيتاليهه) شخصن پنهنجي مادري زبان سنڌي لکائي آهي. ان مطابق ڀارت ۾
سنڌي، ڪل آدم شماريءَ جو 25.0 سيڪڙو مس آهن. اِنهيءَ ڳڻپ ۾ ڪڇي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي
سرحد سان لڳندڙ گجرات- راجسٿان جي ايراضين ۾، ڍاٽڪيءَ وغيرهه اُپ ـــ ڀاشائن جي ڳالهائيندڙن کي به
شامل ڪيو ويو آهي. اهي حقيقت ۾ سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان، ورهاڱي بعد، سنڌ مان لڏي
آيل سنڌين کان الڳ آهن ۽ مڪاني رهاڪن جي نزديڪ آهن. سنڌي ڳالهائيندڙن مان اٽڪل
ويههه لک ماڻهو گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، مڌيه پرديش، اُتر پرديش ۽ دهليءَ م
رهندڙ آهن. ورهاڱي کان پوءِ انهن ڇهن ايراضين ۾، سرڪاري توڙي خانگي سطح تي، اُنهن
ننڍن ــ وڏن شهرن ۾ ابتدائي ۽ ثانوي سنڌي تعليم جو انتظام ڪيو ويو، جتي سنڌي گهڻي
تعداد ۾ اچي رهيا.
2. تعليمي حالتون: ويهين عيسوي صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾،
ڀارت ۾ سنڌي تعليم جي هڪ جائزي (ليکواڻي، ڪنهيالال – ڀارت ۾ سنڌي تعليم، سنڌي
اڪادمي، دهلي، 1997) جي انگن – اَکرن مان صاف ظاهر آهي ته سال 1948 – 1949 ۾ جنهن
جوش ۽ اُتساهه سان ڀارت ۾ سنڌيءَ جي دستوري تعليم ڏيڻ جي شروعات ڪئي ويئي، اُها
ويهارو کن سالن بعد، ڏينهون -
ڏينهن پٺتي پوندي ويئي. سال
2005ع تائين، سنڌي ميڊيم سان تعليم ڏيندڙ ابتدائي ۽ ثانوي اسڪول گهڻو ڪري بند ٿي
ويا آهن. انهن جي جاءِ هندي يا انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ورتي آهي. اَهڙا ڪجهه
اسڪول، جن جو انتظام ڪن سنڌي سنساٿن جي هٿ ۾ آهي.
اُتي هاڻي سنڌي ٻولي فقط هڪ وشيه (subject) طور پاڙهي وڃي ٿي. سڄي ڀارت ۾ اسڪول ۾ تعليم
وٺندڙ سنڌي ٻارن جي ڪُل تعداد مان پنج سيڪڙو کان به گهٽ ٻار، سنڌي ٻولي دستوري طور
پڙهن ٿا. ان مان صاف ظاهر آهي ته دستوري تعليم جي سرشتي ۾، ڀارت ۾، سنڌي پوين
پساهن تي آهي.
3. سماجي سرشستي جي
لحاظ: کان
ڏسبو ته ڀارت جي وڏن ننڍن شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾ گهڻا سنڌي اَهڙين ايراضين ۾ رهن ٿا،
جتي غير ـــ سنڌي ماحول آهي. اهڙن هنڌن تي جيڪڏهن سنڌي ـــ گهرن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جو
واهپو ناهي، ته اُنهن ڪٽنبن جي ٻار توڙي ٽيهن ـــ پنجٽيهن سالن جي عمر جا نوجوان پڻ،
پنهنجي مادري زبان صحيح نموني نٿا ڳالهائي سگهن. آخري حد تي سنڌي ٻارن توڙي
نوجوانن جو اَهڙو طبقو به آهي، جيڪو سنڌي سمجهي به نٿو سگهي.
4. روزگار ۽ ڌنڌو ــــ
واپار؛ جي
خيال کان سنڌي ٻوليءَ جي اهميت تمام محدود آهي، ان ڪري اوچي توڙي وچولي طبقي جا
سنڌي، پنهنجن ٻارن کي انگريزي ميڊيم وارن پبلڪ اسڪولن ۾ موڪلڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا،
چاهي ڪيترو به خرچ ڇو نه ڪرڻو پوين.
5. ڀارت سرڪار جي تعليمي پاليسيءَ موجب
هر هڪ اسڪول ۾ هنديءَ جي تعليم لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ٻولي ملڪ جي راڄ ـــــ
ڀاشا (Official
Language) آهي. ان ڪري ڀارت ۾ ڄاول هر سنڌيءَ کي
هر هنديءَ جو گيان اَوس آهي، پوءِ چاهي هو ڪهڙي به صوبي ۾ رهندو هجي ۽ ڪهڙي به
اسڪول ۾ (انگريزي/ هندي يا علائقائي ٻوليءَ واري اسڪول ۾) پڙهندو هجي. ان ڪري هر
هڪ سنڌيءَ کي ديوناگري لپيءَ جي ڄاڻ آهي، جنهن ۾ هندي ٻولي لکي ويندي آهي. ٻئي طرف
ڏسجي ته ڀارت ۾ انهن سنڌين جو تعداد اڄ ڪلهه پنج سيڪڙو به مشڪل ٿيندو، جن پنهنجي
مادري زبان جي دستوري تعليم عربي – سنڌي لکاوٽ ۾ حاصل ڪئي آهي. اِن جو مطلب اهو
ٿيو ته پيدا ٿيل ٻن پيڙهين ۾ اُهي سنڌي پنجانوي سيڪڙو (95%) کان به وڌيڪ ٿيندا، جن کي عربي – سنڌي
لکاوٽ جي ڄاڻ نه آهي. اِن ڪري هُو سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ ثقافتي وراثت کان ڪٽجي
ويا آهن. اهڙن سنڌين کي جيڪڏهن سنڌي ساهت، سنڌي سڀيَتا ۽ سنسڪرتيءَ کان واقف ڪرڻ
لاءِ اسين چونڊ سنڌي ڪتاب ديوناگري لکاوَٽ ۾ ڇپائي کين ميسَر ڪريون ته اُهي سنڌيت
کان واقف ٿي سگهندا. ان بعد جيڪڏهن منجهن سنڌ نجي اِتهاس ۽ سنڌي ساهت جي وڌيڪ معلومات
حاصل ڪرڻ لاءِ چاهه پيدا ٿئي، ته پوءِ هو پاڻ مرادو عربي ـــ سنڌي لکاوٽ جو اَڀياس
ڪري اُن ۾ شايع ٿيل ادب پڙهي سگهندا. اسين جڏهن غير - سنڌين کي سنڌي اَدب کان واقف ڪرڻ
لاءِ چونڊ سنڌي رچنائون انگريزي، هندن، مَراٺي، گجراتي، اردو وغيرهه ٻولين ۾ ترجمو
ڪري شايع ڪريون ٿا، ته پوءِ پنهنجن ئي سنڌي نوجوانن کي اِن کان محروم ڇو رکون؟
هِتي اهي حقيقت به اوهان جي ڌيان تي
آڻڻ چاهيندس ته نوجوان پيڙهيءَ جي سنڌين کي عربي ــــ سنڌي لکاوٽ سيکارڻ لاءِ ڀارت
۾ گهڻن ئي هنڌن تي ڪوششون جاري آهن، پر اهي دائمي طور اثرائتيون ۽ ڪامياب ثابت نه
ٿيون آهن. شاگردن کي انعامن وغيرهه جون لالچون ڏيئي سنڌي ٻولي سيکارجي ٿي. هُو اسي
ــــ نوي سيڪڙو مارڪون حاصل ڪري امتحان ۾ پاس ٿين ٿا. پر پوءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾
لکاوٽ جو نيمائتو اڀياس نه ڪرڻ سببان، ٻن - ٽن مهنن ۾ ئي سڀ وساري ٿا ڇڏين.
6. ڀارت ۾ سنڌين جي زوردار گُهر ۽
سانتيڪي نموني هلايل هلچل کان متاثر ٿي، ڀارت سرڪار 10 اپريل 1967ع تي، چيٽي چنڊ
جي ڏڻ تي، سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين (Constitution) ۾ ٻين مکيه ادبي ٻولين جي فهرست ۾
شامل ڪيو. جيئن ته ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو ڪوبه خاص علائقو نه آهي، ان ڪري
مرڪزي سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ واڌاري جي ذميواري پاڻ تي کنئي. 1975ع کان
وٺي، سنڌي صلاحڪار ڪاميٽي مقرر ڪري، ان جي صلاح سان سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ ڪجهه
رٿائون عمل ۾ آنديون ويون. پوءِ سال 1995ع کان وٺي، سنسڪرت ۽ اُردوءَ جي طرز تي
”نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج“ (NCPSL) نالي هڪ خودمختيار ادارو به برپا ڪيو
ويو. انهيءَ دور ۾ ئي مٿي ڄاڻايل پنجن صوبن ۽ دهليءَ ۾ سرڪاري مدد سان سنڌي
اڪادميون به برپا ٿيون. ان طرح جي سرڪاري مدد ملڻ جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم،
ادب ۽ ثقافت جي ترقي لاءِ جوڳي رٿابندي تيار ٿي نه سگهي آهي.
هتي اها حقيقت به ڌيان ڏيڻ جوڳي آهي
ته جيستائين ڪنهن به جاتيءَ ۾ پنهنجيءَ ثقافتي وراثت، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب سان
پيار پيدا نه ٿيو آهي، تيستائين ان جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ سرڪاري مدد گهڻي ڪارگر
ثابت نه ٿي سگهندي.
(ب) ٻين ٻولين جا سنڌيءَ ۾ داخل ٿيل لفظ:
(1)
انگريزيءَ جا گهڻا لفظ اَهڙا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ جذب ٿي ويا
آهن. جيئن ته – اسٽيشن، پلئٽفارم، اسپتال، ڊاڪٽر، نرس، ماستر، اسڪول، ڪاليج، گلاس،
ڪلاس، ڪرڪيٽ، بئٽ – بال، رنس/رنسون، ريڊيو، ٽيليوزن وغيرهه. تازو جديد ٽيڪنالاجيءَ
جا گهڻيئي انگريزي لفظ جيئن جو تيئن، سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتب پيا اچن. جيئن ته
ويب – سائيٽ، سائبر ڪئفي، ڪامپيوٽر، فلاپي، اي-ميل، فئڪس، موبائيل فون.
(2) هندي لفظ: ملڪي انتطام سان واسطو رکندڙ لفظ
لازمي طور سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن. جيئن ته: راشٽر پتي، اُپ ــــ
راشٽر پتي، پرڌان منتري (وزيراعظم) مُکيه منتري (چيف منسٽر)، سَنسَند ڀَون
(پارليامينٽ هائوس)، سَچو (Sachiv سيڪريٽريٽ)، سَچِواليَه (سيڪريٽريٽ). اَهڙن
لفظن کان سواءِ ٻيا به گهڻيئي هندي لفظ، سنڌيءَ ۾ عام ـــ جام واهپي ۾ پيا اچن. جيئن
ته: آڪاشواڻي (ريڊيو)، دوُردرشن (ٽيليويزن)، درشَڪ (Viewer)، آتنڪ (دهشت). پُرشارٿ (اُدم)، واتاورَڻ (environment)، اُدگهاٽن (inauguration)، سواگت (آجيان) وغيرهه. سنڌيءَ جي درسي
ڪتابن ۾ ٽڪنيڪي لفظ يا اِصطلاح، جيڪي اڳي عربي – فارسيءَ وارا ڪتب ايندا هئا،
اُنهن جي بدارن هاڻي هندي اصطلاحن جو واهپو وڌندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته شاگردن کي عربي –
فارسي لفظ اوکا محسوس ٿين ٿا، جو هنن اُهي ڪڏهن ٻُڌا – پڙهيا نه آهن ۽ هندي ٽڪنيڪي
اصطلاحن کان هو اڳيئي واقف آهن. مثال طور گرامر جا ڪجهه لفظ ڏسو: وَرتمان ڪال
(زمان حال)، ڀُوت ڪال (زمان ماضي)، ڀوشيه ڪال (زمان مستقبل)، سنگيا (اسم)،
سَروَنام (ضمير)، وِشيشڻ (صفت)، ڪِريا (فعل)، پُلِنگ (مذڪر) ايستري (لِنگهه
(مونِث) وغيره.
(3) سنڌيءَ ۾ گجراتي لفظ: راجي نامو (استعفا)، کيڙوت (ڪسان)،
گامڙو (ڳوٺ)، چؤڪس (خبردار) ڀوائي (لوڪ ناٽڪ جو هڪ قسم)، گربا (لوڪ ناچ جو هڪ
قسم)، واستو پُوڄن (نئين گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳَ جي پُوڄا.)
ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
صورتحال
(4)
سنڌيءَ ۾ مراٺي لفظ: پيٺ (گهٽي، علائقو)، ودياپيٺ (يونيوَرسٽي)، رنگولي (مڪان جي
مکيه دروازي جي ٻاهران زمين تي رنگن سان چَتر ڪَڍڻ)، ڪُنڪمُ پتريڪا (شادي لاءِ
دعوت نامو) سينگه داڻا (بيهي مُڱ)، جيڪات ناڪو (چُونگي، ناڪو، ٽول ٽئڪس ڀرڻ جي
جاءِ)، شريکنڊ، چِڪي، ڀيل پوري، (کاڌي جون شيون)، وغيرهه.
5. سنڌيءَ ۾ پنجابي لفظ: ڀٺُورا،
ڪُلڍا (کاڌي جون شيون)، ڀانگرا، گِدا (لوڪ ناچ جا قسم)، لاڙا- لپا ب(ڪوڙ اَسرا،
بهانا) ٺاڪو (مڱڻي جي پڪي مصرِي).
6. سنڌيءَ ۾ ڏکڻ ڀارت جي ٻولين جا
لفظ: اِدلي، ڊوسا، سامبر وڙا، اتپَم رَسَم، اپَما (کاڌي جي شين جا قِسم).
7. ڪِن سنڌي لفظن جي معنيٰ ۾ ڦير
گهير: سنڌيءَ ۽ علائقائي ٻولين ۾ جيڪڏهن ڪجهه لفظ ساڳئي اُچار وارا آهن، پر انهن
جي معنيٰ علحدي آهي، ته سنڌيءَ ۾ اَهڙا لفظ علائقائي معنيٰ سان به ڪتب پيا اچن.
جيئن ته مراٺيءَ ۾ ”مَست“ جي معنيٰ آهي سُهڻو، دلڪش ۽ سنڌيءَ ۾ معنيٰ آهي ”چريو،
پاڳل“. پر هاڻي سنڌيءَ ۾ به اهو لفظ عام جام مراٺيءَ واري معنيٰ سان ڪتب پيو اچي.
سنڌيءَ ۾ ”واندو“ لفظ جي معنيٰ آهي ”فرصت وارو“. پر هاڻي گجرات جي سنڌين ۾ اِهو
لفظ گجراتي معنيٰ ۾ واهپي ۾ پيو اچي: واندو ناهي؛ چنتا، ڳڻتي ناهي).
سنڌي لکاوٽ ۾ غلطيون:
ڀارت جي تعليمي سرشتي ۾ ورهاڱي بعد
شروعاتي پندرهن کن سال سيڪنڊري اسڪول ۾ هڪ ڪلاسيڪل ٻولي (سنسڪرت يا فارسيءَ پاڙهي
ويندي هئي. ان دور ۾ گهڻيئي سنڌي شاگرد فارسي ٻولي سکندا هئا. پوءِ اهو سرشتو ختم
ڪيو ويو. فارسي ٻوليءَ جو علم نه هئڻ ڪري، اڄ ڪالهه وڏن وڏن سنڌي ليکڪن جي لِکڻين
۾ به گهڻن ئي فارسي لفظن جون هجيئون غلط لکيلَ نظر اَچن ٿيون. مثال طور: وابسطه
(درست آهي وابسته) لحاظ (درست آهي لحاظ)، مظبوت (درست آهي مضبوط)، مثئلو (درست آهي
مسئلو)، مهاورو (درست آهي محاورو)، استلاع (درست اصطلاح) وغيرهه. ان قِسم جون
غلطيون ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهن.
سنڌي اُپ ــــ ڀاشائن
جو فرق گهٽجڻ
سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اُڀ ـــ ڀاشائن (Dialects) ۾ فرق قائم آهي، پر ڀارت ۾ هاڻي اهو فرق
گهڻي قدر ختم ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي سنڌ جي جدا جدا علائقن مان لڏي آيل سنڌي
ڪئمپن ۽ ڪالونين ۾ گڏ رهي رهيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي اسڪولن ۾ پڙهندڙ جيڪي سنڌي
شاگرد آهن، اهي سنڌيءَ جي تعليم معياري وچولي سنڌيءَ ۾ وٺن ٿا، جنهن جو اثر سندن
ڳالهائڻ ــــ ٻولهائڻ تي گهڻو پوي ٿو مثال طور: ”مان چيو“، ”مان کي ڏي“، ”ڪاڏي
ويو“، ”ڪاڏهون آيو“، ”ڳوٺئون آيو آ“ وغيرهه پريوگ ڀارت جي ننڍي ٽهيءَ جي سنڌين مان
گهڻي قدر نڪري ويا آهن. شڪارپوري ڪٽنبن جا ٻار هاڻي ”کارڪان“، ”کلان“، ”کٽان“
بدران ”کارڪون“، ”کلون“، ”کٽون“ چوندا آهن.
No comments:
Post a Comment