05/03/2013

ڪراچي جا لافاني ڪردار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان محقق گل حسن ڪلمتيءَ جا روشنيءَ ۾ آندل
ڪراچي جا لافاني ڪردار
رکيل مورائي
ڪنهن به تقراري بحث ۾ پوڻ کان سواءِ منهنجو شعوري سچ اهو آهي ته سنڌي پڙهندڙن ۽ عام سنڌي ماڻهن توڻي غير سنڌين آڏو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪراچيءَ تي سنڌين جي وارثيءَ واري حق جو دستاويز  جنهن شخص/ليکڪ لکت ۾ آندو آهي ۽ سنڌي زبان ۾ آندو آهي، ان محقق ليکڪ جو نالو گل حسن ڪلمتي آهي. سنڌي ماڻهو خاص طور پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو ۽ انهن کان به خاص طور ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو گل حسن ڪلمتيءَ جو هو احسان وسارڻ چاهيندا تڏهن به وساري نه سگهندا، ا ڳالهه ۾ شڪ جي گنجائش نه آهي.

تاريخ جي اڄوڪي بد ترين دور ۾، جڏهن ڪراچيءَ ۾ پناهه وٺندڙ هڪ طرف اها دعوا ڪري رهيا آهن ته ڪراچي هنن ٺاهي آهي ۽ عالمي طور جڏهن ڪراچيءَ کي وڌيڪ ٺاهڻ جو ناٽڪ  زور شور سان جاري آهي، ان وقت ۾ گل حسن ڪلمتيءَ جو هڪ ٻيو دستاويز سامهون اچڻ هڪ اهڙو اعتبار وارو داستان آهي، جيڪو 60 سالن ۾ هڪ تهذيب جوڙيندڙ هجڻ جو هوڪو ڏيندڙن لاءِ لکت ۾ جواب آهي ۽ ساڳئي وقت ۾ سنڌين لاءِ اهو اعتماد پيدا ڪندڙ آهي ته پڪ سان هو ئي هن شهر جا خالق به آهن ته ان کي اڏيندڙ ۽ اهم بنائڻ وارا به آهن ۽ انهن ڪراچيءَ کي اڏيندڙن ۾ جيڪي اهم شخص آهن، انهن جو رڪارڊ آهي هيءُ دستاويز جنهن جو نالو آهي. ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“!
هي اهي ڪردار آهن جن سچ پچ ڪراچيءَ کي روشنين جو شهر بڻايو، تهذيب جو شهر بڻايو، عالمي واپار جي منڊي بڻايو، امن جو ۽ محبتن جو شهر بڻايو، جنهن جو مثال 1948ع واري فساد کان اڳ تاريخ ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به مذهبي، لساني، جهيڙي جو مثال نٿو ملي. ميرن کان سيٺ درياني مل جو ورتل هيءُ بندر 1947 ع تائين ايشيا جي راڻيءَ طور مشهور هئو ۽ ان کان پوءِ مسلسل هن شهر ۾ ماڙيون ته ٺهنديون ويون، پر هيءُ شهر تهذيبي طور ڊهندو رهيو.
گل حسن ڪلمتيءَ جو هيءُ ڪتاب اسان جي لاءِ ڪراچي جي حوالي ۾ هڪ قانوني اٿارٽي به آهي ته تاريخي حوالو به، ته هن شهر کي اڏيندڙ فقط ئي فقط سنڌي آهي. اسين جمشيد  مهتا توڙي هاشم گذر ۽ ٻين پارسين ۽ هند کي به سنڌي سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ کي اڏيندڙ ۽ ان جي اڏاوت ۾ حصيدار لکيل ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ جيڪي ڪردار آهن انهن سڀني کي هن شهر جو محسن مڃيون ٿا ۽ اهو ڪليم ڪريون ٿا ته هيءُ اسان اڏيو، وڌايو ويجها آهي. ان ڪري هيءَ شهر اسان جو آهي فقط اسان جو. هن شهر ۾ ٻيا پناهه وٺندڙ سڀ هن شهر جي شهري هجڻ جو حق ته رکن ٿا پر هن شهر جي وارثيءَ جو ڪو به حق  نٿا رکن. اها وارثي فقط سنڌين وٽ آهي، اڄ ڀلي اُهي وقت جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا هجن.
گل حسن جي هن ڪتاب ۾ آيل اهي 25 ئي ڪردار اسان جا ۽ ڪراچيءَ جا محسن آهن. گل حسن ڪراچيءَ سنڌ جي مارئيءَ کان پوءِ هيءُ اهم ڪتاب لکي سچ پچ اسان کي جيڪو اعتماد ڏياريو آهي. اهو تاريخ جي اڄوڪي دور ۾ اسان کي ڀرپور اتساهه ڏئي ٿو ۽ ان مايوسيءَ کي گهٽائي ٿو جيڪا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ ويڳاڻپ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. سنڌ حڪومت کي ۽ ان جي تعليم کاتي ۾ جيڪڏهن هن ڪا به پنهنجي ديس جي ۽ ان جي هن مرڪزي شهر جي شناس آهي ته هن ڪتاب کي نصاب ۾ شامل ڪري. ائين ڪرڻ سان سنڌي جي ايندڙ نسلن ۾ اهو اعتماد پيدا ٿيندو ته هي شهر اسان جو آهي. هن تاريخي دستاويزي ڪتاب کي اسان جي دوست ۽ محنتي پبلشر انعام عباسيءَ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو آهي. هن ڪتاب کان پوءِ اسان جي گهر هوندي ته گل حسن هن ڪتاب کان رهجي ويل ڪردار ٻئي حصي ۾ جلدي آڻي ته جيئن تاريخ جي هن ويڳاڻپ واري دور ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي وڌيڪ اعتماد ۽ ويساهه سان اهو چئي سگهن ته ڪراچي اسان جي آهي.
پڪي جلد سان لاجواب ڇپيل، ناياب تصويرن سان سينگاريل، پوڻن ٽن سون صحفن واري هن ڪتاب جو ملهه 600 رپيا آهي، جيتوڻيڪ عام پڙهندڙ لاءِ اداري پاران عام ايڊيشن جو ملهه 350 رپيا رکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ڪراچيءَ سميت سنڌ جي سڀني لئبريرين ۾ موجود ڪري ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي اها اسان سنڌين جي گهر آهي.

No comments:

Post a Comment