05/03/2013

روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو
رکيل مورائي
سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپيل هيءُ ڪتاب عالمي تاريخي ڪتابن ۾ هڪ اهم ڪتاب ڪري ڳڻيو ويو آهي، جنهن جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ائين بورڊ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي سنڌي ادب ۾ هڪ نهايت اهم ڪتاب جو وڌارو ڪيو آهي. ائين ڪري بورڊ سنڌي پڙهندڙ جي علمي ۽ شعوري، واڌاري لاءِ پنهنجي ڪارگردگيءَ جو لاجواب مظاهرو ڪيو آهي. ادبي بورڊ جي متن ۾ دنيا جي اهم ڪتابن جي ترجمن کي به شامل ڪيو ويو هئو، جنهن تحت بورڊ ڪيترائي ترجما ڪرايا هئا ۽ هيءُ تازو ترجمو ٿي لاجواب نموني  ڇپايل  ڪتاب جڳ مشهور برطانوي ليکڪ ايڊورڊگبن جو لکيل آهي ۽ ان جو ترجمو اسان جي سنڌي  ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر عنايت بلوچ صاحب پنهنجي شاعراڻي ۽ خوبصورت ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي. هيءُ نهايت اهم تاريخي ڪتاب ٻن جلدن ۾ ڇپايو ويو آهي. هيءُ ڪتاب جو ٻيو جلد آهي. ڪجهه سال اڳ ڪتاب جو پهريون جلد بورڊ پاران ڇپايو ويو هئو ۽ هاڻ ٻيو جلد بورڊ جي ان سيڪريٽريءَ ڇپايو آهي، جيڪو اديب هجڻ جو دعويدار ناهي، پر سندس عمل ان وقت ظاهر ٿئي ٿو جڏهن هيءُ پڪي جلد وارو 637 صفحن جو ڊبل ڪرائون سائيز ۾ آيل ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻجي ٿو. ادارا پنهنجي ڪم سان سڃاپندا ۽ مڃتا ماڻيندا آهن. بورڊ جو ڪم سدائين مڃتا ماڻيندو رهيو آهي، پر ڇپائيءَ جي اڄ جي دور ۾ هو تنقيد به برداشت ڪندو رهيو آهي، پر تازا ڇپيل بورڊ جا ڪتاب ڏسي، دل ۽ دماغ گهڻي حد تائين سرهائي محسوس ڪن ٿا. اعتبار نه ڪندڙ بورڊ جا تازا شايع ٿيل ڪتاب ڏسي سگهن ٿا. ايڊورڊگبن جو لکيل هيءُ ڪتاب دنيا جي ادب ۾ پنهنجي هڪ اعليٰ مقام تي بيٺل ڪتاب آهي. سنڌي پڙهندڙن لاءِ هيءُ ٻن حصن ۾ ڇپيل ڪتاب هڪ اهم تاريخي ڪتاب آهي، جنهن کي بورڊ ڇپائي، سنڌ جو شعور وڌائڻ واري سفر ۾ هڪ ننڍي ئي سهي روشني ڪئي آهي. هن ڪتاب ملهه 700 رپيا آهي.

2 comments:

  1. This book about roman empire much important must be read every individual.

    ReplyDelete