10/03/2013

ڪتاب ”استادن لاءِ 180 تدريسي گُرَ“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب ”استادن لاءِ 180 تدريسي گُرَ“
رکيل مورائي
ميليسا ڪيلي جو ترتيب ڏنل هيءُ استادن لاءِ هڪ رهبر طور ڪم ايندڙ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مظفر بخاري صاحب سنڌين سان ڀال ڀلايا آهن. خاص طور انهن سنڌين سان جيڪي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ادارن سان سڌي يا اڻ سڌي طرح لاڳاپيل آهن.
اڄ سنڌ جي تعليمي حالت ڏسي، تعليمي ادارن جي حالت ڏسي، استادن جي سياسي ڀرتي ڏسي، جڏهن هن ڪتاب کي پڙهجي ٿو ته هڪ ذهني ۽ روحاني اذيت مان گذرڻو پوي ٿو. استاد کي ڇا هجڻ گهرجي ۽ هن کي اداري ۾ ڪيئن پيش اچڻ گهرجي جو کيس ڏسي، سندس شاگرد سندس پيروي ڪرڻ وارا مني صدي ڳ وانگر سندس احترام ڪن ۽ عقيدت رکن اهو سڀ ڪجهه هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هو بخوبي سمجهي سگهندا، جيتوڻيڪ اڄ جو سياسي طور ڀرتي ٿيل استاد ڪتاب پڙهندي ۽ ڪتاب هٿ ۾ کڻندي عيب سمجهندو آهي ۽ جن قومن جا استاد ان ليول جا هوندا آهن انهن قومن جو حال ڏسڻ لاءِ پري وڃڻ جي گهڻي ضرورت نه آهي.

اهڙي ڏکوئيندڙ وقت ۾ هيءُ ڪتاب اونداهيءَ ۾ هڪ روشن ڪرڻي جهڙو آهي، جيڪو ڪيتري به اونداهي ۾ پنهنجي وجود کي محسوس ڪرائيندو آهي، پرائمري اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين ۽ ان کان سواءِ ڪو به علم پڙهائڻ واري شخص لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ رستو آهي، جنهن تان هو پنهنجي پورڻتا تائين پهچي سگهندو. ٻه سئو چئن صفحن جو هيءَ علمي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپايو آهي، سنڌ جي علم وڌائڻ واري منشا لاءِ.
پڪ آهي ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙ هڪ نئين علمي راهه ڏي پنڌ پوندو. پڪي جلد ۽ سهڻي ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment