07/03/2013

ڪتاب ”اکين جا سنيها“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


استاد شاعر احمد خان مدهوش جي ”اکين جا سنيها“
رکيل مورائي
سنڌي شاعريءَ ۾ گذريل مني صديءَ کان پڪ سان ٻه فڪري ڌارائون هلندڙ آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ انهن ٻنهي ۾ شدت نه رهي آهي ۽ نه ئي اهي مسئلا رهيا آهن. هڪ ڌارا سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو ڪندڙ آهي، ۽ هڪ ڌارا جميعت الشعراءَ کي، ۽ ايئن ٻنهي فڪري ڌارائن ۾ باڪمال شاعر موجود رهيا, جن جو ذڪر ڪندي هڪ سمورو دور ياد اچي وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو قادر الڪلام شاعر احمد خان مدهوش، ان فڪري ڌارا سان جڙيل هئو، جنهن وٽ جمعيت الشعراءَ جهڙو پليٽفارم هئو. اڄ اهو چوندي افسوس ٿو ٿئي ته ان جنگ سنڌي شاعريءَ ۽ شاعرن کي ايترو ورهائي ڇڏيو جو ان جي نقصان جو شايد اندازو به ڪري نه سگهون ۽ اڄ صورتحال اها آهي ته:
ايڪ هي صف ۾ کڙي هين محمود و اياز،
نا ڪـوئـي بـنـده رهـا نـا ڪـوئـي بـنـده نـواز.
سچ اهو آهي ته اڄ اسان پنهنجن سڀني تخليقڪارن سان پيار ڪرڻ لڳا آهيون، ڪنهن به نظرياتي سخاطريءَ کان سواءِ ۽ايئن اسان جي بزرگ شاعر احمد خان مدهوش جي حوالي ۾ به آهي.

احمد خان مدهوش سنڌي غزل جي روايت جو پاسدار شاعر هئو، جنهن وٽ شاعراڻو احساس به هُئو، شاعراڻي دل به هُئي، شاعراڻو فن به هئو ته خوبصورت صاف شفاف سنڌي ٻولي به! ۽ هن پنهنجي سڀني حواسن کان ڀرپور نموني ڪم ورتو ۽ پنهنجي نالي جي موجودگي سنڌ جي شعري ادب ۾ ڇڏي ويو.
سندس تازو ئي شعري مجموعو ڇپيو آهي جيڪو سندس ٽيون شعري مجموعو آهي. ان جو نالو آهي ”اکين جا سنيها“. هيءُ ڪتاب سندس جيئري نه اچي سگهيو ۽ پوءِ آيو. بهرحال نهايت خوبصورت مجموعو آهي. شاعريءَ جي حوالي سان ان چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه آهي ته مدهوش صاحب سنڌي غزل جو هڪ استاد شاعر آهي ۽ سچ پچ غزل ۾ يا غزل جي روايت ۾ جيڪي به باريڪيون هجڻ گهرجن، اُهي مدهوش صاحب جي غزل ۾ موجود آهن. ايئن چوندي مون کي خوشي ٿئي ٿي، اسهمتيءَ جو اختيار هر ليکڪ وٽ موجود آهي پر سنڌي شاعريءَ ۽ خاص طور غزل جي شاعريءَ ۾ سندس نالو سندس همعصرن ۾ گهڻو گهڻو وڄندڙ نالو آهي، ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندس شاعريءَ کي نهايت خوبصورت راڳين ڳايو به آهي جنهنڪري ٻڌندڙن کان سندس هيءُ سٽون ڪين وسري سگهنديون ته:
جڏهن کان اک لڳي تو سان تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪ ڪئي تو دل تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.
هيءَ اها ئي اک آهي، جنهن مسلسل محبوب ڏي سينها مُڪا آهن ۽ هاڻ اهي سنيها گڏ ٿي هن ڪتاب ۾ اسان جي سامهون آيا آهن ”اکين جا سنيها“ جي صورت ۾.
سنڌي ادبي بود پاران ڇپايل هيءُ خوبصورت ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ آفيسٽ پيپر تي ڇپيل ڪتاب سنڌي غزل جي روايت کي وڌيڪ سگهه بخشيندو، اهڙي پڪ آهي. غزل لکندڙ نوجوان شاعرن کي هيءُ ڪتاب پڙهي غزل بابت گهڻو ئي معلوم ٿيندو. 315 صفحن جو هيءُ ڪتاب سنڌ جي هر بڪ اسٽال تي موجود آهي ۽ ڪتاب جو مُلهه 340 رپيا آهي. مدهوش صاحب هاڻ اسان وٽ جسماني طور نه رهيو آهي پر خليل عارف سومري ۽ پنهنجي ڪتابن جي روپ ۾ هو اسان سان گڏ آهي، اسين ايئن محسوس ڪريون ٿا!

No comments:

Post a Comment