حسن درس: آواره بادل جهڙو
شاعر
اويس توحيد
حسن درس سنڌ ڌرتي تي لٿل ڄڻ ته ڪنهن
آواره بادل جيان هو، خوابن ۾ گم، بادلن جي پويان لڪل آسمان جا راز بيان ڪندڙ، منزل
جي تلاش ۾ خوابن جو شهزادو.
شاعر گبريل مارڪيز تڏهن ئي ته چيو هو ”هي
سچ ڪونهي ته پوڙهي ٿيڻ سان ماڻهو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندو آهي پر ماڻهو پوڙهو ئي تڏهن
ٿيندو آهي جڏهن هو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندو آهي“. جڏهن به ڪنهن حسن جي شاعري کي محسوس
ڪيو، يا ان سان ڪجهه لمحا گڏ گذاريا، ڇا اُهو ڪڏهن ٻڌائيندو ته حسن جهڙو ماڻهو به
ڪو پوڙهو ٿي سگهي ٿو! خوبصورت ۽ جوان ٽهڪ وکيريندڙ، آڱرين ۾ دُکندڙ سگريٽ جهلي
پلٿي هڻي ويهڻ ۽ دوستن تي خوبصورت جملا هڻي وکريل وارن کي سڌو ڪندي حسن پنهنجي
حُسناڪي ۾ بنهه الڳ لڳندو هو.
ٿيٽر ڊائريڪٽر ۽ آرٽسٽ دوست مصدق
سانول جي ڊفينس زم زمه واري فليٽ تي ٿيل حسن سان مون کي پنهنجي پهرين ملاقات پڻ
چڱي طرح ياد آهي. تڏهن به هو بلڪل ائين ئي پئي لڳو، اسان انهيءَ جاءِ کي تخليقڪارن
جو ٿاڪ تصور ڪندا هئاسين جتي خوبصورت لکاري حسن مجتبيٰ، نالي واري ناولسٽ محمد
حنيف، ٽي وي آرٽسٽ راشد فاروقي ۽ مان روز پنهنجا تخليقي خواب کڻي گڏ ٿيندا هئاسين.
فليٽ جو دروازو سامهون کُليل وائين شاپ ڏانهن کُلندو هو. اهو محض اتفاق هو يا
انتخاب، ڪا خبر ناهي! پوءِ ڄڻ ته ملاقاتن جو هڪ نه کُٽندڙ سلسلو جڙي پيو. روز رات
جو منهنجي گهر تي ڪچهري ٿيندي هئي. امرتا پريتم، قراًت لعين حيدر سان ملاقاتون،
گرو رجنيش جي آشرم جا درشن! حسن روز قصا ڪهاڻيون ڪندو رهندو هو ۽ جڏهن صبح جو اک
کُلندي هئي ته بنا تيار ٿيڻ جي وحيد مراد جي هيئيت جهڙو هي هيرو پنهنجي ٿيلهو تيار
ڪيو، ڪنهن اڳين منزل لاءِ ويٺل نظر ايندو هو! بنهه آواره طبيعت، سيلاني مزاج، سرشت
۾ صوفي، بس سندس پير ۾ ڄڻ ڪو چڪر هو. ڪڏهن سيوهڻ شريف ته ڪڏهن ڀٽ شاهه، ڪڏهن سرمست
جي مزار تي ته ڪڏهن مندرن ۽ خانقاهن جي وجد ۾ گم، ڪڏهن زميندارن جي اوطاقن تي
اوتارا ته ڪڏهن سياسي ڪارڪنن سان ڊگهن بحثن ۾ مصروف. سندس ذات جا انيڪ رنگ هئا.
دنيا جو سفر سنڌ جي مٽي ۽ ان جي خوشبو
کي گڏ کڻي طئي ڪندڙ جڏهن حسن مجتبيٰ سان گڏ محترمه بينظير جي دور ۾ بين الاقوامي
لٽريسي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري واپس آيو ته وڏي اشتياق سان مون کي داغستان جي مشهور
شاعر ۽ مصنف رسول حمزه طوف سان ڇڪايل پنهنجي تصوير ڏيکاري، هن چيو هو ته ”يار، ڏس
هي عظيم ماڻهو ڪيڏو نه خاموش رهي ٿو، شايد هو پنهنجي تخليقي توانائي کي بچائي رکي
ٿو“ ۽ وري مسڪرائي اهو چوڻ ته پنهنجو پنهنجو انداز آهي يار، اسان کي ته لکڻ جي
طاقت پنهنجي وطن جي مسڪين ماڻهن مان ملندي آهي. حسن درس واقعي به عظيم شاعر هو.
مشائخ هوتي سان تعلق رکندڙ ان شاعر جو تخليقي ڪينواس انتهائي وسيع هو، شايد ايترو
ئي جيترو سنڌ جو اهو لينڊ اسڪيپ جيڪو ٿر جي صحرا کان ٿيندو ڪشمير جي بُلند ترين
جبلن کي ڇُهندو هو.
نوجوانيءَ جي ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي
جي ڦاهي پنهنجي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ هن پنهنجي شاعريءَ سان ان دور جي فسطائي
ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق کي ڌونڌاڙيو. 80 واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي جا جيالا سياسي جلسن
کي گرمائڻ لاءِ حسن جا شعر ٻڌائيندا هئا. هن پنهنجن نظمن ۾ ضياءُ الحق کي چلي جي
ڊڪٽيٽر آگسٽو پنوشي سان ڀيٽيو، جنهن چلي جي ئي نوبل انعام يافته شاعر پابلو نرودا
جي جنازي ۾ شرڪت تي پابندي وڌي هئي.
90 واري ڏهاڪي جي شروع ۾ جن ڏينهن
دوران ڪراچي ۾ خونريزي جي بازار گرم هئي تڏهن ڊفينس جي فيشن ايبل علائقي ۾ هڪ
خوبصورت ڇوڪريءَ جي گهمڻ کي هن انهيءَ ئي لبناني
دوشيزه جي گهمڻ سان تشبيهه ڏني هئي جيڪا بيروت جي خانه جنگي دوران روڊ تي پيل لاشن
جي وچان وڏي کُڙي جا سينڊل پائي بي نياز گذرندي هئي ۽ زمين کي پنهنجي جواني جي
غرور جو احساس ڏياريندي هئي ۽ حسن پشاور جي اُنهيءَ ڇوڪري سان ٿيل پنهنجي ملاقات
جو به ذڪر ڪندو هو جيڪا قبائلي فرسوده روايتن ۾ گهيريل هئي.
حسن سان ويهن سالن جي عرصي ۾ جيتريون
به ملاقاتون ٿيون هو مون کي سدائين تازگي جي احساس سان مليو. آخري ملاقات اتفاق
سان ڪراچي ايئرپورٽ جي لائونج ۾ ٿي. منزلون مختلف هيون. هن جي فلائيٽ انائونس ٿي
چڪي هئي. هو ويندي ويندي منهنجي ويجهو آيو ۽ ڪن ۾ چيائين: ڏس سامهون قطار ۾ مارڪيز
جي ڪهاڻي بليڪ بيوٽي جي ڪردار جهڙي عورت بيٺل آهي. مون ڪنڌ کڻي ڏٺو هڪ ٿُلهي ٿنڀري
عورت اڌ درجن ٻارن کي سنڀالڻ ۾ پوري هئي.
حسن قيامت جو ذهين ۽ گفٽيڊ ماڻهو هو.
هو نثر به اهڙو لکندو هو جو سندس سنبولزم واري اڇو تي استعمال تي ريس ايندي هئي.
هن جڏهن پهريون دفعو ڪنهن اخبار جي ايڊيٽوريل پيج لاءِ منشيات جي موضوع تي لکيو ته
سندس پهرين ٻن ٽن سٽن ۾ ئي موضوع تي سندس گرفت نظر اچڻ لڳي جنهن ۾ هن هڪ فوجي
آفيسر جي پٽ کي هيروئن سان ڀريل سگريٽ جا ڪش هڻندي بيان ڪيو هو! تڏهن حسن مجبتيٰ
ڏاڍي پيار وچان چيو هو يار هي ڏاڍو ڏنگو آهي. الله کيس نظر کان بچائي!
افسوس صد افسوس، اڄ مان پنهنجن دوستن
سان گڏ ٿوري دير کان پوءِ سندس اباڻي ڳوٺ لاءِ روانو ٿي رهيو آهيان انهن ئي سوچن ۾
گم، جڏهن اسان ڊفينس زم زمه واري فليٽ جي بالڪوني مان سامهون سمنڊ جي بيچين لهرن ۾
جواني جي تازگي ۽ مغروريت محسوس ڪندا هئاسين مون کي حسن جو اها مصراع اڃا به ياد
اچي ٿي جيڪا هن غريب مهاڻن جي بستي مبارڪ وليج ۾ مون کي ٻڌائي هئي ته، ”مهاڻِيءَ
هڪ ٻار کي نه، هڪ ڄار کي جنم ڏنو آهي“ ۽ تڏهن مان چوڌاري بادلن ۾ گهيريل آسمان تي
نظر وجهان ٿو ۽ سوچيان ٿو شايد حسن آڪاش تي ڪٿي بادلن جي اوسي پاسي مان ڌرتي جي
تلخ حقيقتن کي پنهنجي رومانوي انداز ۾ بيان ڪندو هوندو.
(اويس توحيد پاڪستان جو
ناميارو صحافي آهي.)
No comments:
Post a Comment