10/03/2013

ڪتاب ”دنيا جا مشهور شهر“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب ”دنيا جا مشهور شهر“
رکيل مورائي
سنڌ جي نامياري سياح عبدالحئي پليجي صاحب جو هيءُ تازو ڪتاب آهي، جيڪو پنهنجي نالي جيان دنيا جي مشهور شهرن تي آهي. پليجو صاحب دنيا کي گهمندڙ هڪ اهڙو پڙهيو ڳڙهيو سياح آهي، جيڪو عالمي تاريخ تي پڻ گهري نظر رکي ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس باري ۾ قديم شعر جي هيءَ سٽ پڙهي سگهجي ٿي ته:
سرتيون سنياسي، سدائين سفر ۾.
تازو ڪتاب به ان مسافت جو نتيجو آهي، جنهن ۾ نه رڳو شهرن جو ذڪر آهي پر قديم تهذيب ۽ تمدن جو به ذڪر آهي ته اڄ جي دور تائين اهم معلومات پڻ. پليجي صاحب جي هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اهم تصويرن چئن رنگن ۽ ٻن رنگن ۾ ڏنيون ويون آهن. ڊبل ڪرائون جي 404 صفحن جي هن ڪتاب ۾ پاڪستان مان ڪراچيءَ ۽ لاهور کي دنيا جي انهن شهرن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جي نمائندگي ڪتاب جو نالو ”دنيا جا مشهور شهر“ ڪري ٿو.

هيءُ ڪتاب هڪ ئي وقت دنيا جي بيحد گهڻي معلومات ڏيندڙ آهي، جنهن معلومات گڏ ڪرڻ ۾ ليکڪ جو نه صرف وقت شامل آهي پر ان پويان هڪ چڱو موچارو ناڻو به استعمال ڪيل آهي. هن قسم جا ڪتاب پنهنجو پاڻ ۾ هڪ حوالو هوندا آهن، جيڪي سدائين ڪم ايندا آهن. هيءُ ڪتاب سنڌ جي لائبريرين ۾ موجود هجڻ سان ڪيترن ئي نوجوانن کي ڪم اچي سگهندو، جيڪي نوجوان چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ تياري ڪندا آهن. پليجي صاحب جي پورهئي کي جيترو ساراهجي اوترو گهٽ آهي، جو هو دنيا گهمي ٿو ۽ اها مليل سموري معلومات هو سنڌين ۾ ورهائي ٿو، پنهنجي ڪتابن جي وسيلي.
هن ڪتاب کي اسان جي نهايت آبرودار اداري سنڌيڪا اڪيڊمي اوتروئي لاجواب ڪري ڇپايو آهي، جيترو لاجواب هيءُ ڪتاب آهي. اڪيڊميءَ جو سرواڻ نور احمد ميمڻ صاحب جسُ لهڻي جيڪو سنڌ جي شعور ۾ واڌاري لاءِ هن قسم جا ڪتاب هن شعوري طور مسڪين قوم کي ڏئي رهيو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه 490 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment