05/03/2013

دُرِ ناياب عرف يادِ رفتگان - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


دُرِ ناياب عرف يادِ رفتگان
رکيل مورائي
 سڄاڻ قومن جي هڪ سڃاڻپ اها به آهي ته اهي پنهنجي محسنن کي نه وسارينديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي حال ۾ جيڪي ڪجهه هونديون آهن ان جو دارومدار ماضيءَ ۾ انهن ئي شخصيتن جي ڪيل جدوجهدن تي هوندو آهي، جن جي محنتن سان حال ڏسڻ جهڙو بڻبو آهي. ائين سنڌي ادبي بورڊ جو تازو ڇپيل ڪتاب ”دُر ناياب عرف يادِ افتگان“ ڏسي محسوس ٿيو، هيءُ ڪتاب بورڊ پاران تازو ڇپيل آهي ۽ هن تاريخي ۽ اهم تذڪري جو لکندڙ آهي، قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.

”ياد رفتگان“ مخدوم سائين جن جو لکيل هڪ اهڙو بزرگ شاعرن جو تذڪرو آهي جيڪو پڙهي ڀٽائيءَ سائينءَ کان وٺي قاضي عبدالحي سليم هالائي تائين 211 بزرگ شعرن جو ذڪر اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. هيءُ سانڍڻ جهڙو ڪتاب پهريون ڀيرو 1953ع ۾ شايع ٿيو، ٻيو ڀيرو 1994ع ۽ هاڻ ان جو ٽيون ڇاپو 2012ع ۾ ڇپيو آهي، پر اهم ڳالهه اها آهي ته هن املهه ڪتاب جو تازو ايڊينشن جنهن شايان شان نموني سان ڇپيو آهي، ان مان بورڊ جي اڄوڪن سربراهن جي محنت ۽ بورڊ جي ڪتابن سان لڳاءَ جو پتو پئجي سگهندو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي ادبي تذڪرن ۾ پنهنجي اهم مڃتا تڏهن ئي ماڻي چڪو هئو، جڏهن پهريون ڀيرو ڇپيو هئو.
پر ڇپائيءَ جي لحاظ کان هيءُ ايڊيشن ڏسي بيحد خوشي ٿئي ٿي. ٻيءَ طرح قبله سائين طالب الموليٰ جي هيءَ تصنيف سنڌي ادب ۾ سندن شاعراڻي مڃتا سان گڏ هڪ تحقيق نگار واري مڃتا به کڻي آئي آهي. ڪتاب جي گهڻي سونهن ۽ اهميت انهن تصويرن به وڌائي ڇڏي آهي  جيڪي اڄ گهڻي ڀاڱي ناياب آهن ۽ حوالي طور هن ڪتاب مان ئي کڻي سگهجن ٿيون.
مخدوم صاحب جن هن ڪتاب کان سواءِ به نثر ۾ ڪجهه وڌيڪ لکيو آهي پر جيئن ته پاڻ شاعر هئا، ان ڪري هن شاعرن جي تذڪري ۾ سندن روح به شامل آهي، جيڪو ڪتاب پڙهندي محسوس ٿئي ٿو. ڪتاب ۾ شامل هر شاعر جي جنم ۽ وفات جون تاريخون هن تذڪري کي تاريخي حوالي ۾ هڪ مستند ڪتاب طور ڏسنديون ۽ بورڊ هيءُ ڪتاب وري شايع ڪري، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته پنهنجي هڪ محسن کي مڃتا طور ڀيٽا به ڏني آهي  ته مارڪيٽ ۾ پڙهندڙن لاءِ هي اهم تذڪرو موجود ڪري ادب پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي هڪ اهم فائدو به ڏنو آهي. خوبصورت پني تي ڇپيل ٻه سئو ويهن صفحن تي پکڙيل ڊبل ڪرائون سائيز جي پڪي ۽ سهڻي جلد واري هن ڪتاب جو ملهه 400 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment