16/03/2013

جاگرافيءَ جي پهرين لغت - وقار حسين تنيو (Waqar Hussain Tunio)


سنڌي ٻوليءَ ۾
جاگرافيءَ جي پهرين لغت ــــ هڪ تعارف
وقار حسين تنيو
جاگرافيءَ کي مڙني علمن جي ماءُ به سڏيو ويندو آهي. هن مضمون کي قديم زماني کان وٺي تمام گھڻي اهميت رهي آهي. جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ بابت معلومات جي جاچ ڪنداسين ته ان ڳالهه جو شدت سان افسوس ٿيندو ته هن اهم مضمون جو به ٻين سائنسي مضمونن وانگر سنڌيءَ ۾ ڪو خاص مواد موجود نه آهي. مان جاگرافيءَ جي شاگرد ۽ استاد هئڻ ناتي انهيءَ کوٽ کي مسلسل محسوس ڪيو آهي. اهڙي کوٽ جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي لغت نه هئڻ جو به شديد احساس رهيو آهي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران ”سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي پهرين لغت“ جنهن کي ناليواري ليکڪ رضوان گل پنهنجي محنتن سان تيار ڪيو آهي، اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا ڳالهه خاص طور تي جاگرافيءَ سان واسطو رکندڙ استادن ۽ شاگردن لاءِ تمام گھڻي خوشيءَ جو باعث آهي. جاگرافيءَ جي هن لغت ۾ ليکڪ ۽ محقق رضوان گل لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور تي سائنسي مواد جي حوالي سان تمام گھڻي کوٽ رهي آهي انهيءَ کوٽ کي مون شدت سان ان وقت محسوس ڪيو جڏهن جاگرافيءَ جهڙي اهم ۽ بنيادي سائنسي مضمون بابت سنڌيءَ ۾ مواد جي کوجنا شروع ڪئي، پر مان ان وقت تمام گھڻو مايوس ٿيس جڏهن اهو معلوم ٿيو ته جاگرافيءَ جي حوالي سان ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا لغت سري کان آهي ئي ڪونه! تحقيقي حوالي سان جڏهن مون جاگرافيءَ جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو ته ڪيترن ئي ڏکين لفظن يا اصطلاحن جي معنى انگريزي ۾ شايع ٿيل جاگرافيءَ جي لغت مان ڏسڻي ٿي پئي. ان دوران سِي ايس ايس ۽ جاگرافي ۾ ايم. ايس سِي ڪندڙ ڪيترائي شاگرد پڻ مون کان معلوم ڪندا هئا ته جاگرافيءَ جي سنڌيءَ ۾ لغت ڇو نه آهي؟! جنهن جو مون وٽ ڪوبه جواب نه هوندو هيو.

”اڄ کان ٽي سال اڳ مون ان شديد کوٽ کي محسوس ڪندي هن لغت جو ڪم شروع ڪيو ۽ اڄ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جاگرافيءَ جي پهرين لغت اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن لغت جي تياري جي سلسلي ۾ گذريل ٽن سالن کان آئون ڪيتريون ئي لغتون ۽ جاگرافيءَ جا ڪتاب اٿلائيندو رهيو آهيان ۽ انهن مان خاص اصطلاح چونڊي هن لغت ۾ شامل ڪندو رهيو آهيان. هن لغت جي تياري واري عرصي ۾ لک پڙهه جا ٻيا سڀ ڪم ڇڏي صرف هن ئي ڪم ۾ جنبيل رهيو آهيان. جاگرافي تمام گھڻو ڦهليل ۽ وسيع مضمون آهي پر پوءِ به مون وس ڪري تمام گھڻن ۽ اهم اصطلاحن کي هن لغت ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، گڏوگڏ ڪجهه لفظن جي تفصيل سان وضاحت پڻ ڪئي آهي.“
رضوان گل سنڌي ادب سان پڻ تعلق رکندڙ آهي. انهيءَ حوالي سان سندس چار ڪتاب چپجي چڪا آهن پر سندس هي ”سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي پهرين لغت“ سندس نمايان ۽ نهايت ئي ساراهه جوڳو ڪم انهيءَ حوالي سان به آهي ته هن قسم جي ڪم جي سنڌيءَ ۾ سخت ضرورت آهي. رضوان گل هڪ جاگرافر جي حيثيت ۾ هي ڪم سرانجام ڏئي جھڙوڪ پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي، ڇالاءِ ته هي ڪم هن کان علاوه ٻيو ڪوبه اهڙي سهڻي انداز ۾ شايد ئي ڪري سگھي ها، ڇاڪاڻ ته کيس هڪ ئي وقت جاگرافيءَ جي به ڄاڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڻ. مان ذاتي طور هن لغت جي اچڻ کان پوءِ جاگرافيءَ کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ تمام گھڻي آساني محسوس ڪري رهيو آهيان.
چار رنگي خوبصورت سرِ ورق واري 126 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ڏيڍ سئو رپيا رکي وئي آهي.، جنهن ۾ جاگرافيءَ سان سلهاڙيل ڏکين لفظن جي معنى ۽ انهن لفظن جي ضروري وضاحت پڻ ڏني وئي آهي. اڪثر لفظن جي معنى لاءِ هڪ کان وڌيڪ لفظن ۾ وضاحت پڻ ڪيل آهي جنهن ۾ ان ڏکي لفظ بابت تفصيلي ڄاڻ ملي ٿي. هن لغت ۾ سائنس جي بنيادي اصطلاحن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سمجھايو ويو آهي. لغت جو انتساب شفيق جوڻيجي، محب لغاري ۽ سجاد سهتي ڏانهن منسوب ٿيل آهي، جڏهن ته هن لغت ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين پاران لکيل ٻه اکر پڻ شامل آهن. جاگرافيءَ سان دلچسپي رکندڙ هر ماڻهوءَ کي هيءَ لغت وٺڻ ۽ پنهنجي لائبريريءَ ۾ رکڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment