نوجوان ليکڪ بشير منگيءَ جي هڪ وڏي ليکڪ کي ڀيٽا
”منٽوءَ جا 100 سال“
رکيل مورائي
![](https://blogger.googleusercontent.com/img/b/R29vZ2xl/AVvXsEi2b1RtXWQdTOyo4o1ECAXmnOlTG6GJvdrFCilcIaFpRXt7dHJdk0cpYp3ELke2EnSuNhEAMwpvEn7nx8SGYIKtoo-Dvp-kdJT7AtQ5xJw6Vd1NkLRy-gSy-tPhjSdPiGaL0CSxtQBW8mk/s200/%25D9%2585%25D9%2586%25D9%25BD%25D9%2588+%25D8%25AC%25D8%25A7+100+%25D8%25B3%25D8%25A7%25D9%2584.jpg)
هن سال جي ئي نسبت سان الڳ الڳ ادارن منٽوءَ تي پروگرام رکيا. ڪيئي ڪتاب
الڳ الڳ ادارن الڳ الڳ ٻولين ۾ شايع ڪيا. ائين کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ به ياد ڪيو ويو، جو
سندس 12 ننڍيون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ترجمو ڪري هڪ ڪتابي صورت ۾ آنديون
ويون ۽ ڪتاب جو نالو رکيو ويو ”منٽو
جا سؤ سال“. هيءُ ڪتاب اسان جي دوست
بشير منگيءَ ترجمو ڪيو ۽ ائين هڪ ليکڪ جي ٻئي ليکڪ کي ڀيٽا طور
هيءُ سنڌي آيل ڪتاب شايد منٽوءَ جي گڏيل ترجمن جو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب[i]
هجي، جنهن لاءِ بشير منگي پڪ سان اسان دوستن ۽ سنڌي پڙهندڙن جو پيار لهڻي. 12 چونڊ
ڪهاڻين جو هي ڪتاب 160 صفحن تي آهي ۽ پڪي جلد سان هن ڪتاب جو ملھه 300 رپيا رکيو ويو
آهي. هيءُ ڪتاب ٽي اينڊ ٽي پبلشرز بئنڪ ڪالوني سمن آباد لاهور مان ڇپيو آهي.
[i] منٽو جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”پنج ڏينهن“ جي نالي سان نوجوان ليکڪ رضوان گل جو به
2007ع ۾ ڇپيل آهي. جڏهن ته ان کان گھڻو اڳ شايد هڪ ڪتاب ”گلن
جي ٽوڪري“ به ڪنهن سنڌيڪار پاران ڇپيل آهي، جنهن جو نالو ذهن تي نه ٿو
چڙهي. - مرتب
منٽو جو سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب ”هينئڙو لوڻ پروڻ“ جي نالي سان به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي..
ReplyDeleteرياضت اوهانجي مهرباني جو منهنجي ڪتاب جو ذڪر به ڪري ڇڏيوَ.