30/01/2013

فاطمه ڀٽو جي نقطئه نظر کي چئلينج - طارق اسلام


فاطمه ڀٽو جي نقطئه نظر کي چئلينج
طارق اسلام
فاطمه ڀٽو جي ڪتاب ”رت ۽ تلوار جا گيت“ جو حوالو ڏيندي مان هي محسوس ڪيان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ واقعي کي چٽو ڪرڻ جي حوالي سان مون مٿان ذميواري عائد ٿئي ٿي.
فاطمه ڀٽو هن ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿي ته ڪهڙي ريت شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي فوجي آمر ضياءُ الحق سان جنگ جاري رکڻ لاءِ عسڪريت پسندن جي اڏي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ مرتضيٰ ڀٽو کي افغانستان وڃڻ لاءِ خط لکيو هو. مان اهو خط پيش ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به چئلينج ڪري سگهان ٿو، ڇا لاءِ جو اهڙو ڪو خط آهي ئي ڪونه.

اصل حقيقت هي آهي ته مان مير مرتضيٰ ڀٽو جي درخواست تي ۲۴ مارچ ۱۹۷۹ع تي لنڊن (جتي مان ان وقت زير تعليم هئس) مان اسلام آباد آيو هئس ۽ جيئن پنهنجي مامي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو سان ملي سگهان ۽ مرتضيٰ جو جلدي پيغام پهچائي سگهان. هي پيغام در حقيقت مرتضيٰ جي لاءِ اجازت وٺڻ لاءِ هئو ته جيئن هو حفيظ الله امين جي افغان حڪومت جي دعوت تي گوريلا ويڙهه جاري رکڻ لاءِ  افغانستان وڃي سگهي. ٻيو پيغام پي ايل او جي سربراهه ياسر عرفات جي پاران هو جيڪو شهيد ڀُٽي کي اسلام جو محافظ تصور ڪندو هو ۽ کيس راولپنڊي سينٽرل جيل مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجا ذريعا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار هو.
مان پهريون ڀيرو پنهنجي مامي سان سندس ڪال ڪوٺڙي ۾ ۲۷ مارچ تي مليو هئس. مون کي رڳو اڌ ڪلاڪ جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ مان ڪوٺڙي جي شيخن جي هن پار کان رڳو هن سان سُس پس ڪري پئي سگهيس (مون کي ننڍڙي ڪوٺڙي ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي)، ڇاڪاڻ ته ڪال ڪوٺڙي ۾ جاسوسي وارا اوزار تمام گهڻا لڳل هئا. پوليس ۽ فوجي آفيسر اسان جي ڳالهه ٻول ٻڌڻ جي ڪوشش ۾ اسان کي وڪوڙيون بيٺا هئا.
شهيد ڀُٽي صاف طور تي ٻئي تجويزون رد ڪيون. مرتضيٰ جي ڪابل وڃڻ جي حوالي سان ذوالفقار علي ڀُٽو وڏي ڪاوڙ ۾ اچي ويو هو. مون کي هن جا لفظ اڄ به ياد آهن جيڪي هي هئا ”ڇا مان مير کي هارورڊ ۽ آڪسفورڊ هي سڀ ڪجهه سکڻ لاءِ موڪليو هو“ پهريان هو مون کي قاتل ۽ اسمگلر چئي رهيا آهن، سندس ڪتاب ”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو“ جي حوالي سان جنهن جي باري ۾ هي چيو ويندو آهي ته اهو پرڏيهه مان شايع ٿيڻ لاءِ جيل مان ڳجهي نموني موڪليو ويو هو. ”ان کان پوءِ هو مون کي دهشتگرد به چوندا، هُن (مير) کي ٻڌائي ڇڏيو ته مان کيس ڪابل وڃڻ کان منع ٿو ڪريان، کڻي مون کي ڪجهه به ٿي وڃي، هُن (مير) کي پنهنجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ کيس آڪسفورڊ ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ گهرجي.“
مون کي مير تائين پيغام پهچائڻو هو پر انهن ڏينهن ۾ اڄڪلهه استعمال ٿيڻ واري موبائيل فون وانگر ڪو به سڌو سنئون ذريعو نه هو. آمنا پراچا (بي بي جي پهرين حڪومت ۾ پ پ ايم اين اي)  مون کي پنڊي ۾ واقعي پنهنجي خانداني آفيس فيروز سنز وٺي وئي، جتي اسان لنڊن جي لاءِ ڪال بڪ ڪرائي ۽ ڪوڊ ٻولي ۾ مان مير مرتضيٰ کي سندس والد صاحب جو نياپو پهچايو. (مير) تمام گهڻو مايوس ۽ پريشان ٿي ويو. هن مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ملڻ لاءِ چيو. هن تمام گهڻو زور ڀريندي چيو ته ”تو کي منهنجي والد صاحب کي مڃرائڻو پوندو، تو کي منهنجي ڪري هي ڪم ڪرڻو پوندو. مون کي خبر ڪونهي ته تون اهو ڪم ڪيئن ڪندين پر مهربان ٻئي ڀيري هٿين خالي نه اچجان.“
مون وڏي تڪليف سان ۳۰ مارچ تي ٻيهر ذوالفقار علي ڀٽو شهيد سان ملاقات جو بندوبست ڪيو (بينظير ڀٽو شهيد ۽ بيگم نصير ڀٽو کي ڇڏي مان اڪليو شخص هئس جنهن موت جي سزا تي عمل درآمد کان اڳ آخري دفعو ساڻس ملاقات ڪئي هئي). مون کيس مير جو مايوس ڪندڙ پيغام وري ڏنو جنهن تي سندس رد عمل گذريل ملاقات وارو ئي هو پر مون جڏهن زور ڀريو، وقت گذريو رهيو هو. نيٺ هُن بيحد پريشاني واري حالت ۾ به ڏاهپ واري راءِ ڏني ”منهنجو خيال آهي ته مير پاڻ کي ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو آهي، هو افغانين سان وچن ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هُن لاءِ واپس موٽڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي. هُن (مير) کي چئو ته جيڪڏهن هو وڃڻ چاهي ٿو ته ڀلي وڃي، پر ان عمل مان بنهه خوش ناهيان. افغان ڏاڍي هوشيار قوم آهي. هُن ڪيترن ئي سالن تائين ٻن سپر پاور قوتن کي بيوقوف پئي بڻايو آهي. هو بهترين ڊپلوميٽ ۽ رٿابندي ڪندڙ آهن ۽ هو (مير) کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندا ۽ جڏهن چاهيندا کيس دوکو ڏيندا. هن کي پنهنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ بيحد محتاط رهڻ گهرجي. مون کيس خدا  جي حوالي ڪيو پر هن کي اهو چئو ته آڪسفورڊ ۾ پنهنجي تعليم پوري ڪري.“
ڪتاب ۾ جنهن شخص جو سڀ کان وڌيڪ حوالو ڏنو ويو آهي اهو سهيل سيٺي آهي (جيڪو اٽڪل ۴۰ ورهين کان منهنجو بهترين دوست به آهي). اهو ان وقت پنڊي ۾ هو. اسان ان شام رات جي ماني لاءِ ٻاهر وياسين ته مون کيس مذڪوره ملاقات بابت ٻڌايو.
هاڻي ايترو وقت گذارڻ کان پوءِ به اهو رڪارڊ مهيا ڪري سگهجي ٿو. مان ۳۱ مارچ تي لنڊن روانو ٿي ويس. مان (مير) کي سمورا پيغام ڏنا، جنهن جا بشير رياض (مير جو مددگار ۽ پريس ترجمان ۽ بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي) ۽ اڳوڻو گورنر پنجاب غلام مصطفيٰ کر شاهد آهن.“
اپريل تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. هي نه رڳو تاريخ کي مسخ ڪرڻ پر ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي قدآور ۽ معتبر سياسي شخصيت جي باري ۾ غلط بياني جو باعث به آهي، جنهن پنهنجي زندگي کي خطري ۾ پوڻ ڏنو پر پنهنجي پارٽي جي ميمبرن کي روڊن تي نڪري فوجي آمرن سان وڙهڻ جو حڪم نه ڏنو، جيئن هن مون کي جيل ۾ چيو ته ”ڇا مان ايترو قدآور شخص آهيان جو ماڻهن کي چوان ته هو منهنجي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجون زندگيون خطري ۾ وجهن، مون کي تاريخ ۾ جاءِ ملندي ۽ منهنجي باري ۾ گيت چيا ويندا.“
(نوٽ: طارق اسلام، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڀاڻيجو آهي.)

No comments:

Post a Comment