سنڌي-انگريزي
نوان لفظ ۽ انهن جون نيون معنائون
حسام ميمڻ
اسان وٽ، اسان جون سنڌي اخبارون
به اردو گاڏڙ لفظ استعمال ڪنديون آهن، مثال طور اهو ته بار بار پڙهڻ ۾ ايندو آهي
ته ”درجنين قتل“ يا ”درجنين زخمي“. چئنلز به وسئون نه گهٽايو آهي. ڪڏهن ڪڏهن خبر
ئي نه پوندي آهي ته لفظ ”عوام“ مذڪر آهي يا مونث. بهرحال، اهڙا غلط استعمال ٿيندڙ
لفظ اسان وٽ کوڙ سارا آهن، ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا:
۱ - اسان ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ
کي آهستي آهستي disown ڪندا پيا وڃون. ان ڪري، اسان واري ٻولي ٻين ٻولين جي بار
هيٺان ايندي پئي وڃي ۽ نتيجي ۾ يعني فيشن ۽ گليمر طور پراين ٻولين جا لفظ استعمال
ڪندي ڪندي، پنهنجي ٻوليءَ کي پاڻ پوئتي ڪيون ٿا.
۲ - چئنلز وارا يا ته عورتن جي خوبصورتي کي commodity طور استعمال ڪن ٿا
يا وري Market demand کي اڳيان
رکي، سڀ ليڪا لتاڙين پيا. جي عورتون شڪل جون ٺيڪ نه هجن پر باصلاحيت ۽ واقعي سماج
لاءِ پاڻ پتوڙڻ واريون هجن، ته مان سمجهان ٿو، انهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، ڇو ته شڪل
نه، پر سيرت ڏٺي ويندي آهي ۽ دنيا ۾ قدر هونئن ته خوبصورتيءَ جو به آهي، پر سيرت ۽
صورت ٻئي هجن، ته وڌيڪ بهتر آهي. پر منهنجو ڪنهن کي به رنج ڪرڻ مقصد ناهي. ڪي مرد
ماڻهو به لفظن جي ادائگيءَ جون اهڙيون کوڙ ساريون غلطيون ڪن ٿا ته پوءِ ائين چئجي
ته ڪو ڏوهه ڪونهي ته ميڊيا انفارميشن ته ڏئي ٿي پر ٻوليءَ کي بگاڙي به ٿي. ان ڪري،
هر حوالي سان سوجهي ٻوجهي ماڻهن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي.
۳ - اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ
ڇڏيا آهن. هڪ سبب اهوبه آهي، ان ڪري به ڪافي سهڻن ۽ خوبصورت لفظن کان رهجي وڃون ٿا
۽ اڳتي هلي ڪا سڻس ئي نه پوندي آهي ته پير ڪٿي ۽ منهن ڪٿي.
۴ - اسان ماڻهو Easter جون مبارڪون ڏيون ٿا،Twitter ، Face book ۽ Orkut جهڙيون سماجي رابطاڪاريءَ
واريون ويبس ته استعمال ڪيون ٿا، پر پاڻ ماڻهن کي اها به خبر ناهي ته ”چمچو“ سنڌي
ٻوليءَ جو لفظ آهي يا ترڪي زبان جو، ”قينچي“ سنڌي لفظ آهي يا ترڪي زبان جو. هاڻي
ڪنهن کي پئي آهي، جو ويهي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ
جو ”آفتاب ادب“ ويهي پڙهي يا ڪهڙي پئي آهي جو ڪاڪي ڀيرو مل جي ڪتابن کي ويهي ڦلهوڙجي، پر حقيقت
اها آهي ته اهڙا ماڻهن اسان جي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جا ڀرجهلو هيا. انهن محنت ڪري،
ڏينهن رات ڪري، بنا ساهيءَ جي لفظن جا ڀنڊار ڏنا ته بابا هي اٿوَ اصل حقيقت، پر
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان پنهنجي هيروز کي وساري ڇڏيو آهي. فيس بوڪ تي ته مان
به ويهان ٿو، پر يقين ڪيو سالن کان عبدالڪريم سنديلو
صاحب جو نالو نه ٻڌو آهي فيس بوڪ تي، حڪيم فتح صاحب ڪهڙو ڪم ڪيو، سمورو فيس بوڪ ان
شيءِ کان وانجهيل آهي. مان ته حيران آهيان ته ماڻهو فيس بوڪ تي اچي ڪري به طرحي
مشاعرا ڪن ٿا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو پنهنجي سنجيدگيءَ جو ته وقت جي ڇا
ضرورت آهي ۽ اسين ڇا پيا ڪيون.
ڀٽائي شاهه
عبداللطيف
ڪيترا لفظ ڏنا، اسان وٽ ان جو ڪاٿو اڄ تائين ڪنهن صاحب علم يا ماهر زبان نه ڪيو
آهي، پر شيڪسپيئر لاءِ اهو ڪم ٿي چڪو آهي ۽
ماڻهو ان ڪرت ۾ رڌل آهن. اڃا هنن ماڻهن جي ڳولها جاري آهي ۽ هو ڪم کي جاري رکندي
پيا اچن. شيخ اياز ڪهڙا نوان لفظ ڏنا ڪو پتو
ناهي، خبر ناهي اسان جا ماڻهو ڪهڙي دنيا ۾ گم آهن. هي سنجيده مسئلو آهي، ٻيو نه ته
ٻوليءَ جا ماهر ته ان شيءِ تي ڪم ڪن.
مان مٿي لکي چڪو آهيان ته اسان
پنهنجي ٻوليءَ کي Disown ڪندا پيا وڃون، جي اسان پنهنجي ٻوليءَ تي ڪم ڪيون ته
ضرور پنهنجي ٻوليءَ ۾ به ڪي نوان لفظ وجود
۾ اچي چڪا هجن ها. مڃيوسين ته جويو صاحب ڪجهه
لفظ ترجمي جي صورت ۾ يا شيخ اياز جا مهاڳ لکندي ڪجهه تز لفظ لکيا آهن، پر مون کي لڳي ٿو اسان وٽ ان حوالي سان اڃا
تائين ڪم ٿيو ئي ڪونهي. مان چيو ته پراڻا ماڻهو جيڪي ڪم ڪري ويا سي ويا، باقي
ميدان خالي آهي. ڪجهه ماڻهو نظر اچن ٿا جيئن محبت
ٻرڙو هيو، ان به لفظن جي حوالي سان سٺو ڪم ڪيو آهي، پر ”ستارون سي آگي جہان
اور بھي ھين“ وانگر اڃا وڏو جهان آهي، اڃا محنت جي ضرورت آهي.
هڪ ڳالهه اها به ڪندو هلان ته
مون کي وڌ ۾ وڌ حيرانگي حليم بروهيءَ جي ڪم تي
ٿي هئي ۽ مون کي اهو ڪم بنهه نه آئڙيو هيو،
ڇو ته Roman Script استعمال ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو نقصان پئي ٿيو. هاڻي ته
محترم ماجد ڀرڳڙي ۽ ٻين صاحبن جيڪو سنڌي
ٻوليءَ کي سولو بڻائي انٽرنيٽ تي آندو آهي، اهو وڏو ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. مان اهو
چوڻ ۾ بنهه نٿو ڪيٻايان ته هن ماڻهوءَ جا اسان تي وڏا احسان آهن، پر اهي سڀ اسان
لاءِ محترم آهن، جن به سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي آڻڻ لاءِ جستجو ڪئي آهي، اهي سڀ
قابل احترام آهن جن ڏينهن رات هڪ ڪري نوان نوان fonts تيار ڪيا آهن ۽ اڃا ڪم کي لڳا
پيا آهن. دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ويٺل سنڌي ماڻهو انٽرنيٽ تي سنڌيءَ ۾ لکي ۽ پڙهي سگهي
ٿو. حقيقت ۾ اهو ڪم ائين ئي آهي، جيئن بل گيٽس ونڊوز کي وجود ۾ آڻي ڪيو، جو هر
ماڻهو ونڊوز استعمال ڪري ٿو.
بلڪل اهڙي طرح اسان کي solid ڪم جي ضرورت آهي، ۽
اهڙو ڪم جستجو ۽ محنت گهرندو آهي، تنهنڪري، انهن سڀني ماڻهن ۽ شاگردن کي ساراهجي ۽
همت افزائي ڪجي جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهڙو هاڪاري ڪم ڪن ٿا.
هي آرٽيڪل لکڻ جو خيال مون کي
ان ڪري آيو جو مون بار بار ان ڳالهه تي سوچيو آهي، ته پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهڙا
نوان لفظ آيا آهن، ان جو ڪو اتو پتو ناهي، جڏهن ته دنيا جون ٻوليون ان طرف ڌيان
ڏين ٿيون ۽ باقاعده ڪم ڪن ٿيون. مثال طور انگريزي ٻولي هن وقت هڪ عالمي ٻولي آهي.
اها هڪ ٻي ڳالهه آهي ته اقوام متحده جون آفيشل زبانون 6 آهن، جن کي پڻ عالمي
ٻوليون ئي چئي سگهجي ٿو، پر communication لاءِ دنيا ۾ انگريزي ٻولي تمام گهڻي استعمال ٿئي ٿي. ان
ٻوليءَ جي اها خوبي آهي ته هيءَ ٻولي به اردو زبان وانگر ڪيترين ئي ٻين ٻولين جو
هڪ ميڙ آهي، هن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جا لفظ جذب ڪرڻ جي صلاحيت Assimilation Power تمام گهڻو آهي، ۽
اها ئي هن ٻوليءَ جي خوبي آهي جو هن ٻوليءَ ۾ يوناني، رومي، ڊچ، عربي ۽ دنيا جي
ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ مروج آهن ۽ هيءَ اڳي کان اڳري آهي، ان ڪري، هن ٻوليءَ ۾
لفظن جو هڪ ٺيڪ ٺاڪ ۽ عاليشان خزانو آهي. اردو زبان گهڻي قدر فارسي زده يا عربي
گاڏڙ آهي، پر انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترين ئي دنيا جي ٻولين جا لفظ پنهنجي آب تاب سان
شامل ۽ سرگرم آهن ۽ انگريزيءَ جا ماهر ان حوالي سان روزانو چڱو ڀلو ڪم ڪن ٿا ۽
دنيا کي ٻڌائن ٿا ته هن سال هيترا نوان لفظ هن ٻوليءَ ۾ شامل ٿيا آهن ۽ فلاڻي ليکڪ
يا شاعر هي نوان لفظ ڏنا هيا/آهن. مطلب ته انگريزي هڪ ميجڪ ٻولي ثابت ٿي چڪي آهي ۽
پاڻ سنڌي ماڻهن third world جا رهاڪو آهيون ۽ ٻوڏ کان پوءِ NGOs جيڪي اسان جي صوبي ۾ ڪاهي پيون،
تن انهن ماڻهن کي کڻي ورتو جن کي انگريزي اچي پئي. اهڙي طرح اسان وٽ انگريزي فيشن
به آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو به آهي، ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي.
مان بس هڪ گذارش ڪندس ته جيترو
ٿي سگهي اسان جي نوجوانن کي هيءَ ٻولي سکڻ گهرجي، هيءَ ٻولي تمام ضروري آهي. مان
کوڙ سارن پڙهيل ڳڙهيل ۽ نوڪري پيشا ماڻهن کي سڃاڻان، جن پنهنجي نياڻين جي تعليم تي
بندش لڳائي آهي، پر نياڻين ۽ عورتن کي
تعليم جي زيور کان به پري رکيو آهي، ڇا اها قومي ويساهه گهاتي ناهي؟ مان هٿ ٻڌي،
نماڻو عرض ڪيان ٿو ته اسان ماڻهن جو حل تعليم آهي ۽ جي ان ۾ عورت جي شراڪت ناهي ته
اسان پنهنجو مقصد ڪڏهن ماڻي نه سگهنداسين.
مان ته اهو به سوچيندو آهيان ته
حڪومت به اسان سان گهڻو کلواڙ ڪندي آهي. هاڻي اهو حڪم نامو به صادر ٿيو آهي 2013
کان چائنيز ٻولي نصاب ۾ پاڙهي ويندي. حيرانگي ڇو نه ٿئي، ڇو ته چائنا جا ماڻهو پاڻ
انگريزي سکڻ لاءِ پريشان آهن، ۽ چائنا ۾ انگريزي سيکارڻ واري ماڻهو ۽ اداري ٻنهي
جو وڏو قدر آهي ۽ اسان جا حڪمران اسان کي وري چائنيز سيکارڻ ۾ رڌل آهن. مان پنهنجي
راءِ ڏيندو هلان ته ان ۾ ڪا برائي ناهي ته ٻوليون سکجن، جيترو ٿي سگهن سکجن پر وقت
۽ حالتن پٽاندڙ پاڻ کي چائنيز ٻوليءَ کان وڌيڪ انگريزي ٻوليءَ جي ضرورت آهي. حڪومت
کي گهرجي ته انگريزي لٽريسي جا مفت سينٽر کولي ته جيئن غريب غربو به ان زيور سان
مالا مال ٿي سگهي.
هڪ ٻي اهم ڳالهه به ڪندو هلان
ته اسان جي ماڻهن پاڻ پنهنجي ٻوليءَ سان به ظلم ڪيو آهي. مثال طور، هروڀرو به اردو
رومن ۾ موبائيل معرفت هڪٻئي ڏي sms ڪرڻ سان به سنڌي ٻوليءَ کي ڇيهو رسيو آهي. ان سلسلي ۾ بس اهو ئي عرض
ڪندس ته پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪٻئي ڏسي sms ڪجن، يا ته وري انگريزيءَ ۾. مان سمجهان ٿو اهو ڪم
آسان آهي. ان ۾ ڪنهن کي به ڪيٻائڻ نه گهرجي. اميد ته گهٽ ۾ گهٽ ان شيءِ تي عمل ڪيو
ويندو، باقي جي ڪو اردو ڳالهائيندڙ آهي ۽ هو اوهان ڏي اردو رومن ۾ sms ڪري ٿو ته اوهان به
کيس اردو ۾ ڪيو. سنڌي ماڻهو هڪٻئي ڏي سنڌيءَ ۾ sms ڪن ته ائين ڪرڻ سان به پنهنجي
ٻوليءَ جو استعمال وڌي ويندو.
منهنجي دل چوي ٿي ته انگريزيءَ
جي حوالي سان ڪجهه نيون شيون دوستن سان Share ڪيان ته جيئن معلومات ۾ اضافو ٿئي. انگريزي ٻولي مستقل
طور ترقي ڪري رهي ۽ ارتقا پذير آهي، هن ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ شامل ٿيندا پيا وڃن ۽
ڪي لفظ پنهنجون معنائون تبديل به ڪندا پيا وڃن.
خاص طور تي انگريزيءَ جي استادن
کي ان شيءِ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. مان اهو نٿو چوان ته سڀ ان شيءِ کان غير واقف
هوندا، پر جن کي خبر ناهي اهي ڌيان ڏين. 2011 ۾
Merriam-Webster's Collegiate Dictionary 150 نوان لفظ شامل ڪيا آهن، جهڙوڪ Bromance ،Social Media ،Parkour ۽ Tweet وغيره. انهن لفظن کي انٽرنيٽ تيgoogle معرفت ڳولهي سگهجي ٿو. اهي ته ٿيا نوان لفظ پر ڪي انگريزي لفظ پنهنجي
معنيٰ به مٽي چڪا آهن يا معنائن ۾ اضافو ٿيو آهي. مثال طور لفظ Rap معنيٰ ”زور سان
کڙکائڻ“ پر 1980 واري ڏهاڪي ۾ Rap Music ڪافي نالو ڪمايو. مثال طور هڪ ٻيو لفظ به ڏسي سگهجي ٿو. هي
لفظ گهڻن ئي ماڻهن ٻڌو هوندو،Viral هي لفظ Virus جي صفت آهي، کوڙ
ساريون بيماريون Viral هونديون آهن، پر you tube تي اگر ڪائي clip مشهور ٿئي ٿي يا
تمام گهڻي ڏٺي وڃي ٿي، ته ان لاءِ به اهو چيو وڃي ٿو The clip has been viral يعني هي ڪلپ حد کان
وڌيڪ ڏٺي وڃي ٿي. پر جي شاگردن کان پڇبو ته portmanteau word ڇا آهي ته هو شايد آزمائش ۾ اچي
وڃن ۽ شايد ٻڌائي نه سگهن. پاڻ ان کي سولي سنڌيءَ ۾ ”ترڪيب“ چئي سگهون ٿا. شاعراڻي
اظهار ۾ ترڪيبن جو شعوري ۽ لاشعوري طور تي گهڻو استعمال ٿيندو آهي، ان ڪري ان شيءِ
کي شاعريءَ ۾ آسانيءَ سان ڳولهي سگهجي ٿو. مان هڪ اڌ مثال ڏيان ته انٽرنيٽ تي
اڄڪلهه blog گهڻا لکيا وڃن ٿا. ليکڪ، آرٽسٽ، صحافي، شاعر، عام رواجي
زندگيءَ وارا ماڻهن روزانا الائي ڪيترا بلاگ لکن ٿا. هاڻي نوٽ ڪرڻ جي هيءَ شيءِ
آهي ته blog ٻن لفظن web ۽ log مان ٺهيل آهي ۽ اهڙن
لفظن کي portmanteau چئبو
آهي. اهڙا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. مثال طور، Beautility ٻن لفظن utility ۽ beauty مان ٺهيل آهي.
انگريزي خوبصورت ٻولي به آهي ۽
ان جي اسان کي ضرورت به آهي، ان ڪري، ان جو سکڻ ضروري ٿي پيو آهي. پر اهو عرض ضرور
ڪندس ته پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي ڪڏهن نه وسارجو.
No comments:
Post a Comment