09/01/2013

”شاهه جو رسالو“ جو اردو ترجمو - پروفيسر نذير احمد سومرو



”شاهه جو رسالو“ جو اردو ترجمو
۽ حقيقت پسنديءَ جي ضرورت
پروفيسر نذير احمد سومرو
28 ڊسمبر 2003ع جي هائيڊ پارڪ ۾ نامور اديب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو خط ’اياز جي محنتن تي ٻين جي دعوى‘ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ انور فگار، شاهه جي رسالي جو اردو منظوم ترجمي جي دعويدار آفاق صديقيءَ جي دعوى کي رد ڪندي سنڌ جي عالمن، ڏاهن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسيلر، حيدرآباد دکن سان واسطو رکندڙ هڪ اردو ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي شاهه جي رسالي جي اردو پيش لفظ سان حوالا ثبوت طور ڏئي، پنهنجي خط جي مضمون ۽ متن کي وڌيڪ وزنائتو بڻايو آهي.

چوٿين مئي 1928ع تي آفاق صديقيءَ جو جنم هڪ ننڍڙي ڳوٺ شيخپوره ضلعي فتح ڳڙهه يو پيءَ ۾ ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آفاق صديقي ڪراچي پهتو، ته پير حسام الدين راشديءَ جي معرفت ڊاڪٽر دائود پوٽي سان مليو، جيڪو ان وقت تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر هو، جنهن کيس سکر جي اسڪول ۾ ماستر مقرر ڪيو. ائين آفاق صديقي سکر پهتو، ته اديب ۽ شاعر هئڻ ڪري سندس واقفيت اسان جي مهان شاعر شيخ اياز سان ٿي، جنهن ٿوري وقت کان پوءِ دوستيءَ جو روپ ورتو. ان دوستيءَ جي دائري ۾ پوءِ رشيد ڀٽي به شامل ٿي ويو.
1955ع ۾ شيخ اياز جي چونڊ نظمن تي مشتمل شعري مجموعي ”بوئي گل نالئه دل“ جي نالي سان ڇپرايو، جنهن جو مترجم به آفاق صديقي ئي هو. انور فگار هڪڙو پنهنجي خط جي شروعات ۾ لکي ٿو ته ”ڪراچي جي هڪ اداري ’ذڪرِ اياز‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب ڇپايو آهي، جنهن ۾ ٻين مضمونن کان سواءِ ’اياز ڪي ڪهاني، چند اوراق‘ جي عنوان سان ڇپيل آهي، جنهن ۾ هن اها دعوى ڪئي آهي ته شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو شيخ اياز نه، پر مون (آفاق صديقي) ڪيو آهي.“ اڳتي هلي هن لکيو آهي ته ”شيخ اياز جي شاهه جي ڪلام جو منظوم ترجمي متعلق، شيخ اياز جي وفات کان اڳ به مختلف قسمن جا ڀڻڪا ٻڌڻ ۾ پئي آيا.“
بهتر ٿئي ها جو انور فگار هڪڙو ”ذڪرِ اياز“ نالي واري ڪتاب جي مرتب ۽ اداري جا نالا ۽ سن پڻ لکي ها. هن جيڪي ڀڻڪا ٻڌا پئي، انهن جو به ذڪر بيان ڪري ها، ته سٺو. انور فگار هڪڙو اردوءَ ۾ نڪرندڙ هڪ رسالي ”ماه نو“ جي جون 1966ع جي شماري جو حوالو ڏئي ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي تجزئي مان حوالو ڏئي ٿو ته ”ڊاڪٽر جميل جالبيءَ چيو ته شيخ اياز، شاهه جي رسالي جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي. ايترو وڏو ڪم جو ان خيال سان ئي پگهر وٺيو وڃي.“ پر اهو ساڳيو جميل جالبي آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو آفاق صديقيءَ جي کاتي ۾ وجهندي لکي ٿو ته، ”آفاق صديقي اردو جو معروف شاعر، ۽ سنڌي زبان ۽ ادب تي سٺي دسترس رکي ٿو. اڄ کان ڪيترا سال اڳ هن ’شاهه جو رسالو‘ جو اردو ۾ ترجمو ڪرڻ دوران شيخ اياز جو هٿ ونڊايو.“ (حوالو شخصيت ساز آفاق صديقي، حرا مطبوعات)
1985ع دوران شيخ اياز جي زندگيءَ ۾ ئي ڪراچي ۾ ’نيازمندان ڪراچي‘ جي نالي سان هڪ ادبي تنظيم پاڪ-آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۾ ’ايڪ دهنڪ رنگ شام، آفاق صديقي ڪي نام‘ هڪ پروگرام ڪيو هو، جنهن ۾ شيخ اياز جي انتهائي ويجهي رهندڙ دوست غلام رباني آگري به شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ آگري صاحب تقرير ڪندي چيو هو ته ”شاهه لطيف جي ڪلام جو اردو شعر ۾ ترجمو ڪرڻ هڪ ڪٺن ڪم هو. آفاق صديقيءَ اهو ڪم ڏاڍي سهڻي نموني ۾ ڪيو. آفاق صديقي جو هي وڏو ڪارنامو آهي ۽ مان سندس ڪارنامي کي فردوسي جي ڪارنامي کان ڪو گهٽ ڪو نه ٿو سمجهان.“
انور فگار هڪڙو جنهن کي ’ڀڻڪا‘ ٿو سڏي، ڀڻڪا ته واڪا ٿي وڄڻ لڳا، پر سڀ شيخ اياز جا دوست، احباب ۽ چاهيندڙ الائي ڇو خاموش رهيا؟ ڪراچيءَ جي انگريزي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ اخبار 12 سيپٽمبر 2000ع تي ڪتاب ۽ ليکڪ واري صفحي تي حسن عابدي جو مضمون ”literature in a nutshell“ جي عنوان سان شايع ٿيو هو، جنهن ۾ حسن عابدي، جميل الدين عاليءَ سان گڏ آفاق صديقي جي ادب ۾ حصي بابت لکي ٿو؛ ”آفاق صديقيءَ جون اردو ۽ سنڌي ادب کي ويجهو آڻڻ واريون خدمتون هميشه تعريف وارن لفظن سان ياد ڪيون وينديون. هن هڪ سٺو اردوءَ جو ليکڪ هوندي سنڌي ادب لاءِ به گهڻو جاکوڙيو ۽ شاعري، فڪشن ۽ ٻين سنڌي لکڻين جو ترجمو ڪيو. هن جو ’شاهه جو رسالو‘ تي ٿيل ڪم ادب ۾ يادگار حصيداري آهي.“
آفاق صديقي لاءِ، ڊاڪٽر فگار هڪڙو به اها ڳالهه مڃي آهي ته شيخ اياز قبوليندو هو ته ”شاهه جي رسالي کي اردوءَ ۾ منظوم ترجمي ۾ آفاق صديقيءَ سندس ’مدد‘ ڪئي.“
هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن شيخ اياز به اها ڳالهه مڃي ٿو ته آفاق صديقيءَ سندس ’مدد‘ ڪئي هئي ته ان لفظ ’مدد‘ مان ڇا مراد آهي؟ آفاق صديقي به هڪ مڃيل اديب، شاعر ۽ عالم ماڻهو آهي ۽ هو اردو جي شاعر جميل الدين عاليءَ وانگر ٻئي جي ڪم تي هٿ ڌوئڻ ڪو نه ڄاڻي. آخر ڪهڙو سبب آهي جو آفاق صديقي ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺو آهي ته شاهه جي ڪلام کي اردو ۾ ترجمو شيخ اياز نه، پر مون ڪيو آهي. انور فگار هڪڙو پاڻ به مڃي ٿو ته منظوم اردو ترجمو اهو ئي شاعر ڪري سگهي ٿو، جنهن کي ٻنهي ٻولين تي ايتري قدرت حاصل هجي ۽ ان ۾ تخليقي قوت هجي. ان جي جواب ۾ عرض ته ڇا آفاق صديقي ۾ تخليقي قوت ناهي يا ان جو فقدان اٿس. کيس سنڌي ٻولي نه ٿي اچي يا ان تي قدرت حاصل نه اٿس؟ پوءِ ڀٽائي تي ڪتاب ”عڪسِ لطيف“ ۽ سچل سرمست تي ”شاعر حق نوا“ ڪتاب (جنهن ۾ سندن شاعري بابت لکيو اٿس) ڪيئن لکيا اٿائين؟ شاهه لطيف کي ٿورو پاسيرو رکي سوچجي ته سچل جي شاعريءَ کي سمجهڻ به ڪو آسان آهي ڇا؟ ”عڪس لطيف“ ۽ شاهه لطيف جي شخصيت ۽ شاعري تي تحقيق ڪري پير حسام الدين راشديءَ کان داد وٺي چڪو آهي ۽ سچل سرمست جي شاعري واري ڪتاب ”شاعر حق نوا“ کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي چيئرمين مرحوم ڊاڪٽر اياز قادري پڻ گهڻو ساراهيو هو. انهن کان سواءِ فهميده رياض پڻ هن جي تعريف ڪئي هئي.
جيستائين شاهه جي ڪلام کي اردوءَ ۾ منظوم ترجمي جو تعلق آهي ته حقيقت هيءَ آهي ته 1955ع ۾ جڏهن شيخ اياز، شاهه جي ڪلام کي اردو ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ته، شيخ اياز، شاهه جي شعرن کي اردوءَ ۾ نثري ترجمو ڪري آفاق صديقيءَ کي ڏيندو هو ۽ پوءِ آفاق صديقي ان نثر کي نظم جي شڪل ۾ آڻيندو هو. اهڙيءَ طرح سڄو ترجمو شيخ اياز نه، پر آفاق صديقيءَ ڪيو. آفاق صديقيءَ احتجاج ڪيو ته پير حسام الدين کيس ائين چئي ماٺ ڪرائي ته ”تون هاڻي لطيف جي شخصيت ۽ شاعري تي الڳ ڪتاب نثر ۾ لک.“ ائين ته اردوءَ جي وڏي عالم ڊاڪٽر غلام مصطفى خان ۽ حفيظ هوشيار پوريءَ کي به سنڌي سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي، ته پوءِ انهن مسودي کي ڪيئن نظر مان ڪڍيو؟
آءٌ وضاحت ڪندو هلان ته منهنجو مقصد ڪنهن جي گهٽتائي ڪرڻ بنهه ڪانهي ۽ نه ئي آءٌ آفاق صديقي ۽ شيخ اياز جي وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻ گهران ٿو. ڀٽائي صاحب کان پوءِ سنڌ جن شاعرن تي فخر ڪندِي/ڪري ٿي، انهن چند نالن ۾ شيخ اياز کي اوليت ۽ فوقيت حاصل آهي، پر عقيدت ۽ حقيقت ٻه الڳ شيون آهن. ائين ته نه هئڻ گهرجي ته عقيدت جي ڪري حقيقت کان منهن موڙي ڇڏجي. سن 2003ع ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان شيخ اياز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ وي سي عبدالرحيم ملڪ ۽ اياز چيئر جو باني ۽ صدر ملڪ نديم، اياز گل ۽ ادل سومرو ڄڻ ته ميزبان هئا، ۽ مٿي ڏنل نالن وارا سڀئي شيخ اياز جا مداح آهن. ڇا انهن کي اها خبر ڪا نه هئي ته آفاق صديقي اجايو پرايو پورهيو پنهنجي کاتي ۾ وجهي شيخ اياز تي الزام هڻي رهيو آهي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ان ڏينهن ان ڪانفرنس/تقريب ۾ انور فگار هڪڙو پاڻ به موجود هو ۽ اهڙو اعتراض به ڪيو هئائين (خط وارو) پر سندس اعتراض کي رد ڪيو ويو. انور فگار پنهنجي خط ۾ جن عظيم ڏاهن جا نالا کنيا ۽ لکيا آهن، تن منجهان ٻه ماڻهو ماشاءَالله اڃا حال حيات آهن. هڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيو ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ هر سومر يا خميس جي شام جو عام ماڻهن سان ملاقات ڪندو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي ٻئي ماڻهو ڇو خاموش آهن؟ هن ڳالهه کي ڪي صديون ڪو نه گذريون آهن، جو ترديد ٿي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن آفاق صديقي جي محنتن تي ڪاٽو نشان لڳائڻو آهي، ته پوءِ پي ٽي وي تي شاهه جي رسالي ۾ مبني سرن تي ”سر لطيف“ جي نالي سان موسيقيءَ واري پروگرام جنهن ۾ هن مڌر گيت ڏنا، تي پڻ ڌيان ڌرڻو پوندو. موسيقيءَ جو هي پي ٽي وي جو پهريون پروگرام هو، جنهن کي پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ پڻ ساراهيو ويو. هي پروگرام پورا ڇهه مهينا هليو هو. آفاق صديقيءَ، شاهه جي ڪلام ۾ جذبن ۽ اڌمن کي اردو ۾ آڻي ڪلاسيڪل رنگ ڏنو. ڇا اهي ڪلام به اردوءَ ۾ آفاق نه، پر شيخ اياز جا هئا؟ ان تي به تحقيقق ٿيڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment