26/01/2013

سنڌ جو عاشق ۽ کاهوڙي اديب الطاف شيخ - رخسانه ’پريت‘

الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب ”مون کي موھيو ملائيشيا“ جو مھاڳ

سنڌ جو عاشق ۽ کاهوڙي اديب
الطاف شيخ
رخسانه ’پريت‘
ڪجهه مهينا اڳ اوچتو Cell Phone تي رنگ ٿي هئي. On ڪرڻ تي نمبر نئون لڳو هو. هڪ دفعو ته فون اٽينڊ ڪانه ڪيم، پر ٿوري دير کان پوءِ وري فون آئي هئي، نيٺ ڊڄي ڊڄي فون Attend ڪئي هئم.
”بابا! ڊاڪٽر رخسانه پريت ٿا ڳالهايو.“ پريان ڏاڍو حجائتو ۽ پنهنجائپ وارو لهجو ٻڌو هئم.
”جي!“ آهستي جواب ڏنو هئم.
”ڊاڪٽر! آءٌ الطاف شيخ، رائٽر الطاف شيخ ٿو ڳالهايان. اوهان جي شهر حيدراباد مان.“ لهجو بدستور ساڳيو ئي پنهنجائپ وارو هو. آءٌ حيران به ٿي هئس ته گڏوگڏ خوشيءَ واري ڪيفيت به هئي.

”سر! اوهان ڪيئن آهيو؟ ٺيڪ آهيو نه! الطاف صاحب اوهان اسان جا favourite رائٽر رهيا آهيو. سر جيڪڏهن اوهان حيدراباد ۾ ئي آهيو ته پليز ڪجهه گهڙين لاءِ اسان جي گهر اچو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي.“ يڪساهيءَ چئي وئي هئس. ”مهرباني! ڊاڪٽر مهرباني! اوهان جي گهر ئي ته اچڻو آهي تڏهن ته فون ڪئي اٿم، اوهان سان ڪچهري ڪرڻي آهي.“
”سر اوهان مون کي بس اهو ٻڌايو ته اوهان ڪٿي آهيو، ڪهڙي رائٽر جي گهر آهيو. آءٌ اوهان کي پنهنجي گاڏي موڪلي ڏينديس.“
 ”نه، نه بابا. آئون سيلاني ماڻهو آهيان، پهچي ويندس. اوهان بس ائڊريس ٻڌايو.“
الطاف صاحب پهريون دفعو فون تي رابطو ڪيو هو، پر بلڪل به نه ٿي لڳو ته ڪا اها گفتگو پهريون دفعو ٿي رهي هئي.
جلدي جلدي کيس ائڊريس سمجهائي هئم. شام جو مقرر وقت تي الطاف صاحب اڪيلو ئي اسان جي گهر پهچي ويو هو، ائڊريس سمجهي، آءٌ حيران ٿي وئي هئس. جتي پنهنجا دوست، مائٽ ڀلجي ڀلجي ويندا آهن. ڪڏهن اڳين گليءَ ۾ هليا ويندا ته ڪڏهن پوئين گليءَ مان فون تي رڙ پئي پوندن. هاڻي ڪيئن اچون. Left تي مڙون يا right تي. ڪڏهن ڪڏهن ته helper جي نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻ کي ئي رئو ويڙهي گهر مان کين وٺي اچڻ لاءِ نڪرڻو پوندو آهي، پر الطاف صاحب بغير ڪنهن پريشاني جي اچي پهتو هو.
واقعي هو سيلاني ماڻهو آهي!
گهر تي ڪافي ڪچهري ٿي هئي، هن منهنجي ڊاڪٽر جي ٻارن ۽ منهنجي گهروارن امان، بابا، ڀائرن ڀينرن متعلق تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي هئي، جيڪا پوءِ هن پنهنجي ڪتاب ”هلي ڏسجي هندستان“ ۾ شامل ڪئي هئي.
الطاف شيخ صاحب جو ائين اسان جي گهر اچڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ اتساهه جو سبب بڻيو هو. اها جذباتي ڪيفيت اڃا گهٽ ئي نه ٿي هئي ته هفتو کن اڳ وري سندن ڪال آئي هئي.
”ڊاڪٽر پريت! اوهان منهنجي نئين ڪتاب- ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي جو مهاڳ لکي ڏيو.“ لهجو ساڳيو ئي حجائتو ۽ پيار ڀريو هو.
”سر آءٌ!؟“ آهستي وراڻيو هئم.
”ها! ڊاڪٽر پريت اوهان ئي منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکندا. منهنجي ته اوهان کان مهاڳ لکرائڻ جي دلي خواهش هئي ئي، پر ڪافي دوستن به اوهان جو نالو recommend ڪيو آهي. ڪتاب جو print out موڪليان ٿو ڀلي آرام سان ٻن ٽن هفتن اندر لکي موڪلجو.“
ٻن ٽن ڏينهن ۾ نئين ڪتاب جو print out ۽ ان سان گڏ چار ٻيا خوبصورت ڪتاب TCS جي ذريعي پهتا هئا. ڏسندي ئي هڪدم ذهن ماضي ۾ هليو ويو هو.
پنجين ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي ۽ ڀانڊاري ۾ ڪجهه سڪا ۽ رپيا گڏ ڪري ڪري الطاف شيخ جا ڪتاب خريد ڪري پڙهندا هئاسين. اڄ سندس ڪتاب تي مهاڳ پئي لکان. سچ پچ ته اڄ منهنجي دل سان گڏ منهنجي قلم ۽ آڱرين جي به عجيب ڪيفيت آهي.
الطاف شيخ جا سفرناما پاڻ پڙهڻ کان پهرين مون بابا کي پڙهندي ڏٺا، جيڪو پنهنجي ڪاليج جي library مان کڻي ايندو هو ۽ جڏهن گهر اندر بورچيخاني جي سامهون واري حصي ۾ ڪرسي وجهي پڙهڻ شروع ڪندو هو ته سج مٿي چڙهي ايندو هو. اس مٿان وري ويندي هئن، پر پڙهائي ۾ ايترو ته گم هوندو هو جو اس ۾ به پيو پڙهندو هو. پوءِ امان يا اسان مان ڪو ٻار کين اس مان اٿاريندا هئاسين ۽ پوءِ ڪمري ۾ اچي وري پڙهڻ ۾ لڳي ويندو هو ۽ پوءِ امان ناراض ٿي پوندي هئي. ”آخر انهن ڪتابن ۾ آهي ڇا جو پڻهين انهن ۾ منهن ٿو وجهي ته ڪڍڻ جي وائي ڪانه اٿس. ڪوبه ڪم ڪونه ٿو ٿئي، نه ڀاڄي نه بل پيارڻ، نه ئي مارڪيٽ مان ٻيو سامان سڙو آڻڻ.“
”امان انهن ڪتابن ۾ سڄي دنيا اٿئي! بابو صرف پڙهي ڪونه ٿو. الطاف سان سڄي دنيا گهمي به ٿو.“ اسان وري امان کي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ کيس کلندي کلندي چوندا هئاسين ۽ پوءِ امان الطاف شيخ صاحب کي به گهٽ وڌ پئي ڳالهائيندي هئي ۽ ڪم ڪار به پئي ڪندي هئي.
اڄ جو ٻار جتي KFC ۽ McDonald جهڙين ملٽي نيشنل ريسٽورنٽس ۾ وڃي خوش ٿئي ٿو، اسان پنهنجي زماني ۾ الطاف شيخ جو نئون سفرنامو خريد ڪري ان کان وڌيڪ خوش ٿيندا هئاسين. اهو credit به الطاف شيخ ڏي ئي وڃي ٿو ته هن پنهنجي سفرنامن ذريعي اسان جي آڱر پڪڙي ادبي دنيا ۾ داخل ڪرايو هو! اسان ۾ سٺا ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌو هو.
سندس موڪليل ڪتابن مان خوبصورت سفرنامي ”هلي ڏسجي هندستان“ کي منهنجي ننڍڙي پٽ همير ڏسندي، مون کان پڇيو هو ”امي! انڪل الطاف کي هنن ڪتابن لکڻ جا گهڻا پئسا ملندا آهن.“
”پٽ ڪي خاص پئسا ڪونه ملندا آهن. هتي سنڌ ۾ ڪجهه رائلٽي ملي ويندي هوندي، جنهن جي به پڪ ڪونهي، پر ٻاهرين ملڪن ۾ خاص طور تي يورپ ۾ ته رائٽرس کي وڏا معاوضا ملن ٿا.“ جواب ڏنو هئم.
”امي پوءِ هنن ڪتابن لکڻ جو ڪهڙو فائدو!“ معصوميت مان وراڻيو هئائين.
”پٽ وڏو ٿيندي ته پوءِ انهن ڳالهين کي پاڻهي سمجهي ويندين.“ کلندي جواب ڏنو هومانس.
دل ۾ سوچيو هئم پٽ اهو عشق آهي ۽ عشق جي ڪابه اجرت ناهي ٿيندي. عشق ۾ صرف ارپنائون هونديون آهن. الطاف شيخ صاحب پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻولي سان عشق جي حد تائين محبت ڪئي آهي ۽ هي ايترو ڪتابن جو خزانو سنڌ کي ارپيو آهي نه ته هن کان وڌيڪ گهمڻ وارا ۽ پئسي وارا ماڻهو سنڌ ۾ موجود آهن، پر انهن مان ڪوبه الطاف شيخ بڻجي ناهي سگهيو.
دنيا جا انيڪ ملڪ ڏسندڙ ۽ اسيءَ کان وڌيڪ انگ ۾ ڪتاب لکندڙ هي فقيري طبعيت رکندڙ اديب الطاف شيخ صاحب جتي پنهنجي سفرنامن ۾ پڙهندڙ کي تفريح مهيا ڪندو رهيو آهي، اُتي گڏوگڏ مختلف ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافي، اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، اتان جا رسم و رواج، ماڻهن جي نفسيات، انهن جا رويا ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ به تفصيل سان لکندو رهيو آهي.
جيئن هو هن ڪتاب ۾ ملائيشيا جي ننڍڙي ۽ تاريخي شهر ملاڪا جي history بيان ڪندي لکي ٿو:
”ملاڪا هڪ تاريخي شهر آهي، بلڪ سڄي ملائيشيا ۾ هي پهريون شهر آهي، جنهن ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچي رهيا آهن. هي شهر سالن تائين سڄي ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جو مرڪزي ڪمرشل ۽ گاديءَ وارو شهر مڃيو ويو ٿي. ملايا جو پهريون هندو سلطان پرميشور جيڪو پوءِ مسلمان ٿيڻ تي اسڪندر شاهه سڏائڻ لڳو، جاوا ۽ سماترا پاسي کان جان بچائي هن شهر ۾ اچي رهيو. ان وقت هي هڪ ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺ هو، جنهن کي اسان بين الاقوامي زبان ۾ فشنگ وليج سڏي سگهون ٿا. يورپي فاتح ڊچ، پورچوگالي ۽ آخر ۾ انگريز به هتي آيا. ملاڪا تي قبضو ڪرڻ تي هو سڄي ملڪ (ملايا) جا مالڪ ٿي ويٺا ٿي. بهرحال “ملاڪا” شهر يا رياست جو نالو مللائيشيا جي تاريخ ۾ آڳاٽو ضرور آهي، پر دنيا جي تاريخ ۾ ڪو اهڙو اهم ۽ پراڻو ناهي. ملاڪا کان ته ٺٽو، روهڙي، ملتان يا لاهور جهڙا شهر تمام جهونا آهن.“
الطاف صاحب جي سفرنامن جي هڪ اضافي خوبي اها به چئي سگهجي ٿي ته هو نه صرف ٻاهرين ملڪن جي تاريخي حيثيت سمجهائيندو هلي ٿو، پر پڙهندڙن تي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ انهن جي پنهنجي ڌرتيءَ جي، پنهنجي سنڌ جي مختلف شهرن جي تاريخي حيثيت سان ڀيٽ به ڪرائي ٿو. جيئن ريڊر ڪنهن به مونجهه جو شڪار نه ٿئي. جيئن هيٺئين اقتباس ۾ پاڻ لکي ٿو:
”ياد رهي ته ملائيشيا جو هي پهريون شهر ملاڪا جڏهن جهوپڙي جهوپڙي ٿي ٺهڻ شروع ٿيو. تڏهن اسان وٽ سيوهڻ ۽ ٽنڊو جهانيان جهڙا شهر به دنيا ۾ مشهور هئا، تڏهن ته ابن بطوطه دنيا جي سير تي انهن شهرن کان اچي نڪتو. قلندر شهباز وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ايران ڇڏي 1200ع ڌاري (يعني ملاڪا ۾ راجا پرميشور جي آمد کان به 200 سال اڳ) اچي سيوهڻ وسايو. راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ وقت سڄي ملايا (ملائيشيا) ۾ نه هو فنون لطيف نه شعرو شاعري ۽ هيڏانهن اسان وٽ، ان کان 80 سال اڳ 1320 ۾ امير خسرو (علاءُ الدين خلجي ۽ غياث الدين تغلق جي درٻار جو شاعر) تغلق نامو لکي ڇڏيو هو.“
الطاف شيخ صاحب هڪ طرف مٿئين اقتباس وانگر مختلف شهرن جا تاريخي حوالا ڏيندو هلي ٿو ته ٻئي طرف هو ملائيشيا جي ماڻهن، اتان جي مشهور جڳهين، ڪاروبار، اتي جي تعليم ۽ صحت جي سلسلي ۾ ٿيل مجموعي ترقي بابت به تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس سفرناما انتهائي دلچسپ هجڻ ڪري، پڙهندر کي مڪمل طور تي پنهنجي گرفت ۾ رکن ٿا، هو ڪتاب پڙهندي پڙهندي مورڳو ئي وڃي ان ملڪ ۾ نڪرن، جنهن جي باري ۾ هو پڙهي رهيا آهن. سندس هن سفرنامي ۾ ”ملائيشيا ۾ ماما ڪلچر“ جي سري هٺ ڏنل مضمون ڪافي دلچسپ آهي، جنهن ۾ الطاف صاحب ملائيشيا ۾ آيل انڊين ۽ تامل نسل جي پورهيتن جو آباد ٿيڻ ۽ انهن پاران قائم ڪيل ننڍن ننڍن هٽن، ريڙهن ۽ چانهه جي دڪانن جو ذڪر ۽ سندن پنهنجي ملڪ جي پٺاڻن جن کي لالا سڏيو وڃي ٿو ۽ شيدين جن کي وري ڏاڏا سڏجي ٿو، سان ڀيٽ ڏيڻ انتهائي دلچسپ لڳي ٿو.
ملائيشيا ۾ تمام وڏا ريسٽورنٽس، ڊپارٽمينٽل اسٽورس ۽ هوٽلن، شاپنگ مالس جي باوجود هنن مامائن (Mamak) جي ٺاهيل چانهن (Teh Tarik) جيتعريف ڪرڻ، ان جي ٺاهڻ جو طريقو ۽ ان ۾ شامل Ingredients وغيره جي باري ۾ ٻڌائڻ، گڏوگڏ انهن مامائن جي سماجي ۽ معاشي حيثيت به سمجهائيندو هلڻ پڙهندڙ کي ڏاڍو معزوز ڪن ٿا.
هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ به اهميت جوڳي آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ ٻاهران آيل قومون آباد ٿي ڀلي ترقي ڪري ڪاٿي به پهچي وڃن پر مقامي ماڻهو انهن کي عزت جي نگاهه سان ڪونه ٿا ڏسن. جيئن هنن مامائن جي اولاد مان ڪافي پڙهي لکي ملائيشيا جي اعليٰ عهدن تي فائز آهن، پر بقول الطاف شِخ صاحب جي پوءِ به ملائيشيا جي ملئي مسلمانن ۽ چينين کي اها ڳالهه ڪانه ٿي وڻي.
الطاف شيخ صاحب پنهنجي خوبصورت پرڏيهي سفرنامن ۾ جتي انهن ملڪن بابت معلومات فراهم ڪري ٿو ته ٻي طرف هڪ مخلص Guide طور به نظر اچي ٿو. جيئن اسان جهڙن مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ ۽ ڇڪتاڻ واري زندگي گذاريندڙ سنڌ واسين کي اگر معجزاڻي طور تي ايتري ميڙي چونڊي ٿي پئي جو هو وڃي ملائيشيا نڪري، ته سندس هن ڪتاب جي گڏ هجڻ سان مان سمجهان ٿي ته ملائيشيا گهمڻ ۾ ڪابه مونجهه ڪانه ٿيندي. هو اسان کي اهو به ٻڌائيندو هلي ٿو ته ٻاهرين ملڪ ۾ ڇا ڇا گهمجي، ڪهڙين هوٽلن ۾ رهجي، مختلف جڳهين تي وڃڻ جو ڪرايو ڪيترو آهي، ڪهڙن نمبرن وارين بسن ۾ چڙهجي؟ ڪهڙن اسٽاپن تي لهجي. جي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهجي ته ڀاڙو ڪيئن ٻولائجي، ايتري رهنمائي ته شايد پنهنجو ڪو مائٽ يا دوست به نه ڪري سگهي، جيتري هي اسان جو درويشي طبعيت ۽ عوامي سوچ رکندڙ البيلو رائيٽر ۽ سيلاني الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفرنامن ۾ پڙهندڙن جي ڪري ٿو.
”ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي“ جي نالي سان ملائيشيا جي هن خوبصورت سفرنامي ۾ هڪ ٻي به سهڻي شيءِ جو ذڪر  ٿيل آهي اُها آهي ساگا نالي ٻج (saga seeds) .”ساگا جي ڪهاڻي“ جي سري هيٺ هي مضمون به انتهائي دلچسپ آهي، جنهن جون ڪجهه سٽون پڙهڻ سان شاعريءَ جو احساس ٿئي ٿو. الطاف صاحب لکي ٿو ته ”ساگا بابت پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ جي سينگارپور آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني ڪلارڪ ڇوڪري ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته ڪنهن ملڪ ۾ وڏي جنگ لڳي، پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ هڪ بهادر شهري پنهنجي زال کي گهر ۾ ڇڏي، دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ پهتو. پنهنجي مڙس جي جدائيءَ ۾ هي زال هڪ ٽڪري جي چوٽيءَ تي ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي ۽ دعا ڪرڻ لڳي ته هن جو پيارو واپس اچي وڃي، پر هو هرگز نه موٽيو. هوءَ صبح کان شام تائين روزانو پنهنجي مڙس جي ياد ۾ روئيندي رهي. تان جو هن جي اکين جو پاڻي سڪي ويو. هاڻ ڳوڙهڻ بدران هن جي اکين مان رت ٽمڻ لڳو. اهي رت ڦڙا ڳاڙهي رنگ جي ٻجن جي شڪل ۾ زمين تي ڪرڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي انهن ٻجن مان ٻوٽا ڦٽي وڻ ٿيڻ لڳا، جن ۾ ڦرين جي شڪل ۾ ميوو ٿيڻ لڳو، جن جي اندر اهڙا ئي سهڻا ٻج هئا. اهي ٻج ان وقت ياد جون ڦريون Remembrance Beans سڏجڻ لڳيون. انهن ڦرين مان نڪرندڙ هي کهنڀي رنگ جو ٻج اڄ ڏينهن تائين وفادار عورت جي پنهنجي مڙس لاءِ سڪ ۽ انتظار جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. سينگاپور ۽ ملائيشيا ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين اها رسم هلندي اچي ته ٻئي سان سڪ ۽ پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ ساگا ٻج جي ڀريل بوتل تحفي طور ڏني وڃي ٿي.“
ساگا ٻچ جي ملائيشيا ۾ ايتري اهميت آهي جو اتي ٺهندڙ پهرين ڪار جو نالو به هن ٻج جي نانءَ تي ساگا رکيو ويو.
الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ هر دفعي اهو ثابت ڪندو رهيو آهي ته هو انتهائي اعليٰ پائي جو نثرنويس آهي. سندس لکڻ جو اسلوب (diction) بلڪل مختلف ۽ انتهائي خوبصورت آهي. هو پنهنجي ڪتابن ۾ جتي مختلف ماڻهن جا شخصي خاڪا ڏيندو رهيو آهي، اتي هو پنهنجي باري ۾ به معصوميانه سچائيون بيان ڪندو رهيو آهي. جيئن ملائيشيا جي مشهرو راند Sepak Takraw جنهن جي باري ۾ تفصيل سان سمجهاڻي ڏيندي پوءِ لکي ٿو ته:
”اسان جا جيڪي اڳيان رانديگر هئا، انهن کان بال مخالف ڌر جي گول تائين پهچايو نه پئي ٿيو ۽ اسان مان پٺيان بيٺلن کان بال جهليو نه پئي ٿو. مخالف ڌر وارا جيئن ئي زوردار ڪڪون هڻي اسان ڏي وڌن ته اسان جي ٽيم جا پٺيان بيٺل ڀڄي پاسي تي ٿيو بيهن. هو گول ڪريو وڃن پوءِ ڏوهه گول ڪيپر جو (الطاف شيخ صاحب ان راند ۾ گول ڪيپر طور کيڏي رهيو هو). قد وڏو هجڻ ڪري گول ڪيپر مون کي بڻايو هئائون. پر رڳو قد سان رانديون نه کيڏبيون آهن، افعال به ته هجڻ کپن.“
الطاف صاحب جي مٿئين بي ساختگي پڙهندڙ کي تمام گهڻو معزوز ڪري ٿي. اڳيان لکي ٿو، ”سينٽر بئڪ تي بيٺل برما جو ڪيپٽن پيٽر چوي ته: “گول ڪيپر ٽيم جي جان هوندي آهي، الطاف ڪجهه ته خيال ڪر!“
”اچي پاڻ ٿي گول ڪيپر! جان هر ڪنهن کي پياري هوندي آهي!“ مون چيومانس. هڪ دفعي ڀڄي پاسي تي ٿيڻ جو موقعو نه مليو. بال زوڪاٽ ڪندو منهنجي ٽنگن جي وچ مان نڪري گول ۾ هليو ويو.
”الطاف گهٽ ۾ گهٽ ٽنگون ئي بند ڪرين ها ته هن گول کان بچي وڃون ها.“ ڪيپٽن پيٽر چيو ”چڱو جو بال ٽنگن وچان لنگهي ويو. Abdomen گارڊ ڏيو ته پوءِ ٽنگون بند رکان. مون وراڻيو.“
هي سڀ پڙهندي بي ساخته پڙهندڙ کان ٽهڪ نڪريو وڃن، سندن طبيعت ڪيترن ئي مونجهارن کان ڪجهه گهڙين لاءِ آجي ٿيو پوي.
ساگا ٻج جيڪو ملائيشيا ۾ محبت جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو، محبت ڪندڙ هڪ ٻئي کي تحفي طور ڏين ٿا. تنهن جي باري ۾ لکي ٿو:
”اسان کي ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ به ڪنهن چينياڻي يا ملئياڻي کان ساگا ٻجن جو تحفو نصيب نه ٿيو پر پاڻ ئي همت ڪري سينگاپور آرچرڊ روڊ جي پاسن تي لڳل ساگا ٻجن جي وڻن مان ڪريل ٽارين مان ٻج ڪڍي گڏ ڪيا هئم.“
الطاف شيخ صاحب جون پنهنجي ذات متعلق چپن تي مرڪون آڻيندڙ ۽ دل کي ڇهي ويندي ننڍڙيون ننڍڙيون سچائيون ته ڪتاب ۾ آهن ئي پر هن ڪتاب ”ملاڪا کان گينتنگ ۽ لگنڪوي“ ۾ هن ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ملائيشيا جي پنهنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي کرو سچ لکيو آهي. ان ۾ تعليم، صحت، مجموعي ترقي کان ويندي فرسوده so called رسم رواجن تي به تنقيد ڪئي اٿس. جيئن اڄڪلهه اسان وٽ ٿيندڙ شاديون ماڻهن لاءِ جان جو عذاب بڻجي ويون آهن، جن جي باري ۾ ملائيشيا ۾ ٿيندڙ شادين سان ڀيٽ ڪندي الطاف شيخ صاحب لکي ٿو:
”ملائيشيا ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ شادي، سا به وڏي شهر جي ڪنهن هوٽل يا ڪلب ۾ ٿئي نه ته سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي منجهند جو ٿئي ۽ سڀني جي سهوليت لاءِ ڇنڇر جو يا آچر جو ڏينهن رکيو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ شادي جو ٽائيم منجهند 12 وڳي کان 4 وڳي تائين آهي. يعني انهن چئن ڪلاڪن ۾ مهمان ڪنهن به وقت اچي سگهن ٿا. ماني به ٻارهين وڳي کان لڳل هوندي آهي، جيڪو به مهمان ايندو آهي، اُهو اچڻ سان ماني کائي روانو ٿي سگهي ٿو.“
مٿئين اقتباس وانگر ملائيشيا ۾ ٿيندڙ شادين جون ڪيتريون ئي مثبت ڳالهيون الطاف صاحب اسان کي هن ڪتاب ۾ ٻڌايون آهن. مثلا شادي جي ڏينهن گهوٽ ۽ ڪنوار مهانگو ۽ اوچو وڳو ضرور پهرين پر اهو پنهنجو نه پر مسواڙ تي ورتل هوندو آهي. شادي تي ايندڙ مهمان به ڊريسون زيور تاج سڀئي شيون مسواڙ تي ورتل پائي اچن ٿا، جن جي مسواڙ 20 رنگٽ (پنج سؤ روپيا) مس ٿئي ۽ انهن شادين جي پنهنجي مقامي شادين سان ڀيٽ ڪندي ڏاڍي سچي ۽ کري انداز ۾ لکيو اٿس جو هر پڙهندڙ کي لڳندو ڄڻ سندس ئي دل جي ڳالهه ٿي رهي آهي. جيئن پاڻ لکن ٿا:
”اسان وٽ شادي هالن ۾ مهمانن جي گوڙ گهمسان ۾ گانن جا رانڀاٽ پيا پوندا ۽ گهر پهچڻ تي مٿي جي سور جي گوري کائڻي پوندي. شادي جو ٽائيم 9 وڳا هوندو. مهمان بک ۾ پاهه پيا ٿيندا. ماني لاءِ رات جو 12 وڳي پيو سڏ ٿيندو ۽ اهو لمحو حيرت انگيز ٿئي ٿو هڪ نفسا نفسي جو عالم هوندو آهي. پاڪستان ۾ آيل ڌارين لاءِ عبرت جو مقام هوندو آهي. متان ماني کٽي نه وڃي، هر هڪ پنهنجي پليٽ تي گوشت ڪباب ۽ مِٺي جا جبل ٺاهي هٻڇي باندرن وانگر تڪڙو تڪڙو کائڻ شروع ڪندو آهي. گهر پهچي هاضمي جون گوريون کائڻ باوجود سڄي رات هانءَ تي بار، ساڙو ۽ ڪن کي تي food poisoning ٿي پوندي آهي. دير سان سمهڻ ڪري ٻئي ڏينهن آفيس ۾ دير سان پهچڻ يا غير حاضر رهڻ اسان جي society ۾ عام ڳالهه ٿي پئي آهي. واپسي مهل پنهنجي گاڏين کي ڪڍڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. آڌي رات کان پوءِ گهر موٽڻ تي چورن چڪارن جي خوف کان سڄي واٽ ٽينشن ۾ هوندا آهن، جو اڪثر شادي تان موٽندڙن جون ڦرون ۽ اغوائون ٿين ٿيون. بدهضمي، ننڊ جي کوٽ، اوجاڳي ۽ رستي جي ڊپ کان علاوه هڪ ٻئي جا اوچا ويس وڳا ۽ مهانگيون شيون ڏسي مهمان depression ۾ رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ شاديون تعديون بڻجيو وڃن، پر ملائيشيا ۾ معاملو ئي نرالو آهي، جنهن ۾ نه گهوٽ ڪنوار وارن کي تڪليف ۽ نه آيل مهمانن کي.“
مٿين بيان ڪيل ڳالهين جهڙا سوين سماجي عڪس پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ نظر ايندا. ڪٿي ڪٿي ته الطاف صاحب جون هي لکڻيون آئينا بڻجي پون ٿيون، جن کي پڙهندڙ نه صرف پڙهندو هلي ٿو، پر پاڻ کي انهن آئينن ۾ ڏسندو به رهي ٿو.
الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ جتي ماڻهن جي ظاهري منهن مهانڊن، مزاج، ڪم ڪار جي صلاحيتن، سندن Behavior، رسم رواج، وهم ۽ وسون تي تفصيل سان لکندو نظر اچي ٿو ته اتي وري سندن داخلي ڪيفيتن کي به پنهنجي قلم جي ڇهاءَ کان نه ٿو رهائي. توڙي جو اهي ڪيفيتون ننڍي هوندي جون هجن ٿيون، پر انهن وارتائن جا عڪس پوري حياتي ذهن تي نقش هجن ٿا، جيئن سکر جي عباسي فيملي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”عبدالوهاب ٻڌايو ته سندن پاڙي ۾ محمد يونس نالي هڪ ڇوڪرو رهندو هو، جو ڀرواري ڳوٺ هنڱورو ۾ ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هو. هو وڃڻ وقت دريءَ َ مان مون کي سڏ ڪندو هو ۽ آءٌ بابا کي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هن سان گڏ اسڪول ڀڄي ويندو هئس. هڪ دفعي بابا هن کي سڏ ڪندو ڏسي ورتو، “آءٌ جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته بابا مون کي ڏاڍي مار ڏني ته اسان غريب ماڻهو، تون جي اسڪول هليو ويندي ته ڪم ڪار ۾ مدد ڪير ڪندو؟“
”پر پوءِ ان ئي ڏينهن بابا کي مار ڏيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، مون کي سڏي چيائين ته سڀاڻي کان تون ڀلي اسڪول وڃ. منهنجي اسڪول وڃڻ ڪري هڪ طرف هن جو ليبر ورڪ وڌي ويو. ٻئي طرف اسڪول جي ڪتابن ۽ فين جو بار هن تي پئجي ويو. ساڳي وقت مون کي به اڃ، بک، گرمي، سردي ۾ ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول وڃڻو ۽ اچڻو پيو ٿئي. اسان ته گهر ۾ گهڻي دير لالٽين ٻاري پڙهڻ، يا نوان ڪپڙا به پائڻ به  afford نه ٿي ڪري سگهياسين پوءِ هڪ منزل کان ٻي منزل تائين ڪيئن پئي پهتاسين، ان جي الڳ ڪهاڻي آهي.“
ائين الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ صرف سفر ئي نه پر ڪيتريون ڪهاڻيون به بيان ٿينديون هلن ٿيون. ڪٿي اکيون ڀرجي اچن ٿيون ته ڪٿي چهري تي ڪاوڙ جون ريکائون اڀرن ٿيون. پر پڙهندڙ کي مڪمل طور تي هو پنهنجي گرفت ۾ رکڻ جو فن ڄاڻي ٿو.
سفرنامو توڙي جو ادب جي ئي هڪ صنف آهي، پر منهنجي نظر ۾ ان کي لکڻ لاءِ جن ڳالهين جي ضرورت هجي ٿي انهن ۾ سچائي، مستقل مزاجي، ٽائيم جي صحيح ورڇ (ڇاڪاڻ ته رائيٽر هر وقت تخليقي ڪم نه ٿو ڪري سگهي ان کي زندگي جا ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪار ڪرڻا هوندا آهن)، احساس ذميواري، لکڻ جو پنهنجو هڪ الڳ اسلوب (diction)، ٻولي جو استعمال، پڙهندڙ جي اڃان ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ جي eagerness، هر پڙهندڙ جي الڳ ذهني approach؛ اهي سڀئي ڳالهيون ذهن ۾ رکي ان کي لکڻو پوي ٿو. وري مٿي بيان ڪيل سڀني ڳالهين کي پنهنجي creativity سان ڳنڍي لکڻ، آءٌ سمجهان ٿي ته تمام محنت طلب ڪم آهي. ان ڪري ئي کيس ساراهڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگهجي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس محنتون ۽ سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان سندس محبتون ڪمال جون آهن، پر سندس اهي پورهيا اجايا ناهن ويا. سنڌ ۾ سندس هزارين پڙهندڙ ۽ مداح آهن. سنڌ ۾ بلڪ پوري پاڪستان ۾ سرڪاري لائبريري يا سنڌ ۾ ڪابه ذاتي library اهڙي نه هوندي جنهن ۾ هن سيلانيءَ جو ڪوبه انگريزي، اردو يا سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب موجود نه هجي. الطاف شيخ صاحب جا سفرناما پڙهندي ڪيترائي دفعا ائين لڳو هو ڄڻ هو اسان جي گهر جو ڪو فرد هجي ۽ ڀر ۾ ويهي ڏيهان ڏيهه سفرنامن جا داستان اسان کي ٻڌائيندو هجي. محسوس ئي نه ٿيندو هو ته ڪو اسان ڪتاب پڙهي رهيا آهيون. پر هتي آءٌ اهو به پڪ سان چوندي هلان ته اها دعويٰ صرف منهنجي ڪانهي پر جنهن جنهن ۾ ادب ذوق يا اديب الطاف صاحب کي پڙهيو آهي. انهن سڀني کي هو پنهنجي گهر ڀاتيءَ وانگر لڳندو هوندو.
الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ذريعي اسان کي ادبي دنيا ۾ آندو هو. اسان ۾ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي وت آهر نه صرف سٺو ادب پڙهيوسين پر لکڻ وارن ۾ به شامل ٿي وياسين.
جن آڱرين کي الطاف شيخ صاحب ادب سان آشنا ڪيو هو اڄ اهي ئي آڱريون سندس لکڻين تي اظهار راءِ ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. اها منهنجي لاءِ وڏي خوشنصيبي آهي. اڃا به ڪيترائي نوجوان ليکڪ جن سندس ڪتاب پڙهيا هوندا، هڪ ڏينهن ضرور انهن مان به ڪيترن کي الطاف صاحب جي ڪتابن تي پنهنجي راءِ لکڻ جو موقعو ملندو.
الطاف شيخ ۾ هڪ رائيٽر طور ڪيترين ئي خاصيتن سان گڏ سندس انفراديت اها به آهي ته هو مسلسل لکندو رهي ٿو.
سرندي وڃي ساهه،
موت نه اچي ماٺ ۾. ”پريت“
ماٺ سندس منشور ۾ ئي نظر ڪانه ٿي اچي. هو مسلسل ۽ ڀرپور لکندو رهيو آهي. ٻاهرين دنيا جي گهڻ پاسائين ڄاڻ ڏيندي ڏيندي جڏهن ان information کي پنهنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي تضادن (conflicts) کي سامهون آڻي ٿو، تڏهن حساس ماڻهن جي سوچن جا سوين سلسلا سندن ذهنن ۾ شروع ٿي وڃن ٿا. جيئن هن ڪتاب ”ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي“ ۾، ملائيشيا ۾ مذهبي امن امان کي جڏهن پنهنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي لکي ٿو تڏهن هڪ وڏو تضاد وائکو ڪندي نظر اچي ٿو. جيئن هيٺئين اقتباس ۾ پاڻ لکي ٿو:
”هتي ملائيشيا ۾ اچي اهو احساس ٿيو ته هڪ ئي گهٽيءَ ۾ نه فقط مختلف زبانون ڳالهائيندڙ پر مختلف مذهبن جا ماڻهو به سڪون سان رهي سگهن ٿا، بلڪ هنن جي مختلف خوشين جي ڏينهن تي هنن کي خوش ٿيندو ڏسي، ساڙ ۽ حسد محسوس ڪرڻ بدران اسان خوشي محسوس ڪري سگهون ٿا. هتي جي گهٽين ۾ آڳاٽا مندر ۽ گرجا گهر اڄ به قائم هجڻ جي باوجود ڀر ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي دين تي قائم آهن ۽ هو نه فقط اسلام کي سچي دل سان قبول ڪن ٿا پر ان جي اصولن تي عمل به ڪن ٿا. اهڙي تناظر ۾ جڏهن آءٌ هتي جي ملئي اخبار بيريٽا ۽ انگريزي اخبار star يا News Straits Times جي پهرين صفحتي خبر ڏسندو آهيان ته سکر ۾ مسلمانن، عيسائين جي گرجا گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. ملتان ۾ يا ڪراچيءَ ۾ امام بارگاهه تي بم ڪيرايو ويو يا فائرنگ ڪئي وئي ته ان ڏينهن تي آءٌ ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهيان جو هتي ملئي مسلمان مون کان حيرت مان سوال ڪندا آهن ته توهان ٻين جا عبادت گاهه ڇو ٿا ڊاهيو؟ معمولي رنجشن تي انسان ذات جو قتل ڇو ٿا ڪريو؟“
آءٌ هتي الطاف شيخ صاحب کي اهو ئي چوندس ته پاڻ مٿئين صورتحال ۾ بنا ڪنهن هٻڪ جي انهن ملائيشين ماڻهن کي جواب ڏئي ها ته اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو پاڻ ناهن وڙهندا، اهي ويڙهايا ويندا آهن. جن جي پويان ڪي رياستي ڌريون يا ڪي ڳجهيون قوتون ملوث هونديون آهن، جن جو بنيادي اصول ته اهو رهيو آهي ته divide and rule، وسيلن تي قبضه گيري لاءِ به هي تضاد اڀاريا ويندا آهن ته جيئن اصل چهرا سڃاڻپ کان رهجي وڃن. سامراج جون به ناپاڪ نظرون هتان جي ڪيترن ئي resources تي کتل آهن. مطلب ته هي ملڪ آزاد ٿيڻ کان وٺي ڪيترن ئي crisis (بحرانن) جو شڪار رهيو آهي، جنهن جي ڪنهن به فضيلت ڀريي ملڪ سان ڀيٽ ڪري ئي نه ٿي سگهجي.
هن خوبصورت سفرنامي ”ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي“ کي پڙهندي سوچيان پئي، اها ڪهڙي ڳالهه، ڪهڙا اشوز، ڪهڙا معاملا ۽ اهي ڪهڙيون جڳهيون آهن جن کي الطاف شيخ صاحب جي قلم نه ڇهيو هجي. ملائيشيا جي سرزمين تي پير رکندي ئي اتي جي زمين جي مزاج کان وٺي اڀ جي ڪيفيتن تائين تاريخي لاهن چاڙهن کان وٺي جاگرافيائي تبديلين تائين اتان جا قدرتي وسيلا، ماڻهن جي روزگار جا ذريعا، اتي آباد ٿيل مختلف قومن جو تاريخي پس منظر، اتان جون Hill stations ريلوي جو تمام بهترين ۽ organized نظام، صحت جي اعليٰ سهولتن جو ذڪر، سڄي ملڪ ۾ بهترين ۽ هڪ جهڙي تعليم مطلب ته الطاف صاحب سڄي ملڪ جو نقشو هن ڪتاب ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
تعليمي نظام بابت لکي ٿو:
”ملائيشيا وارن پنهنجي تعليمي نظام کي درست بڻايو آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ مختلف مذهبن، زبانن جا ماڻهو رهن ٿا، پر ملائيشيا ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، شهرن کان ڳوٺن، ويندي لنگڪوي ٻيٽن تي، ڪي جي نرسري کان مئٽرڪ تائين ساڳيو سيليبس رکيو ويو آهي. اسڪول جو ساڳيو ٽائيم آهي. ستين اسڪول جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ دير سان اچڻ وارو ٻار کڻي ڪنهن جو به پٽ هجي هُن جي غير حاضري لڳي ٿي.“
هن سڄي ڪتاب کي پڙهندي هڪڙي ڪمي جيڪا مون کي محسوس ٿي اها اُهي Political conflicts جي. ڇا ملائيشيا ۾ ڪي اهڙا تضاد آهن يا اتي اهڙيون ڪي به تحريڪون نه آهن، جيڪي پنهنجي حقن لاءِ رياست سان مهاڏو اٽڪائينديون هجن. ڇا اتان جي ڌرتي ڌڻين ۽ ٻاهران آيل ماڻهن ۾ ڪنهن سرد جنگ جو ڪو احساس ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ ڪوبه ملڪ ڪيترو به developed ڇو نه هجي، پر جتي سرمايو (Investment)، ٻاهريون ناڻو، ڪاروبار، Profit جهڙا لفظ آهن. اتي سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته ان ملڪ جي هر شهري کي پنهنجا سمورا حق ملندا هجن. مڃيون ٿا ته ملائيشيا اسان جي ملڪ جي ڀيٽ م تمام بهتر Democratic Country آهي، پر پوءِ به اتي اڃا بهتر نظام لاءِ Movements ضرور هونديون.
ملائيشيا ۾ جتي ملڪي ترقي جي لاءِ State خود هر وقت ڪوشان رهي ٿي، اتي الطاف شيخ صاحب جيڪي Individual Efforts جا مثال ڏنا آهن، اهي به ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ آهن. پنهنجي ذاتي تسڪين جي لاءِ ته ماڻهو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. (اسان جي سنڌي وڏيري وانگر) جيڪي بي لاڀ ۽ اجايا ويندا آهن، پر ڪنهن ڪم کي چئلينج سمجهي ذاتي طرح سان قبول ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجو ڪرڻ ڪافي وڏي ڳالهه آهي. جيئن گننگ هاءِ لينڊ (Hill Station) آهي، جنهن جي باري ۾ الطاف شيخ صاحب لکي ٿو، ”هيءَ گنتنگ هل اسٽيشن سرڪاري نه پر خانگي ملڪيت آهي، جنهن جو بنياد رکندڙ هتي جو هڪ امير چيني سوداگر لم گوح ٽونگ Lim Goh Tong آهي، جنهن کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان تانسري ۽ داتوسري جهڙا خطاب به مليل آهن. لم گوح تونگ ملائيشيا جو امير ترين ماڻهو مڃيو ويو ٿي، جنهن جي ذاتي ملڪيت ساڍا چار بلين آمريڪن ڊالر هئي. لم گوح 1918 ۾ چين جي فوجيان صوبي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (Anxi) ۾ جنم ورتو. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن 1911 وارو انقلاب اچي چڪو هو ۽ چين جي وڳوڙيل حالت هئي، جنهن چين جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون ته هن به چين ڇڏي ملايا جو رخ ڪيو. تنهن وقت لم 19 سالن جو هو، جتي هن واڍي جو ڪم ڪيو ۽ ڪاٺ جي ٺيڪيداري به ڪئي. ائين محنت ڪندي ڪندي تمام مٿي چڙهي آيو. هڪ دفعي جڏهن لم ڪئمرون هاءِ لينڊ جي هوٽل تي ڊنر کائي رهيو هو ته جبل جي مٿانهين ليول تي ٿڌي هوا مان لطف وٺندي هن کي خيال آيو ته ڇو نه هن قسم جي هوٽل ڪوالا لمپور جي ويجهو ٺاهجي جيئن مڪاني ۽ ڌاريا ماڻهو جبل جي چوٽيءَ تي ٿڌڪار جو مزو وٺڻ لاءِ ڪلاڪ کن جي سفر تي پهچي وڃن. مسٽر لِم کي ان جبل تائين پنهنجي خرچ تي روڊ ٺهرائڻ ۾ چار سال لڳي ويا، اليڪٽريسٽي لاءِ ٻارهن وڏا جنريٽر لڳرايائين. مختلف جڳهين تي مينهن جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ حوض ۽ فلٽريشن پلانٽ ٺهرايائين. هو وڏو ماڻهو هو، جنهن سڀ ڪجهه هن project ۾ هڻي ڇڏيو. ٽيهن سالن ۾ هتي هن گنتنگ هاءِ لينڊ وڏي ترقي ڪئي آهي، هتي فنڪشن، ڪانفرنسون ڪرڻ لاءِ وڏا ماڊرن هال، پارڪ، سوئمنگ پولس، ٻارن لاءِ رانديون، مهانگا فليٽ ۽ جوا خانه ٺاهيا ويا آهن. هتي وڏن هالن ۾ انڊين IIFA ايوارڊ تقريب ۽ زي سئنيما وارن طرفان Lux Style ايوارڊ ورهائجي چڪا آهن.“
مٿئين اقتباس ۾ ڪنهن شخص جي ذاتي ڪوشش جي نتيجي ۾ ٿيل ملڪي ترقي ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ حڪومت سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، پر هتي اسان وٽ ڪنهن کي به ائين پروموٽ ناهي ڪيو ويندو. مٿئين ڪهاڻيءَ وانگر الطاف شيخ صاحب ڪٿي تمام گهڻو اتساهيندڙ، انفرادي ليول تي ڪيل ڪوشش کي قلم بند ڪيو آ ته وري ٻي طرف حڪومتي ليول تي ٿيل اهم سڌارن جو ذڪر ڏاڍي تفصيلي انداز سان ڪيو آهي، جنهن ۾ ريل جي نظام جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مونو ريل گاڏيون (ٻن بدران هڪ پٽي تي هلندڙ گاڏيون) هلايون ويون آهن، جيڪي سيمنٽ يا لوهه جي ٿنڀن تي زمين کان مٿي هلن ٿيون ۽ جن ۾ ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ ماڻهو ويهي سگهن ٿا، جن لاءِ پاڻ لکي ٿو ته: ”هنن ٽرينن ذريعي مسافر سفر ڪرڻ کان وڌيڪ نظارو ڪرڻ جو لطف وٺن ٿا ۽ ڪجهه اهڙو احساس ٿئي ٿو ڄڻ ماڻهو هيٺين ليول تي هيليڪاپٽر ۾ سير ڪري رهيو هجي.“
الطاف شيخ صاحب جي ڪتابن ۾ مختلف موضوعن جي اڻت ايتري ته خوبصورت هجي ٿي جو پڙهندڙ جيئن ئي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ٿو ان اڻت ۾ پاڻ کي جڪڙجندو محسوس ڪري ٿو ۽ اها جڪڙ اوستائين قائم رهي ٿي، جيستائين پورو ڪتاب سندس نظرن مان گذري ذهن ۾ سمائجي نه ٿو وڃي. ڪتاب اڌ ۾ ڇڏڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
هن ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڪوبه انسان جيترو اڳڀرا قدم کڻندو آهي، جيتريون سرحدون لتاڙيندو آهي، سندس ذهن جا Ventilator اوترا ئي وڌيڪ کلندا آهن ۽ ان تي دنيا گهمڻ سان نوان نوان انڪشافات ٿيندا آهن، سوچ کي نيون وسعتون ملنديون آهن. ائين ماڻهوءَ جي ذهني سوڙهائپ هڪ وڏي وشالتا ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ اهو ئي سفر ڪندڙ ماڻهو اگر اديب آهي ته ان جو سفر نه صرف پاڻ لاءِ لاڀائتو ٿئي ٿو، پر هو پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ به هڪ وڏو ڪارائتو فرد بڻجي وڃي ٿو. جڏهن هو پنهنجين تخليقن ذريعي اهو سمورو stuff هڪ potential energy (ڳجهي توانائي) وانگر پنهنجي ديس واسين ڏانهن منتقل ڪري ٿو. الطاف شيخ صاحب جڏهن پنهنجي سفر جون وارتائون ۽ مختلف جڳهين جي ڄاڻ سمجهائي سمجهائي لکندو آهي تڏهن هو ڏاڍو سچو انسان لڳندو آهي. هن جي لکڻين مان اها حقيقت ته عالم آشڪار آهي ته هو ڪڏهن به پنهنجي ذهني عياشيءَ لاءِ ناهي لکندو. هن پنهنجي سفر دوران هڪ committed سيلاني وانگر جيڪو ڏٺو، جيڪو محسوس ڪيو آهي، اُهو هڪ امانت سمجهي پنهنجي ديس واسين سان share  ڪيو آهي.
سنڌي ڪهاڻي ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترائي روشن ستارا ماضي ۽ حال ۾ چمڪندي نظر اچن ٿا، جن مان ڪي ته پنهنجو الڳ ۽ منفرد diction آڻڻ سبب هڪ legend جي حيثيت ماڻي ورتي آهي، پر سفرنامي جي صنف ۾ آءٌ الطاف شيخ کي اڃان به سنڌي ادب ۾ one and only ئي چوندس. اڃا هن جي continuation (تسلسل) ۾ اهڙو ڪو اديب نظر ڪونه ٿو اچي، جيڪو اهڙي سچائي ۽ ايمانداري سان لکي ۽ ايترو لکي جو سفرناما پڙهندڙن جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اڃ کي به اجهائي سگهي. پر آءٌ سمجهان ٿي ته هڪ تخليقڪار هجڻ جي ناتي ڪابه نااميدي جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. جيئن اڪثر حلقن ۾ چيو ويندو آهي ته نسيم کرل کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي (جيڪو سراسر ڪوڙ  تي ٻڌل مفروضو آهي).
سفرنامي جي صنف کي الطاف شيخ صاحب جيڪو عروج عطا ڪيو آهي. اڳيان به اها ئي اميد ڪجي ٿي ته ان عروج کي قائم رکڻ لاءِ الطاف صاحب کان پوءِ به ڪيترائي کاهوڙي اديب ايندا ۽ نون رنگن ۽ مزاجن سان هن صنف ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندا.
آخر ۾ اهو ئي چونديس ته الطاف صاحب جهڙا ماڻهو اسان جا Assets آهن. ”اناميڪا“ جي نالي سان ترجمو ڪيل سندس ڪهاڻين جي ڪتاب کان وٺي هن ڪتاب ”ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي“ تائين هڪ وڏو سفر آهي، جيڪو هن کاهوڙي سيلاني طئي ڪيو آهي، اڃا به هن جي آڱرين ۽ قلم ۾ تحرڪ برقرار آهي. اسان جي اها ئي اميد آهي ته هو اڃا به ڪيترائي لڪ لتاڙيندو، ۽ خوبصورت تحريرون سنڌ واسين کي ارپيندو رهندو.
جان جيئري تان جل ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ
تتيءَ ٿڌيءَ هل ڪانهي ويل وهڻ جي.  (شاهه سائين)

No comments:

Post a Comment