فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مونجهارا
ان
حقيقت کان مان ته ڇا ڪو به ايماندار ۽ سڄاڻ ماڻهو انڪار ڪري نه سگهندو
ته اياز هن ڌرتيءَ تي فن ۽ ويچار شڪتي جو اهو آڪاش
آهي،
جنهن جي فني وسعت ۽ فڪري وشالتا کي هي دور اڃا پوري طرح پروڙي نه سگهيو آهي، پر
پوءِ به اياز جيئري امرتا ماڻي چڪو آهي. هُو هن
دؤر جو ايڏو وڏو فنڪار ۽ ويچارڪ
آهي، جو هن جي عظمت ۽ انفراديت کان انڪار خود فريبي ۽ اياڻپ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به
نه ٿيندو. اياز نه رڳو ادب ۽ اسان جي نسل پر هن دور جي مٽي پنهنجي امر فن ۽ فڪر جي
امرت سان نئين سر ڳوهي آهي ۽ اڄ اسان جو نسل جنهن پختگي ۽ بلنديءَ تي بيٺو آهي ان
۾ ٻين سان گڏ اياز جو فني ۽ فڪري پورهيو به بنيادي حيثيت رکي ٿو. اياز
ته رڳو مٺا ۽ مڌر گيت، سٺا ۽ سُندر ٻولَ سرجيا آهن، پر هن پنهنجي اٿاهه ڪلاتمڪ سگهه
سان هن دور جي ساهت ۽ سڀيتا ۾ سچ ۽ سونهن جو هڪ نئون روح ڦوڪيو آهي. هن جي فن ۽ شعور
نه رڳو سندس ذات کي امرتا بخشي آهي،
پر سنڌي ساهت ۽ سڀيتڪ جيوت کي نوان ۽ اٿاهه تخليقي موڙ ڏيئي ان کي ادب، فن ۽ سونهن
جي عالمي ۽ دائمي قدرن سان سلهاڙيو آهي. ان ڪري هو نه رڳو مهان رچناڪار ۽ فطرت جو
امر چَيٽڪُ آهي، پر
هو هن دور جي اعليٰ ۽
زندگي کي سَنرتِ سونهن بخشيندڙ فني توڙي فڪري قدرن جو سرجڻهار به آهي.
بمبئيءَ
۾ جڏهن سنڌي شاعر نند جويري (جنهن جي ڪتاب ”چو واٽي تي“ جو مهاڳ اياز لکيو آهي) اسان جي سامهون
اياز کي عظيم شاعر مڃڻ کان لنوايو ٿي، تڏهن مون ساڻس زبردست بحث ڪيو هو ۽ منهنجو
اهو بحث ٻڌي سنڌي ڪهاڻيڪار شيام جئسنگهاڻي (جنهن
کي شيخ اياز نوبل انعام يافته ڪهاڻيڪار هينرڪ بول
سان تشبيهه ڏيندو آهي) اچرج مان مون کي ڏسي چيو هو: ”توهان سنڌ جا ليکڪ اياز سان
ايترو پيار ڪيو ٿا جو مٿس ڪکُ به سهي نه ٿا سگهو؟“ تنهن تي مون شيام کي چيو هو:”
اسان اياز سان انڌو پيار نه ٿا ڪريون ۽ نه ئي سندس تقليد ڪريون ٿا. اسان کي شيخ
مبارڪ وڪيل سان نه پر هن دور جي هڪ وڏي شاعر جي لطيف فن ۽ ڪلاتمڪ سونهن سان پيار
آهي. اهو فن جنهن ۾ موهن جي دڙي جي ڳاڙهي مٽيءَ جي هُٻڪار ۽ ٿري ڪولهياڻي کي پهريل
چُنري جا رنگ آهن، جنهن ۾ ٽِڪَ جي رلهي جهڙي سونهن ۽ ٿر جي تتل واريءَ تي اڃايل
مورن جي ڪيفيتن جا گيت چيل آهن. گيت جن ۾ سنڌ جي صدين جي اتهاس جو ڪرب اوتيل آهي.
وايون ۽ بيت جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن جو سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي. اهو اياز جنهن
جو نظم مور جيان نچندو آهي ته سندس نثر تترن ۽ آڙين جيان اڏامندو آهي. جڏهن ڪو به
فنڪار فطرت جي سڄي سونهن پنهنجي اندر اوتي ٿو ۽ ان کي عظيم فنڪارانه سگهه ۽ غير
معمولي احساساتي گهرائي سان پنهنجي تاريخ ۽ دور جي ڏکن، سکن، خوشين، پيڙائن مُرڪن
۽ آدرشن سان سلهاڙي ٿو. تڏهن اهو عظيم فنڪار ٿي پوي ٿو. تڏهن ڪو اياز سِرجي پوي
ٿو.
پر
اهو تصوير جو هڪ پاسو آهي اسين جتي اياز جي عظمت جا ڳڻ ڳايون ٿا، اتي سندس ڪيترين
ڳالهين بابت علمي ۽ فڪري سطح تي ساڻس اختلاف به رکون ٿا. ذاتي طور تي مان اياز جو
تمام گهڻو مداح هئڻ جي باوجود فڪري طرح اياز جي گهڻين ڳالهين ۽ روين سان سهمت
ناهيان ۽ ڇاڪاڻ ته اهي اختلاف خالص علمي ۽ فڪري نوعيت جا آهن. ان ڪري ضروري ٿو
سمجهان ته ان بحث کي لکت ۾ سامهون آڻجي، جيئن سنڌي ادب کي اڳتي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا
نوان بنياد ملن. هونئن به سنڌ ۾ تنقيدي ادب گهڻو نه اسريو آهي. اها سڄي دنيا اندر
هڪ مڃيل حقيقت آهي ته تنقيد ۽ صحيح پرک ئي آهي جيڪا ادب کي سنواري ٿي، ان کي
پنهنجا بنياد ۽ رُخ ڏئي، وڌيڪ، بامعنيٰ
۽ بامقصد بڻائي ٿي. اياز ته خود تنقيد کي تخليقي فن مڃيو آهي ۽ تنقيد کي ادب جي
اوسر لاءِ نهايت ضروري عنصر ڄاڻايو آهي. اياز تي تنقيدي نقطه نگاهه کان قلم کڻڻ
خود هڪ وڏو حساس معاملو آهي. ڇو ته ان لاءِ وڏي ۽ همه گير ڄاڻ ۽ احساساتي اُونهائي
گهرجي. ڪنهن به لطيف فن ۽ فنڪار کي رڳو مخصوص علمي معيارن ۽ عقلي منطق جي بنياد تي
پرکي ۽ پروڙي نٿو سگهجي. شاعري ويچارن سان گڏ بنيادي طور تي احساساتي دنيا جي
باريڪ بينين جي فني اظهار جو نالو آهي. ان ڪري هر عالم فن ۽ فنڪار جو پارکو ٿي نٿو سگهي. هر عالم ٿر- ٻاٻيهي جي
ٻولي ۽ اُڃايل مورن جا گيت نٿو سمجهي سگهي. علم جڏهن احساس سان سلهاڙجي ٿو تڏهن
منجهس پرک جي اها قوت پيدا ٿئي ٿي جيڪا فن کي پنهنجي سِراڻ تي سيريندي آهي. اياز
چيو هو،
”زندگي
جا پرڪشش واقعا انگور جي داڻن وانگر آهن. جي شاعر جي روح ۾ رچي شراب ٿي نڪرن ٿا ۽
هو انهيءَ کي رنگا رنگ ڪوزي ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري ٿو.“(۱) ۽ ظاهر آهي ته ان شراب جي
صحيح سڃاڻ اهو ئي ڪري سگهندو. جنهن کي نشي جي بي ثباتي جي خبر هوندي. اياز ۽ ان جي
شاعري ايڏو وشال ۽ همه گير آهن،
جو مٿس تفصيلي طرح لکڻ لاءِ به اوڏو ئي علم، تجربو، وسعت ۽ وقت گهرجي. ان ڪري هتي
مان اياز جي فن ۽ فڪر جي ٻين انيڪ پاسن جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران صرف سندس انهن ڪجهه
پاسن ۽ روين تي پنهنجا ويچار پيش ڪندس جن سان مان سهمت ناهيان ۽ جن ۾ مون کي فڪري
طرح جهول ۽ تضاد نظر اچي ٿو. خاص طور تي گذريل ڪجهه سالن کان اياز تاريخ، فطرت،
ادب ۽ زندگيءَ بابت ڪجهه اهڙا ويچار پيش ڪيا آهن، جيڪي نه رڳو سندس اڳوڻن
ويچارن جي گهڻي حد تائين نفي ڪن ٿا پر اهي فڪري لحاظ کان غير منطقي به آهن.
جيتوڻيڪ فطرت، زندگي ۽ ان نسبت سان ويچارن ۾ تبديلي ۽ تغير خود هڪ فطري لقاءُ آهي
۽ ان حوالي سان اياز جي سوچ ۽ فڪر ۾ انهن تبديلين کي ڪنهن حد تائين JUSTIFY ڪري سگهجي ٿو پر ڳالهه رڳو
تبديليءَ جي ناهي، ڳالهه ان تبديليءَ جي جوهر جي آهي. جي اها تبديلي اياز جي فڪر ۽
سوچ کي اڃا وڌيڪ منطقي ڳنڀير ۽ فطرت جي سائنسي حقيقتن سان ٺهڪندڙ آهي ته پوءِ ٺيڪ
آهي. نه ته ٻي صورت ۾ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اياز سنڌ ۽ ننڍي
کنڊ جو شاعر آهي جتي جي زندگيءَ جي رڳ رڳ ۾ ويدانيت ۽ تصوف (MYSTICISM) سمايل آهي ۽ لازمي طور ان
جا اثر اياز تي به پوندا رهيا آهن. پر منهنجيءَ نظر ۾ اياز رڳو سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو
ئي نه پر عالمي سطح جو شاعر ۽ مفڪر
آهي. هو فني ۽ احساساتي لحاظ کان هاڻي ان معراج تي پهتل آهي جتي هاڻي کيس رڳو سنڌ
۽ ننڍي کنڊ جي فني ۽ فڪري دائري ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. فني اوسر ۽ احساساتي
گهرائيءَ جي هڪ حد اهڙي به ايندي آهي ۽ اياز ته لاشعور ۽ تحت الشعور جي سرحد تي
لکي ان حد کي به اورانگهيو آهي. ان ڪري بهتر ٿيندو جي مان اياز جي انهن ڳالهين ۽
روين تي ترتيبوار بحث ڪيان. (الف) اياز پاڻ بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”مان
ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان.“(۲) مان اياز کي عظيم شاعر ته
تسليم ڪيان ٿو پر هن بابت اها هامَ نٿو هڻي سگهان ته هو ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل
جي مستقبل جو شاعر آهي. مستقبل جي مستقبل جون فڪري گهرجون ڇا هونديون ان جو هن دور
۾ ته تصور به نٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ شاعري بنيادي طور تي زندگي جي احساساتي پاسن
جي فني اظهار جو نالو آهي پر احساس به ته ڪا قطعي معنيٰ ۽ ماهيت نه ٿا رکن. هر دور
جون پنهنجون پيڙائون ۽ خوشيون آهن، پنهنجا احساس ۽ ويچار آهن، پنهنجا انڀو ۽ آدرش
آهن، پنهنجون فني ۽ فڪري گهرجون آهن. پنهنجا قدر ۽ معيار آهن ان ڪري ڪو به فنڪار ۽
فيلسوف فطرت جي سموري اتهاس ۽ پاسن جو ترجمان ۽ چيٽڪ نٿو ٿي سگهي. ها، اياز پنهنجي
دور جو عظيم شاعر آهي ۽ ان دور جي نسبت سان مستقبل ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندو ۽ سندس
فن ۽ ويچار مستقبل لاءِ هڪ مکيه بنياد ثابت ٿيندا پر مستقبل جي مستقبل جي ترجماني
جي واڳ کيس ته ڇا ڪنهن به فرد کي ڏيئي نه ٿي سگهجي. هو پاڻ ۽ پنهنجي شاعري بابت هڪ ٻئي هنڌ لکي
ٿو:”مان چاهيان ٿو ته زندگي جي پوئينءَ گهڙيءَ مان اهو چئي سگهان ته مون شاعري ۾
اهڙو موضوع نه ڇڏيو آهي. جنهن تي اڳتي هلي ڪجهه لکي سگهجي ۽ دنيا ۾ انهيءَ جو
احساس ڇڏيان ته:
حريفان بادل ها
خوردند و رفتند
تهي مئخانه ها ڪرونه و رفتند (حافظ)
(حريف سارو پي ويا ۽ مئخانا خالي ڪري هليا ويا.)(۳)
مان
مڃان ٿو ته شاعريءَ کي فطري سائنس جيان رڳو منطقي بنيادن تي نٿو سمجهي ۽ پرکي
سگهجي، ڇو ته شاعري احساسن ۽ ويچارن جي فني اظهار جو نالو آهي ۽ شاعراڻا ويچار به
گهڻي ڀاڱي احساساتي ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ اياز جي ان ڳالهه ۾ به هن جي شاعراڻي آدرشن
جو پهلو نمايان آهي پر پوءِ به منجهس فڪري طرح هڪ جهول آهي. فطرت ۽ زندگي وهندڙ
درياءَ جيان آهن. مادو، فطرت ۽ زندگي هر گهڙي اُسرن ٿا ۽ اها اوسر منجهس انيڪ
طبعي، روحاني ۽ موضوعي تبدليون آڻي ٿي، ان ڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اياز اها دعوى
ڪري سگهي ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو به موضوع نه ڇڏيو آهي جنهن تي اڳتي هلي
ڪجهه نه لکي سگهجي؟ ڇا اياز کان پوءِ فطرت ۽ زندگيءِ جي اوسر بيهجي ويندي؟ ۽ ان ۾
ڪي به طبعي، اتمڪ ۽ موضوعي (Subjective) تبديليون نه اينديون؟ ڇا سچ ۽ ان جا
قدر زمان ۽ مڪان (Time & Space) جي نسبت سان تبديل نه ٿيندا؟ جي ها ته پوءِ فطرت ۽ زندگيءَ جي
سدا وهندڙ درياهه جي معنائن جو مئخانو ڪير ٿو خالي ڪري سگهي؟!
(ب)
گذريل ڪجهه عرصي کان اياز جي سوچ ۽ فڪر ۾ جيڪي بنيادي تبديليون آيون آهن انهن مان
هڪ اها به آهي ته هو هاڻي آواگون ۽ پنر جنم ۾ ويساهه ڪرڻ لڳو آهي. هن کي اهو
انومان ٿيڻ لڳو آهي ته هو اڳئين جنم ۾ ڪو ودياپتي هو ۽ شاعري جي اها ڏات کيس
.”خدا“ بخشي آهي. هو پنهنجي ان
عقيدي جو اظهار مختلف جاين ۽
موقعن تي هيئن ڪري ٿو:
”فلسفي
جي ان گهري مطالعي مون مان موت جو خوف بلڪل ڪڍي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ مٿين فلسفين مان
به ڪيترائي موت کان ڊڄندا هئا. بهر صورت جڏهن کان مون کي آواگون ۽ پنر جنم جي پڪ
ٿي ويئي آهي، تڏهن کان مون کي موت جو خوف بنهه نه ٿيندو آهي.....“(۴)
”......
شاعريءَ مان
مون کي ملي به ڪجهه نه ٿو پر پوءِ به ساندهه سٺ سال مون ان جي پيروي ڪئي آهي. ته اها URGE مون ۾ ڇو آئي؟ ان جو جواب
هي آهي ته گذريل زندگيءَ ۾ مان ڪو شاعر ٿي رهيو آهيان يا ڪيئي ڀيرا شاعر ٿي رهيو
آهيان ۽ مون کي اها ڳالهه اڃا مڪمل ڪرڻي آهي......“(۵)
اياز
ويهين صديءَ جو شاعر آهي. اها صدي جنهن فڪري لحاظ کان انساني شعور جي تاريخ کي نه
رڳو حيرت انگيز موڙ ڏنا آهن پر انڌي عقيدي ۽ توهم پرستي جا بکيا پڻ اُڊيڙي ڇڏيا
آهن. اها صدي جيڪا انسان ذات کي فڪري ۽ عملي طرح ان معراج تي وٺي آئي آهي جتي
انسان فطرت جي غلاميءَ جا ٻنڌڻ ٽوڙي هن ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهي.
جتي هن فطرت جي ڳجهن ۽ نهايت پيچيده معاملن کي به سادين حقيقتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
آهي. ان ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ اياز جهڙو مفڪر هندو ڌرم جي زندگي ۽ موت بابت
هڪ ڏند ڪٿا ۽ عقيدي يعني آواگون يا پنر جنم ۾ ويساه ڪرڻ لڳو آهي. انسان شعوري طور
ايترو ته اُسري چڪو آهي جو هاڻي ڏند ڪٿائون پنهنجو پرڀاءُ وڃائي چڪيون آهن.
منهنجي
خيال ۾ روحانيت ۽ مذهب ٻه جدا شيون آهن. ننڍي کنڊ جي مشهور پنجابي شاعره ۽ ناول نويس امرتا پريتم اسان سان دهليءَ ۾ هڪ ڪچهري ۾ روحانيت ۽
مذهب جي فرق کي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ واضح ڪيو هو. (واضح رهي ته امرتا سان ان ڪچهريءَ
۾ مون سان گڏ حسن درس، پروڙ
جو ايڊيٽر مظفر ۽ ڪجهه ٻيا دوست به ويٺل هئا).
امرتا چيو هو ته:
“Religion
is vertical, where as spiritualism is horizontal.”
مان
امرتا جي ان راءِ سان سهمت آهيان. روحانيت وٽ زندگيءَ جون پنهنجون معنائون آهن ۽
مذهب وٽ پنهنجون. ان ڳالهه کي اڃا ويڪرو ۽ چٽو ڪجي ته چئبو ته روحانيت ۽ مابعد
الطبعيات (Meta Physics) ۾ نه رڳو فرق آهي پر تضاد پڻ ۽ منهنجي نظر ۾ اياز جو آواگون ۾ ويساه رکڻ سندس زندگي
ڏانهن مابعد الطبعياتي
روش کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته اياز وٽ روح جو تصور مادي ۽ سائنسي
نه پر مابعد الطبعياتي (Meta Physical) آهي. ڇا اياز جي نظر ۾ روح، مادي کان الڳ ڪو وجود رکي ٿو ۽ ان جي
ارتقا مادي کان الڳ ٿئي ٿي؟“
(ت)
آواگون سان گڏ اياز هاڻي تقدير جي عقيدي ۾ به ويساه ڪرڻ لڳو آهي. جنهن جو اظهار هن
هيئن ڪيو آهي:
”.....
قدرت جي اٽل قانون موجب اهو ازل کان ئي طيءِ ٿيل آهي ته هڪ شيڪسپيئر پيدا ٿئي جو امر ناٽڪ لکي ۽ هڪ سقراط پيدا ٿئي جيڪو جيڏن ۽ سرتن لاءِ زهر پيئي ۽
مري، اسان جا ڪم ائين ڇوٽ ۽ ارَوڪ نه آهن.......“(۶)
(اهي
ويچار اصل ۾ اسپنوزا (Spinoza) جا آهن جن سان اياز اڄ
ڪلهه سهمت نظر اچي ٿو.)
”.......
جي اسپنوزا چواڻي شيڪسپيئر جا ناٽڪ اڳ ئي طعيءَ ٿيل آهن ته منهنجي شاعري به
اڳ ئي طئي ٿيل
آهي.....“(۷)
”.......
مون کي انهيءَ ڳالهه جي خاطري آهي ته جڏهن منهنجو Appointed
Hour ايندو
تڏهن مون کي ڪو به بچائي نه سگهندو. هيءَ ڪائنات هڪ تمام وڏي ڪمپيوٽر
وانگر آهي. جنهن ۾ هر انسان جي تقدير محفوظ آهي. اوهان لوح و قلم ۽ لوح محفوظ جا مُحاورا
ٻڌا آهن، منهنجي نظر ۾ اها ڳالهه صحيح آهي. اوهان جو به وَسُ ڪندا، اهو به ان لوح
محفوظ ۾ آهي... ڪڏهن بيوس ٿي پوندا يا وَسَ وارا ٿيندا. اهو به طعيءَ ٿيل آهي....(۸)“
تقدير
جو بحث آڳاٽي زماني کان وٺي ادب، علم، فلسفي ۽ مذهب جو مکيه موضوع رهيو آهي پر
اردو جي شاعر اڪبر الله آباديءَ پنهنجي هڪ شعر ۾
تقدير جي تصور جي ڏاڍي سهڻي تشريح ڪئي آهي. هن چيو آهي:
”انسان بهي کتنا بـي بس هـي کردار و عمل کي دنيا مين،
تدبير سـي جب کچهه بن نه پڙي تقدير
کا قائل هوتا هـي“
حقيقت
۾ آهي به ائين انسان جڏهن تدبير کان مايوس ٿئي ٿو تڏهن تقدير جو سهارو وٺي ٿو. ته
ڄڻ تقدير تدبير کان فرار جو ٻيو نالو آهي. ڇا اياز جو انسان جي تدبر ۽ تدبير مان
ايمان کڄي ويو آهي جو هو تقدير تي ويساهه ڪرڻ لڳو آهي. جي هر شيءِ سچ پچ لوح محفوظ
۾ محفوظ ۽ طيءِ
ٿيل آهي ته پوءِ هي زندگيءَ جي تصوير ۾ سچ، سونهن ۽ سُرت جا رنگ ڀرڻ جون ڪوششون،
انسان جون جدوجهدون ۽ جاکوڙ، هن جون ڪاوشون ۽ لازوال قربانيون، هي خواب، سپنا ۽
آدرش ڪهڙي معنيٰ ٿا
رکن؟ ۽ پوءِ زندگي ۾ ڪهڙي Inspiration بچي ٿي؟
اياز
ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ رهي ٿو ۽ هن صدي انسان کي فڪري ۽ سائنسي طرح ان معراج
۽ بلندي تي رسايو آهي، جتي
تقدير جهڙي مدحي خارج ۽ غير سائنسي فلسفي تي يقين ڪرڻ خود فريبي ۽ ذهني خلفشار ۽
اختراع کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
(ج)
ماهوار پروڙ پاران اياز سان هڪ تفصيلي انٽرويو ڪيو ويو انٽرويو ۾ جڏهن کانئس جان اسڪاچل جي شاعريءَ بابت چيل لفظن ته ”نظم شاعر جي
ايجاد ناهي، نظم ڪنڊ ۾ لڪل هوندو آهي. شاعر ان کي ڳولي لهندو آهي.“ جي حوالي سان
سندس راءِ پڇي وئي ته اياز چيو:
”مان
پاڻ ائين ٿو سمجهان، منهنجو چوڻ آهي ته بت، پٿر ۾ لڪل آهي، سنگتراش ان کي تراشي
ڪڍي ٿو. نه ته بت اتي اڳي ئي آهي. جيئن ديپڪ راڳ وينا جي تارن ۾ آهي. رڳو بيجو باورا جي ضرورت آهي جو ان تارن کي ڇيڙي، ملهار به
ائين وينا ۾ آهي. رڳو ان جي تخليق لاءِ تانسين جي
ضرورت آهي، جو ان کي وينا مان ڇڪي ڪڍي“.(۹)
فلسفي
جي دنيا ۾ ٻه ڌارائون شروع کان رهيون آهن. هڪڙن جو خيال رهيو آهي ته هر شيءَ داخلي
آهي، جڏهن ته ٻين هر شيءَ کي خارجي پئي ڄاڻايو آهي. حقيقت ۾ داخليت توڙي خارجيت
ٻئي حقيقتون آهن ۽ اهي هڪ ئي سچ جا ٻه پاسا آهن. فطرت جو نسبتي نظريو داخليت توڙي
خارجيت کي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم ڄاڻائي ٿو. جان اسڪاچل حقيقت ۾ بنيادي طور تي
خارجيت-پسند ويچار ڌارا جو ماڻهو آهي/ هو. ان ڪري هن پنهنجي فلسفي جي روشنيءَ ۾
شاعريءَ جي تشريح ڪئي آهي. پر ڇا اياز، جان اسڪاچل سان سهمت ٿيندي فن بابت سندس
تشريح کي قبول ڪري ٿو: جي بت اڳ ئي پٿر ۾ لڪل آهي ۽ سنگتراش رڳو ان کي پٿر مان
تراشي ڪڍي ٿو، جي ملهار ۽ ديپڪ راڳ اڳ ئي وينا جي تارن ۾ آهن ۽ تانسين ۽ بيجو
باورا رڳو انهن کي وينا جي تارن جي روح مان چيري ڪڍن ٿا ۽ شاعري فطرت ۽ ٻوليءَ جي
ڪنڊ ۾ اڳ ئي پيل هوندي آهي ۽ شاعر رڳو ان کي ڳولي لهندو آهي ته پوءِ تخليق ڪهڙي
معنيٰ رکي
ٿي؟ پوءِ ته هر تخليق، تخليق نه پر دريافت آهي.
ڇا
مونا ليزا جي مرڪ ان جي تخليقڪار
جي داخلي سونهن ۽ تخليق ناهي؟ ڇا اها رڳو رنگن جو امتزاج آهي؟ ڇا اها اڳ ئي اتي
موجود هئي ان جي تخليقڪار ان ۾ پنهنجي تخليق ۽ سونهن جي هارموني نه پيدا ڪئي هئي؟
ڇا اڄ تائين دنيا جي سمورن شاعرن، اديبن، مصورن ۽ تخليقڪارن رڳو فطرت جي سونهن کي
فقط ڳوليو ۽ چٽيو آهي؟ ڇا انهن پنهنجي لازوال ڪلاتمڪ سگهه سان اَملهه تخليقون نه
ڪيون آهن؟ خود اياز جي شاعري ڇا آهي؟ ان کي ڪهڙي زمري ۾ آڻبو؟ تخليق جي يا دريافت؟
اهو صحيح آهي ته ادب ۾ ٻوليءَ جي وَسعت ۽ فطرت جي سونهن جي همه گيريت به وڏو ۽
بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي پر فن اهو پارس آهي جيڪو جڏهن ٻوليءَ جي وَسعت، فطرت جي
سونهن ۽ تخليقڪار جي فڪر کي ڇهي ٿو تڏهن سون جهڙيون سچيون ۽ جرڪندڙ لازوال ۽ امر
تخليقون سرجن ٿيون. فنڪار جڏهن فطرت ۽ زندگيءَ کي پنهنجي انوکي فنڪارانه اک سان
ڏسي ٿو ۽ ان جو سونهن ڀريو اظهار ڪري ٿو، تڏهن اهو شيڪسپيئر، ڪبير،
ٽالسٽاءِ، ماياڪووسڪي، لطيف، غالب، ٽيگور ۽ اياز ٿئي ٿو، ان ڪري تخليق الڳ
شيءِ آهي ۽ دريافت الڳ. تخليق فن آهي ۽ هر دريافت فن ناهي. پٿر، رنگ ۽ ٻولي تخليق جا سرچشما نه پر تخليق جي اظهار جا ذريعا (Medium) آهن.
(د)
سَچُ به فلسفي جو هڪ اهم موضوع رهيو آهي ۽ هر فيلسوف ۽ ويچارڪ ان جي ڪَٿَ ۾ پروڙ
پنهنجي ماپن ۽ معيارن سان پئي ڪئي آهي. اياز پنهنجي تازي ڇپيل ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ لکي ٿو:
هي تنهنجون
تصويرون ريپن ڪلهه جيئن اڄ به زندهه آهن.
توڙي اڄ ڪالهوڪي
لينن
جون ڳالهيون
پائنده ناهن،
(لينن گراڊ چون
ٿا هاڻي
چوندا پيٽرس برگ
سڀاڻي)
آرٽ هميشه زنده
آهي
سچ رڳو پائنده آهي.
هن
آزاد نظم ۾ اياز ريپن (جيڪو روس جو انقلابي مصور
هو) ۽ لينن جي ڀيٽ ڪندي، سچ کي رڳو آرٽ سان مشروط
ڪندي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته رڳو آرٽ سچ آهي ۽ اهو هميشه پائنده رهندو
آهي. جڏهن ته لينن ۽ سندس سماجي ۽ سياسي فلسفي کي تاريخ مٽائي ڇڏيو آهي. جنهن جو
ثبوت هن اهو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هينئر لينن گراڊ جو پراڻو نالو پيٽرس برگ واپس
ورايو پيو وڃي. ريپن جي فني عظمت هڪ نه هزار ڀيرا تسليم آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته
لينن گراڊ/ پيٽرس برگ ۾ هر متاج (Hermitage) ۾ لڳل سندس تصويرون فني
دنيا ۽ تاريخ ۾ امرتا ماڻي چڪيون آهن ۽ ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته آرٽ سونهن ۽
سندرتا جو سچ آهي ۽ ان ڪري هو پائنده به آهي. پر ان مان اهو ڪيئن ثابت ٿيو ته لينن
سچ جو مظهر ناهي ۽ اهو اڄ پائنده ناهي؟
ان
حوالي سان ٻه ڳالهيون خاص اهميت رکن ٿيون، پهرين ڳالهه ته آرٽ جي سماجي سائنس سان
ڀيٽ ئي اجائي آهي. ريپن آرٽ آهي ۽ لينن سماجي سائنس، آرٽ جو واسطو فطرت ۽ زندگيءَ
جي انهن پاسن سان آهي جن ۾ Universality آهي ۽ جن جو تعلق فطرت ۽
زندگيءِ جي عام ۽ هر گهڙيءَ تبديل ٿيندڙ وهنوار سان ناهي.
مثلاً
سونهن، سرهاڻ ۽ پيار جا احساس آهن، گل، پوپٽ ۽ رنگ آهن، سمنڊ ڪناري ڪنهن ٽلندڙ
وينگس جي ڇُلندڙ ڇاتين جهڙيون ڇوليون آهن. روح کي معطر ڪندڙ هوائون ۽ پکين جون بي
لغام اڏامون ۽ مٺيون لاتيون آهن......
ڪارونجهر جي ڪنهن ڪولهياڻيءَ جي ”ڪوهه ندا جي صدا“ جهڙين اکين مان بکندڙ معصوميت ۽
امرتا، ڪنهن ابهم ۽ ٽانڊاڻي جيان ٽمڪندڙ ٻار جي چپن تي رقص ڪندڙ مُرڪ ۽ روح مان
چيرجي نڪرندڙ ٽهڪ..... اهي سڀ شيون ڳالهيون ۽ احساس به فطرت ۽ زندگيءَ جو حصو آهن
پر انهن ڏانهن انسان جي احساساتي روش ۾ ڪو بنيادي ڦيرو نٿو اچي، جڏهن ته زندگيءَ
جو عام وهنوار هر گهڙي تبديل ٿيندو رهي ٿو ان جون گهرجون ۽ ڪيفيتون تبديل ٿينديون
رهن ٿيون ۽ ان نسبت سان ظاهر آهي ته انهن ڏانهن انسان جي روش ۾ به ڦيرو ايندو رهي
ٿو. خود سچ به ڪا قطعي شيءِ ناهي. اها نسبتي (Relative) شيءِ آهي. ڪلهه جو سچ اڄ
جو ڪوڙ به ٿي سگهي ٿو ۽ اڄ جو سچ سڀاڻي ڪوڙ ٿي سگهي ٿو پر ان جو مطلب اهو هرگز
ناهي ته اها تبديلي ان سچ کي رد ڪري ٿي. دراصل جيئن هر شيءِ کي زمان ۽ مڪان (Time
& Space) جي
نسبت سان پرکبو آهي. تيئن سچ جي پرک به ان نسبت سان ڪبي آهي. ڏينهن جي روشني ڏينهن
جو سچ آهي ۽ رات جي اونداهي رات جو سچ آهي.
اهو
صحيح آهي ته لينن وارو سوويت يونين هاڻي ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو آهي ۽ سوشلسٽ نظام
انساني تاريخ جي هن ڏاڪي تي سرمائيداري هٿان انيڪ سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ معروضي
سببن ڪري شڪست کاڌي آهي. پر اهو به سچ آهي ته لينن ۽ ان جي فڪر انساني تاريخ جي
ڦيٿي کي اڳتي وڌايو آهي. اڄ انسانذات سياسي، اقتصادي ۽ فڪري لحاظ کان جنهن سطح تي
بيٺي آهي ڇا ان ۾ مارڪس، اينجلس ۽ لينن جهڙن
انساني تاريخ جي عظيم مدبرن جو ڪو به ڪردار ناهي؟ ۽ ڇا اهو ڪردار پنهنجي دور جي
نسبت سان سچ ناهي؟ لينن جي فڪر ۽ عمل رڳو روس
۾ ته سماجي ۽ سياسي انقلاب نه آندو؟ هن انسان ذات جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اوسر
۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ دراصل اهو ڪردار ئي سندس عظمت جو وڏو ۽ پختو دليل آهي. اسان
مارڪس ۽ لينن جهڙن يگانن انسانن ۽ مدبرن جي فڪري ڪارج کي رڳو روس تائين محدود نٿا
ڪري سگهون! هڪ رياست جي ٽٽڻ، لينن گراڊ جي نالي تبديل ٿيڻ ۽ ماسڪو جي چوڪن تان
لينن جي مجسمن کي هٽائڻ سان ڇا سندن تاريخي ڪارج ۽ ڪردار ختم ۽ بي معنى ٿي ويو؟
اياز
پروڙ سان ڳالهائيندي چيو:
”لوهي
زنجير وجهي لينن جا بت ڪيرايا ويا. مان جڏهن ماسڪو ۾ هوس ته اکين سان ڏٺو هوم ته
امن جا ڪبوتر مارڪس جي پيشانيءَ تي وٺيون ڪيرائي رهيا ها پر ڪنهن به توجهه نٿي
ڏني....(۱۱)
ڇا
مارڪس ۽ لينن جي عظمت کان انڪار جو اهو به منطق ۽ دليل آهي؟ ڇا يلتسن جي حمايتن
پاران لوهي زنجير وجهي لينن جا بت ڪيرائڻ ۽ ماسڪو ۾ مارڪس جي مجسمي جي پيشاني تي
ڪبوترن جي وٺين لاهڻ سان سندن فڪري عظمت ۽ اڏول تاريخي ڪردار جي اهميت گهٽجي وئي؟
ڇا فلسفي ۽ تاريخ ڏانهن ان روش کي درست چئي سگهجي ٿو؟ اياز ته پاڻ چيو هو:
”ان
۾ شڪ نه آهي ته سوشلزم دنيا جي سياسي تفڪر تي پنهنجو دائمي اثر ڇڏي چڪي آهي.“(۱۲)
جي
اياز پنهنجي ان ڳالهه تي قائم آهي ته پوءِ ڇا انسانذات جو سياسي تفڪر ۽ شعور تي
دائمي اثر ڇڏيندڙ فلسفو ۽ ان جا موجد وقتي سياسي تبديلين سان بي معنيٰ ۽ ختم ٿي ويا؟ ڇا عالمي طور
تي آيل انهن سياسي تبديلين سان مارڪس ۽ لينن جي سياسي ۽ سماجي فلسفي جو بنيادي
جوهر به فنا ٿي ويو؟ ڪي ڪي خواب صدين تائين اتهاس جي اکين ۾ اٽڪيل
رهندا آهن پر اهي بي معنيٰ
پوءِ به ناهن ٿيندا. عظيم فرد رڳو ڪن خاص ملڪن، قومن ۽ رياستن جي نه پر سڄي انسان
ذات جي گڏيل وِٿَ هوندا آهن ۽ انهن جي پرک به ان معيار جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي.
انسانذات هيءَ جيڪا اٿاهه ترقي ڪئي آهي ۽ ان دوران ان جيڪو شعوري سفر طيءِ ڪيو
آهي. ڇا ان ۾ ڪي به اٿلون پٿلون ۽ لاها چاڙها ناهن آيا؟ سچ جو سفر به لهرن جيان
آهي. پنهنجي پنهنجي دور ۾ سچ لهر جيان اڀري ٿو ۽ اهو پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري ٻي
لهر کي جنم ڏئي ٿو ۽ اَئين انسان جو شعور به اڳتي وڌي ٿو. هر سچ پنهنجي زمان ۽
مڪان جي نسبت سان امر آهي. ٻيو فلسفي کان علاوه هي تاريخ جو معاملو آهي. جنهن ۾
ڪابه وقتي سوڀ ۽ شڪست يقيني ۽ دائمي نه هوندي آهي. جيئن اياز پاڻ چيو آهي:
”هارَ ڪائي هارَ ناهي، جيت ڪائي ناهي جيت“ (اياز)
هر
سوڀ پنهنجي اندر شڪست جو سامان رکي ٿي ۽ هر شڪست پنهنجي اندر سوڀ جا امڪان رکي ٿي.
ان ڪري تاريخ جي معاملن بابت ڪا به حتمي ۽ قطعي راءِ نٿي ڏئي سگهجي.
(ح)
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اياز سنڌ ۾ جديد ادب جو مؤجد آهي. اهو اياز ئي هو جنهن
جديد ادب جي حوالي سان شاعري جهڙي لطيف فن کي پنهنجي ڌرتي، تاريخ ۽ ثقافت سان
سلهاڙيو ۽ ان ۾ اها خوشبو پيدا ڪئي جيڪا سيوهڻ جي چيڪي مٽيءَ ۾ آهي.اهو اياز ئي هو
جنهن ادب کي زندگيءَ سان منسوب ۽ مشروط ڪيو. جنهن ادب کي سياست جي نه پر زندگي، سچ
۽ سونهن جو ڏڍُ ۽ هٿيار بنايو. اياز پنهنجي ان ”ڏوهه“ جي سزا به ڀوڳي، هڪ طرف هو
رياستي ڏاڍ ۽ عتاب هيٺ رهيو ۽ ٻئي طرف رجعت پسند قوتن مٿس وار ڪيا، جنهن جو هن ۽
هن جي سموري ادبي ۽ فڪري سَٿَ نه رڳو ڀرپور مقابلو ڪيو پر کين علم، ادب ۽ فن جي
ميدان ۾ شڪست ڏئي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. اياز ۽ ان جي سموري ادبي سٿ جي
ان ڪردار تي نه رڳو کيس پر سموري سنڌ کي فخر رهيو آهي. اڄ ادب جا اهي رجعت پسند
ڪردار ۽ قدر جيڪي زندگي سان گڏ نٿي هليا سي مدي خارج ٿي ماضيءَ جو هڪ ورق ٿي چڪا
آهن، پر
اياز اڄ ڪلهه ادب جي ڪارج ۽ پنهنجي ان ڪردار متعلق به عجيب رويا ظاهر ڪري رهيو
آهي.
اياز کان جڏهن پروڙ جي انٽرويو ۾ پڇيو ويو:”هينئر ڪائنات
ڏانهن توهان جي جيڪا صوفياڻي روش آهي ته ڇا پوين ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جو دانشور وري
واپس ٿو ٿئي؟“ ته اياز جواب ۾ چيو:” مُنڍ کان اها هئي، مون توهان کي ٻڌايو ته جيڪي
منهنجا مخالف هيا، اهي منهنجي ”ڪفر“ کي ان حد تائين وٺي ويا جو خوا مخواهه ڳچيءَ ۾
نوڙ وڌائون ۽ منهنجي حمايت ۽ انهن جا مخالف هيا اهي به ايترائي (Dogmatic) هيا. هڪڙا ڪميونسٽ
مان هيا ۽ ٻيا اسلامي ملان هيا. جهيڙو ٻنهي جو پاڻ ۾ هيو. آءُ شٽل ڪاڪ وانگر ٻنهي جي وچ ۾ هوس.“(۱۳)
مٿئين
جواب ۾ اياز اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان دور ۾ ان بحث ۽ نظرياتي جنگ ۾ اياز
ڪا به ڌر نه هو. بس هڪ طرف اسلامي ملان هيا ۽ ٻئي طرف ڪميونسٽ ملان. ان جو مطلب
اهو ٿيو ته مولانا گرامي، محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي جهڙا سڄاڻ عالم ۽ پارکو فقط ڪميونسٽ ملان
هيا، جن پنهنجي ”مفاد“ خاطر اياز ۽ ترقي پسند سنڌي ادب جو بچاءَ ڪيو هو. جي سچ پچ
ائين آهي ته پوءِ اياز اڄ تائين سندس بچاءَ ۾ لکيل ”مشرقي
شاعري جا فني قدر“ (ليکڪ: غلام محمد گرامي) ”انڌا
اونڌا ويڄ“ (ليکڪ: رسول بخش پليجو) جهڙن مقالن، ڪتابن تي فخر ڇو ڪندو رهيو
آهي؟ هونئن ته اياز بار بار پنهنجي انيڪ لکڻين ۽ تقريرن ۾ انهن لکڻين تي فخر جو
اظهار ڪندو رهيو آهي پر حوالي طور هي لفظ ئي ڪافي آهن. اياز لکي ٿو:
”اهي
گل ۽ بلبل جي ڳالهين ڳائڻ وارا شاعر جن کي نه دنيا جي شعر و ادب جي ڄاڻ هئي نه اها
خبر هئي ته انهن جي چوڌاري ڇا وهي واپري رهيو آهي، ون يونٽ جا ادبي ٿوڻيون ۽ ٿنڀا
ٿي بيٺا ۽ جڏهن انهن سنڌ جي آزادي پسند شاعري جي ڀرپور مخالفت ڪئي. تڏهن رسول بخش
پليجي شاهڪار ”انڌا اونڌا ويڄ“ لکي انهيءَ بي معنيٰ شاعريءَ جي قلعي کولي وڌي ۽
ان جي نظرياتي ڍونگ کي ڊاهي ڍير ڪري وڌو.“(۱۴)
ڇا
ان وقت اياز ون يونٽ جي ادبي ٿوڻين ٿنڀن، سنڌ جي آزادي پسند شاعري جي مخالفت ڪندڙن
۽ سندن نظرياتي ڍونگ کي ڊاهي ڍير ڪرڻ وارن مان ڪنهن جي به ڌر نه هو ۽ هو فقط شٽل
ڪاڪ جيان کيڏجي رهيو هو!! مان ان تي وڌيڪ ڪهڙي راءِ ڏيان، اياز جا مٿيان پنهنجا
لفظ ئي ان جي نفي ڪن ٿا.
نه
رڳو اهو پر اياز اڄ ڪلهه ادب جي ڪارج متعلق به عجيب رايا ظاهر ڪيا آهن. تازو هن
نور الهدى شاهه جي ڪتاب ”قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ“ جي مُهورت واري موقعي تي اماڻيل
پنهنجي پيغام ۾ به چيو آهي ته ادب فقط ادب ٿيندو آهي. اهو رجعت پسند ۽ ترقي پسند
نه ٿيندو آهي. هن پنهنجي پروڙ واري انٽرويو ۾ به اهڙي ڳالهه ڪئي آهي. چئي ٿو:” ادب
۾ منهنجو نه ڪو مخالف آهي ۽ نه ڪو دوست!“(۱۵)
ڇا
سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سوشلزم جي وقتي ناڪامي اياز کي ايترو وياڪل ڪري ڇڏيو آهي، جو هو ادب جي سماجي ڪارج ۽
ادب جي پنهنجي سماج ۽ زندگيءَ سان گهري ۽ اڻ ڇِڄُ وابستگي کان به انڪار ڪرڻ لڳو
آهي. ڪالهه تائين ته اياز پاڻ ادب جي سونهن ۽ سُرت ڀريي سماجي ڪارج جي ڳالهه ڪندو
هو. ان کي زندگي ۽ ان جي سچاين سان ارپڻ جا ڳڻ ڳائيندو هو ۽ اڄ هو چئي ٿو ته ادب
فقط ادب آهي ۽ ادب ۾ سندس ڪو به مخالف يا دوست ناهي. ڇا ادب ۽ فن انسانذات ۽ زندگي
کان سواءِ ڪا به معنيٰ رکي
ٿو؟ ڇا اهو انسان ذات ۽ زندگيءَ سان مشروط ۽ ان ڏانهن ذميوار ناهي؟ ٻيو ته ”ترقي پسندي“
۽ ”رجعت
پسندي“ کي اسان هرو ڀرو سوشلزم ۽ سرمائيداري/ جاگيرداري سان مشروط ڇو ٿا ڪيون؟
مارڪسي فڪر ڪو انساني شعور جو ڇيهه ته ناهي. اهو ان شعوري سفر جو اهم موڙ ۽ ڏاڪو
ضرور آهي. پر ان جي حد ته ناهي، ان ڪري ترقي پسندي جي تصور کي روايتي ۽ محدود معنيٰ جي قيد مان آزاد ڪرڻ گهرجي.
هر اها ڳالهه، قدر، ادب، فن ۽ فڪر جيڪو انساني تاريخ کي اڳتي وڌائي ٿو، انسان جي
سماجي، سڀيتڪ ۽ روحاني زندگي ۾ سونهن پيدا ڪري ٿو ۽ انسان ذات جي شعور جي اوسر ڪري
ٿو اهو ئي ترقي پسند آهي.
هي
زندگي، فطرت ۽ سماج ايترا ته ڳنڀير ۽ همه گير آهن جو اسان هر گهڙي فطرت ۽ زندگي جي
انيڪ تضادن جي گهيري ۾ جيون
ٿا. هڪڙيون ڳالهيون، قدر ۽ ڌارائون انسان کي شعوري ۽ احساساتي سونهن بخشن ٿيون. ان
کي اڳتي وڌڻ جا گس ڏين ٿيون ۽ زندگيءَ کي وڌيڪ بامقصد ۽ بامعنيٰ
بڻائين ٿيون جڏهن ته ٻي ڌارا انسان کي زندگي، فطرت ۽ ان جي بي پناهه سونهن ۽
سچائيءَ کان فراريت جا دڳ ڏسي ٿي، انسان جو زندگيءَ مان ويساهه کڻائي ٿي. ان کي
وياڪلتا، جهالت ۽ ڪوجهه جي ڪُن ۾ ڪيرائي ٿي. هاڻي اهڙن تضادن ۾ رهندي ڪو به سڄاڻ
فرد، اديب، شاعر ۽ فنڪار انهن پيچيدگين کان لاتعلق ڪيئن رهي سگهندو؟ اها ويڳاڻپ ۽
لاتعلقي فنڪار کي زندگيءَ کان ڇني نهوڙي نيندي آهي ۽ اياز ته اهو فني معراج ماڻيو
ئي ان ڪري آهي جو هو پنهنجي سڄي ڄمار پنهنجي ڌرتي، ٻولي، زندگي ۽ انسان ذات جي اعليٰ آدرشن سان واڳيل ۽ Committed رهيو آهي ۽ اياز جي
شاعريءَ ۾ کيس امرتا بخشيندڙ سونهن ۽ هڳاءُ آهي به ان ڪري. اياز پنهنجي ان اڻ ڀڄ
ارپنا جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
”آزادي
کان پوءِ نه رڳو مون قتل و غارت ۽ بغض و نفرت جي مخالفت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ جهالت
پسند ۽ آمريت پرور طبقن خلاف پنهنجي شاعريءَ جي زور آزمائي ڪئ پر ون يونٽ کان
پوءِ هن وقت تائين شاعريءَ ۾ جمهوريت دشمنيءَ جي پر زور مخالفت ڪئي آهي. مون اشارا
ڪنايا، تشبيهون، تلميحون، استعارا، اساطيه (ڏند ڪٿائون) ۽ ٻيا شاعرانه حربا
استعمال ڪري پنهنجي پوري تخليقي قوت ان ۾ صرف ڪئي ته جيئن جمهوريت دشمن ۽ استحصال
پسند نظام جي پاڙ پٽي وڃي ۽ ان دور جي آجيان ڪئي وڃي جنهن جا بنياد محبت ۽ اخوت تي
ٻڌا ويندا....“(۱۶)
جي
هاڻي اياز ادب ۾ ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مخالف نه ٿو سمجهي ۽ عمر جي هن ڏاڪي تي
پهچي ڪنهن کي به رنجائڻ نٿو چاهي ته هن کي ٻيو نه ته خود پنهنجي حياتي ۽ ان جي
ڪارج تي بيهي غور ڪرڻ گهرجي. سڄي زندگي جهالت، ڪوڙ ۽ ڪانئرتا سان ڇتي ويڙهه ڪندڙ ۽
”مان ڏوهي هان،
مان ڏوهي هان“ جو خالق اياز چئي ٿو:
”آءٌ عمر جي ان حصي ۾ آهيان، جو
ڪنهن کي رنجائڻ نٿو چاهيان، جنهن ۾ ٻئي کي مشتعل (Provoke) ڪرڻ ۾ اذيت پسندي (Sadism) هوندي آ. ماڻهو زندگي جي
تجربي مان سمجهي ٿو ته مان هيڏن ماڻهن کي ڇاجي لاءِ رنجايان. هڪڙي سٽ جي ڪري مان
اهو ڪهاڙو ٻئي جي مٿي ۾ ڇاجي لاءِ هڻان! انهيءَ ڪري مون ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ جو ٻيو
ڇاپو آندو ته اهي سٽون ڪٽي ڇڏيون.“(۱۷)
ڇا اياز جي ان تجربي ۽ ڳالهه کي Justify ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا سچ سونهن جي سوڀ
خاطر اديب ۽ فنڪار جي ڪوڙ ۽ ڪوجهه سان ويڙهه رڳو مشتعل ۽ اذيت پسندي آهي؟ ان ۾ فنڪار جي فطرت
۽ زندگي سان اٿاهه ڪميٽمينٽ (Commitment) ۽
سندس اعليٰ آدرشن جو ڪو به عمل دخل ناهي؟ ۽ اڄ تائين انسان پنهنجي
سموري اتهاس ۾ سچ ۽ سونهن جي سوڀ جي سپني جي ساڀيان خاطر ڪوڙ ۽ ڪانئرتا خلاف جيڪا
اورچ جاکوڙ ڪئي آهي، اها فقط اشتعال ۽ اذيت پسندي آهي؟ ان عظيم مقصد خاطر هن جيڪي
بي لوث ۽ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، اهي فقط پنهنجي اشتعال ۽ اذيت پسند مزاج جي
تسڪين لاءِ ڏنيون؟
مون
کي اياز جي پنهنجي ڌرتي، قوم، ٻولي ۽ مجموعي طرح انسان ذات سان اڻ ڇڄ رشتي ۽ ارپنا
جي جذبي ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. هن جي ذات ۽ سندس تخليقي سفر ان کان گهڻو بالاتر آهن.
هن جي شاعري خود سون جيان جرڪندڙ سچ آهي. پر مون کي اختلاف سندس فڪري طرح منجهائيندڙ
ڳالهين ۽ روين سان آهي، جنهن جو مختصر اظهار مون هن مضمون ۾ ڪيو آهي.
اياز
هن دور جو ايڏو وڏو ڪردار ۽ ڪوي آهي جو هن جي ذات کان لنوائي سگهجي ئي نٿو. اياز
جي جن ڳالهين روين جي مون هن مضمون ۾ مختصر ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. اهي جي ڪو عام اديب
يا شاعر ڪري ته ان کي نظر انداز به ڪري سگهجي ها. پر ڇاڪاڻ ته اياز جي ڳالهه سنڌي
سماج تي فڪري طرح وڏا اثر ڇڏي ٿي ان ڪري مون ضروري سمجهيو ته انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي
وڃي. اسان وٽ عام طرح ٽن قسمن جا رويا رهيا آهن. هڪ پاسي فقط تقليد آهي ۽ ان روش
ادب توڙي سياست ۾ فقط پيدا
پيا ڪيا آهن. ٻئي پاسي ساڙ بغض ۽ نه سَهپ آهي. نتيجي ۾ اسان ماڻهن جي پرک ۽ تڪ طور
ايمانداري ۽ سچائي سان نٿا ڪريون، ٽئين طرف مصلحتون آهن. اياز جا ڪيترا همه عصر
اديب ۽ شاعر ساڻس اختلاف رکن ٿا پر ان جو لکت ۾ اظهار نٿا ڪن. نتيجتاً هڪ طرف شين
۽ ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ نٿي ٿئي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ تنقيدي ادب جي اوسر نٿي ٿئي. مون
اياز تي هي تنقيدي ليک لکي جمود جي ان بيٺل تلاءُ ۾ پٿر اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جي اسان ۾ سچ پچ تنقيد ۽ تخليقي روش پيدا ٿي پوي ته اسان نه رڳو پنهنجي پر پنهنجي
دور جي فڪري ۽ فني اڳواڻي ڪري سگهون ٿا. اهو منهنجو پختو ويساهه آهي ڇو ته اسان جي
نسل ۽ دور جي مٽي اياز پنهنجي لازوال فن ۽ فڪر جي امرت سان ڳوهي آهي.
حوالا
۱- جي
ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي. ص. ۱۷۷
۲- جي
ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي. ص. ۱۸۲
۳- ڪتين
ڪر موڙيا جڏهن. ڀاڱو پهريون. ص. ۴۰
۴- ڪتين
ڪر موڙيا جڏهن. ڀاڱو پهريون. ص. ۱۲
۵- ماهوار
پروڙ – مئي جون ۱۹۹۲ع
. ص. ۳۵
۶- ڪتين
ڪر موڙيا جڏهن. ڀاڱو پهريون. ص. ۳۸
۷- ڪتين
ڪر موڙيا جڏهن ڀاڱو پهريون. ص. ۴۰
۸- ماهوار
پروڙ- مئي جون ۱۹۹۲ع.
ص. ۳۴
۹- ماهوار
پروڙ- مئي جون ۱۹۹۲ع.
ص. ۳۵
۱۰-
ڪتين ڪر موڙيا جڏهن ڀاڱو ٻيو. ص. ۱۷۳
۱۱- ماهوار
پروڙ – مئي جون ۱۹۹۲ع.
ص. ۲۳
۱۲-
اڀر چنڊ پس پرين. ص. ۱۱
۱۳-
ماهوار پروڙ. مئي جون. ۱۹۹۲ع.
ص. ۳۳
۱۴-
خط. انٽرويو- تقريرون. ڀاڱو ٻيو. ص. ۱۹۷
۱۵- ماهوار
پروڙ. مئي جون. ۱۹۹۲ع.
ص. ۳۲
۱۶-
اڀر چنڊ پس پرين. ص. ۱۰
۱۷-
ماهوار پروڙ. مئي جون ۱۹۹۲ع.
ص. ۳
No comments:
Post a Comment