نظم جي خوبصورت شاعره پشپا
ڀارو مل امراڻي
آئون اهو ئي لکان ٿو، جيڪو ڪجهه ڏسان ٿو ۽ محسوس ڪريان ٿو. (پئبلو
نرودا)
منهنجي وارياسي خطي سان واسطو رکندڙ سنڌ جي نامور شاعره پشپا ولڀ جي
ٻنهي مجموعن ”دري کان ٻاهر“ ۽ ”بند اکين ۾
آسمان“ ۾ ڪنهن تصوراتي ديوداس
جي پيرن ۾ پنکڙيون بڻجڻ جهڙو يا ڪنهن تخت ڌڻي جي تجلن بابت قصيدن وارو ڪو به ٻول
نه آهي. پشپا لفظن جي ڪلابازي ۽ ڪرتب کان ڪوهين ڏور ويهي، پنهنجي دور جي تلخين،
المين، احساسن ۽ آوازن کي شاعري جو ويس ڍڪايو آهي، جيئن هن ڏٺو آهي، محسوس ڪيو
آهي.
پشپا ولڀ جي شاعري نه ڇند وديا جي پيالي ۾ اوتيل آهي، نه وري بحر وزن
جي پيماني ۾، هن جذبن جي اُڇل کي لفظي ترنم ۾ ٽمٽار ڪري ايئن پنن تي آندو آهي،
جيئن ڪنڊي تان مور اُڏامندو آهي، ڪونڀٽ جي وڻ مان مڃر ڇڻندي آهي، پلر جون ڦڙيون
ڪرڻ سان جيئن گگرال جا گونچ ڦٽندا آهن. جديد سنڌي شاعري جي وڏي نانءٌ شيخ اياز هڪ
هنڌ لکيو آهي ته ”ڪنهن شينهن کان پڇيو هو ته توکي ڪنهن کان خوف ٿيندو آهي، هاٿي
کان، چيتي کان، يا ڪنهن وحشي جانور کان؟ شينهن جواب ڏنو هو ته مون کي فقط ڄور کان
خوف ٿيندو آهي!“ سنڌي ادب جا اڪثر نقاد ڄور آهن، جن کي شاعر ۽ شاعري کي لوئڻ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به نٿو اچي. مون پشپا ولڀ جي تازي مجموعي ”بند اکين ۾ آسمان“ کي پڙهي
آخري صفحي تي پينسل سان لکيو ته چندرونسي راجپوت ناري جي پيرن ۾ پاتل چاندي جي
ڪڙين جهڙا سندر لڳندڙ نظم سنڌ جي ڄور نقادن جي تجزين کان شل بچيل رهن!
آئون نج نبار ٿر جي ٻهراڙي جو ماڻهو آهيان، ادب ۽ آرٽ جي اصولن ۽
سانچن کان وڌيڪ مون ٿر جي ڏهرن ۾ پُسي جي ڳاڙهن گلن ۽ ڀٽن جي پاساڙن ۾ مورن جي
مٽڪو کي ڏٺو آهي، لوڪ گيتن جي ڌنن ۽ ٻاٻيهي جي ٻولن کي ٻڌو آهي، عمر جو وڏو حصو
پنهنجن وڏڙن سان گڏجي ڏڪارن ۾ ڏٿ ڳولي آهي، سڪارن ۾ جهنگ جي ولين سان ويڙهجي واس
ورتو آهي. مون کي اهو معلوم آهي ته ڪارونجهر جي ڪور تي جڏهن مور ٽهوڪا ڪندو آهي،
تڏهن ڏونگر ڪيئن ڏيئي جو ڏيک ڏيندو آهي. آئون اهو ڄاڻان ٿو ته بغل ۾ بندوق کڻي،
مارِي جڏهن شڪار جي لاءِ روانو ٿيندو آهي، تڏهن وارِي جي ڀٽن تي ڪيئن پير ڦٻائي
رکندو آهي. انهي ڪري منهنجي اڳيان ٿر جي فطري حسناڪي جي شڪاري ۽ نظم جي ڄور نقاد ۾
ڪو فرق نه آهي. ڪنهن ڄور نقاد جي تجزيي کان اڳ ۾ هڪ پڙهندڙ جي حيثت سان سچي دل جي
محسوسات کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پنهنجي راءِ کي لکڻي جو روپ ڏيڻ چاهيان ٿو،
جيڪا پشپا جي شاعري پڙهندي مون جوڙي آهي.
مون پشپا جو پهريون مجموعو گهڻو وقت اڳ ۾ پڙهيو هو. ”دري کان ٻاهر“
جي آخري صفحي تي پينسل سان هڪ پڙهندڙ جي راءِ ”پشپا پنهنجن نظمن ۾ احساسن جا اهڙا
چتر ٺاهي ٿي، جنهن ۾ پڙهندڙ گم ٿي وڃي ٿو“ لکي هئي. پشپا جي پهرين مجموعي ۾ سنسڪرت
جي ڪوِي ڀرتري هري وانگر جذبات، ٻي مجموعي ۾ تبديلي ۽ سوچ جي هُرکر سان گڏ صبر،
دانائي جو فڪر ملي ٿو. آئون سوچيان ٿو پشپا جو ٽيون مجموعو ڀرتري هري وانگر فطرت ۽
ويراڳ تي هوندو!؟
پشپا جي ٻنهي مجموعن جي نالن ۾ وڏي وسعت آهي، وشالتا آهي. مون کي
ٻنهي اڇوتن ۽ انوکن نالن وڏي ڇڪ ڏني آهي. اهي نالا نه ڪنهن جي سٽ مان ورتل آهن، نه
ڪنهن جي سوچ جي پيداوار آهن. نالا شاعره جي پنهنجي تخليق آهن. مون کي اهي نالا
پڙهندي پئبلونرودا ۽ بودليئر جي مجموعن ”ڌرتي تي رهائش ۽
گناهن جا گل“ جا نالا ۽ انهن جو مواد ياد آيو. منهنجا
پڙهندڙو! مون کي اجازت ڏيو ته آئون هن ليک ۾ نرودا ۽ بودليئر جي جڳ مشهور نظمن جو
ڪجهه حصو شامل ڪندو هلان:
*
يڪدم منهنجين رڳن ۾ ۽ زبان تي اچو،
ڳالهايو منهنجي لفظن ۾ ۽ منهنجي خون مان.
*
مون سان گڏ نئون جنم وٺ، منهنجا ڀاءُ!
انهن گهراين مان پنهنجو هٿ مون کي ڏي،
جن کي تنهنجي غم سرسبز ڪيو آهي. (پئبلو نرودا)
*
اي جڳ جي اونڌي جانڊه!
توتي ڦٽڪار ۽انهن تي لک ڦٽڪار
جي توکي هلائي رهيا آهن. (بودليئر)
پشپا جي شاعري ۾ انهي سوچ پيڙا جو پرتوو آهي، پر پئبلو ۽ بودليئر جي
نظمن ۾ وڏي شدت آهي، پشپا انتهائي ڌيرج ۽ نرم لهجي ۾ پنهنجي ڳالهه رکي ٿي.
*
ٻاجهارو هٿ
وڏي
گهر جي شيشي جي دريءَ مان،
ماڻهوءَ
جي من اندر ڪيئن ڏسي سگهجي ٿو!
ماڻهو
جي فوٽ پاٿن تي رهن ٿا،
يا
وڏين بلڊنگن جي ڇانوَ ۾،
ڏينهن
جو جنهن ريڙهي تي مال وڪڻن،
رات
جو اُها ريڙهي انهن جو پلنگ آهي،
ڦاٽل
ڳوڻين جي چوديواريءَ ۾،
انهن
جي ڪا پرائيويٽ زندگي ناهي،
انهن
سان گڏ رهندي،
انهن
جي ٽي - بي ورتل ماحول ۾
پلجندڙ
جسمن سان گڏ ساهه کڻندي،
ڪڏهن
انهن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿي روئندي،
ڪڏهن
انهن جي ڇانگ ٻارن سان، پاڻ کي گڏي،
ڪڏهن
انهن جي ڪلهي تي هٿ رکي،
سڀ
ٺيڪ ٿي ويندو چوندي
۽
ائين چوندي، اندر ئي اندر،
ننهن
کان چوٽي تائين ڪنبندي،
مون
انهن کي پنهنجي دل جي قريب ڄاتو آهي،
۽
انهي وقت
موت
سان مقابلو ڪندڙ هڪ عورت جو ٻاجهارو هٿ،
منهنجا وکريل وار
سنوارڻ لئه وڌيو آهي.
*
ريل ۾ ويٺل هر ڪو ماڻهو
دور
ديس کان آيل ماڻهو،
آسمان
جو ماڻهو
ريل
کان ٻاهر بيٺل ماڻهو
ٽين
دنيا جو پيڙيل ويچارو ماڻهو
...........................................
جن
ٻولي جي سگهه روڪي آ
جن کي ڪو به ضمير نه
آهي
پشپا جو هي نظم پڙهندي منهنجي تحت الشعور ۾ ننڍپڻ جو پڙهيل شعر تري
آيو:
تون
ڳالهه ڪرين ٿو زلفن جي،
مان
اڻڀن اڻڀن وارن جي
تون
ڪوڪ ٻڌين ٿو ڪوئل جي
مان پيٽ بکايل ٻارن جي
”ڪولهڻ“ ڌرتي جي اصل ڪردارن جي تلخ جيون ڪهاڻي، ”خوشين جو سامان“ نظم
تي منهنجون اکيون بيهي رهيون آهن، جيئري مائٽ جي چاڪري نه ڪرڻ ۽ مرڻ کان پوءِ جي
رسم تي زور ڏيڻ خلاف مون هي پهريون ڀيرو ڀرپور نظم پڙهيو آهي. هي سمورا نظم سماجي
تلخين جي تاريخ آهن، ”بغير ڪنهن عنوان جي“ نظم ۾ باگڙياڻي جي ٻار جي درد تي ڀٽائي
ياد آيو ”روئي ڪندو ماٺ، هينئڙو ٻانهي ٻار جيان“ وقت بدليو آهي، پر درد
نه گهٽيو آهي، ٻانهين ۽ باگڙياڻين جا ٻار اڄ به تڙپي رهيا آهن! ”لونگ ڦوٽا ٿالهي
۾...“ نظم خورشيد قائمخاني پنهنجي ڪتاب ’ڀٽڪتي نسلين‘
جو تاڃي پيٽو اُڻڻ دوران پڙهي ها ته ضرور پنهنجي ڪتاب ۾ ڀانت طور شامل ڪري ها،
سنڊريلا نظم جي سٽ ”توهان جا جوتا ڪيڏا سهڻا آهن“ طبقاتي سماج جي سوچ جو عڪس هڪ سٽ
۾ڏنل آهي، پر پشپا ٻهروپ نظم ۾ سچ ايئن لکيو آهي، جيئن اونداهي رات ۾ وڄ ٿيندي
آهي،
منهنجو اندر ڏسڻ چاهين ٿو،
منهنجو اصل ڏسڻ چاهين ٿو،
حيرت آهي! هي تون ڇا چاهين ٿو!؟
پشپا جي محبت تي سرجيل شاعري گلن جي پتين کي ميڙڻ جو نانءُ آهي، ميڻ
بتي جي روشني ۾ ڪائنات جو حسين مظهر آهي. پشپا پنهنجي سارن کي جهڙ ۾ تارن وانگر
ڌنڌلو نه ڪيو آهي. اهي چنڊ وانگر چمڪن ٿيون. پشپا جو هر نظم هڪ نگري آهي. منهنجي
دل جي ڪيفيت ميرا جي گيت وانگر ٿي وئي آهي نگري نگري ڦرا مسافر گهر ڪا راستا ڀول
گيا، اسان تو کي رکون ٿا
بند ڇپرن ۾
اکين وانگر!
No comments:
Post a Comment