11/01/2013

شيخ اياز جي ڪتاب ’جل جل مشعل جل‘ جو مهاڳ - محمد ابراهيم جويو



محمد ابراهيم جويو
جنهن شعر کي شاعر هيئن چئي پيش ڪري رهيو هجي ته:
گوريءَ گُجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟
گهر گهر گهنگهرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!
اُن جي پيشبنديءَ طور، آءٌ سمجهان ٿو ته وڌيڪ ڪنهن فوري ڳالهه جي چوڻ جي گنجائش ڪانهي. بهرحال، هڪ ته شاعر جي مرضي اها آهي ۽ ٻيو ته سنڌي ادب جي هن نئين انقلاب آفرين قدم ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ جو شرف حاصل هجيم، تنهن ڪري هن موقعي تي، هڪ ڀيرو وري به، هيءَ پاڻ اڳي ڪرڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيان. سچ پچ ته اياز جي هن تازي شعر جي مهاڳ جا هي ٻه لفظ لکندي، جو فخر ۽ جا خوشي مون کي ٿئي ٿي، تنهن جو آءٌ بيان نٿو ڪري سگهان.

اياز جي هن ڪلام جي هڪ غزل جو شعر آهي ته ماڱر ساري ٽانگر، واس، لوئي ناهه مڇيءَ جي ليءَ!
مون کي پڪ آهي ته اسان جي ادب شناس پڙهندڙن کي اياز جي هيءَ شاعري انهي معيار تي پوري نظر ايندي. اڄ، روس جي انقلابي شاعر ماياڪووسڪيءَ وانگر، اياز جو ٻڌندڙ اياز جو عوام آهي. اياز جون علامتون به اهي آهن، جن سان هن جو عوام چڱيءَ طرح آشنا آهي. انهن علامتن وسيلي هن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جدوجهد ۾ سندس ٻڌندڙ سنڌ جو سمورو عوام اڄ مصروف آهي. اياز جي ٻولي به عوام جي ٻولي آهي ۽ ان ٻوليءَ ۾ هن پنهنجي ماضيءَ جي روايت ۽ مستقبل جي تصور جو اظهار ڪيتريءَ بيساختگيءَ سان آندو آهي، تنهن جو اندازو سندس باذوق پڙهندڙ خود ڪري سگهن ٿا. اردوءَ جي عظيم شاعر فيض احمد ’فيض‘ جي شاعري عوام جي باري ۾ ته آهي، پر پوري جي پوري عوام لاءِ نه آهي. اها گهڻي قدر فقط وچئين ۽ مٿئين طبقي جي سمجهڻ جي آهي، ڇو ته ان جون علامتون ۽ زبان عوامي نه آهي. انقلابي شاعريءَ لاءِ عوامي روايتن ۽ عوامي زبان سان رابطو ضروري آهي.
اياز جي شعر جي فني عظمت تي علمي طور ڪي ڄاڻو ئي لکي سگهن ٿا. بهرحال، عام طرح جڏهن ڪنهن شاعر جو شعر ٻڌبو يا پڙهبو آهي، تڏهن ان ۾ ڪٿي ڪو لفظ يا ڪو اکر گهٽ- وڌ يا جوڳي انداز ۾ آيل هوندو آهي، ته هڪدم اهو ذهن ۾ کٽڪندو آهي. شعر ۽ موسيقيءَ جو هريل ڪَنُ آواز توڙي لفظن جي تار مڪانَ لئي ۽ ترنم تي ايڏو ته ٺهي وڃي ٿو، جو انهن جو اهڙو جهڙو ڪو سقم شايد ئي ان کان ڪڏهن بچي وڃي. آءٌ سمجهان ٿو ته ڪَنَ جي اها چُستي ۽ ٻوجهه شعر ۽ راڳ جي هر پياسيءَ جي قسمت ۾ آيل آهي. تنهنڪري ان کي ڪا خصوصي اهميت به ڪانه ٿي ڏجي. پر شعر ۾ راڳ مان پورو لطف حاصل ٿئي، ان لاءِ اهو ڪن جو رس ضروري آهي ۽ ان لطف جي صحيح ۽ پيڙهائتي هجڻ جي يڪ تڪ ڪسوٽي پڻ اهو ئي ڪن رس آهي.
اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪانهي، ڇو ته ان کي پڙهندي ۽ ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجهه ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. مثال طور اياز جي هن نئين ڪلام جو هيءُ تعارفي بيت وري پڙهي ڏسو.
گوريءَ گُجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟
گهر گهر گهنگهرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!
نانگي اڄ نچي، داتا تنهنجي دوار تي.
پهرين ڳالهه اوهان ڏسندا ته هن بيت جي پهرينءَ سٽ جي پهرئين بند ۾ ’گوري‘ ۽ ٻئي بند ۾ ’چوري‘ لفظ هم قافيه آهن. سٽ جي اندر ترنم پيدا ڪن ٿا. ٻيو ته پهرئينءَ سٽ جي پهرين ٻن لفظن ’گوري‘ ۽ اکرن گ، ر ۽ ي جو تڪرار آهي. گ جو تڪرار پوئينءَ سٽ جي ’نانگي‘ لفظ ۾ به آهي. پهرينءَ سٽ ۾ ٻه ڀيرا گ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو گ ۽ چار ڀيرا ’گهه‘ اکر پڙهڻ کان پوءِ جنهن جو صوتي اثر لڳ ڀڳ ’گ‘ جهڙو ئي آهي، جڏهن اهو آواز تحت الشعور ۾ ويهي ٿو وڃي، ته پوئينءَ سٽ ۾ آيل ’گ‘ وري ان جي صوتي اثر Sound effect کي اڀاري ٿو. ساڳيءَ ريت پهرينءَ سٽ جي لفظن ۾ چار ڀيرا، ٻيءَ سٽ ۾ ٽي ڀيرا ۽ هڪ ڀيرو ڙ (جنهن جو آواز به  لڳ ڀڳ ساڳيو آهي) ۽ پوئينءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو ڪم آندل آهي. پوري بيت ۾ نَوَ  ڀيرا هو ر جو تڪرار ترنم پيدا ڪري ٿو. تجنيس حرفيءَ لاءِ لفظن جي پهرين اکرن جو تڪرار ڪافي نه آهي. لفظن جا وچان ۽ پويان هم آواز اکر شعر ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪن ٿا.
اهڙيءَ طرح پهرينءَ سٽ ۾ ڇهه ڀيري اکر”ي“ آيل آهي ۽ ٻيءَ ۾ ٻه ڀيرا ۽ ٽينءَ ۾ چار ڀيرا. سڄي بيت ۾ نَوَ ڀيرا ن اکر اچي ٿو، ٽينءَ سٽ جي پوئين اڌ ۾ ٽي ڀيرا ت جو آواز موجود آهي. حرفن جي اها ۽ ايتري سڄي تجنيس شاعر طرفان ڪا شعوري ڪوشش نه آهي، ڇو ته ڪٿي به آواز جي تاثر لاءِ معنيٰ کي قربان نه ڪيو ويو آهي. اها شاعر جي سڄيءَ زندگيءَ جي رياض جو نتيجو معلوم ٿئي ٿو.
جرمن شاعر Rilke يا انگريزيءَ جي شاعرن T.S.Iliot ۽  Dylon Thoma جي ڪنهن ڪنهن سٽ ۾ جيڪڏهن اهڙي بيساخته Alliteration اچي ٿي ته، مغربي نقاد خوشيءَ ۾ ماپيا نٿا سمائجن. سنڌيءَ ۾ اها ڳالهه ڀٽائيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي نظر اچي ٿي ۽ اياز ڀٽائيءَ کي پنهنجو ادبي مرشد ڪوٺيو آهي. اياز جي سڄي شعر ۾ حرفي تجنيس  جي اها يڪتائي نظر ايندي.
تنهن کان پوءِ اياز جي شعر جي هيءَ خصوصيت به پنهنجيءَ جا تي اڄ يڪتا آهي ته هن جي شعر ۾ (تقطيع وقت) به اکر کي حذف ڪرڻو نٿو پوي، توڙي جو انهن کي شعري صنعت هيٺ حذف ڪرڻ جائز پڻ آهي. ڪم از ڪم مشرقي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو ورلي شاعر آهي، جنهن پنهنجي پوري ڪلام ۾ ڪيترائي اکر ائين حذف نه ڪيا هجن. اکر جي حذف ڪرڻ ڪري نه فقط شعر جي تقطيع وغيره جي آشنائي ضروري آهي، تنهنڪري عوام شعر کي ائين نٿو پڙهي سگهي، جيئن ان کي پڙهڻ گهرجي. اياز جي پهرين شعري مجموعي ”ڀؤنر ڀري آڪاس“  ۾ ڪٿي ڪٿي اکر حذف ٿيل ڏسي سگهجن ٿا پر ان کان پوءِ جي سندس ڪلام ۾ ڪٿي به اکر حذف نه ٿيو آهي.
اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اُهي، ٻولين سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دور جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بنبا آهن.  سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ ٻيا اديب به ڏنا آهن. هن سر زمين تي، انساني عظيم جي نئين انقلاب جي سج-اُڀار جا اهي به داعي آهن ۽ سڀ گڏجي ان جو سبب بنبا. اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اهو ئي مقصد آهي، اسان جي هر ’مادياتي ۽ روحاني‘ ڪاوش جو سماجي ڪارج اڄ اهوئي آهي. اسان مان جيڪو به هن ڏس ۾ جيترو حصو وٺندو ۽ ان جي پورائيءَ جي جيتري ڪوشش ڪندو، اوترو هو پنهنجي همعصر نسل ۽ آئنده نسلن جو معمار ۽ محسن شمار ٿيندو ۽ تاريخ ان جا اوترائي ڳڻ ڳائيندي.
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان متوالا ايندا هڻندا تن جي هام! (اياز)
اياز جو هيءُ نئون ڪلام پڙهندڙن جي اڳيان آهي. اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آهي ۽ اسان جي پنهنجي تقدير جو داستان آهي ۽ ان جي منهن تان نقاب هٽائي، ان جي حسناڪي به اهو اسان کي ڏيکاري ٿو. ڪابه چڱي ڳالهه اهڙي ڪانهي، جنهن جو ڪو دشمن نه هجي. اڳي وانگر، هاڻي به پڪ آهي ته اياز جو هيءُ ڪلام ڪن کي چيڙائيندو. پر حضرت سچل سرمست رحه جي چوڻ موجب:
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي!
ڪوڙيءَ دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي!
سچ چوڻ وارا سچ چوندا رهندا ۽ سختيون سهندا رهندا، ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته ڪوڙ ترار کان ايترو ڪونه ٿو ڊڄي جيترو قلم کان ۽ زبان قلم کان به طاقتور آهي ۽ ڪوڙ ڪيرائڻو آهي ته قلم ۽ زبان کي وارو وار هڻبو ۽ هلائبو ئي رهبو.
آگسٽ ۱۹۶۶ع ۾ اياز سان گڏ ٻه چار دوست ٿر گهمڻ ويا هئاسين، ڪجهه مينهن وسيا هئا، پر نه جهڙا. ٿر جي مارن کي پنهنجا پنهنجا رُڃائتا کيت کيڙيندي ۽ ’همرچا‘ ڳائيندي، ڏٺوسين ۽ ٻڌوسين. ٿر جي مورن جون رڙيون به ڪٿي ڪٿي ٻڌيوسين. جن مينهن کي پئي سڏ ڪيا ۽ ٿر جي مارن جون اُڃايل دليون انهن کي ڪنائي بهار بهار پئي ٿيون. پارڪر ۽ ڪارونجهر کان ٿي موٽياسين، ته لاڙ ۾ نند جي ڦٽل ڪوٽ ۽ رڙيءَ جي ڀڙڀانگ ميدان کي ڏٺوسين ۽ اتان ڦري مڪليءَ تي سنڌ جي عظمت کي پٿر تي اڪريل ڏسي، تماچي تڙ-ڄام جي ڪينجهر، جا هاڻي ڦري ’ڪلري‘ ٿي پيل آهي، تنهن جي ڪناري تي نماڻيءَ نوريءَ جي پونيرن، گندرن غريبن، وٽ رات رهياسين، جن پنهنجي ڪسمپرسيءَ جا سڄي رات دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايا.
جتي وياسين اتي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن پنهنجا اوراڻا اوريا ۽ اهي اسان ڏينهن رات ۽ ڏينهن شام ٻڌا. شاعر جي دل تي انهن جي ڳالهين ۽ ڳاراڻن جا ڪهڙا گهاوَ ٿيا، ان جو اندازو اسان کي پوءِ ٿيو، جڏهن اياز جي ڳهيلي ڪوتا، پنجن سالن کان پوءِ ون يونٽ جي ٽٽڻ ۽ سنڌ صوبي جي ٻيهر قائم ٿيڻ تي سنڌ سرڪار ڪينجهر تان ڪلري نالو هٽائي ان جو اصلوڪو نالو بحال ڪيو، پنهنجا وار ڳُنڌي ۽ چري بنجي، ڀريل دل ۾ اڌميل آواز ۾ اسان جي اڳيان آئي ۽ ٻئي مهيني جي رسالن ۾ هيءُ سندس پهريون غزل ڇپيو:
نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا!
اَسارا اَسارا، ڪينجهر جا ڪنارا!
اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ائين سمجهين، مئا مور سارا!
اڙي هي اُمارا! مئي ناهه مڪلي،
’اياز‘ اڄ وتاسي، پٿر جا پنارا!
اياز جي شعر جي هيءَ موتين مُٺ، جا هتي ’جل جل مشعل، جل‘ جي نالي سان پيش ٿي رهي آهي، سا سرزمين سنڌ جي انهيءَ ٿر ۾ لاڙ جي ياترا کان پوءِ ميڙيل آهي. ادب شناس پڙهندڙن کي ان ۾ ٿر ۽ لاڙ جو واڙءُ ۽ ورنُ وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندو. ڏسجي ته پهڻ ۽ پارس جا پارکو هِن وٿ جو ڪهڙو ٿا ملهه ڪٿين!
(2 مئي ۱۹۶۷ع)

No comments:

Post a Comment