14/01/2013

واويلا وڻڪار - عبدالواحد آريسر



واويلا وڻڪار
عبدالواحد آريسر
 دنيا جو عظيم فڪر ۽ فن، زندگيءَ کي خوبصورت بنائڻ لاءِ تخليق ٿيندو رهيو آهي. زندگي جيڪا سچ ۽ سونهن جي مادي روپ جو اظهار آهي. عظيم فن ۽ فڪر، سموريءَ ڪائنات لاءِ پنهنجي اندر ۾ ڪو عظيم آدرش، سڀاڻي جو سهڻو خواب“ ۽ روشن آئيندي جي روشن اميد رکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهڙو ادب، فن ۽ فڪر، ڪنهن هڪ فرد، هڪ گروهه ۽ هڪ پارٽي لاءِ نه هوندو آهي پر ان جو دامن خدا جي دل کان به وسيع هوندو آهي، اهو فن، جڏهن پنهنجي وُسعت ڇڏي، ڪنهن هڪ شخص، گروهه ۽ پارٽيءَ واري راهه اختيار ڪندو آهي، تڏهن اهو عظمت جي مناري تان ڪري، خوشامد، لالچ ۽ لوڀ جي گندگيءَ ۽ غلاظت جو ڍير بنجي ويندو آهي، ۽ پوءِ اهڙي فنڪار کي ان غلاظت ۽ ليٿڙين پائڻ واري پنهنجي عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ انتهائي ڪين جهڙيون ۽ خسيس حرڪتون ڪرڻيون پونديون آهن، ڪوڙ ٺاهڻا پوندا آهن، تاريخ جون هٿراڌو تاويلون ڪرڻيون پونديون آهن. ۽ هٿ ٺوڪيا فلسفا گهڙڻا پوندا آهن.

اهو ئي حال اڄ سنڌي زبان جي تمام وڏي شاعر، شيخ اياز جو آهي، جنهن جي شاعريءَ جي عظمت جي محرابن ۾ سجدا ڪندي مون سميت سنڌي نوجوانن جون نه معلوم ڪيتريون شامون گذريون آهن! ان اياز اڄڪلهه پنهنجي سموري فني تخليقي سگهه، هڪ شخص ذوالفقار علي ڀُٽي، هڪ اقتداري ڌر ۽ هڪ پارٽي ( پيپلز پارٽي) جي ثنا خوانيءَ واريءَ راهه تي لڳائي ڇڏي آهي. شايد هن کي دير سان خبر پيئي آهي ۽ احساس ٿيو آهي ته زندگيءَ جي خوبصورتي ”ڀٽائي“ ٿيڻ ۾ نه پر ”عطا ٺٽوي“ بنجڻ ۾ آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي اڄ هن جي ”جهول جهلڻ“* جا مرڪز ڀٽ، جهوڪ ۽ باغبان جي بدران لاڙڪاڻو، ڳڙهي خدا بخش ۽ اسلام آباد بنجي ويا آهن.
پ پ پ  کي اقتدار ملڻ کان پوءِ هڪدم شيخ اياز جي مَنَ ۾ موجود باغي شاعر، جهڙوڪر ”اروڙ جي غفائن“ ۾ ”ڏاهر“ کي ڳوليندي سمهي رهيو ۽ سندس ذهن ۾ ستل ”امير خسرو“ جاڳي پيو، ۽ هن صاحب خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ ”جشنِ جمهوريت“ کي خطاب ڪندي، پنهنجي پوري فني ۽ تخليقي سگهه کي ڀٽي خاندان ڏانهن منسوب ڪندي، پاڻ کي جمهوري آزادي جو نه رڳو علمبردار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نوجوانن کي قومي حقن تان هٿ کڻڻ ۽ جهڙوڪر، ”پيپلز پارٽي“ ۾ داخل ٿيڻ جي نصيحت ڪئي، ۽ اهو تاثر ڏنو ته ۱۹۷۳ع جو آئين قومي ۽ طبقاتي حقن جي مڪمل ضمانت آهي.
شيخ اياز هڪ شاعر آهي، ۽ ڪنهن به پارٽيءَ سان لاڳاپيل نه آهي، ان ڪري کيس کپندو هو ته سياست ايتري ۽ اهڙي ڪري، جيتري ۽ جهڙي سندس شاعريءَ لاءِ ضروري هجي. ڇو ته شاعر سياست کي سمجهندو ضرور آهي، پر ان جي عملي استعمال ۽ اظهار جو کيس ڍنگ اهڙو نه ايندو آهي، جهڙو هڪ سياستدان کي ايندو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هندوستان جو ليڊر ٽئگور هجي ها، نه ڪي نهرو،  ۽ چليءَ جو صدر پابلو نرودا هجي ها نه ڪي اليندي.
شاعر واري حيثيت ۾ شيخ اياز کي شخصي پسند ۽ ناپسند جو حق، توڙي ان حق جي اظهار جو به حق آهي، پر اهي نازڪ ۽ قومن جي زندگيءَ ۽ موت سان لاڳاپيل ”آئيني مسئلا“  اهڙا نه آهن، جيڪي ڪنهن شاعراڻي خواب ذريعي حل ٿي سگهن. اياز کي پڪ سان معلوم ٿيو هوندو ته ۱۹۷۳ع جو آئين، مجبوريءَ ۽ مصيبت جي حالت ۾ نافذ ڪيو ويو هو، ۽ ان آئين نه رڳو سنڌين جا مادي وسيلا ڌارين جي جهولي ۾ اڇلائي ڇڏيا، پر ٻاهرين لوڌن جي ڦرلٽ لاءِ سنڌ کي چراگاهه به بنائي ڇڏيو.
’جشن جمهوريت‘ واري تقرير ۾ اياز وڌيڪ چيو هو ته ”مون کي يقين هو ته تاريخ شهيد ڀُٽي جي حق ۾ هڪ نه هڪ ڏينهن پاسو ضرور بدلائيندي.“ حقيقت ۾ کيس ائين چوڻ کپندو هو ته آمريڪي پاليسي، هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڀٽي خاندان جي حق ۾ پاسو بدلائيندي. اهو ان ڪري جو، اڄ اسان ڏسون ٿا ته پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت ايترو وڌي وئي آهي، جو وفاقي ڪابينه جي گڏجاڻي ۾ آمريڪي سفير رابرٽ اوڪلي ويٺل نظر اچي ٿو.
بهرحال ڪنهن به سياسي سوچ رکڻ جو اياز کي حق آهي ان جي ايمانداريءَ  سان اظهار جو به کيس پورو پورو اختيار آهي. پر آئون سمجهان ٿو ته اهو اڄڪلهه جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي ان ۾ سچائي کان وڌيڪ ڪا ”طمع جي تنوار“ ۽ ڪنهن مڻيي کي مٺ ۾ ڪرڻ جي تمنا آهي ۽ هو هارَ تي هرکجي پيو آهي.* اهو آئون ان ڪري چئي رهيو آهيان، جو ڀٽي ۽ ضياءَ جي باري ۾ سندس خيال آرائي جا ٻه مثال منهنجي آڏو رهيا آهن.
(۱) ۱۹۷۸ع ۾ ڀٽو جيل ۾ ۽ شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئو ان وقت آئون اياز سان مليو هوس ڪچهري ۾ ڀٽي جو ذڪر آيو ته ڀٽي لاءِ چوڻ لڳو: هو........ پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري ڪوٽ لکپت ۾ ويٺو آهي ۽ پٺيان اسان ڏٺي ۾ پئجي ويا آهيون.
(۲) ۱۹۸۳ع ۾ MRD جي تحريڪ دوران سنڌ جا ڪجهه اديب، اياز سان سکر ملڻ ويا ۽ اياز کين جنرل ضياءَ جي فائدي ۾ هن دليل ذريعي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته: هالي ووڊ جو ايڪٽر اگهاڙين فلمن ۾ گندگي چٽيندڙ مسخرو ريگن جيڪڏهن آمريڪا جو صدر ٿي سگهي ٿو، وحشي سوئا هڻي ماڻهن جون اکيون ڪڍندڙ، خسيس جاسوس پوليس وارو، ڪي.جي.بي جو سربراهه يوري آندروپوف، جيڪڏهن روس جو صدر رهي سگهي ٿو ته ضيا پاڪستان جو صدر ڇو نه ٿو رهي سگهي. * اهي لفظ هن انهيءَ وقت چيا هئا، جڏهن سنڌ جي سدا سهاڳڻ ڌرتي، بارود ۽ باهه ۾ سڙي رهي هئي ۽ هن ديس جا سوين نوجوان پٽ ۽ ڌيئون، جيل جي اونڌاين کولين ۾ سڙيا پئي، ۽ سنڌ جي ميدانن ۾ اڄ جي دريا خانن ۽ هوشوئن جون پڳون، فوجي بوٽن جي هيٺان لتاڙجي رهيون هيون. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته اسان جي شاعر جون رڳون جيئن جيئن ڪمزور ٿينديون وڃن ٿيون، تيئن تيئن مٿس خوف، موت ۽ لالچ جو غلبو ٿيندو وڃي ٿو ۽ انهيءَ لالچ ۾ ايترو اڳتي وڌي ويو جو ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي ”رسالي“  پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي هن جيڪي ماحول ۽ حالتن جو پورو پورو فائدو وٺڻ خاطر سنڌ جي عظيم محب وطن شهيدن مخدوم بلاول ۽ شاه عنايت کان ڀٽي کي وڌيڪ عظيم ثابت ڪرڻ لاءِ چيو ته: ”وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونه آهي. ڀٽو بي وس هئو، بنديوان ۽ بيمار هئو، هو ٻن سالن کان وڌيڪ ضياءُ جي آمريت جو مقابلو ڪندو رهيو. ان لاءِ نفرت جو اظهار ڪندو رهيو ۽ آڻ نه مڃائين ۽ نيٺ شهيد ٿيو. شاه بلاول به اڌ ڪلاڪ گهاڻي ۾ پيڙايو ويو هئو، هو ٻن سالن لاءِ وڌيڪ پيچ وتاب ۾ رهيو، اضطراب ۾ رهيو. شاه عنايت کي گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ تلوار هيٺان سر رکي شهيدڪيو ويو هئو. ڀٽي وانگر سڄو سال مچيل مهاڙن جو عذاب نه ڀوڳيو هئائين.“
اياز اها ڳالهه ڪري حقيقت ۾ مخدوم بلاول ۽ شاه عنايت شهيد جي مقدس رت جي توهين ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ جا ڪجهه ڪردار ڏاهر، دودو، دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ هوشو آهن. انهن ڪردارن ۽ نالن وسيلي نه رڳو اياز جي شاعري کي هالار جي هيبت ۽ ڪارونجهر جي ڪامڻيءَ جي سونهن ملي آهي پر اهي نالا ۽ ڪردار هر محب وطن سنڌي لاءِ قرباني، جدوجهد ۽ سر گهورڻ جو جذبو ۽ اتساهه پيدا ڪندا رهندا آهن.
اهي ئي نالا آهن جن کي اياز سدا ملوڪ ۽ لازوال شاعري ۾ وڌيڪ خوبصورت ۽ پائيدار بنائڻ لاءِ بار بار استعمال ڪندو آيو آهي. جڏهن ته ڀٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ هن جي گهڻي کان گهڻي شاعري ڇپي آهي، پر ڪٿي به هن ڀٽي جو نالو ظاهر ظهور يا اشاري طور ڪتب نه آندو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته فنڪار اياز لاءِ ڀٽي جي نالي يا ڪردار ۾ ڪائي ڪشش نه آهي، نه ته هو ضرور ان کي بهادريءَ جي علامت طور استعمال ڪري ها، ۽ ائين نه چوي ها ته:
”ڳاڙها ڳڀرو آئيا، دولهه منهنجي ديس جا!“
پر چوي ها ته:
”ڳاڙها ڳڀرو آئيا، ڀٽا منهنجي ڀونءِ جا!“
هتي مسئلو سزا جي ”ڪميت“ جو نه پر ”ڪيفيت“ جو آهي. ڪڏهن ڪڏهن گهڙيءَ جو عذاب صدين جي عذاب ۽ پيڙا کان ڳورو هوندو آهي، ۽ گهڙيءَ جي عظمت ۽ اهميت جي باري ۾ اياز خود هڪ هنڌ لکيو آهي ته :” مون تي ڪنهن وقت گهڙيءَ کن لاءِ ڪائي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ۽ ان گهڙيءَ ۾ آئون پوري ڪائنات لاءِ صدين واري ڪيفيت گذري هوندي، آءٌ سمجهان ٿو ته پوري انساني تاريخ ۾ سون هزارن سالن جا عذاب ۽ اذيتون گڏ ڪيون وڃن، تڏهن به ان اڌ ڪلاڪ واري ڪيفيت جو پڙ ڳرو رهندو.“  ۽ شاه عنايت جو ڏسندي وائسندي جلاد جي سامهون هليو وڃڻ ۽ تلوار جي هيٺان مرڪي ڪنڌ ڪپائڻ ۽ جلاد کي هيئن مخاطب ٿيڻ ته:
بيا بيا! اربانيت شوم.......... الخ
(اچ اچ آءٌ توتان قربان ٿيا، مون کي تنهنجو ئي انتظار هئو!)
سر درِ قدم يارِ فدا شد، چه بجا شد،
اين بار گران بود، ادا شد چه بجا شد.
(سِر يار جي قدمن تان گهوريم سٺو ٿيو
هي ڳرو بار هئو، ادا ٿيو، سٺو ٿيو!)
هي اهو انساني ذهن ۽ ضمير جي عظمت جو تصور آهي، جيڪو اهڙي ئي ماڻهو جي دل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو جزا ۽ سزا، اميد ۽ خوف، زندگي ۽ موت جي سطحي قدرن کان مٿي ٿي، ڪائنات جي وحدت ۾ پنهنجو پاڻ گم ڪري چڪو هجي، جنهن وٽ فتح ۽ شڪست، زندگي جي رنگا رنگي ۽ گونا گونيءَ جا معمولي پرتوا هوندا آهن. جڏهن ته ڀٽو زندگيءَ  جا اهي ٻئي سال زندگيءَ جي عارضي سهارن ڏانهن واجهائيندو رهيو، تڏهن هن حسرت وٽان چيو ته :”جيڪڏهن اڄ شاهه فيصل ۽ مائوزي تنگ جيئرا هجن ها ته مون سان اها حالت نه ٿئي ها.“ ڪڏهن هن فرانس جي صدر کي لکيو ته: ” توهان منهنجي زندگي کان لاپرواهه ٿي، آمريت جو ساٿ ڏئي رهيا آهيو. جڏهن ته توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته ڪميونزم هميشه آمريت جي ڪک مان جنم وٺندو آهي.“ انهيءَ بيان مان زندگيءَ جي سهاري جي تلاش سان گڏ اها به خبر پوي ٿي ته دنيا جي بهتر ترقي پسند نظام جي باري ۾ اياز جي ممدوح جي ڪهڙي راءِ هئي ۽ هن آمريت جي مخالفت ان ڪري ئي ڪئي ٿي ته اتان ڪميونزم جنم ورتو ٿي.
منهنجو هي به خيال آهي ته جنرل ضياءُ صرف چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ تي اڪتفا ڪري ها ۽ ڀٽي صاحب کي وزيراعظم طور رکي ها ته اهو سودو ڀٽو صاحب مهانگو نه سمجهي، قبول ڪري ها، ڇو ته سندس ماضيءَ جي تاريخ اهڙي ئي شاهدي ڏئي ٿي ۽ منهنجو تاريخ جي متحرڪ قوتن ۾ پڪو ويساهه آهي ته، شاهه حسن ارغون ۽ نواب اعظم خان، مخدوم بلاول ۽ شاهه شهيد کي اهڙي آڇ ڪرڻ جو تصور به نه ٿي ڪري گهيا، باقي جيسين تائين ڀٽي جو ٻه سال جيل ۾ رهي، ڦاسيءَ تي چڙهڻ جو سوال آهي ته ان معاملي ۾ به سنڌ جا عظيم شهيد صبغت الله شاه ۽ هيمو ڪالاڻي کانئس هر حالت ۾ گوءِ کڻي وڃن ٿا ڇو ته ٻن سالن ۾ ڀٽو صاحب صرف اضطراب ۽ پريشان حاليءَ ۾ رهيو، پر هن کي جنهن آمريت سان نفرت هئي ان جي ختم ڪرڻ لاءِ وٽس ڪا به پلاننگ نه هئي. جڏهن ته صبغت الله شاھ ۽ هيمون ڪالاڻي کي ڌارئي سامراج لاءِ اٿاهه نفرت هئي ۽ زندگي جي آخرين پساهن تائين پنهنجي مقصد جي سچائي واري لازوال مرڪ سندن چپن تي موجود هئي.
ظلم جي خلاف صرف ڪنهن اضطراب جو اظهار ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ۽ عوامي حقن جي باري ۾ فيصلو قضا و قدرت جي حوالي ڪري ڇڏڻ گهٽ ۾ گهٽ انساني انقلاب جي عظمت جي تاريخ ۾ اها حيثيت نه ٿو رکي جيڪا جيولس فيوچڪ، ڀڳت سنگهه ۽ ٻين جي شهادت کي حاصل رهي آهي. ساڳئي انٽرويو ۾ اياز چليءَ جي عظيم ليڊر اليندي لاءِ چيو آهي ته:
”چلي ۾ فوجي ڪوديتا کان پوءِ اليندي به بندوق کڻي ڪجهه ڪلاڪ مقابلو ڪيو هو ۽ ماريو ويو هو. وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.“
سڀ کان پهرين انهيءَ فقري جي خلاف اياز جي تمام گهڻي شاعري شهادت ڏئي ٿي. يعني اياز جي اها شاعري جنهن ۾ هو هر هنڌ چوي ٿو ته:
”ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سواءِ ٻي واهه!“
ويڙهه ئي زندگي جو جوهر ۽ قومن جي تقدير جو نکار آهي. اها سڄي شاعري انهيءَ خيال جي ترديد ڪري ٿي ته ”وڙهندي ماريو وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.“ پر اياز جي ان جملي ۾ منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿيو آهي ته اليندي عوام جي اقتدار جي دشمن سان آخري گهڙي تائين بندوق کڻي وڙهندو رهيو آهي جيئن شيخ اياز چيو آهي ته:
واجهه نه وجهه تون وڍ ڏي، رت وهي ته به رڙهه
پوئين وير به وڙهه، ويريءَ سان وجود جي.
ويهين صدي ۾ فوجي ڪوديتائين ۾ جيڪي به ملڪي سربراهه لاٿا ويا، نڪروما کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽي تائين، ان ۾ اليندي واحد سربراهه هو جنهن بندوق کڻي ديس دروهين جو مقابلو ڪيو ۽ جڏهن ته (شهيد) ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل چشتي جي گن ڏسي پنهنجي ٻارن ٻچن جي زندگي جي ضمانت وٺي، عوامي اقتدار غاصبن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو ۽ پوءِ ٻه سال ڪڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندو رهيو.
آخر ۾ گذارش ته آءٌ اڄ به اياز کي هن دؤر جو، دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر سمجهان ٿو ۽ سندس خلاف لکڻ مون جهڙي ماڻهو لاءِ ايترو ئي اذيتناڪ آهي، جيترو پنهنجي پيءُ جي ڪنڌ تي ڇري وهائڻ. پر مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد جي قبرن کي اياز، شاهه حسن ارغون ۽ نواب اعظم خان بنجي ٿڏا هنيا آهن اهڙي وقت ۾ ماٺ رهڻ اهڙو ئي جرم آهي، جهڙو مارئي جي لوئي کي رنڊيءَ جي ڪوٺي جو پردو بنائڻ.

 

*  ڪنهن وقت اياز بيت لکيو هو ته:
ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول،
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، ڏاها! منهنجي ڏات جا.
* طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا
ڌڪي ڪندئي ڌار، مڻيو ڏئي مٺ ۾! (شاهه)
*  هي ڳالهه انور پيرزادو، مير محمد پيرزادو جي موجودگي ۾ ڪئي.

No comments:

Post a Comment