23/01/2013

عورتازاد - مبارڪ علي لاشاري



جديد ادبي تنقيدي نظريا
عورتازاد (Feminism)
مبارڪ علي لاشاري
عورتازاد جو نظريو تاريخ جو اهو آواز آهي جيڪو ڪنهن به دور جي قيد جو آواز نٿو ٺهرائي سگهجي، نڪي ان کي ڪنهن جاگرافي سان منسوب ڪري سگهجي ٿو، نه ئي ڪنهن هڪ ۽ مخصوص تهذيب، ثقافت، سماج، مذهب يا نظام جو حصو چئي سگهجي ٿو، پر اهو دٻيل آواز هر دور ۾، هر جاءِ تي ۽ هر هنڌ رهيو آهي.

عورت ذات تاريخ جي اها پڪار آهي جنهن کان ڪنهن به انڪار ناهي ڪيو، ڪنهن به ان کان منهن موڙي انصاف، ترقي ۽ تهذيب جي اهميت جي ڳالهه ناهي ڪئي. اڄ به ڪو باشعور، سمجهدار، حق پرست ۽ علم و عقل وارو ماڻهو عورت جي اهميت ۽ ان جي مظلوميت کان انڪار نٿو ڪري سگهي. عورت جي پيڙا جو عرصو انتهائي قديم ۽ تمام وسيع تر آهي. انسان ذات جي وڏن وڏن استادن، حضرت محمد صليٰ الله عليه سميت پيغمبرن، امامن، مفڪرن ۽ ڏاهن عورت جي مظلوميت ۽ حقن جي ڳالهه ضرور ڪئي آهي. اسلام ته جنت کي به ماءُ جي پيرن هيٺان قرار ڏيئي عورتن جي درجي کي وڏو مقام بخشيو آهي.
انهي سڀني ڳالهين جي باوجود به جنسي طور انساني نابرابري، حاڪميت، زوراوري، اوچ نيچ ۽ غلبي وارو جهڳڙو هميشه قائم رهيو آهي؛ جنهن کي تاريخ ۾ ڪنهن نه ڪنهن آڙ يا بهاني سان جسٽيفاءِ ڪيو ويندو رهيو آهي. ساڳي طرح سان عورت پنهنجي حقن جو آواز به وقتن بوقتن اٿاريندي رهي آهي ۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهندي رهي آهي جيڪا ويڙهه ايڏو مٿي يا پراميننٽ نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو سبب آئون سمجهان ٿو اهو آهي ته هوءَ انفرادي سطح تي وڙهندي رهي آهي ۽ اڃا سوڌو گهر ۾ مرد-غلبي خلاف ڪڏهن شعوري، ڪڏهن غير شعوري طوروڙهندي رهي آهي، پر پوءِ به اهو ڪافي نه آهي. ان پس منظر ۾ عورت منظم طرح سان پنهنجي حيثيت جي مڃائڻ جي جدوجهد جديد دور ۾ شروع ڪئي آهي.
جديد دور جي عورتن پنهنجي عورت ذات جي حقن ۽ حيثيت جي جدوجهد جي شروعات  عورتازاد يا نسواني تحريڪ Feminism جي نالي سان ڪئي، جنهن جو مقصد جنسي طور سياسي، سماجي ۽ معاشي برابري حاصل ڪرڻ هو، ڇو ته عورتن واري انهي تحريڪ مطابق مردن پنهنجي مخصوص نظام تحت عورتن کي هميشه سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي طور محروم ۽ غلام رکيو آهي، جنهن لاءِ سڀ کان وڏو الزام انهي تحريڪ پاران پدري نظام Patriarchy کي ڏنو ويندو آهي. سندن چوڻ موجب پدري نظام مذڪر ۽ مونث جي وچ ۾ جيڪي سرحدون ٺاهيون ان موجب ته مرد وڌيڪ خصوصيتن وارو ۽ عورتون وڌيڪ ڪمزور ۽ نااهل آهن جنهن کي هيٺين ٽيبل ۾ ڏسي سگهجي ٿو:
Women
Men
*     Emotional (irrational)
*     جذباتي ۽ بي عقل
*     Weak
*     ڪمزور
*     Nurturing
*     پرورشي
*     Submissive
*     هيڻي ۽ محڪوم
*     Rational
*     فهم ۽ عقل وارو
*     Strong
*     طاقتور
*     Protective
*     محافظ
*     Decisive
*     فيصله ڪن ۽ حڪمران

مٿين خاڪي موجب عورت ڪمتر جڏهن ته مرد برتر آهي، جڏهن ته عورتازاد تحريڪ جو بنيادي مقصد به انهي تفرقي کي نه صرف رد ڪرڻ پر انهي کي ختم ڪرڻ پڻ آهي. سندن چوڻ موجب جنسي طرح اهو جسٽيفاءِ ڪيو ويندو رهيو آهي ته مرد فيصلي جي قوت رکندڙ ۽ سربراهي جو اهل ۽ حقدار آهي، جڏهن ته عورتون صرف گهرداري ۽ خانه داري لاءِ ئي آهن تنهنڪري گهر جي معاشي ورهاست کان ويندي نوڪري ۽ روزگار جي ذريعن تائين به مرد جو غلبو آهي ۽ هر جاءِ تي مرد جو اجورو عورت کان وڌيڪ ۽ عزت و مانَ مرتبو مٿاهين درجي جو آهي.
ان کان علاوه سندن چوڻ موجب پدري نظام جنسيت Sexist تي  مبني آهي جيڪو غلط آهي. پدري نظام موجب عورتون پيدائشي طور ڪمتر Inferior، جڏهن ته مرد Superior  آهي جيڪو انسان جي جوهر جو حصو آهي، پر ان کي فيمينسٽ هسٽيريا سڏين ٿا. جڏهن ته عورتازاد انهي بايولاجيڪل فرق (Biological Difference) کان انڪاري ناهي. هو جنس Sex  جي قائل آهي پر جنس Gender جا انڪاري آهن، ڇوته سندن چوڻ موجب اها سڃاڻپ ثقافتي ۽ سماجي گهڙت  Social Construction آهي جيڪا ئي عورتن کي عورت بجاءِ مادي، هيڻي يا زناڻو بڻائي ٿي، ڇوته عورت جي ڪمزور، هيڻي ۽ نااهل هجڻ واري سڃاڻپ بايولاجيڪل نه، پر پدري اثر واري ثقافتي ۽ سماجي آهي. پدري نظام ئي اهڙي شناخت کي پروموٽ ڪري عورتن کي نفسياتي طور دٻائي پوءِ اهو باور ٿو ڪرائي ته عورتن ۾ عقلي ڪمي موجود آهي ۽ هو انهي شي کان انڪار نٿيون ڪري سگهن ڇو ته وٽن حسابن جي علم Mathematics جو شعور ۽ ان ۾ دلچسپي ئي ناهي.
تاريخي پس منظر
پدري نظام ئي مرد کي بالاتر ڪري پيش ڪري ٿو ۽ مرد غير شعوري طور انهي نظام ۾ ڍلي پاڻ کي برتر سمجهي طاقتور ڄاڻي ٿو ۽ منجهن موجود ڪمزور ڪيفيتن کي عورتن سان منسوب ڪري ٿو. مثال طور روئڻ عورتن جي نشاني آهي تنهنڪري روئڻ واري مرد کي عورتن سان مشابهه سمجهجي ٿو. انهن کي sisisie سڏجي ٿو يعني زنانو-مرد آهي ۽ مرد ڊڄڻو ناهي ڇو ته ڊڄڻ جي خصوصيت عورتن جي آهي ڇاڪاڻ ته عورتون ڪمزور آهن، تنهنڪري مرد کي جيتري به تڪليف هجي يا درد هجي ته به اف به نه ڪري، جڏهن ته عورت کي معمولي تڪليف ٿي ته روئي روئي حال ڪري ڇڏيندي، ڇوته عورتون آهن ئي ڪمزور ۽ هيڻيون ۽ همدردي لائق، جيڪي وتنديون هونديون مردن جون همدرديون ڳولينديون.
ساڳي طرح سان عورتن تي ٻولي جي معرفت وڏي ۾ وڏو حملو هي رهيو آهي ته جيڪا به ڪمزور يا منفي خصوصيتون هونديون انهن کي عورتن سان منسوب ڪيو ويندو آهي مثال طور هم جنس پرستي کي مغرب ۾ زناڻي خصوصيت سڏيو ويندو آهي خاص ڪري امريڪا ۾ ان کي هيئن چيو ويندو آهي ته
American stereotype of typical male homosexual is effeminate (extremely feminine characteristics)
لفظ Effeminate کي جيڪڏهن Concise Oxford Dictionary ۾ ڏسجي ته ان جي معنيٰ به پدريهي تشريح ڏي ٿو. ان جي معنيٰ هيئن لکيل آهي:
Effeminate adj. (of a man) feminine in appearance or manner; unmasculine.
 آڪسفورڊ جي هيڏي معتبر ڊڪشنري ۾ ڪنهن لفظ جي معنيٰ به جيڪڏهن جنسي فرق ذريعي ڏنل آهي ته باقي ٻين علمي شعبن جو حال جو اسين سڀ اندازو ڪري سگهون ٿا. آڪسفورڊ جي ٻي معتبر ڊڪشنري Oxford Advanced Learners Dictionary  انهي لفظ جي معنيٰ هيئن ڏي ٿي:
Effeminate adj. (of a man or his behavior) having characteristics considered to be typical of a woman. (Examples: an effeminate manner/voice/ walk)
اهڙي طرح عورتازاد نظريي جون مبلغ ۽ نقاد ٻولي کان ويندي هر شيءِ ۾ عورتن جي نمائندگي ۽ ڏانهس رويو جاچين ٿا. مٿين معنيٰ جي پيش نظر اهو مفهوم ٿو نڪري ته افيمينيٽ مرد مخصوصTypical  عورت وانگر آهي. اها ٽپيڪلٽي ئي اهو ليبل آهي جيڪو جينڊر ڊسڪريمينيشن يا جنسي تفرقي جي زمري ۾ اچي ٿو.
عورتازاد نظريي ۽ تنقيدنگاري جا پيرا يا پاڙون قديم يونان ڏانهن وڃن ٿيون. يونان جي مشهور ڏاهي جو هيٺيون قول کي عورتازاد نقاد ۽ مبلغ بنياد بڻائي مرد-حاڪميت يا پدري نظام جي پذيرائي جي ڳالهه ڪن ٿا.
The man is by nature superior, and the female inferior; and the one rules and the other is ruled.”  Aristotle.
(مرد فطرتن اعليٰ ۽ عورت ادنيٰ آهي. مرد حاڪم ۽ عورت محڪوم آهي.)
عورت اهڙي اسٽيريو ٽائيپ تشريح کي ننديندي عورتا زاد تحريڪ مرد کان آزادي ۽ پنهنجي حيثيت جي مڃتا لاءِ پنهنجو الڳ مول متو کڻي آئي. انهي پسمنظر ۾ قديم يونان کان پوءِ به مذهبي عالمن ۽ حڪمرانن اهو سلسلو جاري رکيو. ان ڏس ۾ ٽامس آڪائينس ۽ سينٽ آگسٽائين جو چوڻ هو ته عورتون:
1.       عورتون ”نا مڪمل مرد“ کان سواءِ ڪجهه به ناهن،
2.       روحاني طور ڪمزور مخلوق آهن،
3.       حوسي فطرت واريون آهن جيڪا فطرت مردن کي روحاني سچ کان پري رکي ٿي، جنهن ڪري مرد انساني فلاح لاء گهربل روحاني اوج حاصل نٿو ڪري سگهي.
عورتن جي ڪڍيل انهي تصوير ڪشي مان اهو ثابت ڪري ٿو ته دنيا جي ترقي ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ عورت آهي. اها تصوير جيڪڏهن ڪنهن ٻي شعبي سان تعلق رکندڙ اڳواڻن يا نقادن پاران هجي ته به ڪجهه چئجي ها پر يورپ جي مذهبي اڳواڻن پاران عورت جي اها تشريح سو به انهي دور ۾، جڏهن ماڻهن مرڻ ۽ جيئڻ جو سرٽيفڪيٽ به مذهبي اسڪالرن کان وٺندا هئا، مرڻ کان اڳ ئي ماڻهو پادرين کي پئسا يا ڪو ٻيو وظيفو ڏيئي گناه معاف ڪرائي ڇڏيندا هئا.
تاريخ جي اونداهي جو اهو تسلسل صرف اتي ڪونه ٿو کٽي پر جديد دور ۾ هليو ٿو اچي. جديديت جي سڀ کان وڏي مبلغ ۽ انساني ترقي جي معتبر محقق چارلس ڊارون به انهي تسلسل کي جاري رکيو. اگرچه اسين سندس نيت تي شڪ نه به ڪريون پر قدامت کان هلندڙ ڊسڪورس (تذڪرو) ايڏو طاقتور رهيو جو سندس تحقيق عورت جي اسٽيريو ٽائيپ سڃاڻپ کي برقرار رکيو. (سو سيڪڙو صحيح يا سو سيڪڙو غلط جو سوال اڃا اتي آهي). سندس تحقيقي مقالي The Descent of Man-1877 ۾ ڏيکاريو آهي ته
n      “women are of a characteristic of … a past and lower state of civilization.”
n     Are inferior to men, who are physically, intellectually, and artistically superior
عورتون ماضي (انسان جي اڻ سڌريل قديم دور) جون خصوصيتون رکندڙ ۽ تهذيب جي گهٽ حيثيت رکندڙ مخلوق آهن. عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ ابتر آهن جڏهن ته مرد جسماني، سمجهه ۽ فني طرح عورتن کان برتر آهن. چارلس ڊارون عورتن جي انهي حيثيت کي سائنسي ۽ ارتقائي بنيادن تي اهڙا جواز ڏيئي هڪ طرف ته پدري نظام کي مضبوط ڪيو، ٻي طرف عورتن کي نفسياتي طور پنهنجي تاريخي حيثيت ۾ دٻيل رهڻ جو دليل پڻ مهيا ڪيو. انهي ڏس ۾ انساني قديم توڻي جديد تاريخ جا ڪيترائي حوالا ڏيئي سگهجن ٿا، جن کي سبب بڻائي عورتن کي محڪوم ۽ مظلوم بڻائي رکيو.
عورتازاد تحريڪ جي شعوري ابتدا
پدري نظام جي مخالفت 1700 واري صدي تائين ڪنهن ٻڌو به نه هيو، نه ئي اهڙي قسم جي ڪا سوچ ڪنهن جي ذهن ۾ شعوري طور هئي. ڪو به ان عرصي تائين پختي اعتقاد سان نه ٿي چئي سگهيو ته عورتن جي انهي حالت جو ڪو نظام يا سرشتو ذميوارآهي يا ان کي سبب قرار ڏيئي سگهجي. انهي عرصي دوران هڪڙي عورت سوچيندڙ مئري وولسٽن ڪرافٽ Mary Wollstonecraft پهرين دفعو اها ڳالهه ڪئي ته عورتن تي مردن جي غلبي سبب جنسي تفرقو آهي. هن انهي پس منظر ۾ ڪتاب ”A Vindication of the Rights of Women (1792)“ لکيو. ان ۾ هن لکيو ته:
1.       عورتن کي لازمي طور تي پنهنجي حقن لاءِ اٿڻ گهرجي ۽ مرد-حاڪميت رکندڙ معاشري کي اها اجازت نه ڏي ته هو ٻڌائين ته ”عورت“ هجڻ ڇا آهي.
2.       عورتن کي لازمي طور اڳڀرو ٿيڻ گهرجي ۽ ٻڌائڻ گهرجي ته هو ڪير آهن ۽ اهي ئي معاشري ۾ پنهنجي ڪردار جو تعين ڪن.
3.       عورتن لاءِ هر طور تي پدري مفروضي کي رد ڪرڻ گهرجي ته اهي مردن کان ڪمتر آهن.
ان بعد موجوده دور جي عورتازاد تحريڪ جي پويان 80 واري ڏهاڪي جي فيمنسٽن جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ انهن ۾ سڀ کان بنيادي حيثيت رکندڙ ايلين شوالٽر Elaine Showalter آهي. اگرچه انهي ڏهاڪي دوران ڪافي ٻيا آواز مٿي آيا پر ادبي ۽ تنقيدي حوالي سان شوالٽر جو نالو اهم آهي. ايلين شوالٽر ان حوالي سان پنهنجي تاريخي ڪم/ڪتاب A Literature of Their Own جيڪو 1977 ۾ ئي شايع ٿي چڪو هو پر ان کي شهرت ۽ ان جو مضبوط اثر اسي واري ڏهاڪي ۾ ئي ٿيو. ان ڪتاب ۾ هن نه صرف عورتن کي پنهنجي اهميت جي اجاگر ڪرڻ، سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن لاءِ اتساهيو پر سڀ کان وڌي ڪري هن ادبي اصطلاح Terminology به نئين ڏني ۽ پدري ادبي ٻولي ۽ محاورن کي مڃڻ کان انڪار ڪري فيمينسٽ ٻولي ۽ لهجو ڏنو. ان هن تحريڪ جي تاريخي ۽ شعوري جدوجهد ج کي ٽن حصن ۾ ورهايو:
1. عورتا زاد تحريڪ مرحلو Feminine phase (1840-1880)
2. عورتازاد تحريڪ مرحلو  Feminist phase (1880-1920)
3. عورتازاد تحريڪ  مرحلو Female phase (1970-present)
انهن مرحلن ۾ هن عورتا تحريڪ جي مختلف ارتقائي زاوين تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته انهن انهن مرحلن هيئن هيئن هن سوچ ۽ شعور هيئن ارتقائي ڪري هت پهتا آهن. ادبي حوالي سان هن ادبي تنقيدنگاري کي عورت-اصطلاح جو ويس پهرائي ان کي عورتا-تنقيد يا عورتا-تنقيدنگاري Gynocritics or Gynocriticism جو نالو ڏنو ۽ ٻڌايائين ته عورتن کي پنهنجو ادبي ۽ تنقيدي ساخت جوڙڻ گهرجي جنهن سان عورتن جي لکيل ادب جو عورتا تنقيدنگاري سان ڪيو وڃي، نه ڪي عورتن کي پنهنجي لکيل ادب لاءِ مردن جي ماڊل يا پدري نظرين جو سهارو وٺڻ گهرجي.
عورتازاد-تنقيدنگاري لاءِ هن تصور ڏنو ته اها تنقيدنگاري:
1.       صرف عورتن جي لکڻين لاءِ استعال ٿيڻ گهرجي،
2.       انهي تنقيدنگاري ۾ عورتن جي تحرير ڪيل ادب جي تاريخ، ڊڪشن، خيال، صنف، ۽ ساخت وارا موضوع شامل ڪرڻ گهرجن جيڪي عورتن لاءِ ۽ عورتن جي ڪردارن لاءِ هجن.
ان سان گڏوگڏ شوالٽر انهي تنقيدنگاري لاءِ 4 موضوعاتي ماڊلز به ڏنا ته انهي پس منظر ۾ اهو ادبي نظريو فوڪس ڪري انهن ۾ عورتن ليکڪن جي لکڻين جي حياتياتي The Biological، لساني The Linguistic، تحليل النفسي The Psychoanalytic، ۽ ثقافتي The Cultural مطالعو ڪرڻ گهرجي.
عورتازاد جي انهي مول متي کي ادب تي لاڳو ڪرڻ لاءِ ادب کي فڪري، فني ۽ لساني بنيادن تي پرکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول ۾ عورت جي نمائندگي خيال ۽ فڪر کان ويندي اسم ضمير ۽ مئونث شين جي استعمال کي ڳڻيو ويندو آهي ته ادب جي ان شهپاري ۾ عورت جي ڪا نمائندگي آهي يا نه (جيئن ارنيسٽ هيمنگوري جي ناول پوڙهو ماڻهو ۽ سمنڊ The Old Man and the Sea آهي، ان ۾ عورت جي ڪا نمائندگي ناهي ۽ عورتازاد نقاد انهي ناول ۽ انهي جي خالق کي ادب جي اعليٰ انعام ڏيڻ تي تنقيد ڪن ٿا، ته جنهن وٽ عورت جي نمائندگي جوڳي ناهي ته اهو تخليقڪار انصاف پسند ٿي نٿو سگهي.) جيڪڏهن آهي ته اها عورت هيڻي، ڪمزور ۽ همدردي لائق ته ناهي، مرد کان ڪمتر ته ناهي؟ ان ادبي شهپاري ۾ مؤنث لفظن جو استعمال ڪيترو آهي ۽ مذڪر لفظن جو ڪيترو آهي؟
فڪري حوالي سان عورتازاد تنقيدنگاري جي بنياد تي سنڌ جي تاريخي داستان ”دودو ۽ چنيسر“ تي لاڳو ڪري سگهجي ٿي. ان تاريخي داستان تي عورتازاد تنقيدنگاري جي حوالي سان سڀ کان پهرين اهو سوال اٿاري سگهجي ٿو ته چنيسر جي پيءَ جي مرڻ پڄاڻان پڳ ٻڌڻ لاءِ چنيسر کي ڇو چونڊيو ويو آهي؟ اهو تصور پدري نظام جو اطلاق آهي، ته سربراهه صرف مرد ئي ٿي سگهي ٿو، ڇا عورتن ۾ گهر ۽ ڪٽنب جي سربراهي جي صلاحيت نه آهي يا ان کي گهربل سمجهه يا احساس ناهي؟ عورتون بادشاهه جو راڻيون يا شهزاديون هونديون آهن، ڪيترن ئي رياستن جا سربراهه راڻيون به رهيون آهن ۽ رهي سگهن ٿيون تنهنڪري گهر جي وڏي هجڻ جي ناتي اهو ضروري هو ته چنيسر يا دودي جي نالن چونڊڻ بدران سندن ماءَ کي خاندان جي سربراهي ڏني وڃي ها.
ان داستان جو ٻيو پهلو هي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن چنيسر پڳ ٻڌڻ لاءِ ماءُ کان پڇڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو برادري ڪاوڙجي وئي ۽ وڃي دودي سومري کي پڳ ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو هو؟ هونئن به گهر ۾ وڏي هجڻ جي ناتي چنيسر جي ماءُ سان صلاح مشوري وارو خيال درست ۽ صحيح هو. اسلام ته جنت به ماءُ جي پيرن هيٺيان رکيو ته پٽ جو ماءُ جي فرمانبردار هجڻ ته چنيسر جي دودي کان به بهتر خوبي هئي. پر ماءُ سان مشوري ڪري چنيسر کي پڳ کان محروم رکڻ پدري نظام جي حد کان وڌيڪ غلبي جي علامت آهي.
سنڌي جديد نظم جي حوالي سان سهڻي شاعر علي اظهار جي هن نظم جو عورتازاد تنقيدي نظرئي جو اطلاق ڪري ڏسجي. سندس نظم ”ڪلف“ ڪتاب اسٽور روم ۾ مان کنيل آهي.
ڪلف
سندس
جسم جا
سڀ دروازا کليل هوندي به
مان هن ڏانهن ڪونه وڌيس
ڇوته
سندس دل تي
انڪار جو
ڪلف لڳل هئو!!
مٿيون نظم عورتازاد تنقيدي نقطئه نظر کان ڏسجي ته نظم ۾ عورت جي نمائندگي صرف جسم جي حوالي سان ٿيل آهي. مطلب ته عورت جي شناخت صرف سندس جسم آهي. جيڪڏهن عورت جسم نه آڇي ته پوءِ ان سان ڪو تعلق نه رکجي يا عورت ۾ ٻي ڪا خوبي يا ڪو ٻيو جوهر ناهي سواءِ جسم جي. عورت کي تاريخي طور صرف جسم ۽ جسم جي عياشي جي علامت ئي سمجهيو ويندو رهيو آهي. عورت کي سڀني مردن هر شعبي سان لاڳاپيلن صرف جنسي حوس لاءِ ئي ڏٺو آهي. ان کان سواءِ جسم جي سڀني دروازن جي کليل هئڻ مان مطلب ته عورت جي جسم جا دروازا سدائين کليل رهندا آهن ۽ جتي جتي انڪار جو ڪلف لڳل نه هجي اتي مرد سندس جسم ڏانهن وڌي سگهن ٿا ۽ مٿين نظم جي پس منظر ۾ چئي سگهجي ٿو ته يقينن وڌندا هوندا. اهڙي طرح سان ادب جي ڪنهن به تخليق تي اها تنقيدنگاري لاڳو ڪري عورت جي موجود ڪردار، شناخت ۽ سندس نمائندگي جو جائزو وٺبو آهي.

No comments:

Post a Comment