23/01/2013

محبت جي بازار ۾ اکين جو عجيب ڪم! - مشتاق گبول



محبت جي بازار ۾ اکين جو عجيب ڪم!
مشتاق گبول
جيئن مڇي، پاڻيءَ کان سواءِ رهي نٿي سگهي. تيئن آئون ڪتابن کان سواءِ رهي نٿو سگهان. ڪتاب منهنجي لاءِ ”آڪسيجن“ وانگي آهن. سو، مان سُٺن ڪتابن جي هميشه ڳولا ڪندو رهندو آهيان. سو، ڳوليندي ڳوليندي مون کي علامه نياز فتح پوري جو هندي دوهن جي تشريح تي مشتمل ڪتاب هٿ اچي ويو ۽ منهنجا ٺٺ ٿي ويا. ڪتاب اهڙو سٺو لڳو، جو اُن کي ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو اٿم. انهيءَ ڪتاب مان ڪجهه شيون اوهان سان شيئر ڪري اوهان کي به ٺٺ ڪرائي رهيو آهيان. سنڌي بيت يا هندي دوهو، شاعري جي سينڌ ۾ ”سيندور“ مثل آهن. شل سنڌي بيتن ۽ هندي دوهن جهڙن نج صنفن سان سنڌي ۽ هندي شاعري جي سينڌ ڀريل رهي.

ملڪ محمد جايسي جي مشهور ڪتاب ”پدماوت“ ۾ شامل دوهن جو ذڪر ڪيان ٿو. جڏهن راجه رتن سين، طوطي کان راڻي ”پدماوت“ جي حُسن جو حال پڇيو ته ان جي هڪ انگ جو حال بيان ڪندي، هُن سڀ کان اڳ ۾ ”وارن“ جي تعريف سان هيئن شروع ڪيو ته:
”بلنين ڇور جهار جوبارا،
سرگ پتار هوئي اندهيارا.“
ترجمو: ”جي هوءَ چوٽي کولي پنهنجا وار ڇوڙي ڇڏي ته آسمان کان وٺي روءِ زمين تائين (سڄي دنيا ۾) انڌيرو ئي انڌيرو ڇانئجي وڃي.“
چوٽي کولي ”زلفن“ کي جهٽڪو ڏيڻ ۽ پوءِ ان ادا کان متاثر ٿي، انهيءَ نموني ظاهر ڪرڻ ته سڄي دنيا ۾ اونداهي ڦهلجي وڃي.“ تخيل جي وسعت پنهنجي بلنديءَ تي ڏيکاريل آهي.
”جگ ڊولي، ڊولت نينا هان،
اولٽ او، ارچاهه پل مانهان.“
ترجمو: ”هُن جي اکين جي جنبش سان سارو زمانو جنبش ۾ اچي وڃي ٿو. جي هو چاهين ته پهاڙ کي هڪ پل ۾ اُکوڙي ڇڏين.“
اکين جي جنبش سان سڄي دنيا جو جنبش ڪرڻ، ڪهڙي ته خوبصورت ۽ پياري ڳالهه آهي! پهاڙ اُکيڙڻ واري ڳالهه تان مون کي شاهه لطيف جي سِٽ ياد پئي اچي، جنهن ۾ سسئي چئي ٿي ته: ”آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿين.“
سسئي چئي ٿي ته: ”اي جبل! سامهون بيٺو آهين، منهنجي اکين جي آڏو نه اچ، پري ٿي وڃ، ڪٿي ڀور ڀور، ذرو ذرو نه ٿي وڃين.“
”اوندهائي سيسي سُو لکهه بَرهه بُري بَلات،
بيچ سُوکهه گلاب گينو چهيٽو چُهوئي نه گات.“
ترجمو ”ساهيڙي چئي رهي آهي ته محبت جي باهه ۾ پنهنجي ساهيڙي کي جلندي ۽ تڙپندي ڏٺم ته (فقط ان خيال سان ته ان کي ڪجهه سڪون ملي) گلاب جي شيشي ان جي جسم مٿان هاري ڇڏيم. پر ان جي جسم ۾ اهڙي ته باهه جي تپش هئي، جو سمورو گُلاب جو پاڻي اڌ ۾ ئي سُڪي ويو، خُشڪ ٿي ويو. ان جي جسم تائين ته هڪ ڦڙو به نه پهچي سگهيو.“
هن دوهي ۾ شاعر، ڪمال اهو ڪيو آهي ته گلاب جي پاڻي کي ان جي جسم تائين پهچڻ ئي نه ڏنو ۽ رستي ۾، اڌ ۾ ئي سُڪائي ڇڏيائين. هيئن چوڻ به ممڪن هو ته جسم تي هاريندي ئي، سمورو عرق سُڪي ويو. پر ائين ڪرڻ سان جسم جي باهه ۽ اندر جي تپش جو ڀرپور اظهار نه ٿي سگهي ها.
”پهپ سنگندهه کرن سب آسا،
مگر هر کائي لئي هم آسا.“
ترجمو ”سمورا خوشبودار گل، هي آسرو ڪيون ويٺا آهن ته شايد پاڻ وٽ اچڻ جي اجازت ڏئي.“
ان کان وڌيڪ خوبصورتي، ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته گل به ان وٽ پهچڻ جي آرزو رکن!
”بار بار درجن گهر جهگڙت ٺاڙهه،
جوئي جوئي انگيا سِيوت هوئي سوئي ڪاڙهه.“
ترجمو: درزياڻي جي دڪان تي بار بار اچي ڪري جهڳڙو ڪري ٿي ته (هي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو مان روز توکي) موڪرو ڪري سِبڻ جي لاءِ ڏيان ٿي (۽) تون جڏهن سِبندي آهين، هميشه سوڙهو ڪري ڏيندي آهين.“
جواني جو جوش ۽ ان مٿان بي خبري جو عالم، ان کان وڌيڪ لطيف انداز ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. ان کي اها خبر ئي ناهي ته غريب درزياڻي ته ان کي روز موڪرو ڪري ڏيندي آهي پر اُن جي سوڙهو ٿي وڃڻ جو سبب ئي ڪو ٻيو آهي.
”رحمان دهاگا پريم ڪا جن توڙو چٽڪائي،
توڙي سي جُڙي نهين، بيچ گانٺ پڙجائي.“
ترجمو: ”رحمان! پريم جو ڌاڳو چپٽين سان ڇِنڻ جي ڪوشش نه ڪر، اهو ڌاڳو جي ڇِني ڳنڍبو، تڏهن به اُن جي وچ ۾ ڳنڍ رهجي ويندي.“
”جه رحيم تن من ديو، ڪيو هردي مين بهون،
تاسي دُکهه سُکهه ڪهه ڪي رهي ڪٿا اب ڪون.“
ترجمو: ”جنهن کي پنهنجو تن من ارپي ڇڏيو، جنهن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني، پوءِ اُن سان ڏک سک، راحت ۽ تڪليف جو ذڪر ڇا ڪجي؟ (وڻيس ته تڪليف ڏئي، وڻيس ته راحت ۽ آرام ڏئي، مالڪ آهي جيئن وڻيس، تيئن ڪري).“
”بالم تور انگريان اولٽ سبهاؤ،
لاڳت پيٺهه منجهيان ار مين گهاؤ.“
اڪيلائي ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهي محبت ۽ خلوص سان پُٺيءَ تي هٿ رکي ڳالهائڻ به هڪ ظالم ادا آهي.
ترجمو: ”هوءَ چئي ٿي ته: ”سڄڻ! تنهنجي آڱرين جي به (عجب) اُبتي خاصيت آهي، جيڪي لڳنديون پُٺيءَ تي آهن ۽ زخم دل ۾ ڪنديون آهن.“
”نيهه نگر مين وِرگ بيا نوکهي پَر گَٽ آئي،
دوئي مَن ڪو ايڪ مَن ڪرديت، بهاؤ ٺهرائي.“
ترجمو: ”محبت جي بازار ۾ اکين جو به عجيب ڪم آهي جيڪي ٻن مَڻن کي هڪ مَڻ ڪري مُلهه مقرر ڪري ڇڏينديون آهن. (۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته هر ماڻهو سؤدي جو طلبگار آهي).
”ڪر ڪانپت، پتيان لکهت، جل بهر آوت نين،
ڪورو ڪاگنج هات دي، مُکهه هي ڪهنا بين.“
ترجمو: ”خط لکان ٿي ته هٿ به ڏڪن ٿا، ڳوڙها به ڳڙڻ لڳندا آهن. اي قاصد! هي ڪورو ڪاڳر ئي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏجان ۽ منهنجو حال ۽ منهنجي بي چينين جو حال، پنهنجي زباني ٻُڌائجان.“
هن دوهي ۾ وڏي نزاڪت هي آهي ته هٿ ڪنبڻ ۽ لُڙڪ لڙڻ جو حال پيغام ۾ شامل ناهي، صرف قاصد سان پنهنجي حالت ظاهر ڪئي آهي. پيغام جي صورت ۾ صرف ڪورو ڪاڳر ئي روانو ڪيو وڃي ٿو. جنهن کي ڏسي سوال اُٿندو ته ڪهڙي قسم جو خط؟ پوءِ قاصد پاڻ چوندو ته جيڪا حالت ڏسي آيو آهي يا ٻُڌي آيو آهي. مان نٿو سمجهان ته ان کان وڌيڪ اثرانداز طريقو جُدائي جي درد جي اظهار جو ٻيو ڪو ٿي سگهي ٿو؟ ان ڪوري ڪاڳر ۾ ڪيتري قدر محبت جا نقش شامل آهن؟ ڪنهن کي خبر آهي!
”مانو بدهه تن اَچهه چهَب سُچهه راکهي ڪاج،
دِرگ پَک پُوچهن ڪُوڪئي بهوشن پا انداج.“
ترجمو: ”مان توڏي اهو سوچي نٿو ڏسان، ڪٿي منهنجي نگاهه پوڻ سان تنهنجو حسن ميرو نه ٿي وڃي.“
”ڇن ڇن کهڻڪت سوهيئي کڙي ڀيڙ مين جات،
کهي جو چلي بن هيچتي اونٺهن هي مين بات.“
ترجمو: ”هوءَ هڪ ٽولي ۾ سڀ سان گڏ وڃي رهي هئي ۽ ڪو موقعو نه هو ته هوءَ مون سان ڳالهائي ها، پر پوءِ به ڏسڻ کان بغير چپن ئي چپن ۾ هن جو ڪجهه چئي ڏيڻ. اڃان تائين منهنجي دل ۾ کٽڪي رهي آهي ته الائي ڇا چيائين؟“
کٽڪڻ واري ڳالهه ئي آهي جيڪي محبت جي رمز، حسن ۽ عشق جي حملن کان واقف آهن. اُهي انهيءَ ادا تي بهتر نموني داد ڏيئي سگهن ٿا.
”پي مُورت ميري سدا راکهت دِرگن بَسائي،
ڊريت په گوري دِيه مت سَنورِي هوجائي.“
ترجمو: ”چئي ٿي ته هر وقت منهنجي صورت کي پنهنجي اکين ۾ رکي هلڻ سان (مون کي پنهنجي اکين کان جدا نٿي ڪري) ڊڄان ٿي، ڪٿي هي گورو جسم (ان جي اکين جي ڪارين پُتلين جي اثر کان) سانورو نه ٿي وڃي.“

No comments:

Post a Comment