بس ڳالهه به ايتري!
سحر گُل
سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجي هن چوٿين مضمون ۾ مان ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ
۾ تڪڙي ايندڙ ڦير جي حوالي کان وڌيڪ روشني وِجهنديس ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري
۾ ادي فهميده حسين ۽ تاج جويي سان ٿيل منهنجي تازي مُلاقات ۽ انٽرنيٽ جي سماجي ميڊيا تي ڇپيل دوستن
جي راءِ جي آڌار تي تجويزون ڏينديس ته ڪيئن ٻوليءَ ۾ ايندڙ تڪڙي بِگاڙ تي ضابطو رکي
سگهجي ٿو.
تاج جويي صاحب جو ڪاوش ۾ ڇپيل جوابي مضمون انتهائي ساراهه جوڳو قدم هو،
ان جي جواب ۾ مون تاج صاحب ۽ ادي فهميده سان ٻوليءَ جي اداري ۾ وڃي مُلاقات ڪئي، جيڪا
مون لاءِ تمام لاڀائتي ۽ سِکيا سان ڀريل ثابت ٿي. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ تڪڙي ايندڙ بِگاڙ
جي حوالي کان هُو منهنجي راءِ سان سَهمَت هئا. انهن مون کي ٻڌايو ته ٻوليءَ جي بگاڙَ
جي موضوعَ تي اداري انيڪ سيمينار ڪرايا آهن، جن جي خبر/ رپورٽ به مون ڏِٺي. منهنجي
عرض کان پوءِ تاج صاحب اِيميل ذريعي مون کي اُنهن خطن جون ڪاپيون به موڪليون، جيڪي
ادارو ٻوليءَ جي حوالي کان مختلف ادارن کي موڪلي چُڪو هو، مثال طور، ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا جي آفيسُن کي قومي شاهراه/نيشنل
هاءِ وي تي ميل جي پٿرن، بازارن ۾ دُڪانن، ڪاروباري ۽ اشتهاري مرڪزن جي بورڊن، در تي
لڳل نالن ۽ عُهدن جي تختِيُن کي سنڌيءَ ۾ لکي لڳائڻ لاءِ چيو ويو هو، جن اڳ ئي يا ٻوليءَ
جي اداري جي عرض کان پوءِ سنڌيءَ ۾ بورڊ ۽
تختيون لڳايا، انهن جي خطن ذريعي ساراهه ڪئي وئي هئي. نه رُڳو اهو پر اداري پاران کين
اها به تجويز ڏني وئي هئي ته مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي سنڌي سمجهڻ ۾ ڏُکيائي ٿئي
ته اردو ۽ سنڌي، يا سنڌي ۽ انگريزي ٻِن/ ٽِن ٻولين ۾ در-تختيون، بورڊَ ۽ ميل جا پٿر
لکرائي سگهجن ٿا. ان سان گڏ نادرا کي شناختي ڪارڊن کي سنڌيءَ ۾ ڪرڻ تي يادداشت ناما
موڪليا ويا هئا، ۽ ڪيترين ئي ٻين آفيسن کي، مثال طور: سنڌ واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي آفيس
کي اُردوءَ ۾ اشتهار ڇپرائڻ تي يادداشت نامو موڪلي، کين قانوني حوالا ڏنا ويا هئا ته
جيئن ته ۱۹۷۲ع واري سنڌ ائڪٽ (قانون) پاڪستاني حڪومت جي ۱۹۷۳ع واري قانون ۲۵۱ (۳)
۽ سنڌ ترميمي قانون ۱۹۹۰ع تحت سنڌ جي سرڪاري
ٻولي سنڌي آهي، ان ڪري لِکَ پڙهه سنڌيءَ ۾ ڪئي وڃي ۽ اشتهار به سنڌيءَ ۾ ڏنا وڃن. ٻوليءَ
جي اداري جي لک پڙهه مان مون کي به اها ڄاڻ پئي ته سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقيءَ ۽ استعمال
لاءِ اُپائن جي قانون ۾ هي نقطا شامل آهن:
”سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ نوان
خيال، طريقا ۽ ذريعا سوچڻ، صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ سنڌيءَ ۾ تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي ترقيءَ ۽ استعمال لاءِ ضروري قدم کڻڻ ۽ قومي ايڪي ۽ ٻڌيءَ وارا مقصد حاصل ڪرڻ، تعليمي
نصاب کي سنڌيءَ ۾ ڪرڻ کان سواءِ صوبائي حڪومت جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري دفتري ۽ مڪاني
ادارن ۾ لکپڙهه، پڌرنامن، ڪتابڙن، دائمي دستاويزن، يادداشت نامن، جاين ۽ ماڳن جي نالن
۽ سفر جي پنڌ ڏيکارڻ وارن پٿرن جي ٻولي سنڌي ڪئي وڃي“. ان ملاقات ۾ پاور پوائنٽ ذريعي
مون ادي فهميده ۽ تاج صاحب کي مثالن سان ٻڌايو ته غور ۽ تحقيق کان پوءِ مون اهو سمجهيو
آهي ته ڳالهائي ويندڙ سنڌيءَ جي بگاڙ جو گھڻو ذِمو ميڊيائي چينلن ۽ ترقياتي شعبي (ڊِولپمينٽ
سيڪٽر) سان واڳيل ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن تي اچي ٿو، جن جي سرواڻيءَ ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ
وڏين ٻِرانگهن سان وڌي رهيو آهي. جنهن جي اداري پاران ان معاملي بابت ترت خبر لڌي وڃي.
گُذريل مضمون جي جواب ۾ ڪجهه دوستن راءِ ڏني ته انگريزي ته ٺهيو پر سنڌيءَ
تي عربي، فارسي ۽ اردوءَ جو به وڏو اثر آهي، انيڪ لفظ سنڌيءَ ۾ شامل ٿيا آهن، جيڪي
روزانو استعمال ڪرڻ کان پوءِ اوپرا نٿا لڳن. دوستن جي ان راءِ سان مان سئو سيڪڙو سهمت
آهيان. مونکي به اچرج جوڳي ڳالهه لڳي ته جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ انگريزي لفظ کڻي نه به وِجهجن،
تڏهن به خاص طور تي وِچئين طبقي جي سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ ۶۰ کان ۸۰ سيڪڙي
تائين لفظ فارسي ۽ عربيءَ جا آهن، جن مان ڪيترائي سنڌيءَ ۾ ضم ٿي ويا آهن. مثال طور
هن مضمون ۾ به هي لفظ عربيءَ ۽ فارسي مان کنيل آهن: ’استعمال‘، ’راءِ‘، ’سوال‘، ’اندراج‘،
’مثال‘، ’حساس‘، ’ماهر‘، ’ڪتاب‘، ’تعليم‘ وغيره، جيڪي سنڌيءَ جو اهم حصو ٿا ڀاسن. پر
تڏهن به اسان سڀني وٽ اهو سوال آهي ته ڪيتري قدر ٻاهرين ٻوليءَ جي اندراج کي درست سمجهجي؟ مان هتي هڪ تمام
گھڻو اهم مثال ڏيڻ چاهينديس ۽ جيئن ته اُهو حساس موضوع آهي، ٻوليءَ جي ماهرن جي ان
حوالي کان راءِ جو عرض رکان ٿي:
عجيب ۽ ڏُکوئيندڙ مثال اِهو ته نارِي يا نارِين لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ ’عورت‘
عربيءَ مان کنيل آهي، جنهن جي لفظي معنى اُگهاڙپ آهي، ۽ عربيءَ ۾ ناريءَ لاءِ لفظ
”نِساء“ يا ”اِمراَئـَةُ“ استعمال ٿيندا آهن، عربيءَ ۽ فارسيءَ جي ڪورس دورران جڏهن
اڻ ڄاڻائيءَ ۾ شاگرد ناريءَ لاءِ لفظ عورت چئي ويهندا هئا ته استاد ڪاوڙ ۾ غضبناڪ ٿي،
هلندڙ ڪلاس کي ڇڏي شاگردن کي ڇَنڊَ پٽيندا هئا ته اهو ڪُڌو لفظ ناريءَ لاءِ زبانَ مان
ڪڍيَوَ به ڇو؟ ان کي اسان عربي ٻوليءَ مان لفظ کڻڻ تڏهن چئون ها، جڏهن اسين لفظ ”نِساء“
يا ” اِمراَئـَةُ“ ڪتب آڻيون ها، آخر ڇو اسان ٻاهرين ٻوليءَ مان ايڏو توهين آميز لفظ
کڻي، ان سان پنهنجي نياڻين کي سڏڻ شُروع ڪيو؟ قُرآن پاڪ جي سُورة ”نُور“ جي ۳۱ آيت
۾ ”عَوراتِ النساء“ آيل آهي، جنهن جي معنى ”نارين جي اُگهاڙپ“ آهي، ان ئي سُورت جي
۵۸ هين آيت ۾ ڍڪڻ جي جاءِ ۽ سورت احزاب جي آيت 13هين ۾ ٻه ڀيرا استعمال ٿيل لفظ ’عورت‘
اڻ ڍڪيل، کُليل ۽ بي پردگيءَ جي حوالي سان استعمال ٿيل آهي، مثال، ”إِنَّ بُيُوتَنَا
عَوْرَةٌ“، معنى ”بيشڪ اسان جا گَهرَ اڻ ڍڪيل آهن“. سنڌي ٻوليءَ جو ناريءَ لاءِ اڻ
ڍڪيل، کُليل، يا اُگهاڙپ کي بيان ڪندڙ لفظ کڻڻ مان ته اهو اڃان وڌيڪ ثابت ٿئي ٿو ته
ٻوليءَ ۾ لفظن جي اندراج تي سخت قسم جي جاچ هئڻ گُهرجي، ته جيئن ٻوليءَ کي غير ذميواريءَ
جي وَرُ چڙهي وڃڻ کان بچائي سگهجي.
ڪيترائي ماڻهو ان حقيقت کان باخبر هئڻ ڪري اُردوءَ ۾ خاتون ۽ خواتين لفظ
استعمال ڪندا آهن. مون سال کن اڳ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب سان ملاقات دوران جڏهن
کين لفظ ’عورت‘ بابت ٻڌايو ته پاڻ چيائون ته، ”عام طور تي سنڌ ۾ ’عورت‘ بدران ’مائي‘
يا ’مايون‘ لفظ استعمال ٿيندا آهن، ڳوٺن ۾ ته لفظ عورت جو استعمال ٿيندو ئي نه هئڻ
برابر آهي.“ مون کين چيو ته لفظ ’مائي‘ يا
’ماءِ‘ به استعمال ڪري سگهجي ٿو (اها الڳ ڳالهه آهي ته اسين لفظ ’مائي‘ هاڻي اوپري
ناريءَ لاءِ استعمال ڪندا آهيون). سائين جويو صاحب جن ’ماءِ‘ يا ’مائي‘ لفظ جي استعمال
لاءِ مثبت هئا. مون کي ياد آيو، ان لفظ کي ڀٽائيءَ به پنهنجي سُرن ۾ گھڻو ڪتب آندو
آهي، مثال:
”گُوندرَ ڪيو غَرَقُ، ماءِ مُنهِنجو
ڄِندڙو“... يا، ”ماءِ ! سامونڊي آئيا، سَهسين ڪري سينگارَ“، ”ماءِ مُنهنجي ڪَرَهَي،
پَڌَرَ پَڳَههَ مَ لَڳ“...
ڀٽائيءَ ماءُ لاءِ فارسيءَ مان کنيل لفظ ’مادر‘، يا وري ’جيجل‘، ’آيَلِ‘
لفظ به ڪتب آندا آهن. سنڌ جي اُتر پاسي ۽ بلوچستان ۾ ڪيترين ئي جاين تي ماءُ لاءِ لفظ
”آئي“ موجود آهي. سنڌي اخبارون لفظ ’ناري‘ استعمال ڪن ٿيون، ان تي جويي صاحب چيو ته
جيڪو به لفظ ٻوليءَ جا ماهر کڻڻ جو فيصلو ڪري اعلان ڪندا، ان ئي ڏينهن کان اهو لفظ
مُرَوِج ٿي ويندو. منهنجي خيال ۾ بطور هڪ باشعور قوم جي، اسان جو فرض آهي ته پنهنجي
ٻوليءَ ۾ لفظن جو اندراج سوچي سمجهي ڪريون، اهو سنڌ ۽ ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ سڀاويڪ
رهندو. پر هي تيزيءَ سان سنڌيءَ ۾ انگريزي لفظ داخل ٿيڻ ٻوليءَ جي باشعور تبديليءَ
جي نشاني نه آهي، آزاد ملڪن جون ٻوليون به مٽجن ٿيون، پر بيٺڪي ملڪن جو ته مثال ئي
انوکو آهي. اسين لفظن جون ٻوريون ڀري هر سال پنهنجي لُغت ۾ داخل ڪريون ٿا. هونئن ته
ٻهراڙيءَ جي سنڌي نِج آهي، پر اوهين حيران ٿيندئو ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن جي گھڻائي،
جن کي ٻوڏُن ۾ مدد ملي، اهي چانورن، ٻڪرين،
زرعي سامان لاءِ سنڌيءَ بدران انگريزي لفظ ڪتب آڻين ٿا. مثال طور، هي لفظ ڏيهي ۽ پرڏيهي ترقياتي شعبن
جي ادارن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندي استعمال ٿين ٿا:
“Project, Proposal,
Deliverables, Service delivery, Children, Institutions, Government, Law,
Program, Floods, Rains, Shelter, Tent, Goats, Rice, Wheat, Agricultural tools,
Evaluation, Monitoring, Disaster, Financial management, Human resource, Report
final, Caring, Project start/end, Change, Ultimately, Food & non-food
items, Child-friendly spaces, Mother care center, Early recovery,
Rehabilitation, Mitigation. Assessment, Organization, Location, Participate,
Issues, equality, Efficient, Supportive, Environment, Sustainable, Health,
Awareness, Rights, Movements, Words, Guest speakers, Talk shows, Host. ”
ان کان سواءِ هي لفظ/اصطلاح آهن جيڪي مُروِج ٿيندي پيا نظر اچن:
”پاور پوائنٽ پريزنٽيشن، سلائيڊز،
ورڊ فائيل، اوپن، ڪلوز ڪرڻ، ڪافي وِهپ ڪرڻ؛ اين جي او پروگرام/ پراجيڪٽ، پاپولر ڪلچر/
ڪنهن اداري، گهر جو ڪلچر (ڪلچر جا ٻه مُختلف استعمال، ٻئي ثقافت هوندا يا ڪو ٻيو لفظ
هُجڻ کپي ان لاءِ؟) گلوبلائيزيشن، اڪئڊمي؛ فيس بُڪ لائيڪ/ ائڊ/ فرينڊ/ ان فرينڊ/ شيئر/
ٽِويٽ ڪرڻ، اِي ميل سينڊ/ ڊيليٽ/ سيوِ ڪرڻ؛ لوڊ/ ڊائون لوڊ ٿيڻ؛ ميٽنگ، لابي ڪرڻ، ميڊيا،
پرنٽ ميڊيا؛ چينل/ سرچ ڪرڻ/ ائنڪر/ پروگرام هوسٽ ڪرڻ/ ٽاڪ شو/ گيسٽ اسپيڪر؛ سياسي ڪَرِزما،
ڪازموپوليٽنزم وغيره“.
ڪجهه مثال ٽي وي چينلن تي ڳالهائجندڙ سنڌيءَ جا- اوهان ڪنهن به ٽي ويءَ
چينل آڏو ويٺا هجو، اوهان کي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي عجب صورت ٻڌڻ ۾ ايندي. هي دلچسپ
جملا مون اڌ ڪلاڪ ۾ مڙني چينلن مان نوٽ ڪيا آهن، انهن مان ڪجهه جُملن جو ترجمو سولو
آهي ۽ ڪجهه لفظن لاءِ متبادل ڳولهڻ ۾ ڏُکيائي سو ٿئي ٿي:
-
”ناظرين بريڪ جو ٽائيم ٿيو آهي،
اسان جو ويٽ ڪجو! (ناظرين وقفي جو وقت ٿيو آهي، اسان جو انتظار ڪجو“.
-
”ناظرين اَڳلي هفتي جو ٽاپڪ ڊِفرنٽ
هوندو (ايندڙ هفتي جو موضوع مختلف هوندو)“
-
”.... بلڊرز ۽ ڊِويلپرز
طرفان، هاسپٽل جي فرنٽ تي، سو فيصد اوهان جي ڊِمانڊ مطابق.... پلاٽ يا اپارٽمينٽ اڄ
ئي بُڪنگ ڪرايو“. (هن جُملي جي پهرئين حصي جو ته ترجمو ڪجي، ته اسپتال جي سامهون، اوهان
جي گُهرجن موجب ..... پر ٻئين حصي جو ترجمو سڀني کي ڏکيو لڳندو: مثال، پلاٽ، اپارٽمينٽ
۽ بُڪِنگ جو ترجمو ڇا ڪجي؟)“
-
”مان ٽايرڊ/ ٿڪل آهيان“؛ ”هن
بريڪ فاسٽ اِيٽ/ ناشتو ڪيو“؛ اوهين ويري مچ اِنٽيليجنٽ/ ڏاڍا ذهين آهيو“.
-
”ون ڊي سيريز کان پوءِ ڪرڪيٽ
بورڊ ٽيمُن کي تَياري اسٽارٽ/ شُروع ڪرڻ جي ائڊوائيز/ صلاح/ تجويز ڏني“.
ڪجهه ماڻهو ان راءِ جا هوندا ته هر لفظ ترجمو ڪرڻ اوپرو لڳندو، پر منهنجي
خيال ۾ ٻوليءَ جا ماهر جيتري دير لفظن جي ترجمي ڪرڻ يا انهن لفظن کي سنڌي رنگ ڏيڻ
۾ لڳائيندا، اوترو ئي انيڪ لفظ ٻوليءَ ۾ وڌيڪ تڪڙا داخل ٿي ان جو حصو ٿيندا ويندا،
جيڪو، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ٻوليءَ جو مرڻ ڏانهن وڌڻ هوندو.
مثال طور، ٻوليءَ جو ماهر جوشوا فشمئن ٻولين جي مرڻ جي حوالي جا اَٺَ
مرحلا بيان ڪري ٿو ته ٻوليءَ جي بدترين حالت اها هوندي آهي، جڏهن فقط ايڪڙ ٻيڪڙ وڏا اها ٻولي ڳالهائيندا هجن، ان کان گھٽ بدتر صورتحال
اها هوندي ته اها ٻولي فقط مائٽ ۽ ٻار گھر
۾ ڳالهائيندا هجن ۽ ٻاهر ان جو واهپو نه هجي، ڪجھه بهتر صورتحال اها هوندي آهي، جڏهن
اها ٻولي اوڙي پاڙي ۾ به ڳالهائي وڃي. پنجون ڏاڪو اهو ته ٻولي ان خاص علائقي جي مارڪيٽ
۾ به ڪنهن حد تائين هلي. ڇهين سطح تي اها ٻولي اسڪولن ۾ ڪورسن ذريعي شامل هجي. ستين
سطح اها ته اها ٻولي ان علائقي ۾ بطور ڏيتي ليتيءَ جي هلي، اٺين سطح تي ٻولي باقاعدي
لکت جي شڪل ۾ آفيسن ۾ هلي. ان مثال تحت ته سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل روشن آهي، ڪجهه خطرن
کي سولائيءَ سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. اسين منتظر آهيون، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻوليءَ جي ماهرن
جو فيصلو اهو طئه ڪندو ته سنڌي ٻوليءَ جي مُستقبل کي ڪيئن محفوظ رکجي. اِن ڏِس ۾ ڪجهه
صلاحون: ٻوليءَ جي اداري ۽ ٻوليءَ جي ماهرن کي گهرجي ته:
·
لُغَتَ ۽ ٻوليءَ جي ماهرن ڊيوِڊ وِلسن ۽ وِي ٿَيالئن جي صلاح مطابق ٻوليءَ
جي تجربيگاهه، (ليبارٽري) قائم ڪن، جنهن ۾
ٻوليءَ تي ادبي، فڪري، لغتي ۽ ٻين حوالن کان ڪم ٿئي.
·
سنڌ جي مڙني ادارن کي اخبارن، ٽي ويءَ ۽ انٽرنيٽ تي اشتهارن، بيانن، لکتن
۽ ڳالهه ٻولهه جي پروگرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جي ان سرگرميءَ ۾ شامل ڪن ته
جيئن سڀ گڏجي ان مسئلي جي حل لاءِ تدارُڪ ڳولهين.
·
ٻوليءَ جو ادارو ٻوليءَ جي ماهرن، اديبن، سماجي ۽ نِج سائنسي شعبن سان
واڳيل دوستن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙين، جيڪا ٻوليءَ جي ان مسئلي تي خصوصي ويهڪون رکي ان
جو تدارڪ ڳولي.
·
نارِيءَ لاءِ لفظ عورت‘ جي استعمال تي اُها ڪميٽي هڪ خاص ويهڪ رکي، جيڪا
ان تي پنهنجي لکت ۾ راءِ ڏئي، مُناسب لفظ جو اعلان ڪري ميڊيائي ۽ ٻين ادارن کي با خبر
ڪري.
·
ڏيهي ۽ پرڏيهي ترقياتي شُعبي جي ادارن کي نوٽيسن (نوٽيس لاءِ ڪو نج ۽
نبار سنڌي لفظ ڳولهجي) ذريعي سندن پاليسين ۾ اهو شامل ڪرڻ تي زور ڀريو وڃي، ته هو امداد
جي شين جا نالا سنڌيءَ ۾ ئي لکن ته جيئن امدادي ٽيمون ۽ امداد وٺڻ وارا شين کي سنڌيءَ
۾ سڏين.
·
ان تي غور ڪيو وڃي ته سنڌي ٻولي آخر سال ۾ ڪيترن نوَن لفظن کي جيئن جو
تيئن کڻي؟ ڪيترن لفظن کي سنڌيءَ جو رنگ ڏئي کڻجي؟ ۽ ڪيترن لفظن جا نوان سنڌي لفظ تخليق
ڪجن؟ (ٻوليءَ کي پنهنجي مزاج موجب نوان لفظ لازمي تخليق ڪرڻ گُهرجن، جيڪا ٻوليءَ جي
اميريءَ جي نِشاني هوندي).
·
انهن سُوالن تي غور ڪري ته، ٻوليءَ ۾ جيڪا غير فطري تبديلي اچي چُڪي آهي،
ان کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏجي، جن لفظن جا سنڌيءَ ۾ متبادل آهن، انهن جي فهرست تيار ڪري
ادارن کي موڪلجي؟ عربي، انگريزي ۽ فارسيءَ جي اندراج جو نوٽيس هڪ ئي وقت وٺجي يا پهرين
انگريزي کڻجي ۽ ڳالهائجندڙ سنڌيءَ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش شُروع ڪجي؟ (فرانسيسي فلسفي
رَئنَي ڊئڪارٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ وارو نظريو يا ’ڪارٽيزين طريقو‘ هتي ٺهڪندڙ لڳي ٿو،
هن چيو ته پهرين مسئلن کي پيچيده ۽ سَوَلَن مسئلن ۾ وِرهائجي، پوءِ اڳ ۾ سَوَلن مسئلن
کي حل ڪجي، پوءِ پيچيده مسئلن کي کڻجي). هتي به ’ڪارٽيزين طريقو‘ ئي بهتر ٿيندو.
سڄي ڳالهه جو تَتُ اهو ته سنڌي ماڻهو ڀل ته ملڪ جون هڙئي ٻوليون ڳالهائي،
انگريزيءَ سميت ٻيون يورپي ٻوليون سکي، انهن کي نِج انداز ۾ ڳالهائي، انهن ٻولين ۾
سائنس، فلسفو ۽ ٻيا سماجي ۽ سائنسي علم پڙهي، وڏو چترڪار ٿئي يا مُجسمه ساز بڻجي، سياستدان
ٿئي يا سائنسدان، اديب ٿئي يا ٽيڪنالاجيءَ جو ماهر ٿئي ۽ بي مثال ترقي ڪري، پر پنهنجي
سنڌي ٻوليءَ کي نِج انداز، اصلي لفظن سان ڳالهائي، بس ڳالهه به ايتري!
No comments:
Post a Comment