چونڊ سوانحي خاڪا
(ڪتاب)
رکيل مورائي

ڪتاب پڙهندي جتي سنڌي ادب ۽ علم جي گهري ڄاڻ پوي ٿي اتي علامه صاحب جي علم جي پڻ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ۽ پتو پوي ٿو ته جن شخصيتن بابت علامه صاحب هيءَ سوانحي خاڪا لکيا آهن اهي ڪيڏي علمي، ادبي ۽ شخصي مرتبي واريون آهن.
علامه صاحب جي هنن خاڪن مان علم جو هڪ سمنڊ پنهنجي گهرائيءَ سان نظر
اچي رهيو آهي، جنهن ۾ نه شور آهي، نه اجائي ڪڙڪا آهي، پر اهو سنجيده آهي ۽ گهرو
آهي ۽ علم جي اها ئي نشاني آهي.
سوانحي علم بابت هيءُ ڪتاب سنڌ جي اڄ جي نسل لاءِ هڪ بي مثال ڪتاب
آهي. شرط فقط اهو آهي ته اسان ۾ ايترو ضبط هجڻ گهرجي جو اسان هڪ اهم ۽ سنجيده ڪتاب
پڙهي سگهون. ذاتي طور مون کي افسوس ٿي رهيو آهي ته اسان نظرين جي نالي ۾ ڪتاب پڙهڻ
جي جنون ۾ سنڌ جي نج علم جي وڏي حصي کي رهائي ڇڏيو، جنهنڪري اڄ پاڻ کي اڻپورو
محسوس ڪري رهيا آهيون. علمي طور جڏهن به سنڌي نوجوان کي اهڙو احساس ٿئي ته هيءُ ڪتاب
ضرور پڙهي، يقينن سندن رهنمائي ڪندو. هيءُ ڪتاب به سنڌ جو هڪ اهم سوانحي ڪتاب آهي.
ظاهر آهي قاسمي صاحب هي جيڪي به خاڪا لکيا آهن، پنهنجي سوچ، سمجهه، علم ۽ عقيدي جي
نظر سان لکيا آهن پر اهي اسان لاءِ رهنمائي ڪندڙ آهن.
هنن خاڪن جي چونڊ، چيئر جي اعزازي ڊائريڪٽر قاضي خادم
صاحب ۽ نوجوان اسڪالر اسان جي دوست انور فگار هڪڙي
ڪئي آهي، جيڪي هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ٿيا آهن. اميد آهي ته علامه صاحب جا رهجي ويل خاڪا
پڻ ٻئي جلد يا ٻين ڪيترن ئي جلدن ۾ چيئر سنڌي پڙهندڙن لاءِ ڪتابي صورت ۾ آڻيندي.
هن علمي ڪتاب لاءِ مٿيان ٻئي صاحب جس جا ڀاڳي آهن. اسان جون نيڪ خواهشون سنڌ جي
هنن سڀني ادارن سان گڏ آهن، جيڪي پنهنجي گهٽ مالي وسيلن آهر به انهن ادارن کان
وڌيڪ ڪم ڪن ٿا، جن ادارن وٽ ڪروڙن جون بجيٽون آهن ۽ لکن ۾ ڪميشنون ڏين ۽ وٺن ٿا.
هڪ سئو ارڙهن خاڪن تي ٻڌل هن ڪتاب پا ڻ ۾ صديون سمائي رکيون آهن. قاسمي صاحب جي
علم جي سڃاڻ طور هيءُ ڪتاب اسان کي سانڍي رکڻ کپي ۽ وري وري پڙهڻ کپي. پڪي جلد
واري هن خوبصورت ڪتاب ۾ 296 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 300 رپيا آهي.
ماشاءَاللھ ! سٺي ڪاوش ۽ محنت آھي. اميد ته رائگان نه ويندي.
ReplyDelete