06/11/2012

خوبصورت شاعر امداد حسينيءَ جو ڪرڻي جھڙو ڪردار - مسرور پيرزادو


خوبصورت شاعر امداد حسينيءَ جو ڪرڻي جھڙو ڪردار
مسرور پيرزادو
امداد حسينيءَ جو نئون شعري مجموعو ”ڪرڻي جھڙو پل“ ڇپجي ويو آهي. اها خوشخبري ميڊم سحر امداد فيس بُڪ تان پنھنجيStatus  ذريعي ڏني، پوءِ اُتي ئي پنھنجو رايو ڏيندي مان لکيو ته ”ڪرڻي جھڙو پل“ سرڪاري اداري جي روايتي تاخير کان پوءِ نيٺ ڇپجي ويو. ڀلا ڪرڻي  جھڙي پل کي ڪير، ڪيسيتائين روڪي سگھي؟ امداد حسينيءَ جي شاعري رات جي اونداهيءَ کان پوءِ خوبصورت صح جي تازي سج جي ڪرڻن جھڙي ته آهي، نئين ، نڪور، تازگي ۽ روشنيءَ سان ڀرپور ــــــ ڏينھن جو اعلان ڪندڙ ۽ رات جي انجام جو پيغام ڏيندڙ، ان صبح جي اتساھ ڏيندڙ ڪرڻن جھڙي شاعريءَ کي ڪا به سرڪار روڪي نه ٿي سگھي.

مُٺ ۾ ڪنءَ پڪڙي سگھان،
ڪرڻي جھڙو پل !

امداد جي تازي مجموعي جي اشاعت جي خوشخبري پنھنجي جاءِ تي، پر اها ڪيڏي نه خراب خبر آهي ته امداد جھڙي عاليشان شاعر جو هي صرف ٽيون ڪتاب آهي، جڏهن ته هي خوبصورت شاعر مسلسل لکي رهيو آهي ۽ هن جي شاعري جا هن وقت تائين گھٽ ۾ گھٽ پنچ ڇھه ٻيا به ڪتاب اچڻ کپندا هئا، جنھن رفتار ۽ جذبي سان هو شعر لکي رهيو آهي، ان ئي رفتار ۽ جذبي سان ڪاش ڪوئي ادارو هن جي شاعريءَ جا ڪتاب به ڇپي سگھي، پر ڇا ڪجي جو اسان وٽ اشاعتي ادارا ان معيار جا ناهن، اهي رڳو ”بزنس“ ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن، پر انھن ڳالھين جو روئڻ روئڻ کان بھتر آهي ته هن ڪتاب تي ڳالھائجي ۽ ان ۾ موجود سمورين شاعراڻين حسناڪين جو لطف ماڻجي، ۽ هن ڪتاب جي پنن ۾ جيڪو امداد ”اتھاس“ لکيو آهي اهو پڙهجي .
پاتالن کان گَھرو گَھرو، اُوچو کان آڪاس،
سنڌيءَ ٻوليءَ منجھه لکي پيو، پني تي اتھاس.
هن مجموعي ۾ امداد جي شاعريءَ جا سمورا رنگ شامل آهن ــــــ عشق، سنڌ، ظلم، انصاف، اداسي، اڪيلائي، شعور، سڄاڳي، دوستي، جدت، شاعري، فن، فڪر، انقلاب، مطلب ته اهي سڀ رنگ جيڪي امداد جي شاعري جي سڃاڻپ آهن، اهي سب هن مجموعي ۾ شامل آهن.
امداد جي شاعريءَ ۾ سنڌ لاءِ جيڪا تڙپ آهي، ان کي سنوارڻ، سڌارڻ لاءِ جيڪا تمنا آهي، اها واضح ۽ چٽي آهي. امداد جي شعرن مان سنڌ جو درد ائين محسوس ٿو ٿئي جيئن ٿرماميٽر مان جسم جي حرارت جو پتو پوندو آهي ــــــ سنڌ کي جيڪو سياسي ۽ سماجي بخار آهي اهو امداد جي شاعريءَ جو ٿرماميٽر سچائي سان پڙهندڙ کي پسائي ٿو. شاندار نظم ”اپيل“ ۾ هن جھڙي فنڪاراڻي نموني سان سنڌ ۾ قبيلائيءَ جھڙن جو عڪس چٽيو آهي انھن جھيڙن جھٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ وينتي ڪئي آهي سا پڙهندڙ تي هڪ سحر طاري ڪري ٿي ڇڏي.
اڄ سڀن کي اهو سُڻايان ٿو،
هٿ ادب جا  ٻڌي ٻُڌايان ٿو،
ٿورو ڌيان سان سُڻو سائين!
ته ڦٽڻ کان سٺو ٺھڻ آهي،
ته ٽُٽڻ کان سٺو جُڙڻ آهي.
نظم (اپيل) هڪ طويل نظم آهي ۽ امداد وٽ طويل نظم لکڻ جو ڏانءَ ڪمال جو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ هن جو طويل نظم ”شھر“ هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو. اهو هڪ نظم ئي سنڌي شاعريءَ جي چڱي خاص حصي تي ڀاري آهي. ”شھر“ کان علاوه هن جو بيحد سھڻو نظم ”شرط“ به سنڌي شاعريءَ جي شراب جي پياڪن کان ڪڏهن وسري نٿو سگھي. ان نظم جو خمار ۽ ڪيف هر ان پڙهندڙ تي هميشه طاري آهي، جنھن ان نظم جي سُرڪ ڀري آهي.
سنڌ جي محبت ۽ درد جا شاهد هن جا ٻيا نظم، غزل به هن مجموعي ۾ آهن جن منجھه ”سنڌ سارڻي آهي“، ”سنڌ جي مٽي“ (چوٿين مارچ تي)، ”شال“، ”اهي به ڏينھن هئا!“، ”وراڻي“، ”سنڌ جي سڏ تي“، ۽ هڪ شاندار نوحو ”اي سنڌ امان!“ شامل آهن.
ڀٽائي“ پڻ امداد جي شاعريءَ جو موضوع ۽ اتساھ جو ذريعو آهي.
هن مجموعي ۾ ”ڀٽائي تنھنجو نانءُ!“ ان حوالي سان هڪ سھڻو نظم آهي جنھن ۾ هو چوي ٿو ته :
هاڙي ۾ هٻڪارون آهن
ڪاڙهي ۾ به بھارون آهن
ورھ ڪيون وڻڪارون آهن
جاڏي به نھاريان تاڏي
تنھنجون نيڻ بھارون آهن.
امداد جي شاعريءَ ۾ هڪ عجيب ۽ شاعراڻي اُداسي هوندي آهي، جيڪا هن جي شروعاتي شاعريءَ کان وٺي هيل تائين پنھنجي باقار ۽ سنجيده خوبصورتيءَ سان ڀري پئي آهي، ”امداد آهي رول“ ۾ موجود اهي سٽون اڄ به ڪيڏيون نه پياريون ٿيون لڳن ته :
مون کي ڪنھن دوست يا همدم جي ضرورت ناهي،
آءُ تنھائيءَ ۾ ڪجھه دير روئڻ ٿو چاهيان.
اها ئي اداس ڪيفيت هن مجموعي ۾ به بار بار ملي ٿي. نظم ”ڄڻ ملي ناهين اهڙي ئي اداسيءَ واري ڪيفيت جو بيان آهي جنھن ۾ وصل به فراق جيان ڀاسي ٿو.
اهڙي ئي اداسيءَ ۽ اڪيلائيءَ جون ڪيفيتون امداد جي شعرن ”اوسيئڙو“، ”سمنڊ ڪناري“، ”لڙڪ سوا اک“، ”بند ڪمري ۾“، ”تنھا هئاسين“، ”مان“، ”اجنبي“ ۾ به موجود آهن جن ۾ هو چوي ٿو ته :
اڪيلي اڪيلي ۾ ميلا اسين،
۽ ميلي جھميلي ۾ تنھا اسين.
امداد جي شاعريءَ ۾ جتي قديم سنڌي لفظ آهن اُتي هن وٽ انگريزيءَ جا لفظ به ملن ٿا. مثال طور ”هيوج ڪار“، ”واٽر واٽر ايوري ويئر“، ”ٽشو پيپر“ ، ”گيس چيمبر“، وغيره، اهي لفظ ڪٿي سٺا لڳن ٿا، پر ڪٿي جيڪڏهن انھن جي جڳھه تي سنڌي لفظ استعمال ڪجن ها ته شايد وڌيڪ سٺا لڳن ها. مثال طور ”هيوج ڪار“ جي بدران وڏي ڪار“ يا ”پارڪر مس ۾“ جي جڳھه تي ”پين جي مس“ هجي ها ته بھتر لڳي ها، توڙي جو خود پين انگريزي لفظ آهي پر اهو لفظ هاڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ به ضم ٿي چڪو آهي ۽ عام طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر هت انگريزي لفظن جو استعال خوب ڪيو ويو آهي.
مون کي اپ سيٽ ڪري
سيٽ ڪري پئي ڪمرو
هن مجموعي ۾ ڪجھه ڪمال جا غزل به آهن جن ۾ امداد جومشھور غزل
مون جڏهن ڪو ڏيو جلايو آ
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل هن ڪتاب ۾ امداد حسينيءَ جي فن ۽ شخصيت تي محمد ابراھيم جويي، غلام رباني، آگري، رسول بخش پليجي، سراج، ڊاڪٽر الياس عشقي، قمر شھباز، بورڊ جي سيڪريٽري الھڏني وگھئي ۽ ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جا ليک پڻ شامل آهن.
380  صفحن تي مشتمل هي سھڻو شعري مجموعو سنڌي شاعري ۽ امداد حسينيءَ کي پسند ڪندڙ سڀني ماڻھن کي خريدي پنھنجن ڪتابن ۾ رکڻ گھرجي ۽ وٿي وٿيءَ سان هن ڪتاب جا ڪي پنا کولي شاعريءَ جي خوشبوءَ سان روح کي معطر ڪرڻ گھرجي. آخر ۾ امداد جو اهو ننڍڙو شعر ڏيندس ته
امداد“ نه هوندو
ڏات امر آهي.
بيشڪ امداد حسينيءَ جي ڏات امر آهي ۽ هن جي شاعريءَ کي فنا جو هٿ ڇُھي به نه سگھندو پر منھنجي دعا آهي ته رب هن کي وڏي ڄمار ۽ صحت ڏئي جيئن هو اڃا به شعر چوندو رهي – اهڙا شعر جھڙا صبح جي سج جا پوتر ڪرڻا.

No comments:

Post a Comment