30/11/2012

شاعري دل جو آواز آهي - ڪريم لغاري


شاعري دل جو آواز آهي
ڪريم لغاري
الائجي ڇو مون کي شاعري انساني ذهن جي هڪڙي عجيب ڪيفيت جو اڪيلو آواز محسوس ٿيندي آهي، ڇو جو شاعري بيگانگي جو اظهار آهي! سچ آهي بغاوت آهي، انقلاب جو رستو آهي.
آئون هن عهد ۾ شاعريءَ جي حق ۾ آهيان، ڇو جو عظيم شاعرن جنگن جي، بربادين جي، ظلم جي، استحصال جي ۽ تاريخي جبر جي مخالفت ڪئي آهي! ۽ ٻئي پاسي کان شاعري محبوب جذبن جو اظهار به رهي آهي.
نرودا ۽ چلي جي ڊڪٽيٽر پنوشي جي وچ ۾ ڪو مال تي جهيڙو ڪونه هو. نرودا مظلومن جي ڌُر هُيو ۽ پنوشي ظالمن جي.
ڀلا محمود درويش عرب ۽ سامراجي حڪمرانن جي ڪا چوري ته ڪانه ڪئي هُئي.

ڇا ماياڪو وسڪي، اسٽالن ۽ ان جي حمايتين جي ڪا ڪنسنٽريشن ڪيمپ ٽوڙي هئي يا احمد فراز جنرل ضياء جا ڪا ڍڳا ڪاهيا هُيا؟ يا منهنجي محبوب دوست ايوب کوسي جي ڪا ڪنهن سان ذاتي دشمني هُئي، پر هي شاعري جي مختصر تاريخ گواهه آهي ته شاعري عظيم باغين جو انقلابي هٿيار آهي، جيڪا واضح اظهار ڪري ٿي ته ڪير ظالم آهي ۽ ڪير مظلوم آهي.
تنهنڪري انساني تاريخ جو اهو عظيم سچ آهي ته شاعري محروم ماڻهن جي پناهه گاهه به آهي ته، انقلاب ۽ تبديلي جو سڏ به آهي...... فيض چيو:
جن پي آنسو بهاني ڪو ڪوئي نه ٿا
اپني آنکهه ان ڪي غم مين برستي رهي.......
مٿي سڀ ڪجهه پاڻ شاعري جي ۾ حق ۾ لکيو! پر اڄ جي هن منحوس عهد ادب ۽ شاعري کي مڪمل طور تي Compartment ٺاهي ڇڏيو آهي، جيڪو چاهيو لکي ڇڏيو. اڻ سڌي طريقي سان ايئن جو عالمگير تاريخ اڄ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ انسان تسڪين ۽ سُڪون ۾ ناهي، ڪٿي به امن ناهي، ڪٿي به انصاف ناهي، ڪٿي به ڪنهن جي دردن جو ڪوبه احساس ناهي ۽ ڪٿي به شخصي، نظرياتي فڪري، فطري معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ سماجي آزادي ناهي. ماڻهو جسماني، روحاني ۽ نفسياتي طور تي غلام آهن. هڪڙو مخصوص لڏو، هڪڙو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جو تعداد، پنهنجي معاشي طاقت يا Authority  ذريعي  هر شيءِ تي پنهنجو ناجائز قبضو ڄمائي رکيو آهي، جيڪو لڏو مڪمل طور تي بدذوق آهي. هُن کي تهذيب جي، تاريخ جي، ادب جي، جماليات جي، حسن جي، شاعري جي ۽ ان جي ذوق جي ڪابه ڄاڻ ناهي. نتيجي طور شيون پنهنجو جوهري اثر وڃائي چڪيون آهن ۽ بدذوقي کي هٿي ملي آهي.
جُگنو جي ڪهاڻي، جي ٽائٽل سان ڪنهن مون ڏانهن هڪڙو نظم موڪليو هُئو، شايد اسين پنهنجي تاريخ کي ائين نه به ڏسندا هجون! ٿي سگهي ٿو ائين هجي؟
منهنجي ٻرندڙ وجود جي اذيت جي تاريخ گواهه آهي
هي آڳ مون پاڻ سان گڏ
ان ڪري کنئي آهي جو
منهنجا سڀ دوست اونداهين
۾ رهن ٿا ۽ منهنجا سڀ
دشمن روشني کان
خوف کائين ٿا.
مون کي لڳي ٿو اها ڪهاڻي. شاعر جيولس فيوچيڪ جي آهي، پڪاسو جي آهي، ڪوپرنڪس جي آهي، برونو جي آهي، گليلو جي آهي! برٽاليٽ جي آهي، اسان جي شاهه عنايت جي ۽ مخدوم بلاول جي آهي. رهزنن جي تاريخ جو اهو پهريون ۽ آخري اوزار هوندو آهي ته معتبر ڪير آهي، انهي فيصلي ڪرڻ جو حق صرف اسان کي آهي.
 جيولس فيوچيڪ پنهنجي شاعريءَ ۾ وقت جي رهزنن ڪردارن کي للڪاريو، هن جو خيال هُيو ته سچائي مزدورن هارين ۽ غريبن جي هٿن مٿان جاڳيل زخمن جي ڳاڙهاڻ ۾ ڀلجي ٿي.
سچ اهو ناهي، جيڪو درٻاري پيش ڪن ٿا، سچ اهو آهي جيڪو گلين روڊن ۽ رستن تي لتاڙجي رهيو آهي.
ڪوپرنڪس، برونو، ۽ گليلو نظام شمسي Solar System جي ٿيوري پيش ڪئي. پادرين چيو: اهو ڪوڙ آهي، اجائي واويلا آهي، اسان جي مقدس مذهب جي خلاف، زمين سج جي گرد نٿي گهمي. پهرين ڪوپرنڪس، پوءِ برونو پادرين ۽ رجعتي اشرافيه جو شڪار ٿيا، تنهن کان پوءِ گليلو، ڀلا سچ ڇا هُيو؟ تاريخ ڪنهن کي معاف ناهي ڪندي. بي رحم وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪوڙا هئا. عظيم برونو تاريخ جو ٻرندڙ سچ هُيو، جنهن جي گواهي، نپولين پنهنجي سموري فوج سميت ڏيئي ڇڏي هئي، جڏهن هن انهن سڀني شهيدن کان معافي ورتي.....
انهن عظيم ڪردارن لاءِ فيض چيو هُيو:
تيري هونٽون ڪي ڦولون ڪي
چاهت مين هم
دار ئي خشڪ ٽهني
پي واري گئي
تيري هاٿون ڪي شمعون
ڪي حسرت مين هم
نيم تاريڪ راهون مين
ماري گئي....
پاڻ شاعري، بغاوت ۽ انساني تاريخ جي المين تي پئي ڳالهايوسين. جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري شين جو سائنسي اصولن تحت تجزيو ڪجي ته الميا اڻ کُٽ آهن، اڄ جتي تهذيبي بُحران پنهنجي آخري حد تي پهتل آهي، اتي شاعريءَ جي تخليق جو بحران به واضح آهي. ياد اٿم عرصو پهرين ڪنهن ادبي ڪچهري ۾ چيو هيو: جڏهن دنيا امن جي روحاني حقيقت بڻجي پوندي سُرخ سويرو اڀري ايندو، هر پاسي محبتون هونديون، پيار هوندو ته اسان هڪڙي ميوزم ۾ اڄ جي دور جا هٿيار رکنداسين ته اسان جو ايندڙ نسل اهي هٿيار ڏسي چوندو ته اسان جا وڏا ايترا رهزن به هُيا جو اهڙن خطرناڪ اوزارن جو استعمال انسانن مٿان ڪندا هُئا! انهي تي ڪنهن اهو به چيو هُيو ته ميوزم ۾ رڳو موتمار اوزار ڪونه رکنداسين، اتي هن عهد جي ميوزڪ شاعري ۽ ادب به رکنداسين ته اسان سان اهي هاڃا به ٿيا هُيا، اسان جي احساسن کي ايئن به لتاڙيو ويو هيو. جتي حڪمرانن ۽ مٿين طبقي اسان جو استحصال ڪيو هو، انهي ميدان تي سائنسي دور ۾ اسان مٿان غير سائنسي اديبن به يلغار ڪئي هئي. قدامت پرستي، رجعت پرستي ۽ تبديلي جي دشمنن جو مُک هٿيار هُئي. هو پراڻين ريتن رسمن ۽ فرسوده عقيدت جي ڳالهه ڪندا هُئا. هو صرف هڪ قبيلي جي ڳالهه سڄي انسانيت مٿان مڙهڻ چاهيندا هُيا، تنهنڪري اهي به انساني قدرن جا دشمن هيا. ٿي ڇا رهيو آهي؟ انسانيت تاريخ جي رڻ ۾ اڪيلي بيٺل آهي. حيوانن جو هن ڌرتي مٿان راڄ آهي، هن ڌرتي جي Minerals مان صرف گوليون، بندوقون، جنگي جهاز، بم، جيل، ٿاڻا، کوليون ۽ هٿڪڙيون ٺاهيون پيون وڃن. ان مان ڪو به Social infrastructure تعمير ڪونه ڪيو پيو وڃي. ماڻهو ماڻهن کي مارڻ کان پوءِ انهن جون اکيون ڪڍي رهيا آهن، وڌ کان وڌ عورتون ۽ معصوم ٻار بي دردي سان قتل ٿي رهيا آهن، بي روزگاري، بُک، بدحالي، لاعلاجي، لاعملي ماڻهن کي بلا جيان وڪوڙي وئي آهي! ۽ ٻئي پاسي اليٽ ڪلاس Capitalist خاندانن جون شاندار پارٽيون دعوتون ۽ شادين جون تقريبون، انهن ۾ گليمر انهن جو اسٽينڊرڊ  ڇا ٿو ثابت ڪري ته زمين تي پيداوار ختم ٿي چڪي آهي؟ يا هن ڌرتي انسانن کي پالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي؟ بلڪل نه! هي ڌرتي هميشه لاءِ جوان رهڻي آهي. هنن بلائن جي نظام ئي هن ڌرتي جي Nature ۽ ان جي سماجن کي تباهه ڪيو آهي. هنن Fossil Fuel زرعي اوزرن ۾ آفريڪا کنڊ جيترا شگاف ڪري ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ زمين اندر ٽيڪانيڪي پليٽس جي وچ ۾ طاقتور گئسن سان هاڃا ٿي رهيا آهن. اُهي پلٽون ڊسٽراوڊ ٿي رهيون آهن. نتيجي ۾ ڌرتي پنهنجو توازن وڃائي رهي آهي. اوهان پڇيو هنن جي نظام جي حمايتي دانشورن کان، تاريخ دانن کان، سياست دانن، کان اديبن کان، ڏاهن کان ۽ مها ڏاهن کان ته هو ڇا ٿا چون!
جن جو خيال آهي ته هي نظام جنهن ۾ اسين ساهه کڻي رهيا آهيون، اهو حتمي ۽ آخري آهي، مطلب ته تخليق تناظر انساني شعور ۽ تاريخ جو سفر اڳتي هلي ئي نٿو سگهي، هاڻ انسان جو دماغ 1300 ملي ليٽر کان وڌي گرو ڪري نٿو سگهي.
پر سائنسي اصولن مطابق شيون هميشه سفر ڪنديون رهن ٿيون، اڳتي يا پُٺ تي. ائين ٿيڻو ئي ناهي ته ماڻهو جو دماغ پويان ڏانهن سفر ڪري، 1300 ملي ليٽر مان وڃي قديم (ايپ) جي 400 ملي ليٽر واري دماغ تائين پهچي. ڇا شيون هاڻ وري پٺتي وڃي سگهن ٿيون؟ تهذيب ۽ تاريخ پٺتي ڪڏهن به نه ويندي. ڀلي هٿرادو دانشور ڪجهه به چون، پاڻ شاعري ۽ احساسن جي ڳالهه پئي ڪئي! هڪ ڀيرو منهنجي هڪ محبوب شاعر دوست مون ڏانهن پنهنجو لکيل هي نظم موڪليو هو:
رات ڪي تاريڪ رُخ پي
اب ڪي ڪوئي ڀي نيا پن نهين
يي افسردگيان
جو پهلي ڪڀي
پاس ڪي زندان مين
گرمي شروش سي
ڪرتي ٿي حشر ڪا
عالم پيدا اب ڪي يي
بلڪل ڀي رنجيدا نهين هوتين
حوادث جو بڙي ناتوان ٿي
اب نور مهتاب سي هين سرشار
غمگين لمحات اب محو تخليق
هين منسب صبح فردا ڪي
دلگير تغير مين .....
خبر ناهي ڇو، پر ايترو ضرور احساس اٿم ته اينٿرپالاجسٽ علي تقي مجروح تمام وڏو شاعر آهي. جنهن اُهي احساس لکيا آهن ته اسان جي محرومي بيگانگي ۽ بي وسي جبر جي قيد ۾ ماتم ناهي ڪري رهي! بلڪ سُرخ صُبح جي سج جي تصور ۽ خوابن جي نور سان سرشار آهي! هاڻ مزدورن هارين ۽ عام ماڻهن جي راڄ جو عهد تخليق ٿي رهيو آهي. 

No comments:

Post a Comment