مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور
سمندر گرجي ٿو“
محمد سليمان وساڻ

هن ڪتاب ۾ شامل سندس احساسن ۽ شاعريء کي پڙهي اها پروڙ
پئي ته مشتاق سعيد جا خيال ڪيڏا سندر ۽ حسناڪين سان ڀرپور آهن. سندس شاعري هڪ اميد
جو ڪرڻو ۽ حوصلو آهي:
ڦاهيء جي تختي تي بيٺي تو جو گيت جهونگاريو
آ
ان جي سُر ۽ سازن منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻاريو
آ
مشتاق جي هر نظم ۾ هڪ نئون پيغام سمايل آهي. هر نظم ۾
هڪ نين ڪهاڻي ۽ الڳ احساس سمايل آهن، جيڪي روح کي تڙپائن ٿا:
سمنڊ جي سرگم ساز ۽ سر تي
راڳي ڪوئي راڳي ٿو پيو
جيڏي دل ڪويءَ جي آهي
ايڏو سمنڊ نه گهرو تون آ
مشتاق سعيد جي شاعري مون کي شيخ
اياز کان اياز گُل ۽ اياز گُل کان
مشتاق سعيد تائين جو تسلسل لڳي رهي آهي. مشتاق ٻوليء ۽ لفظن کي سهڻي نموني پوئي
پيش ڪيو آهي جيئن ڪو گل فروش مختلف رنگن جي گلن کي پوئي هار ٺاهيندو آهي:
ايئن نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي
ٿر اتر ۽ لاڙ نه ڳائي
راڳي تنهنجا گيت غضب جا
هيڏا هنئين ڦاڙ نه ڳائي
مشتاق سعيد جي سوچ جو سفر کيس جلد ئي سنڌ جي مُک شاعرن
واري ڌارا ۾ آڻي بيهاريندو، اهو مان نه پر سندس شاعري ٻڌائي رهي آهي. سچائي اشاعت گهر
دڙو پاران ڇپايل سندس شاعريء جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ 144 صفحن جو آهي، جنهن
۾ سندس غزل، نظم ۽ وايون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اياز امر شيخ لکيو آهي ۽ ڪتاب جي
قيمت 160 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment