15/11/2012

ڪتاب ”سنڌ جا املهه هيرا“ - محمد ابراهيم جويو



مير نادر علي ابڙي جو يادگيرين کي تازگي مهيا ڪندڙ ڪتاب ”سنڌ جا املهه هيرا“
محمد ابراهيم جويو
منهنجو دلبند، دلبر ۽ دل گُهري دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ دوست نواز، انسان نواز، سنڌ جو مشهور شخص هيو. ڪامريڊ تاج محمد حيدرآباد جڏهن به ايندو هيو ته مون وٽ مون مٿان احسان ڪري منهنجي گهر اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ مون کي ساڻ ڪري ادبيات حيدرآباد توڙي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري گڏ وٺي ويندو هيو، جتي گڏجي ڪتاب ڏسي نوان ڇپجندڙ ڪتاب خريد ڪبا هئا. اهو سلسلو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي وفات تائين يعني ڪافي سالن تائين جاري ساري رهيو.

مون کي اڄ به چڱي طرح ياد ٿو اچي ته تاج محمد ابڙو سان گڏ سندس وڏو فرزند مير نادر علي هميشه گڏ ئي گڏ رهندو هيو. ٽيهه سال کن اڳ جڏهن ڪامريڊ تاج محمد ڊسٽرڪٽ سيشن جج خيرپور ميرس هيو ته اتان پٽ مير نادر علي سان گڏ منهنجي گهر آيو. ان وقت ٻئي دوست مير نادر علي کي ساڻ ڪري سنڌي ادبي بورڊ وياسين. اهو ڏينهن فقط مير نادر علي صاحب جي لاءِ ڪتابن وٺڻ جو ڏينهن هيو ۽ جيڪي به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ڇپجي چڪا هئا، سي سڀ جا سڀ مير نادر علي کي سندس والد پرائمري سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ تي تحفي طور وٺي ڏنا. ڪتاب ڪيترا هئا، سڄي جي سڄي گاڏيءَ جي ڊگي ڀرجي وئي. پڻ ڪجهه بنڊل شهزادي نادر علي پنهنجي هٿن ۾ رکيا. همراهه خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو.
 اڄ اهو نادر علي وڏو ٿي جوان مڙس ٿيو آهي ۽ سنڌ جي اينٽي ڪرپشن جهڙي اهم کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ميرپورخاص ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. مون کي هن جي بدلي ٿيڻ جي خبر اخبارون پڙهندي ائين پئجي ويندي آهي جو سندس جنهن ضلعي ۾ مقرري ٿيندي، اتي وڃي ادبي ميلا مچائيندو آهي. اڪثر پيو اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جون ورسيون ۽ سالگراهون ملهائيندو ۽ پيو انهن جي زندگيءَ تي ڪنهن هڪ نه، بلڪه سنڌ مان شايع ٿيندڙ سڀني سنڌي اخبارن ۾ مضمون ڇپرائيندو وتندو. مطلب ته هن پوليس آفيسر کي چُپ ڪري ويهڻ اچي ئي ڪونه، يا پيو ڪتاب پڙهندو يا پيو لکندو يا پيو ادبي پروگرام ڪندو وتندو. اهو سڄو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تربيت جو اثر آهي، نه ته ڪٿي پوليس ۽ ڪٿي ادب، کوڙو ئي ڪو نه ٿو لڳي، پر هي نوجوان پوليس ۾ به وڏو نالو ڪمايو ويٺو آهي.
اڄ سچ پچ ته آءٌ وڏي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته منهنجي جگري جهوني دوست جي فرزند ارجمند مير نادر علي ابڙي پنهنجي والد صاحب جي دوستن ۽ واقفڪارن بابت پنهنجون يادگيريون پنهنجي محترم امر والد جي حوالي سان ساري سنڀالي گڏ ڪيون آهن ۽ خوب لکيون آهن.
هي ڪتاب سنڌ جا املهه هيرا جي عنوان سان پڙهندڙ حضرات لاءِ سنڌ جي شخصيات جي حوالي سان هڪ تاريخي ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ مون کي يقين آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن لاءِ واقعي املهه تحفي طور يادگار رهندو.
هن کان اڳ مير صاحب، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ بابت سنڌ جو املهه هيرو نالي سان ڪتاب پڻ شايع ڪرائي چڪا آهن. ان سلسلي ۾ هي ڪتاب پڙهندڙن جي يادگيرين کي تازگي مهيا ڪندو. گذريل وقت جا هي احوال گڏ ڪري منهنجي پياري دل گُهري دوست جي فرزند، مير صاحب نادر علي ابڙي پوري محنت ۽ حوصلي سان هن تصنيف کي پڌرو ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو اسان جون مبارڪون لهڻي.
سچ پچ ته سنڌ جون هيڏيون هستيون هڪ جاءِ تي گڏ ڪري، هن جوانَ هڪ اهڙو ته گلدستو جوڙيو آهي، جو نئين ٽهيءَ جي اديبن ۾ ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. اڄ جيڪڏهن اسان جو دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو زندهه هجي ها ته هن ڪتاب کي پڙهي، پنهنجي فرزند کي خوشيءَ منجهان چمي ڏئي ها. هن پنهنجي والد جيان ادب جي ننڍڙي عمر هوندي خوب خدمت ڪئي آهي. سندس اهڙو جذبو واقعي وڏي قدر لائق آهي.
اسان جي دعا آهي شال وڏي حياتي ماڻي ۽ اڃا اهڙا وڌيڪ ڪتاب پيو لکي ۽ پنهنجي والد جي نالي روشن ڪرڻ سان گڏ پنهنجو نالو به روشن ڪندو رهي.

No comments:

Post a Comment