05/11/2012

سعيد سومري جي ڪتاب ”اڌ خيال جي خاڪ“ جو مهاڳ - عـلي صـفـدر


حُسن، جيڪو ڪڏهن به مرڻو ناهي
سعيد سومري جي ڪتاب ”اڌ خيال جي خاڪ“ جو مهاڳ
عـلي صـفـدر
آءٌ سعيد سومري جي شاعريءَ جي چوٿين ڪتاب ’اڌ خيال جي خاڪ تي جڏهن مهاڳ لکڻ چاهيو پئي، تڏهن هاڪار ۽ انڪار جي چؤواٽي تي اچي پاڻ ئي بيهي پئي ويس.
رڪجڻ جو سبب؟
کوڙ ساترا سوال. ۽ هڪ خدشو!
آءٌ سنڌ جي هِن سپرونج شاعر، ٻهڳڻي نثر نگار ۽ نقاد نيڻ رکندڙ اهم ليکاريءَ سان انصاف ڪري سگھندس؟
انصاف؟

ايترو ته ضرور ڪرڻ گھرجي. جيترو انصاف اسان پنهنجو پاڻ سان ڪري سگھون ٿا.
پر پوءِ به گمان جون اندر ۾ گھوٻيون....
نه آءٌ ايترو انصاف نه ڪري سگھندس.
ڇو ته جيتري پيڙ ـــ اُلڪن ، اُڊڪن، سڏڪن، انتظارن، آترويلا ۽ هڪ مجذوب ڪيفيت ۾ هڪ سچي قلمڪار پنهنجن جذبن کي جئين ڪاغذ تي اتاريو آهي، ائين ڪير به، ڪهڙو به نقاد/ پڙهندڙ ... ائين نه سمجھي ٿو سگھي، نه سوچي ٿو سگھي. اُها ڪيفيت، جنهن ۾ غضب جو نشو آهي، ان ڪيفيت ۾، هڪ لمحي لاءِ دنيا جھان کان لاپتا ٿي وڃجي ٿو.
اُهو ڪيف، جنهن جي سحر ۾ ’سرءُ جي اداس سانجهه جو جنم ٿئي ٿو. ان سحر جو وجد، اڃا به گھڻو طاري ٿيندو ٿو وڃي، جنهن مان اوچتو ئي اوچتو ’درد جي باک‘ اڀري پوي ٿي. اُها تانگهه، اُها لوڙ ولوڙ ۽ ان ڪيف جي سحر آلودي اڃا به خيالن کي اڏارون بخشي ٿي. جتان دعائن مان ڪريل لفظ پلئه پون ٿا. انهن لفظن ۾ به ڪمال جو فن آهي، ڪمال جو حُسن آهي. حُسن جيڪو ڪڏهن به مرڻو ناهي. حسن مجروح ٿي سگھي ٿو پر دعا مان ڪريل لفظ هر چپن جي ٻُڪن تي اڏارون ڪندا رهندا. اُها ڪيفيت، جنهن جھڙو ڪيف، مون ڪنهن به مڌ ۾ ناهي محسوس ڪيو. اُها ڪيفيت/ڪيف اڃا به لفظن کي ميڙي اچڻ ۾ مدد ڏيئي ٿو. ان ڪيف جي وجدانيت ’مينهن ڪڻي جو سَڏُ‘ بڻجي پوي ٿي، جنهن ۾ جٿ ڪٿ نرالا نوان نوان واڪا وراڪا هجن ٿا، جنهن ۾ پَهه پچارون به آهن، انهن سڏن ۾ بي چين چپن جون ميارون به آهن. اُهو سڏ هاڻي’اڌ خيال جي خاڪ‘ تي پهتو آهي.
ان سموري سفر ۾ سعيد سومري جي شعوري صلاحيتن کي ڪٿي به ڪا به رنڊڪ ناهي ٿِي. هُن ان سموري سفر ۾ ڏات جا اهي شاهڪار مجسما ٺاهيا آهن، جن لئه هر ڏاهو منُ هزارها ڀيرا سجدي ۾ جھڪيو وڃي ٿو.
ان ملوڪڙي شاعر سان انصاف نه ڪرڻ پاڻ سان بي انصافي برابر آهي.
آءٌ سموري شعوري/لاشعوري صلاحيتن جي شڪتي گڏ ڪري، سعيد جي ڪتاب جو مهاڳ لکي اگر انصاف نه به ڪري سگھان ته اُهو منهنجو جرمِ اعليٰ ان ادبي ذمري ۾ لکيو وڃي ته هڪ اڻ مڪمل تخليقار، هڪ باخبر، باشعور ۽ انفراديت جا اعليٰ گُڻ رکندڙ شاعر جي سمورين فني/فڪري گھراين تي ڳالهائڻ/لکڻ جو جوڳو ۽ واجب حق ته رکي ٿو پر آءٌ ’ڪن ادبي گندين کوپڙين‘ لاءِ متان ابلاغ جي اوچائيءَ تي نه چڙهي وڃان. ان ڪري بس آءٌ اُهو لکندس، جيڪي مون کان منهنجا احساس ۽ سعيد جي شاعري لکرائيندي.
سعيد سومري جو هيءُ ڪتاب ’اڌ خيال جي خاڪ‘ به انفرادي رنگن جو ڪليات آهي. هي ڪتاب ’مينهن ڪڻي جو سڏ‘ وانگي ئي منفرد روپ اروپ جو نرواڻ آهي. مينهن ڪڻي جو سڏ عروضيءَ حوالي سان وزن فعلن چار ڀيرا ۾ آڌاريل ڇهه طويل غزلن جو خوبصورت ۽ منفرد ڪتاب هو ۽ هيءَ ڪتاب ’اڌ خيال جي خاڪ‘ عروضي علم مطابق هڪ ئي وزن فاعلاتن مفاعلن فعلن تي آڌاريل آهي.
سعيد سومري جي شعوري صلاحيتن جو اهو ئي ته ڪمال آهي جو هُو هر وقت هڪ نئين تخليق، هڪ نئين ايجاد دريافت ڪري ٿو. ڪڏهن مينهن ڪڻي جو سڏ طويل غزلن جو ڪتاب ارپي ٿو ته ڪڏهن هڪ ئي وزن ۾ سموري ڪليات آڇي ٿو. توڻي جو اهل غزل گو شاعرن لاءِ گائڪي ۾ يا لکڻ ۾ هي وزن سولڙو آهي ئي پر هڪڙي وزن ۾ 100 غزلن جو سرجڻ ڪو ڪمال کان گھٽ ناهي. اُهي سمورا غزل، جيڪي تغزل جي رنگن ۾ وهنتل به هجن ۽ فني اعتبار کان به پختا ۽ پابند هجن، هر هڪ احساس ... هر هڪ شعر ... ڄڻ نڪور ڀاسندڙ هجي. ائين لڳندو هجي ته اهي شعر اهي لفظ، اسين عام لفظن ۾ چوڻ وارا هياسين يا ڪٿي چئي/ٻُڌي آياسين. پر اهڙا لفظ ... اهڙي ٻولي...  اهڙا احساس هڪ تخليقار جي قلم مان سرجن ٿا ته اُهو واقعي به فن ۽ فڪر جواستاد شاعرٿي سگھي ٿو. سعيد سومرو هونءَ ته هڪ استادانه نگاهه رکندڙ شاعر ته آهي ئي پر هُن جي هِن انفرادي رنگ سان اسين سمورا دوست/شاعر سعيد سان جيلسي آهيون. هُن جي شاعري نرالپ جي نور سان منور آهي. وٽس شاعريءَ جا اُهي گڻ موجود آهن، جيڪي اڄ ڪلهه سنڌ جي ڪن ٻن چئن شاعر ۾ مس ٿا ملن ...
شاعري رڳو لفظن جي ڳوڙهي علم جو نانءُ ناهي، پر شاعري اُهو راز آهي، جنهن سان اسان تي/شاعر تي، هر ذات ۽ وجود جا، اندر جا ٻاهر جا، اوري جا، پري جا، ڪائنات جي ڪنڊ ڪنڊ جا پردا کُلي پون ٿا. شاعري اندر جو اورڻ آهي، جيڪي ڪجهه اسان جي زبان واڪا وراڪا نه ٿي ورنائي/ورجائي سگھي، اندر جي اُن بي چين ڪيفيت جو نانءُ آ شاعري ... جنهن ۾ آواز ئي آواز آهن، سڏ ئي سڏ آهن ... شاعري پنهنجي زبان رکندي آهي، بس ان سان ڪا ڳالهائڻ واري دل هجي ....
سعيد به ڪجهه ڳالهائي ٿو شعرن وسيلي ....
صدائن جا سينا چيري چيري ڀڻڪي ٿو،
پاڻ سان اوهان/ اسان سان، جڳ جھان سان.
جھان تي نگاهه رکندڙ سان ...
لفظن ۾ ڇا ته طلسم آهي، ان ڪيفيت ۾ ڪيترو نه ساءُ آهي ... اچو ته ان سحر جي وجدانيت ۾ پاڻ به سرمست ٿيون.
پاڻ ٿورا ٿياسي لاتعلق،
وقت سارو ويو ڳھي تعلق!

ايڏا دوکا ڏئي نه ھا دنيا،
پاڻ ٿيون ھا نه سادڙا جيڪر!

اڄ ٻه پهريءَ جو آسمان، جانان!
ڪيڏو خالي آ مون جيان، جانان!
تنهنجي خوشبوءِ تلاش ڪير ڪري؟
ڏي نوان ڪيرُ امتحان، جانان!

ڪي اڏارون ٿڪي لٿيون جر تي،
مان به اهڙو ئي ٿي پيو آهيان!

بي ضميري اسان جي بستيءَ ۾،
اڄ به سستي وڪامي ٿي اڳ جان!
ڇا ته ڪمال جي شاعري آهي. فن رڳو علم عروض ته ناهي. فن ته آهي لفظن کي ڪٺمال جيان پوئڻ. فن ته آهي انهن لفظن ۾ جان وجھڻ ....
ٻه پهريءَ جو خالي آسمان .... ۽ اُهو آسمان ... ان جي علامت ٻي ڪا به کنڊرات/صحرا ناهي، سواءِ شاعر جي من جي/وجود جي/ ذات جي ...
پکي جڏهن جر تي ٿڪجي لهندا آهن، تڏهن اُهي ساڻا ساڻا هوندا آهن. اُڏام دوران جڏهن وڃي يا جيستائين وڃي لهندا آهن، اُن اڏام دوران هو هورڙي هورڙي پَر هڻندا هوا ۾ جھولندا ... يا پنهنجا پنک کولي يڪساهي مٿان کان هيٺ اڏام ڪري بي ست محسوس ٿيندا آهن. ان پکيءَ جھڙو ٿي پوڻ...
عينڪ تان ڌنڌ لاهي جذبي کي ڏسڻ .. پنهنجو ٿورو لاتعلق ٿيڻ ۽ وقت جو سارو تعلق ڳهي وڃڻ ... پنهنجو پاڻ کي تنبيهه يا هلڪڙي شڪايت ئي ته، نه ئي سادا هجون ها، نه ئي دنيا ٺڳي ها ... ڇا ته استعارا آهن، ڇا ته ڳالهيون آهن، جن کي سمجھڻ لئه دل جا دوار کُلڻ ضروري آهن. اُنهن لفظن کي شاعري ۾ پوئڻ وارو جواهر سعيد سومرو غزل جي فني باريڪين کي به سمجھندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي، وٽس اُهو فن ۽ فڪر موجود آهي، جيڪو تمام گھٽ ليکارين جي پلئه پوي ٿو. غزل متعلق استاد شاعرن چواڻي ته غزل جي مطلع يا مصرع جي پهرين سٽ هڪ سوال ۽ مصرع جي ٻي سٽ جواب هجي ٿي. يا غزل جي مطلع يا مصرع جو پهريون پدُ/سٽ جڏهن ٻڌائي/ڳائي وڃي ته ٻي پَدَ/سٽ ٻڌڻ لاءِ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ تي سختو طاري ٿي رهي.. ٻڌندڙ يا پڙهندڙ هڪ لمحي لاءِ ساهه کڻڻ ڀُلجي وڃي .... اهڙا غزل ايجاد ڪندڙ شاعرکي ئي غزل گو شاعر مڃيو/لکيو ويندو آهي. سعيد به انهن شاعرن مان آهي، جيڪي ساهه مُٺ ۾ ڪرائڻ ڄاڻندا آهن.
لوڪ پردو ڪري، ڪري نه ڪري،
خاموشي.
هڪ لمحو سوچ ۾ ٻٽجي وڃجي ٿو ته هاڻ شاعر ڇا چوڻ وارو آهي، يا ڳائڻ وارو ڇا ڳائڻ وارو آهي.
لوڪ پردو ڪري، ڪري نه ڪري،
تون مَـــٿــي تي رئــو وَرائي رک.
غزل جو ٻيو پد ڪيڏي نه ترتيب سان لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ لمحي سختو آهي. لوڪ پردو ڪري نه ڪري ... پر تون مٿي ٿي رئو ورائي/ سهيڙي/ ويڙهي/وڪوڙي چڱيءَ طرح مٿو ڍڪي رک. ڪيڏا نه پيارا ذو معنائي احساس آهن. جنهن ۾ هڪ نصيحت به آهي ته هڪ عاشق جي معشوقا کي گذارش به ... ته گڏوگڏ دنيا کان بغاوت جو واهپو به ....
ساڳي غزل جو ٻيو بند به سعيد ڪيڏي نه لفظي پوشيدگيءَ سان لکيو آهي، جنهن ۾ هُن سان هُن جي اڪيلائي همڪلام آهي، جتي لفظن ۾ تجسس به آهي ته اُتي رحم ۽ قياس جي ڪيفيت به ... يا خبر ناهي اُهو هڪ اهڙو دلاسو آهي، جيڪو به اندر جي آنڌ مانڌ جو اضافو آهي.
هوءَ نه ايندي ته توسان هوندو ڪيرُ؟
تنهائيءَ جو سوال، سعيد جو بانورو منُ ـــ شايد اُهو سوچي سوچي ڪو به جواب نه ڏئي سگھيو هيس. تڏهن ان ئي تنهائيءَ ڏسُ ڏنس ته ...
هوءَ نه ايندي ته توسان هوندو ڪيرُ،
پــوئين سگريٽ کي بچائي رک.
سعيد جو ڪيڏو نه منفرد اسلوب آهي، اُهي لفظ جيڪي لفظ اسين/ اوهين عام گفتگوءَ ۾ به ڳالهايون ٿا پر اُهي لفظ جڏهن سعيد جھڙي سچي قلمڪار وٽ اچن ٿا ته اُهي خوبصورت شعرن جو ميڙ بڻجي وڃن ٿا. جنهن ميڙ ۾، ڳوٺ آهن، گھر آهن، پاڙا آهن، سماج آهي، ماڻهو آهن، انسان آهن، ۽ اُهو ڪجهه به آهي، جيڪو ڪجهه نه آهي ... ڇو ته سچي شاعر وٽ خيال محتاج هجن ٿا. هُو اکيون پوري ڪهڪشائن جا منظر ووڙي/ڏسي سگھي ٿو. هو هڪ سٽ ۾ دنيا سمائي سگھي ٿو. هُو ڀٽائي جي پنڌ تي هلي پوي ٿو. ’الا! ڏاهي نه ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن‘ واري سٽ اندر ۾ سمائي سچوءَ جي عشق نچايا وي‘ جي آلاپن/نغارن تي، سرمست ٿي پوي ٿو. هن جي اندر ۾ هڪ اهڙي ڪائنات جمنجي ٿي، جيڪا ڪائنات هن ڪائنات کان ڪافي ڀيرا وڏي ويڪري ڪشادي ۽ دور دور تائين وسندڙ آهي، اُهو سڀ ڪجهه هوندي به شاعر ته ڪا وڏي مخلوق ثابت ناهين ٿي سگھيا پر هُو حساسيت واري فطرت سبب وقت ۽ حالاتن جي اکيڙ پکيڙ جو سبب ضرور رهيا آهن ۽ رهندا اچن ٿا.
سعيد سومري جي شاعريءَ جو سادو اسلوب، انداز بيان ۽ ان ڪيفيت جي بي ساختگي ۽ لهجي ۾ مٺاس ... ڄڻ ته سعيد سومري جي شاعري نارائڻ شيام جي سادي اسلوب ۽ ڇرڪائيندڙ لهجي سان سعيد کي پڻ شيام واري سٿ ۾ نيئي بيهاري ٿي. پر پوءِ به سعيد سومري جي شاعريءَ جو پنهنجو شناختي ڪارڊ آهي، پنهنجو منهن مهانڊو آهي:
تون خدا جي خوشيءَ جو خاڪو آن،
تنهنجو تعارف ڪرايان ٻيو ڪهڙو!؟

اچ ڪڏهن چانهه پِـي، اسان سان گڏ،
درد جي شام دور ڪرِ، پيارا!

دير تائين رُنو هو شايد ڪو،
ورق آلا ها کوڙ گيتا جا.

جيئن تولئه ’سعيد‘ آهي هوءَ،
ايئن نه ڪنهن لاءِ ڪا چري ڏسبي.

هن جي مرڪن جي مينهن ــ ڪڻ ڪڻ سان،
روح جو روڳ ڌوپجي ويو آ!؟

تون ته بارش جي شام جھڙي آن،
منهنجي رڻ جو سٻنڌ ــــ ڇا توسان!

روشنيءَ جو اداس خواب کڻي،
ائن نه اوندهه ۾ ويهبو آهي!

هر دفعي تون ملينءَ ته ڀانيو مون،
هاڻ رهندا نه پل اداسيءَ جا.
هر دفعي تون هلي وئينءَ مون کان،
هر دفعي غم ڏٺا جوانيءَ جا.

منهنجي سگريٽ جان ختم نه ٿيو،
درد يارن جي هيڪلائيءَ جو!

ٿو زمانو پُڇي وڇوڙي جو،
ڇو نٿو ڪو سبب ٻڌائين تون!؟
ڇا ته خوبصورت ترڪيبون آهن، تمثيلون آهن، ڪيڏيون نه معياري تشبيهون آهن. خدا جي خوشيءَ جو خاڪو ... هڪ وجود جي سڃاڻپ، ۽ تعارف ڪرائڻ جو ڇا ته انداز نرالو آهي. لفظن جو پاڻ ۾ ميلاپ ائين آهي جئين نديءَ ۽ آبشارن جو، ٻن چپن جو، ٻن پريمين جو. سعيد جي اندر جا احساس، انهن کي لفظي رنگت ۾/معنيٰ ۾ گودڙي جو روپ ڏيڻ ... ان گودڙي/احساسن مان سڳنڌ جو نڪرڻ، ورڇڻ، ونڊڻ، حاتم طائي واري پيروڪاريءَ جو پڌرڻ ٿي پوڻ. گيتا جي آلن ورقن مان، حيرت انگيز انڪشاف .... ڪو رُنو هو پڪ سان... اُهو روئڻ ۽ ان روئڻ واري جي ڪيفيت جو اظهار بيان ’ائين نه ڪنهن لاءِ ڪا چري هوندي.‘ عام رواجي لفظن ۾ خيال جي حسناڪي، اندر ۾ گد گد هجڻ جو احساس ته ائين ڪا به ... ڪيرَ به ... ڪنهن لاءِ چري/يگاني ناهي جئين هوءَ تولئه آهي سعيد ....!
مرڪن جي مينهن ڪڻ ڪڻ ... مرڪن کي مينهن سان تشبيهه ڪمال جي ته آهي ئي پر ڪمال اهو آهي ته ان ڪڻ ڪڻ ۾ ... شاعر وري به انهن لفظن/سٽ يا الميي يا اهڙي خيال کي دريافت ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي فڪري صيغي ۾ سرس وڻندڙ منفرد ۽ ملوڪ آهي. مينهن ڪڻ ڪڻ ۾ ... روح جي روڳ جو ڌوپجڻ ... هُن کي (محبوب سائينءَ کي) بارش سمجھي ۽ پنهنجو نانءُ رڻ رکڻ ۽ ان رڻ جي علامت جھڙا کنڊرات. عڪس، منظر پنهنجي اندر کي سمجھڻ. روشني جو اداس خواب کڻي يڪي تائين اوندهه ۾ ويهڻ ... هڪ ڊگھي انتظار ڪرڻ ۾ آس/آشا لاهي/ پلي ويهڻ رهڻ جو منع نامو. هر دفعي هُن جو ملڻ هر دفعي اتساهه جو جڙڻ ته هاڻ ... هن جي هوندي ڪي به اداسيءَ جا پکي من ۾ آکيرا ڪونه ٺاهيندا، اختتام پذيري جي ان ڪمال کي سگريٽ جي سڙي ختم ٿيڻ واري انتقام تي پهچائڻ .. يارن جي دردن جي هيکلائيءَ جو اونهو ۽ اُهو سگريٽ جيان لڳاتار ٻريل رهندڙ ... ختم نه ٿيندڙ. سگريٽ ختم ٿي وڃي ٿو، اونهو/الڪو نٿو ختم ٿيئي.
وري اوچتو ئي اوچتو زماني جو سوال ... ڄڻ تڙ تڪڙ ۾ پڇا ڳاڇا ... وڇوڙي جو سبب ڄاڻڻ .. سعيد ڄڻ پاڻ ئي ان سوال تي ٻهترجي وڃي ٿو، تڏهن هُو ڪنڌ ورائي سڄڻ سائين جي حضور ۾ عرض ڪري ٿو... ڇو نٿو ڪو سبب ٻڌائين تون ... سبب کان باخبر صنم جي بي خبري واري ان ڪيفيت کي سعيد شاعريءَ ۾ ڪهڙي نه هنر منديءَ سان لکيو آهي.
مٿيان سمورا شعر ۽ هن ڪتاب ۾ اهڙا ٻيا نڪور ضيا بخشيندڙ خيال/احساس، شعر، جذبن جا نڪور عڪس، منظر ڪشي، خيال جي بيانيءَ ۾ رواني، سادو اسلوب، ٻوليءَ جي حسناڪي .... ۾ سعيد جي اندر جي اُها ڪهاڻي سمويل/پويل آهي، جنهن جي ورق ورق تي درد جي لڪير آهي، جنهن جو پنو پنو احساسن/اڌمن/ارمانن جي خون کسٿوري سان وهنتل آهي.
ڏاهن چواڻي ته ڪُل دنيا ۾ 105 موضوع آهن. الئه 74 آهن ۽ انهن سڀني موضوعن تي شاعري ٿي گذري آهي، شاعري ٿيندي رهي ٿي ۽ ٿيندي رهندي. پر ڪمال ته اُهو آهي جو انهن ئي عام رواجي لفظن کي فڪر جي پٽاپٽي پوشاڪ پارائڻ به ته ڪنهن هنرمند جو ئي ڪم آهي. اچو ته سعيد جي جوهرمندي ڏسون/پڙهون:
مان اگھاڙو ٿي آسمان ويس،
ڪنهن به منهنجو ذرو ذرو نه ڏٺو!

مان اَڌورو وري به ٺيڪ آهيان،
مون بنا هوءَ ذري ذري ڏسبي.

روپا ماڙي تي شام آهه لٿي،
ڄڻ ته ٻاگھيءَ جا وار ڳاڙها هن.

جو ڦري ٿو فنا بقا وچ ۾،
مان اُهو ئي مٽيءَ جو فن آهيان.

اڄ ته تڪميل جو ڏهاڙو هو،
اڄ ئي اڌ اڌ ڪئين ڪري ويـو آ!

مينهن ۾ گُل پُسيل ته وڻندا ها،
ڳلَ آلا وڻڻ لڳا هن ڇو!؟

سمنڊَ، منهنجو اداس روح ڪڍي،
جسم اڇلي ڇڏيو هو ساحل تي!
اِهي شعر، جن شعرن ۾ ڪمال جو فن به آهي ته لازوال فڪر به. جن کي پڙهي اسين اندازو لڳائي سگھون ٿا ته سعيد جي شاعري کي ڪي به چند موضوعاتي موڙ پاتل ناهن بلڪه هن جي شاعري ڪائناتي ڦهلاءَ رکندڙ آهي، جتي عڪس آهن، اولڙا آهن، رنگ ڍنگ آهن، روڳ سنجوڳ آهن، سرڳ نرڳ جا احساس آهن. هن جي شاعري عالمي حسن جو امتزاج آهي، هن جي شاعريءَ ۾ عشق جو اُتم وقار جھلڪي پيو. سعيد سومري جي شاعريءَ جو پنهنجو روپ آهي، جنهن جو چهرو ڪنهن ٻي چهري سان هرگز نٿو ملي. هُن جي شاعري ڪن به ٻن چئن موضوعن جي ڄار ۾ ڦاٿل ناهي پر هن جي شاعري شيخ اياز، نارائڻ شيام جي شاعري جيان افقي اڏارون ڪر ي ٿي. هُن جا غزل تنوير عباسي، وفا ناٿن شاهي، ارجن حاسد، ايم ڪمل جي غزلن وانگر فڪري ڌوءَ پوءَ سان مانائتا ۽ ملوڪ آهن، جو منُ بيخود واهه وا جا حرف اچارڻ لڳي ٿو. اُهو فڪر جيڪو آورد ٿي سعيد جي من تي ڇائنجي وڃي ٿو، ان جي آمد لئه سعيد ڪهڪشائن جا پيچرا گھمي ٿو، اکيون پوري سوچي ٿو، ننڍڙي کان ننڍڙو حادثو ... منظر، عڪس سندس جي شعري بيان گوئي ۾ ڳچ معنيٰ رکندڙ هجي ٿو.
ريڊيو تي هلن پيون خبرون،
گھر ۾ پوڙهو ستو پيو آهي.
ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به ريڊيو ٻڌو ٿو وڃي، اسين/اوهين به ٻڌو/ڏٺو هوندو پر اسان اوهان ان عڪس کي ٽاري ٿا ڇڏيون. پوڙهي ماڻهوءَ جي روح ورونهن ته باقي وڃي ريڊيو بچي ٿو. ڏينهن جو وڃي هر ڪو ڪم ڪار سان لڳي ٿو، باقي ان گھر ۾ هڪ پوڙهو آهي ۽ ٻيو ريڊيو آهي. جتان هُو وقت/حالتن جون خبرون چارون ٻڌي سگھي ٿو. اِها سموري منظر نگاري سعيد کي مصور شاعر بڻائي ڇڏي ٿي.
رات ڪاري کبڙ ۽ جاڙا لڱ
پوئين تاري ڏٺا ڪهاڙا/لڱ

مان ڪهاڙين جي ڳوٺ ۾ رهندڙ،
تنهنجا تحفا رکان سجائي ڪٿ!؟
دنيا گلوبل وليج ٿي وئي آهي، ماڻهو پــرَ پائي ڄڻ اڏرڻ لڳا آهن، پر اسان جو سنڌي سماج اڃان به ’تون ڇا .. مان ڇا‘ جي ور چڙهيل آهي. اڃان ڪهاڙين کي ڇيرڻ لئه پٿرن مان روهيءَ جو ڪم ورتو ٿو وڃي! اڃان به اسان جا ذهن يونيورسل ٿي نه سگھيا آهن. مٿيان شعر ان الميي جي عڪاسي ڪن ٿا، سعيد توڻي جو ٻالڪپڻ کان ويندي هِن عمرتائين شهري ٻارڙو رهيو آهي، پر هڪ سچو ڪوي پنهنجي معاشري جي حالتن ،سماجي اڻ برابرين، لاشعوري ڪمن مان ۽ حادثن مان واقف آهي، تڏهن ته هن جي شعرن ۾ عجيب رمز آهي، سڌو سنئون چوڻ/چوائڻ جو فن آهي:
ڪر نه مون کي جھانَ وٽ وڪرو،
منھنجي ڪھڙي بھا ڀلا ھُن وٽ.

خودڪشيءَ جي خلاف هو جيڪو،
لاش تنهن جو مليو هو ساحل تي.

دير کان نيڻ هُن جا ماٺيرا،
ڪائي سانڍي ميار بيٺا هن!

مان صدين جي سا ناچڻي آهيان،
رقص جنهن جو ڏٺو ئي ناهي تو!

منهنجي ماتم تي سو ئي طنز ڪري،
جنهن جي نگري ۾ ڪربلا ناهي!

ٿورو مُهذب جڏهن به ٿيو آهيان،
تو هٿان لوئجي ويو آهيان.
هي احساس، جن ۾ ڪيترا ئي نکار آهن، ڳالهيون آهن، راز آهن، ڪيترا ئي رنگ روپ واس ون آهن، زندگيءَ تي ڪڃريءَ جھڙو ڪنو نالو رکڻ ... هڪ چرئي جي ڪاوڙ جو احساس/لفظ تخليق ۾ سمائڻ ... ٿورو مُهذب ٿيڻ بعد وري اُن هٿان ئي لُــوئجي وڃڻ ..... جنهن جي ڪري ماڻهو/ سعيد ڪجهه مهذب ٿي به وڃي ٿو. وري هڪ تلخي، هڪ ميار، هڪ اونهو ساهه، يا دانهن يا جھڻڪ، ته منهنجي ماتم تي، روئڻ/رڙڻ، سڏڪڻ وڦلڻ تي اُهو ٽوڪ/ٺٺول ڪري، جيڪو ان ڪربلا ان ماتم، ڪڙهڻ، جلڻ مان ناهي گذريو. يا جنهن جي دل ۾ درد جو ذرو احساس به ناهي يا جنهن وٽ سمجھڻ ۽ پرجھڻ جي شڪتي موجود ناهي، اُهو اسان جي ماتم تي طنز ڪري ته ڀلي ڪري!
اِهي سمورا احساس، جذبا، اڌما سعيد جي دل مان اڀرن ٿا، جن کي سمجھڻ لئه جيستائين اسان به پنهنجي من نگريءَ ۾ ڪربلا برپا نه ڪنداسين تيستائين سعيد جي اندر جي لوڙ/ ووڙ، آنڌ/مانڌ، سڏ/ واڪن کي نه سمجھي سگھنداسين. نه پروڙي ۽ پرجھي سگھنداسين.
سعيد جي هن ڪتاب ۾ فني حوالي سان ٻن رنگن ۾ غزل پڙهندي محسوس ٿيندا. هڪڙا اُهي غزل، جن جا سخت ۽ نڪور قافيا يا رديف، پنهنجي جوهر ۾ انهن جو شمار ديوانِ غزلن ۾ ڪري سگھجي ٿو.
رات ڪاري، کبڙ ۽ جاڙا لڱ،
پوئين تاري ڏٺا ڪهاڙا/لڱ.

اڄ به دل کي خيال آهه سندس،
روز پڇندي حوال آهه سندس.
اِهي ۽ اهڙا ڪي هڪ اڌ ٻيا به غزل پڙهندي محسوس ڪجي ٿو ته سعيد مٿيان شعر ڄڻ ڪنهن ديوان غزلن جي اثر هيٺ لکيا هجن. توڻي جو انهن ۾ سعيد نوان نڪور قافيا ۽ رديف ۽ ٻٽا قافيا به ڪتب آندا آهن پر پڙهندڙ پوءِ به انهن غزلن جي روانيءَ مان ديوان غزلن جي اڇل/لوڏ پرکي سگھي ٿو.
سعيد جو ٻيو رنگ، عام رواجي لفظن ۽ سهل قافين ۾ لکيل غزلن جو رنگ آهي.
روح جي ڀونءِ تي پناهه ڏيو،
سعيدُ هيڪل اُڏي، ٿڪي آ پيو!

ايئن لــکـڻَـهـارَ سٽَ لکي آهي،
شهرَ ۾ شامَ ڄڻ لــٿي آهي.
سعيد جي شاعريءَ جو نرالو انداز، شهري ۽ ٻهراڙڪي واري ٻولي، لفظن جو تاڃي پيٽو، سعيد کي هڪ استاد شاعرن جي لسٽ ۾ نيئي بيهاري ٿو. سعيد وٽ اُها ڏات آهي، جنهن جي ضيا ايندڙ سنڌي شاعريءَ لئه اُهاءُ جو سبب هوندي، سعيد جي ڏات مرڻي ناهي. رهڻي آهي، سنڌ ۽ ڪاڇي وانگي هن جنم کان هُن جنم تائين.
اسين/اوهين سعيد سان جيلسي ڇو آهيون؟
ان جواب، سعيد جي انفرادي ڪوشش ۽ نئين ايجاديات دريافت ڪرڻ آهي، جتي ’مينهن ڪڻي جو سڏ‘ ٻڌي سگھجي ٿو، جتي ’درد جي باک‘ جي ماڪ پسي سگھجي ٿي. جتي ’سرءُ جي اداس سانجهه‘ جا پاڇانوان پلئه پون ٿا. جتي دعا مان ڪريل لفظن سان جھول ڀرجي وڃي ٿو.
جتي هلي اسين سعيد جي تخليقي صلاحيتن جا پيروڪار بڻجون ٿا.
دعا آهي ته شال سعيد سومرو اڃا لکندو هلي، لکندو هلي، لکندو هلي ... جيستائين ماڻهپي جي شڪستي اسان/اوهان جي مُٺين ۾ نه اچي.. جيسين اسان جي اڌ خيالن جي خاڪ ٽانڊا ٿي ٻري نه اٿي، تيسين سعيد لکندو ئي رهي.

No comments:

Post a Comment