02/11/2012

ستار ڀٽيءَ جو ڪهاڻي ڪتاب - قيديءَ جي عيد - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


قيديءَ جي عيد
نامياري سماج سڌارڪ ۽ ليکڪ ستار ڀٽيءَ جو ڪهاڻي ڪتاب
رکيل مورائي
ستار ڀٽي صاحب، اسان ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ۽ ادبي، ثقافتي توڻي سماجي تنظيمن سان لاڳاپو رکندڙن کان بنهه ڳجهو نه آهي. هو پاڻ ڪنهن زماني ۾ نهايت وڏا وڏا فنڪشن ڪندو هئو. ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ هنڌ تي گڏي وٺندو هئو. اهو سندس شخصيت جو هڪ پاسو آهي. سندس شخصيت جو ٻيو پاسو لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم ادبي، سياسي ثقافتي ۽ سماجي شخصيتن بابت ٻن جلدن تي ٻڌل اهو ضخيم ڪتاب آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪنهن به شخصيت بابت تڪڙو مواد ملي سگهي ٿو. شخصيتن بابت هڪ ننڍڙي انسائيڪلوپيڊيا آهي اهو ڪتاب، جنهن جي هڪ جلد جو نالو آهي، لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي ۽ ٻئي جو نالو آهي لاڙڪاڻو امر شخصيتون ۽ ٽيون سندس ڪتاب لاڙڪاڻي جي ئي هڪ شخصيت وطن دوست تاريخدان ۽ برک عالم سيد حسام الدين راشدي بابت انگريزيءَ ۾ آهي.
هاڻ سندس هڪ نئون شخص ظاهر ٿيو آهي، جنهن کي ڪهاڻيڪار ڪوٺجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هاڻ جيڪو سندس ڪتاب آيو آهي، ان ۾ سندس ڪهاڻيون آهن. ڪتاب جو نالو آهي قيديءَ جي عيد.

شخصي طور، ستار ڀٽيءَ سان گهڻي ئي عرصي کان تعلق هوندي به مون کي اها سُڌ نه هُئي ته هو هڪ ڪهاڻيڪار به آهي، جيتوڻيڪ هو دوستن جو دوست، سماجي ۽ ثقافتي ڪمن ۾ نهايت اڳڀرو رهندو آيو آهي، پر هيءُ ڪتاب سندس هڪ نئين سڃاڻپ کڻي آيو آهي.
سندس ڪهاڻيون اڄ جي لکجندڙ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو ڪيترو حصو والارينديون، اهو چوڻ سنڌي ڪهاڻيءَ جي نقادن جو ڪم آهي. هت ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ڪهاڻي تخليقي عمل آهي ۽ هي ستار ڀٽيءَ جو تخليقي ڪتاب آهي، جيڪو هن سنڌي ادب کي ڏنو آهي.
هن ڪتاب ۾ چوڏهن ڪهاڻيون آهن، جيڪي سنڌ جي الڳ مسئلن بابت آهن. سندس ڪهاڻي ڪتاب اچڻ کان پوءِ پڪ آهي ته هو تخليقي ادب ۾ پنهنجو حصو ادا ڪندو ۽ هيءُ ڪتاب ”قيديءَ جي عيد“ سندس نالي کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏيندو. 160 صفحن جي هن سفيد پني ۽ پڪي جلد واري ڪتاب جو مُلهه 150 رپيا آهي ۽ ڪتاب لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي لاڙڪاڻي پاران شايع ٿيو آهي.

No comments:

Post a Comment