مون ۾آهين تون
ناياب سرڪش سنڌيءَ جو ڪليات
رکيل مورائي

ناياب جتي ادبي سفر تي روان آهي، اتي هُوءَ سياسي ۽ سماجي ساڃاھه رکندڙ
خاتون پڻ آهي. سندس لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي شعور جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي. تخليقي طور هوءَ
سنڌ جي انهن عورت لکندڙن ۾ شامل آهي جيڪي اڄ ڪلھه تيزيءَ سان هڪ ليکڪ طور مڃرائڻ جي
سفر ۾ آهن ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جون لکڻيون سنڌي ادب کي ڏئي رهيون آهن. ناياب ڏانهن
وڌيڪ مڃتا ان ڪري به وڃي ٿي جو هو نج قبائلي ماحول مان ٻاهر نڪري آئي آهي. اهڙي ماحول
مان جنهن ۾ عورت جو آواز گهر جي ديوار کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي، پر اڄ ناياب جو
آواز نه رڳو گهر جي اهي ديوارون توڙي ٻاهر
آيو آهي، پر اهو ڪتابي صورت ۾ سنڌ ۾ ٻڌو به وڃي ٿو ته پڙهيو به وڃي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجھه
سندس هن ڪتاب ۾ ”مون ۾ آهين تون“ جي معرفت ٿيو آهي. سنڌ جي هن سياسي، سماجي ۽ ادبي
آواز جي سلامتيءَ لاءِ کوڙ دعائون.
ناياب سرڪش سنڌيءَ هن ميڙي چونڊيءَ ۾ 460 صفحا آهن. پڪي جلد ۾ ڪريم ڪلر
واري ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب جو ملھه 300 رپيا آهي ۽ هي ڪتاب رخمي پبليڪيشن ڊکڻ پاران
ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۽ دعا طور سائين سرڪش جا ڪجھه لفظ آهن ۽ هڪ صفحو سائين
تاجل بيوس جو به شامل آهي.
No comments:
Post a Comment