10/11/2012

العظيم گھڙت - احسان احمد عرساڻي



العظيم گھڙت

احسان احمد عرساڻي

آمريڪا جي آئين موجب، اسڪولن ۾ مذهبي سکيا ڏيڻ جي اجازت ناهي. ان ڪري ڪيترن ئي اسڪولن اندر اڻ سڌي رستي خدا جي وجود جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. ان اڻ سڌي رستي جو نالو آهي ”العظيم گھڙت“ (دي گرينڊ ڊزائين).
العظيم گھڙت واري تصور موجب هيءَ هيڏي ساري ڪائنات، ان جي هڪڙي ڪنڊ ۾ موجود اسان جي ننڍڙي ڌرتي، ۽ ان ۾ موجود موافق ماحولياتي حالتون، جن اسان جي وجود کي ممڪن بنايو آهي، اهو سڀ ڪجھه ڪو اتفاق نه پر هڪ عظيم گھڙت آهي ۽ يقيني طور ان کي ڪو گھڙڻ وارو به آهي. پر اسٽيفن هاڪڱ ۽ ليونارڊ ملوڊينو جو خيال ڪجھه مختلف آهي. سندن راءِ ۾ اسان جي ڪائنات عدم شَي (نٿڱ) مان پنهنجو پاڻ ٺهي وئي آهي. سندن ان راءِ تي ڪيترين ئي شخصيتن جو ردعمل سامهون آيو آهي؛ ڪن سندن حق ۾ ڳالهايو آهي ته ڪن مٿن تنقيد ڪئي آهي. عدم شَي مان هيڏي ساري ڪائنات ازخود وجود ۾ اچڻ عقل کان ٻاهر ڀلي محسوس ٿيندو هجي، پر اسٽيفن هاڪڱ ۽ ملوڊينو وٽ به مضبوط دليل موجود آهن.

اسان جنهن گرهه (پلينيٽ) تي رهون ٿا، سو سج چوڌاري مداريندڙ ڪيترن ئي گرهن مان هڪڙو گرهه آهي. اسان جو سج به ڪو اڪيلو تارو ناهي، بلڪه کيرائين واٽ (ملڪي وي) نالي ڪهڪشان (گيليڪسي) اندر موجود ڪروڙين تارن مان هڪڙو آهي. کيرائين واٽ ڪهڪشان به ڪا اڪيلي ڪهڪشان ناهي، بلڪه ڪائنات (يونيورس) ۾ موجود ڪيترين ئي ڪهڪشائن مان هڪ آهي. بلڪل ايئن ئي اسان جي مشاهدي ۾ ايندڙ ڪائنات به ڪا اڪيلي ڪائنات ناهي، بلڪه گھڻنات (ملٽي ورس) اندر موجود ڪيترين ئي ڪائناتن مان هڪ ڪائنات آهي. اهڙا خيال اسان سان اسٽيفن هاڪڱ ۽ ليونارڊ ملوڊينو ويجھڙائيءَ ۾ ڇپيل سندن ڪتاب بعنوان العظيم گھڙت  (دي گرينڊ ڊزائين) ۾ ونڊيا آهن.
اسٽيفن هاڪڱ ان کان اڳ ننڍن توڙي وڏن لاءِ تمام سٺا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي، جن جو مقصد سائنس مقبولڪاري هو. انهن ۾ جڳ مشهور ڪتاب وقت جي مختصر تاريخ (د بريف هسٽري آف ٽائيم) پڻ شامل آهي. پر 2010ع ۾ سندس نئون ڇپايل ڪتاب العظيم گھڙت محض سائنسي پيش رفت جي تاريخ ۽ نون توڙي پراڻن سائنسي نظرين جي آسان تشريح نه ٿو ڪري. بلڪه هيءُ ڪتاب اسان کي پنهنجي گرد و نواح توڙي ڪائنات کي ڏسڻ لاءِ هڪ نئين نگاهه ڏي ٿو ۽ سمجھڻ لاءِ هڪ نئين سوچ ڏي ٿو. بينٽيم بُڪس جو ڇپايل 250 صفحن تي ٻڌل هيءُ املهه ڪتاب مون ساڍا ست سَو رپين ۾ خريد ڪري، جهڙوڪر هڪ مڪمل طور نئين بصيرت حاصل ڪري ڇڏي.
هيءُ رنگين باتصوير ڪتاب دراصل ٽن سوالن جا جواب لهڻ لاءِ پيش ڪيل نوان سائنسي فلسفا ۽ نظريا پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ کي آسان ڪري سمجھائي ٿو:
1.       ڪجھه به نه“ بدران ”ڪجھه“ ڇو ٿو وجود رکي؟
2.       اسان وجود ڇو ٿا رکون؟
3.       ڪائنات تي لاڳو ٿيندڙ قاعدن جو موجوده مجموعو ئي ڇو، ڪي ٻيا قاعدا ڇو نه؟
ليکڪن موجب عقيدي وٽ انهن ٽنهي سوالن جو هڪڙو ئي جواب آهي: خدا ۽ ان جي عظيم گھڙت. پر هيءُ ڪتاب انهن ٽنهي سوالن جا متبادل جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هيءُ ڪتاب پنهنجي اشاعت واري ڏينهن ئي برطانيه ۾ ٻين نمبر تي سڀ کان گھڻو وڪامجندڙ ڪتاب بڻجي ويو. ساڳي ئي صورتحال آمريڪا ۾ به هئي، جتي ڪتاب تمام گھڻو مقبول ٿيو. ان مقبوليت ۾ ڪٿي قبوليت به آهي ته ڪٿي وري تنقيدي ردعمل. ريشمي پنن تي ڇپيل ان ڪتاب تي سمورن سائنسدانن جو ردعمل تمام مثبت ۽ تعريفي رهيو آهي. ڪتاب تي تنقيدي ردعمل ظاهر ڪندڙن، ليکڪن جي تحريري صلاحيتن يا انداز بيان بدران سندن ظاهر ڪيل خيالات تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. اهڙين تنقيدن ۾ خاص طور خدا جي وجود بابت ليکڪن جي خيالن کي رد ڪيو ويو آهي. مثال طور، سئنڊن جي بشپ، لِي ريفيلڊ پنهنجا تاثرات ڏيندي چيو ته جيئن سائنس خدا جي وجود کي ثابت نه ٿي ڪري سگھي تيئن ئي خدا جي عدم وجود کي به ثابت ڪري نه ٿي سگھي. پر اهڙي تنقيد ڪندڙ سموريون شخصيتون غير سائنسدان آهن.
هڪ انٽرويو دوران تنقيدن جو جواب ڏيندي اسٽيفن هاڪڱ چيو ته خدا جي عدم وجود کي ثابت ته نه ٿو ڪري سگھجي، پر سائنس خدا جي وجود کي غير ضروري بڻائي ڇڏيو آهي. ساڳيءَ ريت ڪتاب تي مثبت ردعمل ڏيندڙ ماڻهن پڻ خدا بابت ليکڪن جي خيالات جي تائيد ڪئي آهي. مشهور ارتقائي جياڀياسدان ۽ اڻ تخليق مت جي حامي، رچرڊ ڊاڪنس ليکڪن جي خيالات جي آجيان ڪندي چيو ته ڊارون مت (ڊارونزم) خدا کي جياڀياس (بايولائي) مان ته تڙي ڪڍي ڇڏيو هو پر طبعيات ۾ حالتون غير يقيني رهيون. هاڻي هاڪڱ خدا کي موتمار ڌڪ هنيو آهي.
ليکڪ پنهنجي باڪمال تحرير ۽ ويچارن سان ڪيترن ئي قديم سوالن جا جواب نئين انداز سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا؛ جهڙوڪ ڇا ڪا عين حقيقت (آبجيڪٽِوِ ريئلٽي) وجود رکي ٿي؟، ڇا سموري ڪائنات جي وضاحت ڪو هڪڙو ئي يڪجا سائنسي قاعدو ڪري سگھي ٿو؟، ڇا ڪائنات کي ڪا ابتدا هئي؟، ڪائنات جي ابتدا کان اڳ ڇا هو؟ انساني روين جي ڪهڙي وضاحت درست آهي، تعين مت (ڊٽرمنزم) يا آزاد منشا (فري وِل)؟ ليکڪ انتهائي عام فهم مثالن سان پڙهندڙ کي عين حقيقت (آبجيڪٽِوِ ريئلٽِي) وارو تصور ۽ ان جي عدم موجودگيءَ جو سبب سمجھائين ٿا. تنهن کان پوءِ سائنسي پيش رفت جي تاريخ بيان ڪن ٿا، جيڪا قديم يونان کان شروع ٿي ٿي. قديم يونانين ئي اهو خيال پيش ڪيو ته فطرت ديوتائن جي منشا بدران ڪن قانونن پٽاندر هلي ٿي. نتيجي طور، ان وقت ئي تعين مت يا آزاد منشا جو سوال منظر تي آيو.
ليکڪ ٻڌائين ٿا ته آزاد منشا جي حق ۾ ارسطو ۽ ٻين قديم يونانين وٽ ڪهڙا دليل هئا. تنهن کان پوءِ ڪتاب نيڪولوس ڪوپرنيڪوس، نيوٽن ۽ پوءِ ميڪسويل جا سائنسي نظريا آسان ڪري سمجھائي ٿو. ان ئي باب ۾ اهي تاريخي حالتون بيان ڪيل آهن، جن ۾ گاليليئو کي مرڻ گھڙيءَ تائين نظر بند رهڻ جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته هن ڪوپرنيڪس جي ان نظريي جي تائيد ڪئي ته سجُ ڌرتيءَ کي نه، پر ڌرتي سجَ کي مداري ٿي.
انهن بنيادي سائنسي نظرين کان پوءِ ليکڪ پڙهندڙ کي آئين اسٽائين جا جديد سائنسي نظريا، نسبتيت جو خاص نظريو (اسپيشل ٿيوري آف رليٽِوِٽِي)، نسبتيت جو عام نظريو (جنرل ٿيوري آف رليٽِوِٽِي)، ايڪائي طبعيات (ڪوانٽم فزڪس) وارو نظريو، ۽ ايڪائي طبعيات تي فنمين جا نظريا سمجھائين ٿا. فنمين، آئين اسٽائين ۽ عبدالسلام نوبل انعام ماڻيندڙ سائنسدان هئا. ليکڪ سمجھائين ٿا ته سموري ڪائنات جي وضاحت ڪندڙ هڪڙو ئي قاعدو تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن نيوٽوني حرڪت وارن قاعدن، آئين اسٽائين جي نسبتيت واري عام نظريي، توڙي فنمين جي ايڪائي طبعيات وارن قاعدن ۾ واسطو ڳولي لهبو. هُو ٻڌائين ٿا ته عبدالسلام جو نظريو ڪهڙيءَ ريت اهو واسطو ڳولي لهڻ ڏانهن هڪ قدم هو.
جيتوڻيڪ ڪتاب ڪن جاين تي، خاص طور پنهنجي پنجين باب اندر پڙهندڙ کي نامناسب حد تائين سائنسي نظرين جي اونهائيءَ ۾ غوطا هڻائي ٿو، پر گھڻي ڀاڱي ليکڪ پڙهندڙ کي تمام دلچسپ انداز سان هن عجيب ڪائنات جي اونهن ترين رازن کان روشناس ڪرائين ٿا. ڀلي ڪيترا ئي سائنسي نظريا سمجھه ۾ نه اچي سگھن ته به ڪائنات جي عظيم گھڙت ۽ ان جي فطري قانون بابت ليکڪن جا خيالات تمام دلچسپ ۽ سمجھه ڀريا آهن.
اٺن بابن تي مشتمل هن ڪتاب جي ستين باب ۾ ليکڪ العظيم گھڙت وارو تصور سمجھائيندي اهو ٿا ڄاڻائين ته ڪائنات ڪهڙيءَ ريت وجود ۾ آئي، ڪيئن ڪهڪشائون جُڙيون، ڪيئن تارا جُڙيا ۽ ڪهڙين حالتن ۾ گرهه جُڙيا، ڪيئن ڪاربان ايٽم يا ٻيا وڏا ايٽم جُڙيا ۽ پوءِ ڪهڙيءَ ريت اسان جي ڪائنات جون طبيعاتي حالتون جيئدان لاءِ انتهائي موافق ٿيون، ۽ انهن ۾ ٿوري به تبديلي ڪيئن ان کي حياتيءَ لاءِ ناموافق بڻائي سگھي ٿي. ليکڪ ٻڌائين ٿا اهي سموريون حياتي دوست حالتون ظاهري طور ڪنهن گھڙيندڙ يعني خدا جي شاهدي ڏين ٿيون.
ڪتاب تمام آسان مثالن ۽ تجربن سان پڙهندڙ کي ٽن بنيادي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. آخري سوال جو جواب تمام دلچسپ سائنسي نظريي سان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي پاڙ فنمين جي ايڪائي طبعياتي وارن نظرين اندر آهي. ان نظريي موجب اسان جنهن ڪائنات ۾ رهون ٿا اها لامحدود ڪائناتن مان فقط هڪ ڪائنات آهي. ڪائناتن جي ان مجموعي کي هنن گھڻنات (ملٽِي ورس) ڪوٺيو آهي. ان نظريي موجب، اسان جي مشاهدي ۾ ايندڙ سمورا طبعياتي قاعدا رڳو اسان جي ڪائنات تي ئي لاڳو ٿين ٿا. جڏهن گھڻنات جي هر ڪائنات کي پنهنجا مخصوص طبعياتي قاعدا قانون آهن ۽ هر ڪائنات ٻي ڪائنات کان انتهائي مختلف آهي. اڪثر ڪائناتن اندر طبعياتي حالتون ۽ قاعدا جيئدان لاءِ موافق ناهن. ٻيو اهو ته اربين ڪائناتن مان رڳو چند ڪائناتن يا گھٽ ۾ گھٽ هڪڙي ڪائنات ۾ ئي اهڙيون طبعياتي حالتون آهن جيڪي حياتيءَ لاءِ موافق آهن. سندن راءِ موجب، ان ڪري اهو خيال اجايو آهي ته خدا ڪائنات کي تمام حڪمت سان جيئدان لاءِ موافق ڪري جوڙيو آهي.
ڪيترن ئي عالمن جي راءِ موجب هيءُ ڪتاب پوين ڏهن سالن جو بهترين ليک آهي. هيءُ ڪتاب تمام حيرت انگيز سائنسي خيالات انتهائي وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ کي سموري ڪائنات بلڪ سموري گھڻنات جي عجب جنسارن جا نظارا ڪرائيندو پنهنجي آخري صفحي تائين وٺي وڃي ٿو.
منهنجي راءِ ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کي رواجي عقيدي واري سوچ کي هڪ پاسي رکي نون سائنسي خيالن ۽ نظرين جي ڄاڻ به حاصل ڪرڻ گھرجي ته جيئن هڪ قوم جي حيثيت ۾ اسان کي دنيا کي ڏسڻ جو نئون نظريو ملي سگھي.

No comments:

Post a Comment