09/11/2012

تاريخ سنڌ جا عربي ۽ فارسي ماخذ (ڪتاب) - رکيل مورائي



تاريخ سنڌ جا عربي ۽ فارسي ماخذ
(ڪتاب جو تعارف)
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي گهڻي ڀاڱي عالمن ۽ تاريخ نويسن کي اهو سدائين چوندي ٻڌو ويو آهي ته سنڌ جي تاريخ تي ڪو خاطر خواهه ڪم نه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب سنڌ جا ٻه اهڙا هاڪارا عالم هئا جن سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ ممڪن ڪوششون ڪيون. اهو سچ آهي ته سنڌ جي تاريخ سهيڙڻ پهريون ڪم آهي ۽ سنڌ جي تاريخ لکڻ پوءِ جو ڪم آهي.
سنڌ حڪومت جي آرڪائيوز کاتي سنڌ جي تاريخ جي سهيڙڻ لاءِ ڪيتريون ڪوششون ورتيون آهن، اهي سندن ايندڙ اشاعتن ۾ ظاهر ٿيندو. البت ان ڪوشش جي پهرين رزلٽ طور ڪي اهم عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل سنڌ جي تاريخ جا ماخد سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نهايت بزرگ عالم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب سالن جي محنت کان پوءِ سهيڙيا آهن، جن کي سنڌ آرڪائيوز کاتي پاران تازو ئي شايع ڪري سنڌ جي تاريخ جي ماخذن بابت هڪ املهه ڪتاب سنڌي پڙهندڙن کي ڏنو آهي. هن ڪتاب جو نالو آهي ”تاريخ سنڌ جا عربي ۽ فارسي ماخذ“ جن کي شوق صاحب ترتيب ڏيئي، سنڌ جي نج تاريخ لکندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو مواد هڪ هنڌ ڪٺو ڪري ڏنو آهي.

اڄ اسان کي اهو احساس شدت سان ٿي رهيو آهي ته اسان وٽان عربي ۽ فارسيءَ جا ڄاڻو عالم آهستي آهستي موڪلائي رهيا آهن. وقت جي ۽ سنڌ جي تاريخ جي گهرج اها آهي ته جيڪي بزرگ عربي ۽ فارسي ڄاڻن ٿا انهن کان گهڻو ڪم ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي تاريخ جي ماخذن کي ڪو به پڙهڻ وارو نه رهندو ۽ ائين اسان سنڌ جي تاريخ جي انهن سمورن دورن کان وانجهجي وينداسين. جن دورن جي تاريخ عربي يا فارسيءَ ۾ لکي وئي آهي، سائين شوق صاحب جو هيءُ ڪتاب شدت سان اهو احساس ڏياري ٿو ته اسان جي لڳ ڀڳ قديم تاريخ جا اهم ماخذ عربي يا فارسيءَ ۾ ئي آهن، جن مان ڪي ماخذ هن ڪتاب ۾ گڏ ڪري شوق صاحب اسان تي وڙڪيو آهي. ساڳئي وقت آرڪائيوز کاتي هن ڪتاب کي ڇاپي پڻ پنهنجي فرض ادائي ته ڪئي آهي، پر وڌيڪ هڪ اهم ڪم ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڏيڍ درجن کن ماخذ شامل آهن، جيڪي تاريخ جي الڳ الڳ دورن سان واسطو رکن ٿا. ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت لکندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو آهي، جنهن مان اڄ جا تاريخ نويس گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪندا.
ساڍن ڇهن سون جي هن ضخيم ڪتاب کي اسان جي ذهين ۽ جاکوڙِ محقق ڊاڪٽر ڪليم لاشاري صاحب ايڊٽ ڪيو آهي ۽ کاتي جي نوجوان ڊائريڪٽر روشن علي قناصري هن ڪتاب کي خوبصورت ڪري ڇپيو آهي. سفيد پني تي پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل سان هن ڪتاب جو ملهه 600 رپيا آهي. ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي حوالي ۾ هڪ اهم ڪتاب جو واڌارو آهي.

No comments:

Post a Comment