29/11/2012

ڪتاب ”ياد گهر“ جو ”اڌورو“ جائزو - پروفيسر نذير احمد سومرو


ڪوثر ٻرڙي جي ڪتاب ”ياد گهر“
جو ”اڌورو“ جائزو
پروفيسر نذير احمد سومرو
ادب جي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڪو زمانو هو جڏهن ڪبوتر خطن پهچائڻ جو ڪم ڪندا هيا، پر جڏهن پرنٽ ۽ پبليڪشن جو دور آيو ته ذاتي، شخصي هڪ هنڌ گڏ ٿيل، لڪيل ۽ گڏ يا محفوظ ٿيل خط ورقن جي ور چڙهيا، جو خط و ڪتابت باقائدي هڪ فن جي صورت اختيار ڪئي. مغربي ادب ۾ ته Epistle writing هڪ مستند ادبي شيءِ سمجهي وڃي ٿي. انگريزي زبان جو لفظ Epistle  يوناني لفظ Episteme مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڄاڻ يا علم آهي (انگريزي زبان ۾ Epistolary انهيءَ ڪتاب کي چئبو آهي، جيڪو خطن جي مجموعي تي مشتمل هجي).

سنڌي زبان ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ سنڌ جي وڏي شاعر اياز جا سندس دوست ۽ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد (هاڻي ڄامشورو) جي سيڪريٽري سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن لکيل خط شايع ٿيا ته پڙهندڙن جي هڪ وڏ حلقي ۾ بيحد پسند ڪيا ويا، سائين جي ايم سيد ڏانهن سنڌ جي لاثاني سپوت حضرت علامه آءِ آءِ قاضي، سنڌ جي عمدي اديب ۽ متنازعه ڪردار پير علي محمد راشدي ۽ سنڌ اسيمبلي جي پهرين مسلمان اسپيڪر سائين ميران محمد شاهه جا خط ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ جي نالي سان شايع ٿيا ته سنجيده طبقي ۾ وڏي مقبوليت ماڻيائون. خط کي اڌ ملاقات به چيو ويندو آهي. اڌ ملاقات جي نالي سان، ٻڏي ويل جديد ”سهڻيءَ“ سان گڏ مري ويل ادبي ميهار، طارق اشرف جو خطن تي مشتمل ڪتاب پڻ شايع ٿيو هو.
جڏهن سنڌ ۾ تعليم عام ڪا نه هئي، تڏهن اڻ پڙهيل پنهنجي مٽن مائٽن، عزيزن قريبن ۽ دوست احبابن ڏانهن تعليم يافته ماڻهن کان خط لکرائيندا هيا ته آخر ۾ هڪ جملي لکرائڻ تي گهڻو زور ڀريندا هئا. اهو جملو ضرور لک. اهو جملو هوندو هيو: ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندا.
ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت ڪندڙ خيرپور واسي، غلام قاسم عرف ڪوثر ٻرڙي جو ڏانھس موڪليل خطن تي مشتمل ڪتاب ”ياد گهر جي نالي سان، غزل پبليڪيشن خيرپور طرفان شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪتاب جي شايع ٿيڻ جي ڪٿي به تاريخ لکيل ڪا نه آهي. اڌ لوهه جو ۽ اڌ ڪاٺ جو وانگر، انگريزيءَ ۾ تاريخ ڄاڻائي وئي آهي، جڏھن ته ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. هر ڪتاب تي سنڌي/اردو ۾ پبليشر يا ليکڪ جو نالو ۽ سن اشاعت وغيره لکيل هوندو آهي. هي پنهنجي طرز جو انوکو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ هڪ ۽ انگريزي ۾ ڪجهه ٻيو لکيل آهي.
ڪتاب ”ياد گهر“ جي مصنف/ ليکڪ طرفان ساروڻيون ۽ خط ڄاڻايا ويا آهن. ساروڻين ۾ هڪ عاشق مزاج ۽ دل ڦينڪ يا سدا عاشق عورت ’ن‘ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. عورت ’ن‘ بابت ڪتاب جا اٽڪل ٽي چار صفحا سيڙيل آهن. ”ياد گهر“ ڪتاب ۾ ۱۱۶ ماڻهن جا خط شامل آهن. انهن ۾ ’ن‘ جو ڪو به خط شامل ناهي. جڏهن ته خود ڪوثر ٻرڙو پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۲ تي رقم طراز آهي ته ’ن‘ کيس ڊگها ڊگها خط لکندي هئي. ان کي سولي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي؛ ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندا.
ڪوثر ٻرڙو لکي ٿو: ”ان سٿ ۾ هڪ ڇوڪري هوندي هئي، جنهن جو نالو هوندو هو؛ ’ن‘. هوءَ شاعري به ڪندي هئي. ’ن‘ آل رائونڊر هئي. (الائي ڇا ۾؟) پهرئين پروگرام ۾، پهرين نظر سان، هوءَ پنهنجي دل مون کي ڏئي ويٺي. هتي مون کي طلعت محمود ۽ شمشاد بيگم جي آواز ۾ ڳايل ڊوئيٽ ياد ٿو پوي، جنهن جا ٻول آهن:
ملتي هي آنکين، دل هوا ديوانه ڪسي ڪا!
(ڇا ته سٺو ترجمو آهي!)
هوءَ مون کي ڊگها ڊگها خط لکڻ لڳي. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ’ن‘ جا لکيل اهي ڊگها ڊگها خط ڪيڏانهن ويا؟ جڏهن ته ’ن‘ جي باري ۾ ڪوثر ٻرڙو اهو به لکي ٿو ته ”هوءَ پنجابي اعواڻ فيملي سان تعلق رکندڙ هئي ۽ ڪراچي ريڊيو تي بزم طلبه پروگرام ۾ ايندي هئي.“(ص ۴۲) ته پوءِ ’ن‘ جو خط شايع ڪرڻ ۾ ڪهڙي قوت، آسمان تڪ ديوار بڻجي، ڪوثر ٻرڙي کي روڪي وڌو! جڏهن ته ۱۱۶ ماڻهن/خطن ۾ کوڙ غير معروف ماڻهو به آهن. پر ’ن‘ جو خط ڪونهي. هي ته ڪو فرضي داستان معلوم ٿئي ٿو، ڪا فلمي سين، جنهن کي ڊرامائي طور ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪوثر ٻرڙو اڳتي هلي ’ن‘ بابت لکي ٿو:
”هوءَ مون کي بي حساب چاهيندي هئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڪمري ۾ اچي ويهندي هئي. مان لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف، هوءَ مون مان اک ئي نه ڪڍندي هئي. ڪنهن ٻئي سان ڳالهائيندي هئي، ته به مون ڏي ڏسندي هئي. هن جي نگاهن ۾ وڏيون التجائون سمايل هونديون هيون.“(ص ۴۲)
ڪوثر ٻرڙو لکي ٿو؛ ته ’ن‘ سندس ڪمري ۾، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهندي هئي ۽ ڪوثر ۾ جُوهه وجهي ڏسندي هئي پر پاڻ لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول هوندو هو. جڏهن ڪوثر ٻرڙو لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول، هيٺ ڪنڌ ڪيون ويٺو هوندو هو ته پوءِ ڪوثر اهو ڪيئن ڏسندو هو ته هوءَ هن مان اک ئي نه ٿي ڪڍي؟! يا ٻئي سان ڳالهائيندي هئي ته به ڪوثر ڏانهن ڏسندي هئي؟ جيڪا منظرنگاري ڪوثر ٻرڙي ڪئي آهي، ان حالت ۾ سوال پيدا ٿو ٿئي ته؛ اهو ٻيو ڪير هوندو هو؟ جنهن سان ’ن‘ ڳالهائيندي هئي پر ڏسندي ڪوثر ٻرڙي ڏانهن هئي! يا ڪوثر ٻرڙي جو ڪنڌ هيٺ، لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ۽ مصروف، ته هن کي اها خبر ڪيئن پئي ته ’ن‘ ڳالهائي ڪنهن ٻئي سان ٿي، ڏسي ڪوثر ٻرڙي کي ٿي! ’ن‘ بابت ڪوثر کوڙ ساريون ٻيون ڳالهيون لکيون آهن. مثال طور؛ ’ن‘ ڪوثر کي خط لکيو پر ڪوثر ان کي ڪا موچاري موٽ ڪانه ڏني، ته هوءَ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڳري ڪنڊا ٿي وئي ۽ ڪوثر جي عشق ۾ زيور، ڳهه ڳٺا لاهي اڇليائين ۽ سٺا ڪپڙا پائڻ به ڇڏي ڏنائين. ساڳئي صفحي تي ڪوثر لکي ٿو:
”منهنجي چٺي پڙهي مون ڏي ڏٺو. ٿڌو ساهه ڀريائين. ڳوڙها اکين مان لار ڪري وهڻ لڳس. خدا حافظ چئي اٿي وئي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، رڪارڊنگ تي آئي. ’ن‘ ساڳي نه هئي، (ابول! چئبو اڃا سهڻي ۽ سسئي زنده ۽ حال حيات آهن) ”هڪ به زيور ڪو نه، ميڪ اپ ڪو نه، سادا ڪپڙا، ڄڻ ورهين جي بيماري مان اُٿي آئي هجي، رنجيده رنجيده، نه کل نه خوشي.
ڪتاب ”ياد گهر“ ۾ ڪوثر ٻرڙي ڏانهن جن خط لکيا آهن، تن جو تعداد ۱۱۶ آهي. مھڙيون خط، سائين جي ايم سيد جو آهي ۽ آخري سوڀي ديري مان لالڻ چَني جو شامل ڪيل آهي. ڪافي خط، مشهور ۽ معروف ماڻهن جا به ڏنل آهن، جن ۾ استاد بخاري ۽ نواز رُڪڻائي، محسن ڪڪڙائي ۽ الطاف شيخ جا به شامل آهن. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪنهن به خط تي، نه ته تاريخ لکيل آهي ۽ نه لکڻ واري جي جاءِ جو تعين ٿيل آهي يعني اھا ڄاڻ نه ٿي پوي ته اهو خط هن صاحب ڪٿان لکيو آهي؟ جوهيءَ مان يا جاتيءَ مان؟ سن مان يا سانگهڙ مان؟ پراڻي ديري مان يا نئين ديري مان؟ دادو مان يا نوابشاهه مان؟ ڪراچيءَ مان يا ڪنڊياري مان؟
عام طور چيو ويندو آهي ته يادون مِٽجي وينديون آهن يا مٿن به لٽ پئجي وڃي ٿو. ايئن لڳي ٿو ته ڪتاب جي نالي يعني ”ياد گهر“ مان تاريخون ۽ ڳوٺ يا شهرن جا نالا به مٽجي ويا آهن يا مٿن به لٽ پئجي ويو آهي. حيرت آهي سائين جي ايم سيد ۽ الطاف شيخ به خط تي تاريخ ۽ مقام ڪو نه لکيو. جڏهن ته معروف سفر نگار الطاف شيخ ته جيڪڏهن ڪنهن جهاز يا ڪنهن سامونڊي بندر تان خط لکندو آهي ته به ان جو ذڪر ڪندو آهي ۽ نالو لکندو آهي. هتي الائي ڇو ايئن ٿيو؟ حيرت لفظ کي به اچرج وٺي وڃي ٿو ته ۱۱۶ ماڻهن پنهنجن خطن تي نه تاريخ لکي، نه مقام؟!
ڪوثر ٻرڙو، ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جو ذڪر ڪندي، پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۷ تي لکي ٿو:
”قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو پوءِ ئي ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ملڪ ۾ نيون ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪيون وڃن. ان سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ حيدرآباد شهر جي رهواسين کي تفريح فراهم ڪرڻ واسطي ۱۷ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي هوم اسٽيڊ هال جي ڇهن ڪمرن ۾ هڪ ننڍڙي ريڊيو اسٽيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو.“ ڪوثر ٻرڙي جي مٿين لکيل ڳالهه ڪيڏي نه منجهائيندڙ آهي، جو لکي ٿو ته حيدرآباد جي شهر واسين کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ريڊيو اسٽيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ڇا ريڊيو حيدرآباد صرف حيدرآباد شهر، جيڪو ۱۹۵۵ع ۾ هڪ محدود شهر هو، جي شهرين کي تفريح ڏيڻ لاءِ کوليو ويو هو؟ ايئن ته پوءِ حڪومت لوڪل براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن به حيدرآباد ۾ کولي سگهي پئي. جيئن ۱۹۷۰ع تائين لاڙڪاڻي شهر جناح باغ ۾، لوڪل براڊڪاسٽنگ هوندي هئي. پوءِ گورنمينٽ کي هيڏو خرچ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ ڪوثر ٻرڙي جي هن ڳالهه ته پير علي محمد راشديءَ کي قبر ۾ به تڙپايو هوندو! حقيقت هيءَ آهي ته ڀلي ڪو پير علي محمد راشدي سان نظرياتي طور لک اختلاف رکي پر ريڊيو پاڪستان جي حيدرآباد ۾ اسٽيشن قائم ڪرڻ، ڪنهن جو به ڪارنامو ناهي پر اهو فقط ئي فقط پير علي محمد راشديءَ جو ڪارنامو آهي، جنهن جا اکين ڏٺا شاهد حيدرآباد ۾ اڃا خير سان حال حيات آهن. پير علي محمد راشدي جي هيڏي وڏي ڪارنامي کي باءِ پاس ڪرڻ ڇا معنى؟ پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ٽئين جلد جي صفحي نمبر ۳۱۲ تي لکي ٿو: ”مرڪزي وزير اطلاعات ۽ نشريات ٿيندي ئي مون چوويهن ڪلاڪن اندر، حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن کولي هئي. مشنري ٽرڪن ۾ ڀرائي پاڻ کڻائي ويو هوم. هوم اسٽيڊ هال تي زوريءَ وڃي قبضو ڪيو هيم. افتتاحي مجلس لاءِ تڙ تڪڙ ۾ جيڪي آرٽسٽ هٿ لڳا، سي ساڻ وٺي ويس. قلعي ٻاهران، هڪ فقيرياڻيءَ کي ڳائيندي ٻڌم. دردوَندي پئي معلوم ٿي. چونڪ ريڊيو اسٽيشن درد-وندن جي ديس ۾ کلي رهي هئي، تنهنڪري ان دردن ماريل فقيرياڻي کي به وٺي وڃي موجود ڪيم. ريڊيو اسٽيشن کولڻ ۾ مون اهڙي تڪڙ ان خيال کان ڪئي هئي جو انسان جي حياتي وانگر وزارت تي به اعتبار ڪونه هو. بهرحال جهڙي تهڙي اسٽيشن کلي ته وئي، آئنده مولا مالڪ.“ سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره مائي نور بانوءَ کي به پير علي محمد راشدي تلهار مان وٺي اچي ريڊيو تي ڳارايو هو. مائي نور بانو، جيڪا ان زماني ۾ نوران سڏبي هئي، پير علي محمد راشديءَ جي ويجهي عزيز، تلهار جي معزز شهري، پير شهاب الدين شاهه راشديءَ جي گهر ۾ ملازمه هئي ۽ هيٺ پٽ تي ويهي ڳائيندي هئي.
ريڊيو پاڪستان ڪنهن جو ڪارنامو آهي؟ ان لاءِ ريڊيو پاڪستان جي تمام وڏي آفيسر، عمدي نثر نگار، اديب ۽ شاعر حميد نسيم کان راءِ وٺون ٿا. حميد نسيم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جو پهريون پروڊيوسر ۽ افتتاحي تقريب جا انتظام مڪمل ڪندڙ ۽ ان جو اکين ڏٺو شاهد آهي. جناب حميد نسيم پنهنجي آتم ڪٿا ”ناممڪن ڪي جستجو“ جي صفحي ۴۱۹ تي لکي ٿو:
”زيڊ اي بخاري ڪا ٽيليفون آيا ڪه اگلي گاڙي سي ڪراچي پهنچو. وزير اطلاعات و نشريات پير علي محمد راشدي صاحب ني مرتب شده پروگرام، جو ان ڪي خدمت مين پيش ڪي گئي ٿي، نامنظور ڪرديئي هين.
بخاري صاحب وه مسوده لي ڪر راشدي صاحب ڪي پاس گئي. انهون ني پروگرام معائنه ڪرني ڪي بعد منظوري فرمائي اور اپني منظوري ڪي سند ڪي طور پر مسوده پر اپني دستخط فرما ديئي. مرحوم مجيد لاهوري سي فون پر عليڪ سليڪ هوئي تو انهون ني ڪها ڪه حيدرآباد مين مير رسول بخش ڪا مهمان هوجانا. وه بڙي سچي اور دوستدار انسان هين. اسي شام، مير صاحب ڪي پاس پهنچا.... صبح سات بجي، نهايت پر تڪلف ناشته آيا. ساٿ هي مير صاحب ڀي تشريف لي آئي. اڀي ريڊيو ڪي پاس ڪوئي ٽرانسپورٽ نهين ٿي اور ڦليلي ڪي پار ڪوئي سواري ڀي نهين ملتي ٿي. مير صاحب ني ڪها؛ ”سائين مين شهر جار رها هون، چليئي آپ ڪو ريڊيو اسٽيشن پر اتار دون گا.“ اگلي هي دن، دو پهر ڪو پير علي محمد راشدي، بخاري صاحب ڪي ساٿ ريڊيو اسٽيشن پر تشريف لي آئي. حڪم هوا ڪه اسٽوڊيو مين ڪرسيان لگوا دو، وهان بيٺين گي. اسٽوڊيو ڀي عارضي ٿا. تين ڪرسيان رک دي گئين. ايڪ طرف وزير صاحب، اس ڪي مقابل دو ڪرسيان ايڪ بخاري صاحب ڪي ليئي اور ايڪ ميري ليئي، بيچ مين ايڪ ڇوٽي سي ميز. راشدي صاحب بيڙي پيتي ٿي اور بيڙيان ۵۵۵ ڪي ڊبي مين رکتي ٿي. وه ايڪ بيڙي نڪال ڪر سلگاني لگي. اس ني بخاري صاحب ڪي طرف ديکا..... وه بلڪل ساڪت بيٺي ٿي.... ڦر سنڌي مين سنڌي سازندون اور دوسري اسٽاف آرٽسٽون سي مخاطب هوئي اور فرمايا، يه اسٽيشن مين ني بنايا هي. يه اسٽيشن ميرا هي. مين پاڪستان ڪا وزير هون. تم سي ڪسي آفيسر سي شڪايت هو تو فورن ميري پاس پهنچو اور مجهي آڪر بتائو. مين انشا الله العزيز اس آفيسر ڪو فنا ڪردون گا. باتين ڪرتي ڪرتي پير صاحب ني پائون دوسري ٽانگ پر اس زاويئي سي رکا ڪه جوتي ڪي نوڪ بخاري صاحب ڪي منه سي ڪوئي ايڪ آڌ انچ دور ٿي. اس ني طلائي سليم ساهي جوتي پهن رکي ٿي. بخاري صاحب بت بني بيٺي رهي.“
مسٽر ڪوثر ٻرڙو ته پنهنجي ملازمت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي به ڪري چڪو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته کيس اها به خبر ڪانهي ته حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن ڪنهن جي ڪوششن سان ٺهي هئي؟ لڳي ٿو ته پير علي محمد راشديءَ لاءِ ڪوثر ٻرڙي جي دل ۾ ڪو به نرم گوشو ناهي جو حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن جي افتتاح (نئين بلڊنگ ۽ نئين مٽيريل سان سجايل ۽ سينگاريل) جو پاڪستان جي صدر ايوب خان جي هٿان ۲۸ ڊسمبر ۱۹۶۲ع جو ذڪر ڪري ٿو پر پير علي محمد راشدي (باني) جو نالو وٺڻ به گوارا نه ٿو ڪري. ماضيءَ ۾ طارق اشرف، توڙي جو ڀُٽي جو مخالف مشهور هيو، هڪ دفعي لکيو ته جيڪڏهن ڀُٽي صاحب پنهنجي حڪومت ۾ سڀ ڪم غلط ڪيا هئا ته پوءِ سندس دور ۾ ٺهيل ڪاليج، اسپتالون ۽ پليون سڀ ڊاهي پٽ ڪريو، ڇاڪاڻ جو اهي ڀُٽي جي حوالي سان آهن. هي اسان جا اديب ۽ شاعر سطحي سوچ ڇو ٿا رکن؟ اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن سنڌي اديبن جي دل ڪشادي ٿي پوندي ته هو پنهنجين غلطين جو اعتراف ۽ مخالفن جي خوبين جا معترف بڻبا!
اڃا تائين غير سنڌي اسان سنڌين تي ٽوڪ ۽ ٺٺول، چٿر ۽ طنز کان ڪم وٺي چوندا آهن؛ سنڌي گهر کان ٻاهر نڪرندو ته پاڻ کي پرديسي سمجهندو آهي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پنهنجي دور ۾ سنڌين کي ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ نوڪريون ڏيندو هو ته بقول ڀُٽي صاحب جي کيس چوندا هيا؛ ”سائين ٻاهر ڪير ويندو؟ پرديس آ. اسان کي صوبيداري ڏي، سا به ڳوٺ واري ٿاڻي تي“. ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هيو؛ منهنجي قوم پاڻ تان اهو چٽو ته مان پرديسي آهيان! الائي ڪڏهن لاهيندي؟
ڪوثر ٻرڙو پڻ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به پاڻ کي پرديسي سمجهي ٿو. ڄڻ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي بجاءِ سائوٿ آمريڪا ۾ نوڪري ڪرڻ ويو هيو! پنهنجي ڪتاب ”ياد گهر“ جي صفحي ۷۹ تي لکي ٿو:
۳۰ سيپٽمبر واري ڏينهن مان واقعي واري هنڌ، گاڏي کاتي مان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ اخبارون ۽ رسالا وٺي، حسين آباد پهتو هوس. اڃا پهتس ئي مس ته هيڏانهن فائرنگ جا ڌوڙيا ٿي ويا. انهن حالتن ۾ اسان پرديسي ۽ نڌڻڪن ماڻهن کي اجهي ۽ محفوظ جڳهه جي ضرورت هئي.“ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوثر ٻرڙو پرديسي ۽ نڌڻڪو آهي!
ڪوثر ٻرڙو نه رڳو حيدرآباد ۾ پر لاڙڪاڻي ۾ به پاڻ کي پرديسي سمجهي ٿو. جڏهن ته سندس ڳوٺ خيرپور کان لاڙڪاڻي تائين، ويگن ذريعي صرف ٻن ڪلاڪن جو فاصلو آهي. پنهنجي ڪتاب ”ياد گهر“ جي صفحي ۹۶ تي لکي ٿو:
”لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪئسيٽ وارن ديوان دوڪاندارن وٽ وڃي، کين ان ڳالهه لاءِ قائل ڪندا هئاسين ته توهان جي شهر ۾ اسٽيشن قائم ٿي آهي، اسين ته سڀ پرديسي آهيون.“ ڪوثر ٻرڙو ته حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به پرديسي آهي، باقي ديسي الائي ڪهڙي شهر ۽ ڳوٺ ۾ آهي؟
ڪوثر ٻرڙو ريڊيو اسٽيشن ڪراچي جي قيام جي تاريخ بابت پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۲۵ تي لکي ٿو: ”پاڪستان جي پهرين سالگره يعني ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع واري ڏينهن ريديو پاڪستان ڪراچيءَ پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو هيو.“ حالانڪ ائين ناهي، جيئن ھو لکي ٿو ۽ حقيقت ته پنهنجي روشن چهري سان تاريخ جي صفحن ۾ نروار ٿي بيٺي آهي. صبيح محسن نالي ماڻهو جيڪو تازو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر پروگرامس جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي، اردو ۾ شايع ٿيندڙ ڪراچيءَ جي روزاني اخبار ”ايڪسپريس“ ۾ هر هفتي يعني آچر ڏينهن تي مضمون لکندو آهي. صبيح محسن پنهنجي مضمون ۲۹ فيبروري ۲۰۰۴ع تي ڪراچي ريڊيو اسٽيشن جي تاريخ بابت تفصيل سان لکيو آهي. صبيح محسن لکي ٿو:
”هوا يون ٿا ڪه ۳ جون ۱۹۴۷ع ڪو حڪومت برطانيه ني آگسٽ ۱۹۴۷ع مين هندستان ڪو آزادي ديني اور پاڪستان ڪا مطالبه تسليم ڪرني ڪا اعلان ڪيا تو اس ڪي بعد مسلم ليگ ني ڪراچي ڪو اس نئي مملڪت ڪا دارالحڪومت بناني ڪا فيصلا ڪيا. تب سنڌ ڪي ڪڇ فعال شهريون ڪو خيال آيا ڪه يهان فوري طور پر ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرنا ضروري هي. ان مين پيرامائونٽ ريڊيو ڪي وه هي ايس ڪي حيدر پيش پيش ٿي، جن ڪا تذڪره بخاري (زيڊ اي بخاري) ني ڪيا هي. حيدر صاحب اور علي محمد چاگله اس وقت ڪي حڪومت سنڌ ڪي مشير ٽي اين آڏناني سي ملي. جنهون ني تجويز، حڪام بالا يعني وزيراعلى اور گورنر ڪي سامني رکي. سب ني اسي پسند ڪيا اور ايڪ اسڪول ڪي ايڪ بيرڪ اس مقصد ڪي لئي لي. انهين ڪڇ ڪمري دي ديئي گئي. جولاءِ ۱۹۴۷ع مين ڪام شروع هوا. دو ڪمرون ڪو سائونڊ پروف بنا ڪر انهين اسٽوڊيو بنايا گيا. حيدر صاحب اور ان ڀائيون ني ڪباڙيون سي سامان لي ڪر ايڪ بهت هي ڇوٽا سا ٽرانسسٽر خود هي بنايا. پهلي ڪوشش مين يه ٽرانسسٽر نهين چلا. سب پر مايوسي ڇا گئي. ليڪن انهون ني اپني ڪوششين جاري رکين اور بالآخر ڪامياب هوئي. ۱۵ آگسٽ سي تجرباتي نشريات شروع ڪي گئين. اسٽيشن ڪا نام سنڌ گورنمينٽ براڊ ڪاسٽنگ رکا گيا. ۱۰ آگسٽ سي باقائده نشريات ڪا آغاز هوا. زياده تر فلمي گانون ڪي رڪارڊ بجائي جاتي ٿي، ليڪن دوسري پروگرام مثلًا بچون ڪي لئي اور خواتين ڪي لئي پروگرام ڀي نشر ڪيئي جاتي ٿي. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع آخري وائيسراءِ هند لارڊ مائونٽ بيٽن ني پاڪستان ڪي دستورساز اسيمبلي سي خطاب ڪيا اور قائداعظم ني گورنر جنرل ڪي حيثيت سي حلف اٺايا. ان تقريبات ڪا آنکون ديکا حال براهِ راست تو نشر نهين ڪيا جا سڪتا ٿا، ڪيون ڪِ اس ڪي لئي ضروري سازوسامان مهيا نهين ٿا. ليڪن اس ڪي رپورٽين اسي اسٽيشن سي نشر هوئين. اس ڪي تفصيل همين ريڊيو پاڪستان ڪي ملازمت اختيار ڪرني ڪي بهت سال بعد، اپني ايڪ سينيئر ساٿي علي محمد چاگلا سي معلوم هوئي. دوسري ذرائع سي اس ڪي تصديق ڀي هوئي.“
ڪوثر ٻرڙو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ بابت ڪتاب جي صفحي ۲۶ تي پڙهندڙن جي معلومات ۾ غير معمولي اضافو ڪندي لکي ٿو ته:
”پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به ٻڌائجي ٿو ته ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي صبح جو ڇهين وڳي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو آغاز، قاري زاهد قاسمي پاران ڪيل تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، جنهن کان پوءِ مولانا شبير احمد عثماني دعائيه ڪلمات پڙهيا. ان کان پوءِ معشوق علي خان جي آواز ۾ نعت سڳوري ۽ پوءِ اردو ۽ انگريزي ۾ خبرون نشر ڪيون ويون. خبرن کان پوءِ درس قرآن مجيد نشر ٿيو، جنهن ۾ مولانا عبدالحامد بدايوني سوره فاتح جي تشريح ڪئي.“
 ڪوثر ٻرڙي جي مٿين لکيل ڳالهه پڙهي، هڪ عام پڙهندڙ بي اختيار ٿي دل ۾ چوندو ته يار وڃ! ڪوثر ٻرڙي کي ته ريڊيو اسٽيشن ڪراچي جي وڏي تاريخ جاگرافي ياد آهي، پر جڏهن اهو ساڳيو پڙهندڙ جناب حميد نسيم جي آتم ڪهاڻي ”ناممڪن ڪي جستجو“ جو صفحو ۲۸۰ کولي پڙهندو ته کيس اندازو ٿي ويندو ته ڪوثر ٻرڙي ته جناب حميد نسيم جي لکيل ڳالهه جو صاف ۽ سليس ترجمو ڪري پنهنجي کاتي ۾ ٽنبي ڇڏيو آهي. جناب حميد نسيم جي لکيل ڪٿا پڙهو ۽ پوءِ اندازو لڳايو ۽ ڪوثر ٻرڙي کي داد ڏيو. جناب حميد نسيم صفحي ۲۸۰ تي لکي ٿو:
”صحيح وقت پر اسٽيشن ڪي انائوسمينٽ هوئي. پانچ بج ڪر انسٺ منٽ اور ساٺ سيڪنڊ پر (ڪوثر ٻرڙي چالاڪيءَ کان ڪم وٺي پنهنجي طرفان ڄاڻ ڏيندي وقت پورا ۶ بجي لکيو آهي. آهي نه ڪمال؟) مولوي زاهد قاسمي ني تلاوت ڪلام پاڪ ڪي. تلاوت ڪي بعد مولانا عثماني ني دعائيه ڪلمه ارشاد فرمائي. (ڪوثر به دعائيه ڪلما وارا الفاظ لکيا آهن!) ڦر ايڪ نعت پيش ڪي گئي، شايد معشوق علي خان ڪي آواز مين. ڦر خبرين نشر هوئين، انگريزي اور اردو مين. خبرون ڪي بعد پروگرام شروع هوئي. ابتدا درس قرآن مجيد سي هوئي. مولانا عبدالحامد قادري بدايوني ني سورت فاتحا ڪي تشريح ڪي.“ خاص ڳالهه ته جناب حميد نسيم جي پروڊيوسر جي حيثيت سان اپريل ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي تي بدلي ٿي هئي. هاڻي جيڪڏهن ڪوثر ٻرڙي جي همنوا خيرپور سان تعلق رکندڙ حزب سومري جي هائيڊ پارڪ ۾ لکيل ڳالهه تي ٿوري دير ويساهه ڪريون ته ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو وجود ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي ٿيو هو ته پوءِ هڪ غير وجود واري جاءِ (ريڊيو ڪراچي) تي حميد نسيم جي بدلي ۽ مقرري ڪيئن ٿي هئي؟ جڏهن گهر ئي ناهي ته پوءِ ڀاتي، انهن جو رهڻ ڇا معنى؟ جڏهن ڪراچي ريڊيو جو وجود ئي نه هيو، ته پوءِ حڪومت هي ماڻهو ڇو، ڇا لاءِ ۽ ڪيئن رکيا هيا؟ جناب حميد نسيم لاهور کان ڪراچي ۾ پنهنجي بدليءَ (اپريل ۱۹۴۸ع) جو ذڪر پنهنجي جيون ڪٿا جي صفحي ۲۷۱ تي ڪيو آهي. ڪوثر ٻرڙو پنهنجي ڪتاب ۾، ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ٺهڻ بابت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر ائين نه ٿو ڪري جيئن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ٺاهڻ بابت پير علي محمد راشديءَ جو نالو نه ٿو کڻي. ڪوثر ٻرڙو صفحي نمبر ۱۰۴ تي لکي ٿو:
”ريڊيو پاڪستان خيرپور، سنڌ صوبي جي ٽين وڏي ريڊيو اسٽيشن آهي، جنهن جو قيام ۲۱ مارچ ۱۹۸۳ع تي عمل ۾ آيو. دراصل خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي قيام جي تجويز گهڻو پراڻي هئي.“ هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن جي قيام جي تجويز ڪيتري پراڻي هئي؟ جو ڪوثر ٻرڙو به مڃي ٿو ته گهڻي پراڻي هئي، پر اها تجويز ڪنهن جي هئي؟ حقيقت اها آهي ته ڀُٽي صاحب خيرپور جي عوام سان ٻه واعدا ڪيا هيا، هڪ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو ۽ ٻيو ريڊيو اسٽيشن ٺاهڻ جو ۽ ڀُٽي صاحب پنهنجا ٻئي واعدا پاڙيا. ڀُٽي صاحب جي حڪم تي ئي سيد قائم علي شاهه ۱۹۷۶ع ۾ ريڊيو خيرپور جي عمارت جو پيڙهه وارو پٿر رکيو، جيڪو خود ڪوثر ٻرڙو به مڃي ٿو. باقي اهو لکڻ ته فلاڻي تجويز گهڻو پراڻي هئي، اھو حقيقت کان منهن موڙڻ برابر آهي. خيرپور جي حزب سومري منهنجي خط جي جواب ۾ روزاني ”ڪاوش“ ۾ ابهام ڀريو خط لکي، اهو پڇيو ته ڀلا ريڊيو اسٽيشن خيرپور جي بجاءِ سکر ۾ ڇونه ٺهي؟ جڏهن ته خيرپور کان وڌيڪ وڏو شهر سکر هيو؟ وري پنهنجي علم جي پالوٽ ڪندي حزب سومري ”ڪاوش“ ۾ سوال ڪيو هو ته ڀلا ڀُٽي صاحب خيرپور جي عوام سان اهڙا واعدا ڇو ڪيا؟ ڪو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو؟! هائيڊ پارڪ ۾ حزب سومري جو پڇيل سوال ايئن آهي ته ڪو ايئن پڇي ته دادو جي عوام سان ڀُٽي صاحب شگر مل ڏيڻ جو واعدو ڇو ڪيو هو؟ يا شگر مل ضلعي دادو جي هڪ ننڍي ڳوٺ پيارو ڳوٺ ۾ ڇو لڳرائي؟ جڏهن ته پيارو ڳوٺ جي ڀرسان سيتا روڊ وڏو شهر موجود هو! يا ڀُٽي صاحب نوابشاهه جي عوام سان گرلس ميڊيڪل ڪاليج ڏيڻ جو ڇو واعدو ڪيو هو؟ جڏهن ته نوابشاهه هڪ گرم ترين شهر آهي. نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي بنسبت ذرا گهٽ سهوليتن وارو شهر آهي ۽ ڄامشوري ۾ ڇوڪرين جي سهوليت لاءِ هاسٽلون به موجود هيون ۽ اتان جي آبهوا به نواب شاهه جي مقابلي ۾ وڌيڪ فرحت افزا آهي. وڏي ڳالهه ته ڄامشوري ۾ ايل ايم سي به موجود آهي. اهڙن سوالن ڪرڻ وارن جي ذهني سطح جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ اختر ٽانوري نالي ڪو ماڻهو ”چار اکر“ ۾ ڪوثر ٻرڙي جي سنڌي نثر بابت ساراھ جا ڍڪ ڀريندي صفحي ۵ تي لکي ٿو: ”ڪوثر ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جي انهن قلمڪارن منجهان آهي، جن مٿان ڏات جي ديوي ڪجهه وڌيڪ مهربان آهي. ڪوثر جي نثر جي اها خاص خوبي آهي جو هن جي ٻولي سادي ۽ روايتي آهي. هو نثر ۾ ڳرا لفظ شامل ڪرڻ بجاءِ سادا سلوڻا لفظ ۽ عام استعمال واري ٻولي ڪم آڻي ٿو.“ ڪوثر ٻرڙي جي سادي ۽ روايتي ٻولي جو عالم اهو آهي جو صفحي ۱۳۳ تي لکي ٿو:
”جيئن اردو ۾ چوندا آهن ته اوڙهنا بڇونا، ايئن مون لاءِ اوڙهنا بڇونا ريڊيو ئي رهيو.“ خبر ناهي ته اوڙهنا بڇونا لفظن کي ڪتاب ۾ الائي ڇو بولڊ ڪيو ويو آهي؟
ٿڌ يا پاري پوڻ واري رات جي لاءِ سنڌ ۾ ته هي جملو ضرب المثل جي حيثيت رکندو آهي؛ ”سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان؟“ پر ڪوثر ٻرڙو صفحي ۸۷ تي لکي ٿو ته:
”جون جو مهينو هو، ٽاڪ منجهند، گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان؟“ اڃا ته ڪوثر ٻرڙي لاءِ ٽانوري اختر لکي ٿو ته هن جي ٻولي سادي ۽ روايتي آهي؟ سنڌ ۾ منجهند ٽاڪ سانوڻ جو ذڪر ڪندي اسان سنڌي ته ايئن چوندا آهيون. ”منجهند ٽاڪ هئي، ڪانو جي اک پئي نڪتي“ يا چوندا ايئن آهيون؛ گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان؟ اخلاق مانع آهي، نه ته مان اهي الفاظ لکان جيڪي جناب حميد نسيم پنهنجي جيون ڪهاڻي ”ناممڪن ڪي جستجو“ جي صفحي ۲۷۳ تي ريڊيو جي جوهر بابت لکيا آهن!
محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان جي وزيراعظم هئي ۽ پنهنجي ڳوٺ نئون ديرو آيل هئي. ڪوثر ٻرڙو به سرڪاري حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ نئون ديرو ۾ محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان جي کلي ڪچهري ۽ تقرير جي رڪارڊنگ لاءِ پهتل هيو. پاڻ صفحي ۱۰۰ تي لکي ٿو:
”هڪ دفعي عيد جي موقعي تي بينظير صاحبه نئين ديري آيل هئي. سڄو ملڪ نئون ديرو ۾ لٿل هو، ماڻهن جي سخت پيهه هئي. انهيءَ وقت اسان کان خوشيءَ ۾ اهو به وسري ويو ته اسان عيد واري ڏينهن به شام تائين بکيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ريڊيو ٽيم جڏهن به ڪنهن وي وي آءِ پي جي لاءِ او بيءَ وڃي ٿي ته پوءِ کيس رڪارڊنگ ٿي وڃڻ ۽ ويندي قومي پروگرام بنائڻ تائين، ڪو هوش ڪونه ٿو رهي، نه مانيءَ جو ۽ نه پاڻيءِ جو، نه کاڌي جو، نه پيتي جو. هيڪر ممتاز ڀٽو نگران وزيراعلى هو. اسان جي او بي ٽيم ساڻس گڏ هئي. ميرپور ڀٽو ۾ ٻه ڏينهن قيام ڪيوسين، پر نه انتطاميه، نه ڀُٽي صاحب (ممتاز علي خان) جي ملازمن يا خود وزيراعلى سار لڌي ته ڪو ميڊيا ٽيم کي به پيٽ آهي.“
هتي سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڪوثر ٻرڙو، نئون ديري يا ميرپور ڀٽو ۾ سرڪاري ڊيوٽي ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيڻ آيو هو يا پاڪستان جي وزيراعظم يا نگران وزيراعلى کيس دعوت ڏئي گهرايو هيو؟ ايئن ته جنوري ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو مانائتو ۽ منفرد اديب مرحوم علي محمد بروهي به پاڪستان جي ان وقت جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي کلي ڪچهري جي رڪارڊنگ ڪرڻ ۽ پروگرام ڪوريج ڪرڻ لاءِ نئين ديري ۾ آيو هو پر هن ڪڏهن به اهڙي شڪايت ڪٿي به نه لکي هئي، نه اهڙو اظهار ڪنهن به هنڌ تي ڪنهن تقرير ۾ ڪيو هئائين. علي احمد بروهي ته ان زماني ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن هو، پر وزيراعظم جي نئين ديري ۾ ڪئمپ دوران مرڪزي سيڪريٽري ۽ وڏا پوليس آفيسر، چيف سيڪريٽري به ايندا آهن. اهڙا آفيسر ان ڪري ڪابه شڪايت نه ڪندا آهن جو کين خبر هوندي آهي ته هو سرڪاري ڊيوٽي ۾ آيا آهن. ڪوثر ٻرڙي جي ان ڳالهه تي به ڪير اعتبار ڪو نه ڪندو جو هو لکي ٿو ته ميرپور ڀٽو (ممتاز علي ڀُٽي جي ڳوٺ) ۾ ٻه ڏينهن قيام ڪيوسي پر ڪنهن به سار نه لڌي حتى ڪ ممتاز علي ڀُٽي نگران وزيراعلى به نه!
اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪوثر ٻرڙو ٻه ڏينهن کاڌي پيتي کان سواءِ رهيو هو. لکي ته ايئن ٿو ته ڪوثر ٻرڙي کي ڄڻ نئين ديري يا ميرپور ڀٽو ۾ بنگلي وارن ڪنهن وهانوَ يا شاديءَ جو سڏ ڏنو هو. اهڙي شڪايت ته ڄاڃي ڪندا آهن يا سرڪاري ڊيوٽي ۾ سرڪاري پگهار تي آيل سرڪاري ملازم؟ ڪوثر ٻرڙو نه ته ”بيگر“ ۾ آيو هو ۽ نه ئي ڪنهن ڪاڄ ۾ برادري سڏ ڀرڻ، هو ته اها سرڪاري ڊيوٽي ڏيڻ آيو هيو جيڪا سندس فرض ۾ شامل هئي.
ڪوثر ٻرڙي جي پسنديده انگ ۱۱ يارنهن ۽ ڪتاب ۾ شامل چند مخصوص خطن جو مڪمل جائزو ڪنهن ٻئي دفعي...
يار زنده ...صحبت باقي،
يار زنده... تبصرو باقي.

No comments:

Post a Comment