10/11/2012

عـمـر خـيـام - پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

عـمـر خـيـام
فن، فڪر، سائنسي ڪارناما ۽ حالات زندگي
پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

مسلم ايران وچين دؤر ۾ ڪيئي وڏا نامور مفڪر، شاعر، سائنسدان، اديب، عالم، اسڪالر، فلڪيات، طب، رياضي، آلجبرا، نجوم، طبعيات ۽ ڪيميا جا ماهر پيدا ڪيا، جن مختلف علوم و فنون تي ڪم ڪيو، جن جو نانءُ اڄ به دنياءِ عالم ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. انهن ۾ عمر خيام به هڪ آهي. سندس پورو نالو حجة الحق غياث الدين ابوالفتح عمر بن ابراهيم الخيامي نيشاپوري هو. هُو 18 مئي 1048ع ۾ ايران جي صوبي خراسان جي خوبصورت شهر نيشاپور ۾ ڄائو. هن اتي ئي تعليم حاصل ڪئي، زندگيءَ جو گهڻو عرصو به اتي گذاريو ۽ اتي ئي 1122ع ۾ وفات ڪئي ۽ قبرستان امام محروق ۾ آسوده خاڪ ٿيو. (1)
                عمر خيام لاءِ اهو به مشهور آهي ته هو عربي قبيلي الخيامي (خيمن سبڻ وارو) جو فرد هو، جيڪو سندس والد جو پيشو هو. ان نسبت سان هو خيام مشهور ٿيو. هن جا وڏا فتح ايران کان پوءِ عرب کان هجرت ڪري اچي ايران ۾ آباد ٿيا. عمر خيام ايران ۾ شاعر جي حيثيت ۾ ايتري شهرت ماڻي نه سگهيو جيتري بطور رياضي دان، ماهر فلڪيات، طب، نجوم ۽ فلاسافر جي حاصل ڪئي، البته هو اهلِ مغرب ۾ بحيثيت شاعر تمام گهڻو مشهور ٿيو پر پوءِ به هن کي ايران جي چئن تمام وڏن شاعرن (1) مولانا جلال الدين رومي رحه (2) حافظ شيرازي رحه (3) سعدي شيرازي رحه (4) فردوسي رحه جيتري شهرت حاصل ٿي نه سگهي. هن دربار شاهي ۾ بادشاهه ملڪ شاهه سلجوقي، جيڪو جلال الدين جي لقب سان مشهور هو، جي دؤرِ حڪومت ۾ بطور شاهي منجم وزارت جو منصب به ماڻيو.
                ”رباعيات عمر خيام“ فارسي ادب جو هڪ مخصوص ۽ منفرد سرمايو آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جي مسئلن پريشانين وقت ۽ حالات جي ستم ظريفين، محتسب وقت جي رياڪارين، باري تعاليٰ سان حجتن، بهشت ۽ دوزخ جي مذڪورن، زندگيءَ جي فنائيت، شراب خوريءَ کي غمِ دوران کان نجات جو ذريعو سمجهڻ، فلسفه حيات ۽ ممات، محبوب حسينائن جي رفاقتن ۽ سرسبز باغن کي آرام ۽ سڪون جي جاءِ سمجهڻ کان علاوه ٻين ڪيترن ئي اهم مسئلن کي موضوع بڻايو آهي. مذهبي حوالي کان به هن جا خيال نهايت اعليٰ ۽ واضح هئا. هو توحيد جو قائل هو، خدا تعاليٰ جي رحمت جو طلبگار ۽ متمني هو. الله تعاليٰ کي ئي قادر ڪارساز، حاجت روا، خير ۽ شر جو مالڪ، بلڪ مالڪ ڪُل سمجهندو هو. (2) 
                خيام جي رباعين جا ترجما دنيا جي تمام گهڻين زبانن ۾ ٿي چڪا آهن، جن ۾ فرانسيسي، جرمن، ترڪي، سويڊش، ڊينمارڪي، روسي، عربي، انگريزي ۽ اردو وغيره شامل آهن. هونئن ته يورپ توڙي آمريڪا ۾ عمر خيام کي تمام گهڻي شهرت حاصل آهي، پر پوءِ به ان سڄي ڪم جو سهرو هڪ انگريز اسڪالر ”ايڊورڊ فٽز جيرالڊ“ جي سِر آهي، جنهن خيام جي رباعين جو انگريزي ۾ خوبصورت  ترجمو ڪري کيس عالمي ادب جي آسمان تي پهچايو. ان کان علاوه سندس رباعين کي فن مصوري ۾ به منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جا ڪيترائي تصويري ايڊيشن دنيا ۾ منظر عام تي اچي چڪا آهن. ان مان سندس شهرت جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. اڄ دنيا کيس  هڪ بهترين شاعر ۽ فلاسفر طور سڃاڻي ٿي، جيتوڻيڪ هو شاعر کان وڌيڪ سائنسدان هو.
                ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عمر خيام فارسي زبان جو بهترين شاعر هو. هن جي بي نظير رباعين دنيا ۾ تمام گھڻي شهرت ماڻي، ايتري قدر جو شعر و ادب جي شوقينن اڳيان عمر خيام کي جيڪڏهن هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾ متعارف ڪرائبو ته، اهي يقيناً حيرت وچان هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳندا، پر اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته شاعري جيڪا عمر خيام جي وجهء شهرت آهي، جنهنڪري خيام مغرب توڙي مشرق ۾ اڄ به زنده ۽ زبان زد عام آهي، اها محض هن جي زندگيءَ جي فرصت جي گهڙين کي گذارڻ جو هڪ ذريعو هئي، نه ته هو حقيقت ۾ هڪ عظيم رياضي دان، علم هيئت ۽ علم نجوم جو بهترين ڄاڻو هو. (3)
                ان کان علاوه عمر خيام علوم قرآن وحديث ۽ لسانيات جو  وڏو ڄاڻو هو. هو مٽيءَ جي مجسمن ٺاهڻ جو به وڏو ڪاريگر هو. علوم طب ۾ به کيس ڪمال حاصل هو. هو شاهي منجم سا گڏو گڏ، ملڪ شاهه سلجوقي حڪمران وقت جو طبيب خاص به هو ۽ درٻار شاهي ۾ ”مصاحب“ جي اعليٰ عهدي تي به سرفراز رهيو. (4)
                عمر خيام پنهنجي دؤر جو شاهي منجم هو. هو ستارن جي چال جو جائزو وٺي اڳڪٿيون ڪندو هو. هن شاهي درٻار ۾ وزير نجوم ٿيڻ کان اڳ ٽي عدد اڳڪٿيون بادشاهي خاندان متعلق ڪيون، جي قدرتاً سڀ جون سڀ پوريون ٿيون. هي تمام صاف گو ۽ حق سچ چئي ڏيڻ جي خاصيت سبب به مشهور هو، ان ڪري کيس ”حجة الحق“ جي اعزاز سان نوازيو ويو هو.
                عمر خيام کي حاڪم وقت ملڪ  شاهه سلجوقي نيشاپور ڀرسان بيت النجوم نالي رصدگاهه (Observatory) تيار ڪرائي ڏني هئي جتي هو بطور اعليٰ ماهر فلڪيات (Royal Astronomer) بلند مينار تي ويهي، ستارن جي چال ۽ چرپر جو سائنسي انداز سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪندو رهندو هو. هُن وقت جي صحيح معنيٰ ۾ننڍن، وڏن ڏينهن جي وچ ۾ فرق کي مشاهدي هيٺ آڻي، هڪ نئين شمسي جنتري (Calendar) وجود ۾ آندي جنهن کي ”جلالي جنتري“ جو نالو ڏيئي نئين سال جو آغاز ان مطابق ڪيو ويو. (5) هن کان اڳ عسيائين وٽ رومي دؤر کان هڪ جنتري مطالعي هيٺ هئي ۽ ساسانين جو به پنهنجو سال مقرر هو. ان کان علاوه ايرانين وٽ به يزدگري سن وجود ۾ آيل هو. عمر خيام جو خيال ۽ ڪوشش هئي، ته سج جي پاڇي ۾ روزانو جيڪو تِرَ جيترو يا وار جيترو فرق ظهور پذير ٿئي ٿو، ان کي ماپڻ جو صحيح طريقو ايجاد ڪيو وڃي. اهڙيءَ ريت هن مسلسل تجربا ڪري، هڪ نئين جنتري ٺاهي هڪ اهم سائنسي ڪارنامو سر انجام ڏنو. حاڪم وقت عمر خيام جي ذهانت کان متاثر ٿي کيس بو علي سينا ثاني جو خطاب ڏنو ۽ کيس آقائي دانش سڏيو. (6)
                ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ ڀاڱو ٻيو، سيپٽمبر 1992ع جي صفحي 327 تي شيخ اياز صاحب ڄاڻايو آهي ته ”مون عمر خيام تي هڪ انگريزي ناول ۾ پڙهيو هو ته امام غزاليءَ جي چُرچ تي عمر خيام جي رصد گاهه (Observatory) کي جلايو ويو هو. چئي نٿو سگهجي ته اهو ڪيتري قدر درست آهي. (7) ان بابت عرض ته امام غزالي دنياءِ اسلام جو تمام وڏو ڏاهو. عالم  ۽ اسڪالر هو، دنيا کيس حجـﺒ الاسلام جي نالي سڃاڻي ٿي، هُو عمر خيام جو هم مڪتب هو. امام غزاليءَ کي عمر خيام پنهنجي ڪيل تحقيقات کان آگاهه ڪرڻ لاءِ کيس بيت النجوم واري رصد گاهه جي مشاهدي جي دعوت ڏني ۽ کيس پنهنجي پنهنجي ڪيل سائنسي ڪارنامن بابت قائل ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هو رصدگاهه آيو، پر سڀ ڪجهه ڏسڻ، وائسڻ ۽ سمجهڻ باوجود به هن عمر خيام کي اهو چئي انڪار ڪيو ته تنهنجون اهي سڀ ڳالهيون سواءِ شعبده بازي ۽ تماشي جي ٻيو ڪجهه به نه آهن ۽ اهي سڀ قرآن پاڪ جي تعليمات جي منافي آهن. مطلب ته امام غزاليءَ هن جي واضح لفظن ۾ مخالفت ڪئي. (8)
                محترم رسول بخش پليجي پنهنجي ڪتاب ”وِهَڻ مون نه وڙاءُ“ جولاءِ 1992ع ۾ ڇپيل هڪ مضمون ”مشرقي ادب ۽ مغربي عالم“ ۾ لکي ٿو ته 1920ع ۾ جڏهن آمريڪا ۾ شراب تي بندش وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تڏهن ان جي مخالفن زور شور سان عمر خيام جون شراب جي ساراهه ۾ چيل رباعيون پڙهي.، دليل طور پيش ڪيون ۽ اخبارن ۾ مضمون لکيا. خود ڪئلونس ڊئرو ۽ ٿيوڊور ڊريسر جهڙا هاڪاري اديب پڻ پنهنجي تقدير پرست فلسفي جي حمايت ۾ عمر خيام جي رباعين جا حوالا پيش ڪرڻ لڳا. خيام جي هڪ مغربي پرستار جو چوڻ آهي ته عمر خيام جون رباعيون ثابت ڪن ٿيون ته انساني پڪار قوميت جي ٻنڌڻن کان بالاتر آهي. مطلب ته عمر خيام کي مغرب وارن بطور شاعر مشرب جي شهرت ڏني. (9) حالانڪ عمر خيام دنياءِ اسلام جو هڪ عظيم دانشور، فلاسفر، سا.ئنسدان، ماهر طب، رياضي، الجبرا، جاميٽري، طبعيات، مابعد الطبعيات، قيافه شناس، منجم، ماهر فلڪيات، قرآن ۽ حديث جو ڄاڻو هو، جنهن کي يورپ شاعر مشرب طور پيش ڪري پنهنجي شراب نوشيءَ کي جائز ۽ مباح قرار ڏيڻ لاءِ، کيس هڪ زيني (ڏاڪي) طور استعمال ڪيو، جيڪا عمر خيام جهڙي هڪ ڏاهي ۽ تمام گهڻين صلاحيتن جي مالڪ انسان سان نهايت بي انصافي ۽ بي واجبي آهي. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هڪ شرابي، ڪبابي ۽ عياش شخص، جيڪو هر وقت شراب ۾ مدهوش ۽ مست رهي، دنياءِ علم ادب ۽ سائنس ۾ ايڏا ڪمالات حاصل ڪري سگهي؟ نهايت افسوس جي ڳالهه آهي. اها محض پروپيئگنڊه ڪئي وئي آهي ۽ هن جي حقيقي رخ کي دنيا آڏو آڻڻ بجاءِ هن جي منفي ۽ اڻ سونهائيندڙ پهلوءَ کي فروغ ڏيئي، غلط تشريح ڪئي وئي آهي، جيڪا دنياءِ اسلام جي نهايت نامور ڏاهن انسانن سان مخاصمت جي روئي  کي ظاهر ڪري ٿي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت يا حقيقت نه آهي.
عمر خيام جون بيشمار تصانيف آهن. هن رياضيءَ جو مشهور ڪتاب ”جبرو مقابله“ به لکيو. هن ڪل ڏهه ڪتاب ۽ ٽيهه رسالا لکيا.جن مان رياضيءَ جا چار، سائنس تي ٽي، مابعدالطبعيات جا ٽي، اقليدس  (Geometery) جو هڪ، آلجبرا جو هڪ لکيا. (10)
                سندس وفات متعلق ڪتاب ”نزهت الارواح“ ۾ هن طرح هڪ قصو درج ٿيل آهي ته ”مرڻ واري ڏينهن  هو بو علي سينا جي ڪتاب ”الشفا“ جو مطالعو ڪري رهيو هو. جڏهن ان جي باب هڪ يا هڪ کان وڌيڪ تي پهتو ته ڪتاب هڪ پاسي رکي اٿي بيٺو ۽ نماز پڙهيائين. شام تائين ڪجهه به نه کاڌائين، سانجهي نماز کان پوءِ سجدي ۾ زاروقطار روئي پنهنجي رب کان مغفرت جو طلبگار ٿيو ۽ اهڙي طرح سندس روح هن قفس عنصريءَ مان پرواز ڪري ويو. (11)
                دنياءِ عالم ته واقعي فاني آهي. هت ڪو به هميشه رهڻ لاءِ ڪين آيو آهي. آخر انسان کي هڪ ڏينهن ”کل نفس ذائقـﺒُ الموت“ وارو پيالو پيئڻو پوندو. دارالفنا کان دارالبقا هجرت ڪرڻي پوندي پر پوءِ به عمر خيام پنهنجي غير معمولي صلاحيتن جي پيش نظر، بظاهر هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جي مقامِ لافاني حاصل ڪري ورتو ۽ اڄ به دنياءِ علم و دانش کيس شدت سان ياد ڪري ٿي. (12)
                ان ڳالهه ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي ته عمر خيام ماهر علم نجوم هو. هو اڳڪٿيون ڪندو هو. هن پاڻ بابت به هڪ پيشنگوئي ڪئي هئي ته هن جي مرڻ کان پوءِ سندس مزار تي هر سال ٻه ڀيرا گل ٽڙندا. هن اها اڳڪٿي پنهنجي هڪ دوست ۽ شاگرد نظامي عروضي سمرقنديءَ اڳيان ڪئي هئي. سندس وفات بعد ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن اهو دوست هن جي مزار تي آيو ته هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته سندس مزار تي زيتون (Olive) ۽ زردالو جا وڻ بيٺل هئا جن ۾ سال ۾ ٻن جدا جدا موسمن ۾ گل کڙندا آهن. اهڙيءَ طرح هن جي ڪيل آخري اڳڪٿي به پوري ٿي. (13)
                شاعريءَ جي صنف رباعيءَ بابت عرض ته هن صنف جي معرض وجود ۾ اچڻ بابت ڪابه صحيح ڄاڻ يا سن جو ذڪر حتمي طور نٿو ملي، البته هڪڙو قصو رباعيءَ بابت مشهور آهي ته ٽئين صدي هجريءَ ۾ هڪ معصوم ٻار چدن راند کيڏندي بي اختيار رڙ ڪئي ۽ اهو چيو ته ”غلطان، غلطان مي رود تالب گوي“ اڙي هو لڏندو لمندو گِڏِ جي طرف وڃي رهيو آهي. ان معصوم ٻار واتان اهو بي اختيار نڪتل جملو ٻارڙن جي ڀرسان اها راند ڏسندڙ پنهنجي وقت جي هڪ بهترين شاعر يعقوب بن ليث صفاري جي ڪنن تائين پهتو، جنهن اهي لفظ ٻڌي انهن جي ترڪيب ۽ ترتيب تي غور ڪيو ته کيس ان ۾ غنائيت ۽ شعري وزن محسوس ٿيو. کيس ان تي وڌيڪ غور، ويچار ڪرڻ سان هن کي شاعريءَ جي هڪ نئين صنف ملي وئي، جنهن کي هن ”رباعي“ جو نالو ڏنو. (14)
                هونئن ته ”رباعي“ عربي زبان جو لفظ آهي جيڪو ”رباع“ (ربع) مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي”چار“ يا چئن سٽن وارو شعر، هن ۾ گهڻو ڪري پهريون ٻه سٽون ۽ چوٿين سٽ هم قافيه هوندي آهي ۽ ٽئين سٽ يا مصرع آزاد هوندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اها به هم قافيه هوندي آهي. يعقوب بن ليث صفاري علم عروض کي نظر ۾ رکندي هن جا چويهه وزن ترتيب ڏنا، اهڙيءَ طرح هن نئين صنف جو وجود پيو. شروع ۾ هن جو نالو ”ترانه“ رکيو ويو ڇو ته هن ۾ ترنم، موسيقيت ۽ وزنن جو مناسب امتزاج هو. هيءَ صنف ايراني شعراء ڪرام جي ايجاد آهي. جيڪا آهستي آهستي ترقي ڪري ايران کان سر زمين حجاز تائين پهتي ۽ چئن مصرعن هجڻ ڪري کيس ”رباعي“ جي نالي سان شهرت ملي. نه ته اصل ۾ ايران ۾ هن جو نالو ”دو بيتي“ رکيو ويو هو پر هن کي ”چار بيتي“ به سڏيو وڃي ٿو. (15)
                جديد تحقيق مطابق اهو چيو وڃي ٿو ته رباعيءَ جو باقاعده آغاز ساساني دؤر ۾ ٿيو ۽ ”رودڪي“ کي فارسيءَ جو پهريون رباعي گو شاعر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن وٽ چئن مصرعن واري ترتيب آهي. سندس هيٺ ڏنل رباعي ملاحظه فرمايو:
شاد ذى با سياه چشمان شاد
کہ جهان نيست خرم خانہ و ياد
ز آمدت تنگدل نبايد بود
وز گذشتہ نکرد بايد ياد

ترجمو: خوش ٿي گذار حسينن سان، جيڪي پاڻ به خوش آهن، ڇو جو هيءَ دنيا خوشيءَ جي جاءِ ۽ ياد رکڻ واري شيءِ نه آهي. تنهنجي اچڻ تي دل کي رنج نه ٿيڻ گهرجي ۽ گذريل گهڙين کي ياد نه ڪرڻ گهرجي.
                رودڪيءَ کان علاوه انهيءَ دؤر ۾  ٻيا به ڪافي رباعيءَ جا وڏا وڏا شاعر پيدا ٿيا جن ۾ ابو نصر فارابي، ابو شڪور بلخي، عمار مروزي، حضرت بايزيد بسطامي کان علاوه بو علي سينا به فارسيءَ ۾ رباعيون چيون آهن. پنجين ۽ ڇهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ يعني سلجوقي دؤر  حڪومت رباعيءَ جي شباب جو دؤر  هو. ان دؤر جو سڀ کان پهريون رباعي گو شاعر ابو سعيد ابوالخير هو، جنهن رباعيءَ ۾ ”تصوف“ کي اجاگر ڪيو. هن جي هڪ رباعي هيٺ مثال طور عرض رکجي ٿي:
باز آ، باز آ، ہرآنچہ ہستى باز آ
گر کافر و گبر و بت پرستى باز آ
اين درگہء ما درگئہ نوميدى نيست
صد بار اگر توبہ شکستى باز آ

ترجمو : موٽي آءُ موٽي آءُ تون ڪير به آهين، موٽي آءُ، توڙي جو تون ڪافر ۽ باهه جو پوڄاري آهين يا بُت پرست آهين، ته به موٽي آءُ، منهنجي هن درگاهه مان نااميد نه ٿيءُ جيڪڏهن تو سؤ دفعا توبه ڪري وري گناهه ڪيا آهن ته به تون مون ڏي موٽي آءُ، (مان توکي بخشيندس.
                عمر خيام کي به زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ تصوف سان لڳاءُ پيدا ٿيو. خواجه محمد بن اسماعيل بخاريءَ سان هن کي تمام گهڻي عقيدت هئي عمر خيام جي فلسفيانه تصانيف بالخصوص رباعيات ۾ جيڪا تصوف جي چاشني نظر اچي ٿي سا به حضرت خواجه محمد بن اسماعيل بخاريءَ جي عقيدت ۽ فيض جو مظهر آهي. (16)
                ان دؤر ۾ ئي عمر خيام کي رباعيءَ جو امام قرار ڏنو ويو.  سندس لافاني رباعيون ان دؤر جي ادب جو گران مايهء سرمايو آهن. توڙي جو عمر خيام کان پوءِ رباعيءَ جي صنف مختلف مراحل و منازل طئه ڪندي ارتقا جو سفر جاري رکيو پر تنهن هوندي به رباعيءَ کي جيڪو اوج ۽ عروج عمر خيام جي دؤر ۾ نصيب ٿيو، اهو کيس ٻيهر نصيب نه ٿيو. (17)
                فارسي ادب ۾ ايليخاني ۽ تيموري دؤر ۾ به رباعيون لکيون ويون. نصيرالدين طوسي ۽ فريدالدين عطار نيشاپوري به رباعيون لکيون، جن ۾ هنن بزرگن حقيقي عشق جي مضامين کي تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو. ان دؤر  ۾ پڻ اميرخسرو ۽ شيخ سعدي عليـﮣ الرحمـﺒ جهڙا تمام اعليٰ پائي جا شاعر پيدا ٿيا جن به تمام خوبصورت رباعيون رقم ڪيون. اهڙيءَ طرح خواجه حافظ شيرازي، جيڪو بنيادي طرح غزل جو شاعر هو، تنهن به تمام خوبصورت رباعيون لکيون جيڪي سندس ”ديوانِ حافظ“ ۾  وڏي تعداد ۾ موجود آهن. نائين صدي هجريءَ ۾ مولانا عبدالرحمان جامي، رباعيءَ جي آفتاب عالم تاب جي صورت ۾ اڀريو. سندس رباعيون عشق حقيقي ۽ تصوف جي فڪر سان لبريز آهن. ان کان پوءِ نه صرف ايران بلڪه برصغير پاڪ و هند ۾ به صائب، ڪليم نظيري، وغيره جن به فارسيءَ ۾ رباعيون لکيون ۽ آخر ۾ علامه اقبال رح ته هن صنف کي نهايت اعليٰ درجي تي پهچايو. خاص ڪري ”ارمغان حجاز“ ۽ ”پيام مشرق“ جون فارسي ۾ چيل رباعيون عصر حاضر ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بي بها تحفي جي حيثيت رکن ٿيون. (18)
                مرزا غالب به پنهنجي دؤر جو هڪ سٺو رباعي گو شاعر هو. سندس هيٺ نقل ڪيل رباعي ملاحظه فرمائيندا:
نگاه ازل سے پياسى ہے اور کچهہ بهى نهيں
سارى دنيا خفاسى ہے اور کچهہ بهى نهيں
غم جاناں ہے نہ غم دنيا  غالب
اک بے نام اداسى ہے اور کچهہ بهى نهيں

 
              عمر خيام جي رباعين جو سنڌيءَ ۾ خوبصورت منظوم ترجمو سنڌ جي ٻن نامور اديبن مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ هزهاءِ نيس مير علي نواز  ”ناز“ جن ڪيو آهي. مير صاحب جي شعري مجموعي ”ڪليات ناز“ ۾ عمر خيام جي پنجاهه عدد رباعين جو منظوم ترجمو ”خمڪده خيام / مئڪده ناز“ جي نالي سان ڏنل آهي، نموني طور ناز صاحب جي هڪ رباعي پڙهندڙن لاءِ نقل ڪجي ٿي: (19)
در کول جو در کوليندڙ تون آن،
هي رستو ڏيکار، جو ڏيکاريندڙ تون آن،
مان هٿ ٻئي هٿ تي هرگز ڪيئن ڏيان،
دنيا سڀ فاني، هميشه رهندڙ تون آن.

                ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مير صاحب هڪ اعليٰ پائي جو شاعر هو. هن هڪ ئي وقت اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن ۾ شاعري ڪئي. مرزا قليچ بيگ صاحب به عمر خيام جي رباعين جو خوبصورت ترجمو ڪيو آهي. جن ۾ رباعين جوتعداد 130 آهي. نموني طور هيءَ رباعي ملاحظه فرمائيندا (20)
هڪ هٿ ۾ اٿئون قرآن، ٻئي هٿ ۾ جام،
هڪ وقت حلال کائون، ٻئي وقت حرام،
هن دؤر ۾ دنيا جي رڳا آهيون اسين،
نه ڪافر مطلق، نه مسلمان تمام.

 انهيءَ کان علاوه محترم شفقت حسين وڌو صاحب جن به سنڌي نثر ۾ عمر خيام جي تقريبا پنجهتر رباعين جو ترجمو ”ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ“ جي عنوان هيٺ ڪيو آهي. جيڪو فٽز جيرالڊ جي انگريزي ترجمي جو سنڌي ترجمو آهي. (21)
                محترم حليم بروهي صاحب به عمر خيام جو وڏو شيدائي هو. هن به عمر خيام جي رباعين جو رومن اسڪرپٽ ۾ ترجمو 2003ع ۾ ڪيو هو. (22) محترم بشير سيتائيءَ جو نالو به عمر خيام جي رباعين جي ترجمي نگارن جي حيثيت ۾ ورتو وڃي ٿو. ان کان علاوه محترم شيخ اياز صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ ۾ شاعر آغا قزلباش ”افسرالشعراء“ جو به ذڪر ڪيو آهي ته ان به ”خمڪده خيام“ جي نالي سان عمر خيام جي رباعين جو منظوم ترجمو ڪيو هو، جيڪو هن پنهنجي اوائل عمري  يعني طالب علمي واري دؤر ۾ پڙهيو هو. (23) اسان هت پڙهندڙن لاءِ نموني طور آغا شاعر قزلباش جي  هڪ رباعي، عمر خيام جي اصل رباعي سميت عرض رکون ٿا:
عمر خيام:
در فصل بہار اگر بت حور سرشت
يک ساغر مے دہد مرا بر لب کشت
ہر چند بہ نزد عام اين باشد زشت
سگ بہ زِمَن است اگر برم نام بہشت

آغا شاعر قزلباش:
ہو موسم گل اور بُت حور سرشت
بهر بهر کے مجهے پلائے سرکشت
پهر چاہے کسى کو بهى مرى بات نہ بهائے
ميں کتے سے بد تر ہوں جو لون نام بہشت

                مطلب ته اردو توڙي سنڌيءَ ۾ عمر خيام پنهنجا تمام گهڻا عاشق پيدا ڪيا آهن. انهن جي لسٽ ۾ اسان به پنهنجو نالو حضرت يوسف عليه السلام جي خريدارن جيان ڳڻائڻ چاهيون ٿا. اسان پنهنجي پاران اها ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته عمر خيام جي رباعين کي اصل فارسي متن سميت سولو سنڌي ترجمو ڪري پنهنجي قارئين ڪرام جي اڳيان پيش ڪريون ته جيئن عمر خيام جي عاشقن کي صحيح معنيٰ ۾ سندس فن ۽ فڪر توڙي علم و دانش کان آگاهي ڏيئي سگهجي.
                آخر ۾ عرض ته موجوده دؤر سائنسي ترقيءَ خاص ڪري انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جو آهي. دنيا ترقي جون منزلون طئه ڪري ڪٿان کان ڪٿ وڃي پهتي آهي. هيءَ ساري دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي. هر طرف سائنس جو عروج آهي. تڏهن به اسان هن سائنسي عروج واري دؤر ۾ به ماضيءَ جي انهن بي بها علمي ادبي، طب، رياضي، آلجبرا، ارضيات، فلڪيات، ڪيميا، نجوم، طبعيات، مابعدالطبعيات، جاميٽري، جن جا بنياد اسان جي مسلمان عالمن اسڪالرن رکيا انهن جي ڪيل عظيم ڪارنامن کان منهن موڙي نٿا سگهون، جن دنياءِ عالم کي پنهنجي علمي توڙي فڪري خزانن سان مستفيضُ ڪيو. هاڻ اسان تي اهو فرض بلڪ قرض بڻجي ٿو ته اسان انهن عظيم انسانن جي ڪيل خدمتن ۽ ڪارنامن کي مڃتا ڏيئي انهن جي بيش بها علمي شهپارن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي شاهوڪار ۽ عوام الناس کي فيضور ڪريون.
                آخر م عرض ته هيءُ مون پاران پنجون ڪتاب آهي جيڪو اوهان قارئين جي نذر ڪريان ٿو. هن کان اڳ منهنجا چار ڪتاب :
1.     غلامي (خليل جبران)
2.     آزادي (ڪرشن چندر جا افسانا)
3.     ساحل ۽ سمنڊ (خليل جبران) ۽
4.     ڀڳت ڪبير جا دوها
اوهان جي خدمت ۾ پيش ٿي چڪا آهن. اميد ته هيءَ منهنجي ادنيٰ ڪوشش به اهلِ علم حضرات جي نظر ۾ ضرور لاڀائتي ٿيندي. (آمين)
گر قبول اُفتد ز ہے عزو شرف.
حوالا
1.       عمر خيام از هيرلڊليم، مترجم جميل نقوي، اردو، ص 325، سال 2003ع   18 مزنگ روڊ، لاهور.
2.       ايضاً
3.       نامور مسلمان سائنسدان، سنڌي ۾ ڊاڪٽر شريف ميمڻ، ص 10-109 سال 1975ع سنڌ سائنس سوسائٽي ڄامشورو.
4.       عمر خيام از هيرلڊليم، مترجم جميل نقوي، اردو ص 25-324، سال 2003ع، 18 مزنگ روڊ، لاهور.
5.       ايضاً
6.       ايضاً
7.       ڪتين ڪر موڙيا جڏهن، شيخ اياز، ڀاڱو ٻيو، ص 327، سيپٽمبر 1992ع
8.       عمر خيام هيرلڊليم، مترجم جميل نقوي، اردو ص 92-291، سال 2003ع   18 مزنگ روڊ، لاهور.
9.       وهڻ مون نه وڙاءُ، رسول بخش پليجو، مضمون ”مشرقي ادب ۽ مغربي عالم“، 1992ع
10.   نامور مسلمان سائنسدان، ڊاڪٽر شريف ميمڻ،       ص 10-109 سال 1975ع سنڌ سائنس سوسائٽي ڄامشورو.
11.   ايضاً
12.   رباعيات عمر خيام، مترجم سيد اصغر علي شاهه جعفري. ص 22 مڪتبه، دانيال، اردو بازار لاهور.
13.   ايضاً
14.   ايضاً
15.   ايضاً
16.   عمر خيام از هيرلڊليم، مترجم جميل نقوي، اردو ص 25-324، سال 2003ع   18 مزنگ روڊ، لاهور.
17.   رباعيات عمر خيام، مترجم سيد اصغر علي شاهه جعفري، ص 22 مڪتبهء دانيال، اردو بازار لاهور.
18.   ايضاً
19.   ڪليات ناز، از هز هاءِ نيس مير علي نواز ”ناز“ ص 16، مؤلف ڊاڪٽر پروفيسر عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 88-1987ع
20.   رباعيات عمر خيام، مترجم مرزا قليچ بيگ، ص 34، قيصريه پريس، حيدرآباد، سنڌ 1904ع
21.   ٻه، ٽي جام پيئڻ کان پوءِ، مترجم شفقت حسين وڌو، ڇپائيندڙ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، جنوري 2004ع
22.   رباعيات عمر خيام، از حليم بروهي رومن اسڪرپٽ، سال 2003ع.
23.   خمڪده خيام، از شاعر آغا قزلباش دهلوي، رفاه عام پريس، لاهور 1932ع.

No comments:

Post a Comment