نصير مرزا جي ڪتاب
”خيمي ۾ شام“
جا ڪجهه منظر
پروفيسر نذير احمد
سومرو
ادب جي هڪ صنف رپورتاز (Reportage) به آهي. رپورتاز اصل ۾ فرانسيسي ٻوليءَ جو
لفظ آهي، جتان منزلون طئي ڪندو، مشرقي ٻولين تائين پهچندي پهچندي اهڙي جاءِ والاري
ويٺو آهي جو ڄڻ ته مشرقي ٻوليون سندس موجد هيون/آهن. جڏهن ته هن صنف جو موجد مغرب
ئي آهي، پر هن کي فروغ ۽ ترقي مشرق ۾ ملي. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته انسائيڪلوپيڊيا
آف برٽينيڪا ۽ نيو اسٽينڊرڊ انسائيڪلوپيڊيا (برطانيا) يا انگريزي ادب جي ٻين ڪيترن
ئي معتبر ڪتابن ۾ يا معروف لغتن توڙي ادب جي نثري تاريخ ۾ رپورتاز جو ڪٿي به ذڪر
ٿيل ڪونهي.
ڊيوڊ گرامبس پنهنجي مشهور ڪتاب “Literacy Companion Dictionary-1984” جي صفحي ۳۱۳ تيWords
about words تحت رپورتاز جي تشريح ڪندي لکي ٿو:
“The reporting of news, factual topical writing that comes from
direct observations or documentable events or situations, news writing story.”
اردوءَ جي مشهور اديبه ڊاڪٽر صبيحه انور پنهنجي ڪتاب ”اردو
مين خود نوشت سوانح حيات“ (فخرالدين ميموريل ڪاميٽي لکنو انديا ۱۹۸۲ع) جي صفحي ۶۰ تي رپورتاز بابت
لکي ٿي:
”رپورتازنگار
ڪو يه آزادي بهرحال هوتي هي ڪه وه واقعات ڪا بيان ڪرني ڪي ساٿ ان جذبات ڪو ڀي سميٽ
لي، جن پر عام طور سي لوگون ڪي نظر نهين گئي.“
گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج خانيوال (پنجاب) جي شعبي اردوءَ
جو پروفيسر ۽ اردو
جو مشهور ليکڪ ڊاڪٽر امتياز حسين بلوچ پنهنجي هڪ مضمون ”رپورتاز-فن اور
روايت“
جي عنوان هيٺ لکي ٿو: ”رپورتاز ڪي فن ڪا بنيادي تقاضا يه هي ڪِ ان واقعات ڪي بيان
۾ صحت واقعات ڪو بهت اهميت دي جائي. جوٺي، من گهڙت، خود ساخته اور لغو قصي ڪهانيان
رپورتاز ڪا حصا نهين بن سڪتي. اپني فني ٽيڪنڪ اور برتائو ڪي اعتبار سي يه بهت
”انوکي“ اور ”اولڙي“ صنف نثر هي. ايڪ خبر، حادثي، بلوي، تقريب، ڪانفرنس، سفر اور
واقعي ڪو بنياد بنا ڪر اسي لکا جاتا هي.“
هڪ ٻيو اديب، نورالحسن نقوي رپورتازنگاري جي باري ۾ لکي
ٿو: ”ڪسي واقعي ڪي خبر يا رپورٽ اس طرح تيار ڪي جائي ڪه اس مين افساني ڪا انداز
پيدا هوجائي يا اس مين مصنف ڪي شخصيت جهلڪ اٺي تو يه هي رپورتاز هي.“
وڏن ڄاڻو اديبن ۽ عالمن جي ڏنل ۽ لکيل تشريح کي نظر ۾
رکندي (سواءِ صحت بياني جي، جيئن ڊاڪٽر امتياز حسين بلوچ لکي ٿو؛ رپورتاز جي خاص
اهميت ”صحت بياني“ آهي. جڏھن ته خيمي ۾ شام منجھ ذڪر ڪيل واقعا صحت جي
لحاظ کان بيمار آهن.) ڏسجي ته محترم نصير مرزا جو لکيل ڪتاب خيمي
۾ شام رپورتاز
جي هوبهو شڪل آهي!؟ هن ڪتاب ۾ ٻه مهاڳ ڏنل/لکيل آهن. هڪ ليکڪ جي امان سانئڻ
مانواري شريف النساءِ جو، ٻيو خود صاحب ڪتاب محترم نصير مرزا جو؛ جيڪو ”کيرٿر
ياترا“
نالو ڏئي ڪتاب جو مواد/متن شروع ڪري ٿو. ”کيرٿر ياترا“ کان اڳ به هڪ مهاڳ ”ملفوظات“
جي نالي سان آهي، جيڪو نصير مرزا گرجستانيءَ جي نالي سان لکيو ويو آهي. ٻنهي مهاڳن
جي ابتدا هنن جملن سان ٿئي ٿي؛ وچ ۾ ٻڙيون ٻڙيون به ليکڪ طرفان ڏنل آهن: ”اسلام
عليڪم .... سامعين و قارئين.... حاضرين و غائبين.... اهل دنيا و اهل القبور“!
مان سمجهان ٿو ته گذريل ويهين صديءَ، جنهن جي آخر ۾ ڪتاب
لکيل آهي ۽ هلندڙ نئين ايڪيهين صدي، جنهن ۾ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جو اهو پهريون ۽
انوکو يا سڪيلڌو مثال آهي ته ڪو (دنيا جو) دنيوي ڪتاب، زندهه انسانن يا زندهه
پڙهيل انسانن کان سواءِ مري ويل پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل انسانن لاءِ به آهي! خاص
ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي هيءَ به آهي ته ڪتاب نه رڳو قارئين لاءِ آهي
پر غائب مخلوق لاءِ پڻ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ ته خود ليکڪ مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
”حاضرين و غائبين...؟!!“
ڪتاب جي صفحي ۲۷ تي محترم نصير مرزا لکي ٿو:
”ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ جو ڪونه ڪو مذهب ضرور هوندو آهي.
مثال طور جيئن مان آرپار شيعو آهيان.“ جڏھن ته شيعو عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن
جي معنى؛ ٽولو آهي. مسلمانن جا جيڪي فرقا، مسلڪ يا مڪتبه فڪر آهن، انهن
منجهه سني، بريلوي، ديوبندي، شيعا ۽ اهلحديث آهن. ايئن جيئن هندن ۾ راڌا سوامي يا
عيسائين ۾ پروٽيسٽنٽ يا ڪيٿولڪ وغيرھ. مخصوص سوچ کان هٽي ڪري، تنگ نظري ۽ تنگ دلي
کان پاسو ڪري، اڻ-ڌُري راءِ ڏجي ته پو شيعو ڪنهن مذهب جو نالو نه آهي.
سنڌ ۾ جڏهن پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلائون انٽر جي امتحان ۾
رکيل مارڪن سان ملنديون هيون، تڏهن ڪاليجن ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ
نيشنل ڪئڊٽ ڪور عرف عامه ۾ اين سي سي جي ٽريننگ ڪندڙن کي ۲۰ مارڪون ڏنيون
وينديون هيون. فوجي نظام تحت انهن وانگر اين سي سي جي شاگردن جي سالياني پاسنگ
آئوٽ پريڊ به ڪاليجن ۾ ٿيندي هئي. محترم نصير مرزا اين سي سي جي ويهن مارڪن کي ۱۰ مارڪون ڄاڻائي اين
سي سي جي سکيا حاصل ڪندڙ شاگردن تي طنز، ٽوڪ ۽ چٿر ڪندي صفحي ۴۱ تي لکي ٿو:
”يا خدا!!“ مان دل ۾ چوان ٿو؛ ”هي گڊ آهن يا NCC جا شاگرد، جيڪي صبح سان
ڊريسون پائي، ڪاليج گرائونڊ ۾ گڏ ٿي ڏهن مارڪن جي آسري تي ٽنگون ۽ پير
پيا هيڏانهن هوڏانهن ڪندا هئا.“ پر ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته جيڪي شاگرد
ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿيا، تن سڀني کي ان اين سي سي جي سکيا وڏو ڪم ڏنو.
اسان سنڌي وهنجڻ يا تڙ ڪرڻ کي سنڌي
ٻوليءَ جي لحاظ کان وهنجڻ وٺڻ ڪونه چوندا آهيون. وهنجڻ به وٺبو آهي ڇا؟ محترم نصير
مرزا ته سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سٺو ۽ بهترين ليکڪ آهي. پنهنجي منفرد اسٽائيل جي ڪري هو
سنڌي ادب ۽ شاعري پڙهندڙن ۾ مقبول پڻ آهي. کيس گهٽ ۾ گهٽ، اها ڄاڻ هئڻ گهرجي ته
سنڌي ٻوليءَ ۾ وٺڻ ڪٿي، ڪڏهن ۽ ڪهڙي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. مثال ڪا شيءِ وٺڻ،
داخلا وٺڻ يا پلئه وٺڻ ۽ بدلو يا انتقام وٺڻ، پر محترم نصير مرزا پنهنجي ڪتاب جي
صفحي ۳۶ تي اسان جي
ڀاڄائي محترمه دردانه بيگم کي خط لکي ٿو: ”.... بس بيگم صاحبه! مون هيءُ خط ڪرچات
سينٽر جي لان ۾ ڪرسيءَ تي ويهي سوچڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي پنهنجي رهائش لاءِ مقرر (Chinkara Cottage) مان باٿ وٺي جلدي جلدي ڪرچات سينٽر جي هال ڏانهن پيو وڃان.“ انگريزيءَ ۾
وهنجڻ کي چئبو آهي؛ ”ٽه ٽيڪ باٿ“. ان جو ترجمو سائين نصير مرزا،
اڌ لوهه جو، اڌ ڪاٺ جو ڪندي لکي ٿو: ”مان چنڪارا ڪاٽيج مان باٿ وٺي پيو وڃان.“
ڀٽائيءَ جي هڪ سورميءَ ۽ سنڌ جي لاثاني ڪردار مارئي واري
کوهه جي منظرنگاري ڪندي، محترم نصير مرزا پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۲۴ تي لکي ٿو:
”.... ڊرائيور جيپ مارئي جي کوهه وٽ اچي بيهاري، مارئي
جي کوهه کي هٿ لائڻ، ان کي اکين سان چمڻ ۽ درشن ڪرڻ لاءِ اتاولا ٿي، هڪ ٻئي کي ڌڪا
ڏيندا جيپ مان ائين انڌاڌنڌ لهئون ٿا، ڄڻ اهو کوهه خدانخواسته اتان ڪو هليو ٿي
ويو. هيءُ کوهه ڀالواءِ ڳوٺ کان ڏيڍ ميل پنڌ تي هيو. کوهه ته لٽجي چڪو هو، صرف
نالي ماتر کوهه جا آثار هئا.... ٻن پهرن جا ڪي اڍائي کن ٿيا هوندا. الائجي ڪهڙي
جذبي ۽ موڊ سان مارئي جي کوهه ۾ منهن وجهي، وٺي سڏ ڪريان.... مارئي .... مارئي ....
مارئي .... پوءِ ان ايڪٽوٽي ۾ بلاول، بخشڻ ۽ غلام محمد ميجر به جنبي ٿا وڃن. مڄاڻ
ته اک ڇنڀ ۾ ماحول ڄڻ پراسرار بڻجي ويو. ان سان ڀالواءِ جي ڍڳن ۽ ڍڳين ۾ اهڙو اچي
ٽاهه پيو جو ....“
محترم نصير مرزا پاڻ چوي ٿو؛ کوهه ته لٽجي چڪو هيو ۽
نالي ماتر کوهه جا آثار هيا. پوءِ محترم نصير مرزا ڪهڙي کوهه ۾ منهن وجهي وٺي
مارئي، مارئي، مارئي ڪيو جو سندس ٻيا دوست به ان ۾ جنبي ويا ۽ ماحول هڪدم پراسرار
ٿي پيو ۽ سندن آواز جي ايڏي گونج ۽ پڙاڏو ٿيو جو اچي مال ۾ ٽاهه پيو!؟ مٽيءَ سان
ڀريل ۽ ڏٽيل کوهه جي مٿان بيهي ته ضرور سگهجي ٿو پر جڏهن اهو مارئي واري کوهه جو
منهن به ڏٽجي چڪو هيو ته پوءِ کوهه جي منهن مان ڇا مطلب؟ ڇا معنى؟
هڪ ڀيري سنڌ جي يگاني شاعر استاد بخاريءَ سان دادوءَ جي
موجوده بس اسٽينڊ کان ٿورو پرڀرو هڪ نئين هوٽل (ان زماني ۾ دادو جي موجوده بس
اسٽيڊ جو ترقياتي ڪم شروع ٿي چڪو هو) ۾ ويٺا هئاسين. مون استاد بخاريءَ کان پڇيو؛
بخاري صاحب! توهان پنهنجي عمر آهر ۽ وسيع تجربي مان اهو ٻڌايو ته هن دنيا ۾ سڀني
کان وڌيڪ مٺي ۽ پياري شيءِ ڪهڙي آهي؟
جواب ۾ چيو هئائين؛ ”صحت سان ٽُٻ زندگي.“
ٿر جي هڪ سٺي ساک رکندڙ شخص، نهالچند جي نالي ۽ سندس
رفاحي ڪمن واري هاڪ کان ڪير واقف ناهي؟ اردوءَ جي هڪ اديب ۽ مزاح نگار محمد خالد
اختر ياترا جي نالي سان ٿر جو سفرنامو لکيو هو. ياترا
نالي
هي ڪتاب ۱۹۷۹ع ۾ قوسين پبلشر لاهور طرفان پهريون دفعو شايع ٿيو هو.
محمد خالد اختر هن ڪتاب ۾ ٻه سفرناما ڏنا. سندس پهريون سفر نئون ڪوٽ کان شروع ٿئي
ٿو. محمد خالد اختر سان هن سفر ۾ ضيا نالي ماڻهو به گڏ آهي. کيس
اسلام ڪوٽ ۾ ترقياتي ۽ فلاحي ڪمن جي حوالي سان اتان جي ٽائون ڪاميٽي جي ۱۵ سال مسلسل چيئرمين
رهندڙ شخص سان ملايو وڃي ٿو. اختر خالد به ٿر جي سفر کي ياترا لکي ٿو ۽ نصير مرزا
به پنهنجي ٿر جي سفرنامي کي ٿر ياترا جو نالو ڏئي ٿو! چوندا آهن ته
اديب، شاعر ۽ ليکڪ ڏاڍا نفيس، نرم ۽ زود حس هوندا آهن. هو ڪنهن ست ڌارئي تي به
خنجر جو وار ۽ ٺٺولي يا چٿر برداشت ڪونه ڪري سگهندا آهن، پر مرحوم محمد خالد اختر
۽ نصير مرزا، اديب ۽ ليکڪ هوندي به سواءِ ڪنهن تڪليف پهچڻ جي، سواءِ ڪنهن رنج ملڻ
۽ ڪنهن ڏوهه گناهه جي پنهنجن پنهنجن سفرنامن ۾ اسلام ڪوٽ جي هن ٻڍڙي
ديوان کي پنهنجي انتقام جو نشانو بنائيندي، پنهنجي اندر ۾ ويٺل همزاد/ماڻهوءَ کي
خوشين سان نهال ڪري ڇڏين ٿا. محمد خالد اختر جي ڪاڪي نهالچند سان ڪنهن به طرح جي
ڄاڻ سڃاڻ ڪانهي ۽ هو پهريون ڀيرو ديوان نهالچند سان ملاقات ڪري ٿو. ديوان نهالچند
لاءِ پنهنجي سفرنامي جي صفحي ۷۷
تي محمد خالد اختر لکي ٿو:
” هم ايڪ اقامت خاني ڪي پاس سي گذري جو
سيٺ نهالچند ئي ني اسلام ڪوٽ مين آني والي مسافرون ڪي ليئي بنوايا ٿا. اس ڪي
برآمدي مين دو ڪولهي عورتين اور ايڪ بچا ديکا. آگي ٽائون ڪاميٽي ڪي دفتر ڪي عمارت
آئي. هم قصبي ڪي ڪناري پر سيٺ نهالچند ڪي حويلي سي ڪڇ قدم پر ٿي، ڪه هم ني سرخي
مائل شلوار قميص مين ايڪ ڇريري، لمبي، ڪڙيل سي آدمي ڪو گلي سي نڪلتي اور باهر
ريتون ڪي طرف جاتي ديکا. يه سيٺ نهالچند هين. ضيا (سفرنامي جو همسفر) ني اسي ۲۵ سال پهلي مٺي مين ديکا ٿا. هم ني جلدي
جلدي قدم بڙهائي اور اسي جا پڪڙا. وه اڀي پوسٽ آفيس ڪي نگڙ سي آگي نهين بڙها ٿا.
”سو يه هي وه حيران ڪن آدمي“؛ مين ني اپني دل مين ڪها، ”جس ني اپني قصبي ڪي ليئي
اتنا ڪڇ ڪيا هي ڪ لنڊن شهر ڪي ميئر ني لنڊن ڪي ليئي ڀي نهين ڪيا هوگا. جسي بهت ڪم
لوگ پسند ڪرتي هين. داڙهي موڇ منڊا نهالچند خود ڪو اڪرا ڪر رکتا ٿا. بال ترڇي
هوئي، مهندي سي رنگي هوئي. شيوڪ (سفرنگار جو ميزبان) ني بعد مين بتايا ڪه سيٺ
نهالچند ڪي عمر ستر (۷۰) سال سي ڪسي
طرح ڪم نهين. ضيا ڪي تعريف پر مشهور آدمي باغ باغ هوگيا. اس ڪي باڇين چر گئين.“
”شهر والي تو مجهه سي ناخوش هين“ سيٺ
نهالچند بولا، ڪيا وه (سيٺ نهالچند) ٿر ڪا شيش ناگ نهين هي؟!“ مجهي خيال آيا.
قارئين پاڻ اندازو ڪن ته محمد خالد
اختر جي دل ۾ سيٺ نهالچند جي خلاف ڪهڙو آتش ڪدو ٻري رهيو هو، جو لکي ٿو ته پنهنجي
تعريف ٻڌي واڇون ٽڙي پيس! ۽ اڃا اڳتي وڌي کيس شيش نانگ سان تشبيهه ڏني اٿس. شيش
نانگ کي ڏسي ته ماڻهوءَ جي جان مان درڙيون ۽ سيسراٽيون نڪري وينديون آهن. ڪاڪي
نهالچند ڇا ڪيو هو؟ سفر نگار رڳو اتي بس نه ٿو ڪري پر صفحي ۷۹ تي نهالچند جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”هم سي هاٿ ملا ڪر وه اس طرف چل پڙا، تيز قدمون سي چلتا
هوا، شيش نانگ ڪي طرح اينٺا هوا.“
محترم نصير مرزا به پنهنجي ڪتاب خيمي
۾ شام ۾
ديوان نهالچند جو ذڪر به ساڳيءَ طرح ايئن ئي ڪري ٿو، جيئن محمد خالد
اختر ڪيو آهي. محترم نصير مرزا، محمد خالد اختر جو حوالو، هن جي ڪتاب ياترا
مان
ڏئي صفحي ۱۷۱ تي لکي ٿو: ”شايد ڪجهه ئي لمحن ۾ ڪنهن اطلاع اچي ڏنو ته
سيٺ نهالچند پڌاري رهيو آهي. سيٺ صاحب پوءِ جڏهن پنڊال ۾ داخل ٿيو ته
سڀ ان پنجاسي سالا مهان هستيءَ، رٽائرڊ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي جي مانَ ۾ اٿي بيهي
رهيا هئا.... ساڻس ڳالهائيندي هن محسوس ڪيو ته هو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ گهڻ-ڳالهائو
شخص ضرور هو، پر هن جون ڳالهيون نصير مرزا لاءِ بور بلڪل نه هيون. شايد ڪجهه گهڙين
ويهڻ کان پوءِ هو اوچتو محفل مان اٿي کڙو ٿيو هو، چيائين؛ ”موڪلاڻي ڪانهي، منهنجي
دوا کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. رام رام“ ۽ نصير مرزا کيس پندال مان ائين اٿي ويندو
ڏسي ۽ وقت سان دوا کائڻ واري ڳالهه تي دل ۾ چيو؛ ”ابا ڏسو، پنجاسي سالن واري مڙهي
ڪاڪي کي به زندگي سان ڪيڏو پيار آهي.“
محمد خالد اختر ته پنهنجي جاءِ تي رهيو پر خبر ناهي ته
محترم نصير مرزا جو ڪاڪي نهالچند ڏانهن ڪهڙو انتقام رهيل هو، جو هڪ
معزز انسان، جيڪو اسلام ڪوٽ جو نئون معمار ليکيو وڃي ٿو، جنهن جي تعريف ٻڌي خالد
اختر پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۶۰
تي لکي ٿو؛ ”نهالچند ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ايترو ورجايو ويو جو ٻڌي ٻڌي (ڪَن
به پچي پيا؟) ٿڪجي پياسون.“ ان کي نصير مرزا مڙهه/مڙهي/مڙهو ڪري لکيو آھي. سنڌ جي
ٻهراڙين ۾ اڄ به ڏاڏي ۽ ناني کي احترام منجهان بابو ڪراڙو ڪري سڏيو ۽ ڪوٺيو
ويندو آهي، پر پرائي ۽ ڌارئي جي لاءِ يا پنهنجي عزيز قريب لاءِ، نفرت جو اظهار ڪرڻ
تي اچن ته چوندا؛ ”ڪم ڏسو مڙهي جا“. سنڌي ٻوليءَ ۾ مڙهه، مُردي لا به استعمال ٿيندو آهي. سنڌ
جي وڏي شاعر شيخ اياز به مڙهه لفظ پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي استعمال ڪندي چوي ٿو:
”آ مڙهه جي ماٺ هوائن ۾.“
نصير مرزا جو شايد خيال آهي ته جيڪڏهن پوڙهو/عمر-رسيده
انسان بيمار ٿئي ته هو ويچارو وقت تي دوا به نه کائي ۽ بيماري ۾ چڙي چڙي قبر يا شمشان
گهاٽ جو انتظار ڪري؟!
ائين ته شيخ اياز جو وقت تي دوا کائڻ جو ذڪر، خود نصير
مرزا هن ئي ڪتاب جي صفحي ۲۱۷ تي ڪندي لکي ٿو: ”هاڻي اياز
صاحب (شيخ اياز) کي ماني کاڌي ۵ منٽ گذري چڪا هئا، دوا جو وزن
وٺڻ لاءِ هڪ دفعو وري هن اندر جو رخ ڪيو.“ وقت تي دوا کائڻ ڪو عيب ڪونهي. ڀٽائيءَ به
ڪنهن هنڌ چيو آهي؛ ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام.“
شيخ اياز هجي يا ڪاڪو نهالچند
يا ڪو مشهور ماڻهو يا ڪو گمنام ماڻهو ڇو نه هجي، جيڪڏهن بقول نصير مرزا، ”ڪاڪي
نهالچند جي عمر مني صدي کان به ۱۰
سال تجاوز ڪري چڪي هئي“ ته مرحوم شيخ اياز به ڪو نوجوان يا جواڻ جماڻ ڪونه هو، جو
وقت تي دوا پئي کاڌائين. هتي منهنجو مقصد ڪنهن جي به گهٽتائي يا تضحيڪ يا عيب-جوئي
قطعي نه آهي. مون ۾ خود اڻ ڳڻيا عيب آهن. آئون ڪير ٿيندو آهيان، ڪنهن جي عيب-جوئي
ڪرڻ وارو؟ پر هي ٻٽا معيار ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ هڪڙن لاءِ هڪڙا ماڻ ۽ ماپا ۽ ٻين لاءِ
ٻيا؟ ائين ڇو؟ شيخ اياز صاحب دوا کائي ته ٺيڪ، پر جي ڪاڪو نهالچند دوا کائي ته ٿيو
مڙهه! مان اڄ به شيخ اياز کي سنڌ جو وڏو شاعر مڃان ٿو. منهنجو شمار اهڙن ماڻهن
منجهان ڪونه آهي، جيڪي وڏي شاعر هجڻ جا ٺپا بدلائيندا رهندا آهن. سنڌ جي مشهور
اديب، ڪهاڻيڪار ۽ سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شوري چواڻي؛
اسان سنڌين جي عجيب و غريب نفسيات رهي آهي. ڪڏهن شيخ اياز تي وڏي شاعر هجڻ جو ٺپو
هنيو ويو ته ڪڏهن استاد بخاري تي. وري ٺپو بدلائي ڪڏهن نياز همايوني تي
هنيو ويو ته ڪڏهن ابراهيم منشيءَ تي. ديوان
نهالچند لاءِ محمد خالد اختر پنهنجي سفر نامي جي صفحي ۶۰ تي لکي ٿو: ”وه ۱۵ سال سي ٽائون ڪميٽي
ڪا چيئرمين ٿا، ايڪ مستند چيئرمين جو هر ڪام پادري ڪي
طرح تن دهي سي ڪرتا ٿا.“ جئين محمد خالد اختر، ديوان نهالچند کي پادريءَ سان
تشبيهه ڏني آهي، ساڳيءَ طرح محترم نصير مرزا پنهنجي ڪتاب (خيمي
۾ شام) جي صفحي ۱۷۱
تي ديوان نهالچند کي پادري سان تشبيهه ڏئي، مکي نهالچند جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو:
”هن ڏٺو اهو شخص جنهن کي سڀني مکي صاحب! مکي صاحب! چئي پئي مانُ ڏنو. اهو هڪ کڙو
تڙو چست ۽ کهري آواز وارو شخص هو، جنهن جا بظاهر سروپا ڪنهن عيسائي پادري جهڙا
هئا.“ هي سڀ ڇا آهي؟ لڳي ته ائين ٿو ڄڻ ڪنهن، محمد خالد اختر جي ديوان نهالچند
بابت ڏنل راءِ جو صاف ۽ سٺو ترجمو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته محمد خالد اختر به لکي ٿو؛
”هو (نهالچند) نوجوانن وانگر کڙو تڙو يعني نوجوانن وانگر چست هو ۽ پادري پئي لڳو.“
محترم نصير مرزا کي به ساڳئي نموني، هن جي شخصيت پادريءَ جيان لڳي.
خيمي ۾ شام جي صفحي ۶۷ تي محترم نصير مرزا
هڪ گمنام سياح جو سفرنامو ڏنو آهي، جنهن جو هنڌ شهيد آباد ڏيکاري ٿو.
ان جي فوٽ نوٽ ۾ محترم نصير مرزا لکي ٿو؛ ”هي سفرنامو ڪنهن عزادار سياح جو لکيل
آهي. هي سفرنامو اتر سنڌ جي سفر دوران گهڻا گهڻا سال اڳ راقم الحروف کي هڪ اجاڙ
ريلوي اسٽيشن جي بينچ تي مليو هو..... راقم (نصير مرزا) کي مطالعي بعد اهو تذڪرو
ڇاڪاڻ ته گهڻو دل گداز لڳو ۽ خاص ڪري عزادار پڙهندڙن جي واسطي ان ۾ ڪافي مواد نظر
پئي آيو، ان ڪري مسودي کي ضايع ڪرڻ بدران اهل بيت سان محبت رکندڙن جي مطالعي ۽
ملاحظي لاءِ هتي شايع ڪيو پيو وڃي.“ (مرتب يعني نصير مرزا)
اتر سنڌ ۾ جيڪي اجاڙ، ويران ۽ بيابان جو منظر پيش ڪندڙ
ريلوي اسٽيشنون آهن، اتي ته ۲۴ ڪلاڪن ۾ به مس ڪا ريل گاڏي اچي
بيهندي آهي. اها ڳالهه مڃڻ جهڙي به آهي ته اهي ڪاغذات (گمنام سياح جي ڊائري) ان
اجاڙ ريلوي اسٽيشن تي اصلي ليکڪ کان وسري به ويا هجن پر ان اجاڙ ريلوي اسٽيشن جو
نالو لکڻ ۾ ڪهڙي مصلحت يا قباحت هئي جو نصير مرزا ان ريلوي اسٽيشن جي نالي کي به
باءِ پاس ڪيو آهي. جڏهن ته ان سفرنامي ۾ ان خوني سانحي جي ٿيڻ واري تاريخ ۽ ڏينهن
به ڏنو اٿس (۳ جون ۱۹۶۳ع). ۱۹۶۳ع جا نوجوان، ٻار ۽
ڇوڪرا جيڪي هاڻي ۴۰ ورهين کان مٿي ٽپي هليا آهن، تن سڀني کي خبر آهي ته اهو
خونريز سانحو جنهن دهشت ۽ خوف ڦهلائي ڇڏيو هو سو سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ ٿيو هو؟ جو اڄ
به راقم الحروف کي ان شهر مان گذرندي ڏاڍي مونجهه ۽ رت جي ڌپ ايندي آهي ۽ بس يا
ويگن ۾ سفر ڪرڻ وقت ان شهر مان گذرڻو لازمي هوندو آهي ته دل ۾ چوندو آهيان؛ اتان
نه ڪو لهي ۽ نه ئي چڙهي، جو متان ۲ منٽ به بس يا ويگن اتي بيهي!
يزيدن جي به کوٽ آهي ڇا؟ يزيد رڳو ان شهر ۾ ڪو نه هئا پر يزيد هر هنڌ پنهنجو روپ
مختلف نالن سان مٽايو سڄي پاڪستان ته ڇا پر سڄي دنيا ۾ پنهنجا مڪروهه چهرا کنيو،
ڊرائيڪولا جيان انساني رت جا پياسا پنهنجي منفي ڪردار سميت عارضي ئي سهي پر جتي
ڪٿي سلامت آهن. منهنجو هڪ هم ڪلاسي يزيد جو ٻيو روپ آهي. منهنجي ان هم ڪلاسيءَ جي
شڪل ۽ جسم ۽ رت ۾ يزيد، ابن ملجم، حجاج بن يوسف، هٽلر، مسوليني، ابن زياد ۽ هلاڪو
جا سڀئي اوگڻ موجود آهن پر ڪٿي ڪٿي ته انهن سڀني کي به مات ڏئي ويندو آهي. ان
گمنام سياح جي ڊائريءَ ۾ ڪتب آندل جملا ۽ ٻولي ۽ خيمي ۾ شام جي لکندڙ (نصير
مرزا) جي ٻولي ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي ۽ مماثلت آهي، جيڪا پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور
ڪري ٿي. اهو ان لاءِ ته گمنام سياح، اديب به آهي خيرپور شهر ۾ هو ڪنهن ادبي گڏجاڻي
۾ آيل هو. خيمي ۾ شام جي صفحي ۷۳ تي لکيل آهي ”مسافر کي ياد آهي
ته هو جڏهن ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ پهريون دفعو ميرن جي اسٽيٽ ۾ ڪنهن ادبي گڏجاڻي
جي سلسلي ۾ پنج تن پاڪ چوڪ تي موجود هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽل ۾ پهتو هو ته هن عليڪ
سليڪ کان پوءِ اسٽيٽ جي مقامي ماتمدار عزيزم حداد صاحب کي پنهنجو هم مذهب ڄاڻي ان
خوني واقعي تان پردو کڻڻ جي وينتي ڪئي هئي. شايد گمنام مسافر جو اشارو خيرپور جي
هڪ پروفيسر ۽ اديب حداد صاحب ڏانهن آهي، ڇاڪاڻ ته گمنام مسافر جيڪو اديب پڻ آهي،
ان سان ڪچهري به ظاهر آهي ڪنهن اديب ئي ڪئي هوندي!
ڪو به پاڙهو قسم جو ماڻهو يا ڪوئي اديب ۽ شاعر، اڪيلو ئي
ڪتاب پڙهندو آهي يا کيس ليکڪ جي همت افزائي ڪرڻ ۽ دل جو بار جهڪو ڪرڻ خاطر ٻين
ماڻهن
جي ضرورت پوندي آهي؟ اردوءَ جي ڪنهن شاعر چيو آهي؛ ”غم ڪوئي بوجهه تو نهين جو بانٽ
سڪون.“ غمن وانگر ڪتاب به ورهائي سگهبا آهن ڇا؟
مشاهدو ته اهو آهي ته ماڻهو اڪيلائيءَ ۽ نويڪلائيءَ ۾
اطمينان سان ويهي ڪتاب پڙهندا آهن. ائين ته پاڪستان جي پهرئين چونڊيل صدر ۽
وزيراعظم، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪراچيءَ ۾ سندس ڪلفٽن واري بنگلي ۾ سندس
ذاتي لائبرري ۾ بي شمار ڪتاب پيل آهن، جن مان اڪثريت تي پينسل سان حاشيه ۾ جناب
ذوالفقار علي ڀُٽي طرفان اختلافي نوٽ پڻ لڳل آهن ۽ سنڌ جي مشهور ۽ معروف نقاد ذوالفقار
راشديءَ
جي لائبرري به ڏسڻ وٽان آهي. ايئن ته ڪڏهن ڪونه ٿيو هو جو مرحوم ذوالفقار راشدي
جيڪو گادي نشين يعني هزارين مريدن جو اڳواڻ ۽ روحاني پيشوا هو سو مريدن ۽ احبابن
کي ڪوٺ ڪري پوءِ ڪتاب پڙهندو هو يعني انهن کي به شامل ڪندو هو، ڄڻ ڪو بار ۽ ٻوجھ
هيو جو هلڪو ڪندو هو. محترم نصير مرزا، شيخ اياز بابت هڪ عجيب و غريب ڳالهه لکي
آهي؛ ”شيخ اياز ايترا ڪتاب اڪيلي سر پڙهيا آهن“! خيمي ۾ شام جي صفحي ۲۱۵ تي محترم نصير مرزا
لکي ٿو:
”اياز صاحب اسان کي پنهنجي هڪ مختصر، مستطيل نما اسٽڊي
روم ۾ آڻي ويهاري ٿو. اسٽڊي روم جي هڪ سائيڊ سان نيٽ سان واڻيل ڪرسين جو سيٽ،
ڪرسين تي آرامده ڪشن رکيل، وچ تي ننڍڙي ٽيبل، ٻي سائيڊ کان آمهون سامهون ڪٻٽ، ڪٻٽ
۾ اندر، مٿان پاسن کان ڪتاب سوڙها سٿيل هڪ ٻئي سان سلهاڙيل، هڪ ٻئي سان ڦٻيل (لڳو
هنن ڪتابن کي ڪنهن هٿ جو ڇهاءُ ڏٺي ورهيه لنگهي ويا آهن). ڪٻٽن جي مٿان رسالا، اخبارون،
ميگزينس جا بنڊل، انهن جي اوچائي ڇت تائين. ابوءِ! اهو سڀ ڪجهه اياز صاحب اڪيلي سر
پڙهيو آهي. اهو سوچي منهنجا هوش خطا ٿا ٿيو وڃن.“
ڏيو منهن؟
عام مشاهدو اهو آهي ته ڪنهن به گهراڻي جا مختلف ماڻهو
مختلف جاين تي رهندا آهن، توڙي جو هو پاڻ ۾ ويجها مٽ مائٽ هوندا آهن. ڪن سببن جي
ڪري هو هڪٻئي کان گهڻو تڻو اڻ لاڳاپيل رهندا آهن، تنھن ھوندي به کين اها خبر پوندي
آهي ته فلاڻا فلاڻا سندن ناتي رشتي ۾، ڏاڏاڻن توڙي ناناڻن جي حوالي سان مائٽ آهن.
فرسٽ ڪزن ته وڏي ڳالهه آهي، غمي ۽ شاديءَ ۾ اهڙن مٽن مائٽن جو اڪثر ذڪر نڪرندو آهي
يا ماءُ ۽ پيءُ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته فلاڻا اسان جي رت ۾
آهن. محترم نصير مرزا کي پنهنجي فرسٽ ڪزن بابت ڄاڻ ۱۹۹۰ع ۾ ملي ٿي! حيرت
آهي ته محترم نصير مرزا کي ڪنهن به گهر جي ڀاتيءَ يا مٽ مائٽ اهو ڪو نه ٻڌايو ته
ادي بي بي سندن ويجهي عزيزه آهي؟ محترم نصير مرزا خيمي ۾ شام جي صفحي ۳۳۰ تي مسز
شيرين فيروز نانا رخصت وٺئون ٿا هاڻ، سڀني کي سلام ٿيو، جي عنوان هيٺ لکي ٿو؛ ”۸۰ سالا مسز شيرين
فيروز نانا عرف ادي بي بي منهنجي فرسٽ ڪزن ۽ مٺي ڀيڻ آهي
۽ اها خبر به.... گهڻو گهڻو..... گهڻو دير سان پئي هئي مون کي، اڻويهه سو نوي
۾.... ان جي خبر ڀلا مون کي پوي ها ته ڪيئن؟ مان ٽنڊي ٺوڙهي جي گهٽين ۾ رلندڙ رف
ڪاڳر ۽ هوءَ ڪڏهن لنڊن، ڪڏهن اٽلي، ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾.“ ايئن ته ذوالفقار علي ڀُٽي
جي سڳي ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي صاحب جي اولاد ڳڙهي خدا بخش ۾ نه، پر حيدرآباد ۾ رهندي
آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڪڏهن لنڊن، ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن دوبئي، ته ڇا بلاول
زرداري کي ۽ فاطمه ڀٽو کي اها خبر ڪانهي ته سندن والدين جو سڳو سوٽاڻ حيدرآباد ۾
رهندو آهي؟ محترم نصير مرزا وري ڦيرو کائي ٿو ۽ صفحي ۳۳۱ تي لکي ٿو: ٽنڊي
ٺوڙهي ۾ ڪو بزرگ گذر ڪندو هو ته هوءَ سوسيءَ جو وڏو گهيريدار غرارو پائي الائي
ڪٿان ظاهر ٿيندي هئي ۽ بقول امان جي ته تڏي تان اٿندي مهل چوندي ويندي هئي ته
مرزاڻين ته کاڌيون آهن ڪانگن جو هڏيون ۽ مڙس ماريو پاڻ حيات ويٺيون آهن. اها
منهنجي ان دور جي يادگيري آهي جڏهن مان بنهه ڪمسن هوس.“ محترم نصير مرزا هڪ هنڌ
لکي ٿو؛ بي بي مسز شيرين فيروز نانا هڪ ويجهي رشتيدار هئڻ واري لاڳاپي سان کيس خبر
۱۹۹۰ع ۾ پئي، وري اتي جو اتي لکي ٿو ته سندس امڙ سانئڻ کيس
ٻڌايو هيو ته هو
غميءَ ۾ سوسيءَ جو وڏو گهيريدار غرارو پائي الائي ڪٿان ظاهر ٿيندي هئي. هتي ڪير
پُڄي؟
ذوالفقار راشدي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو. هو هڪ ئي وقت
اديب، ليکڪ، ايڊيٽر، نقاد، شاعر، زميندار ۽ پنهنجي درگاهه جو سجاده نشين هو. سندس
مريدي خادميءَ جو سلسلو سنڌ کان علاوه بلوچستان جي ضلعي سبيءَ تائين ڦهليل هو.
مرحوم ذوالفقار راشديءَ سن ۵۰ واري ڏهاڪي جي پوين سالن ۾
لاڙڪاڻي مان هڪ هفتيوار رسالو مذهب انسانيت شايع ڪيو، جيڪو سندس ادارت ۾
نڪرندو هو. ذوالفقار راشدي نوبنو ۽ تندرست جسم جو مالڪ هو پر اوچتو کيس ڳلي ۾
تڪليف ٿي پئي. انهيءَ شام جو ۲۵ آگسٽ ۱۹۸۶ع تي لاڙڪاڻي جي
ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ هڪ نئين ٺهيل خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو. رات ٿيڻ
سان سندس تڪليف ۾ شدت وڌندي وئي ته وقتي مسيحائن کي نماڻي نموني ۾ عرض ڪيو ويو ته
جيڪڏهن ڪا خطري جهڙي ڳالهه آهي ته راشدي صاحب کي ڪراچيءَ يا پاڪستان جي ڪنهن شهر
جي وڏي اسپتال کڻي وڃجي. انسانن بجاءِ پئسن سان چاهه رکندڙ، وقتي مسيحائن فرمايو؛
نه! اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي ۽ جيئن تاريخ ۲۶ مان بدلجي ۲۷ آگسٽ ٿي ته راشدي
صاحب اک ٻوٽي ۽ ۲۷ تاريخ شام جو کيس پنهنجي هزارين مريدن، احبابن ۽ چند
دوستن (چند دوست ان ڪري لکان ٿو ته ذوالفقار راشدي جي دوستن کي ان ڏينهن اڻ ٽر ڪمن
ڪارن کي منهن ڏيڻو هيو ان ڪري اهي ويچارا جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ کان
مجبور هئا( جنازي نماز ادا ڪئي. ان رات ريڊيو
پاڪستان جي مرڪزي خبرن ۾ ۽ ورندڙ صبح جو سڀني انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ راشدي
صاحب جي فوت ٿيڻ جون خبرون لڳيون ۽ سنڌ جي گورنر ۽ وزيراعليٰ جا تعزيتي بيان اخبارن ۾
ڇپيا. محترم نصير مرزا پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۷۳ تي ذوالفقار
راشديءَ کي سنڌ جي ٻهڳڻ ليکڪا مانواري ماهتاب محبوب جي سٽيزن ڪالونيءَ
واري سندس بنگلي ۾ ماسٽر چندر جي سالگره واري تقريب ۾ زنده ۽ تاڙيون وڄائيندي
ڏيکاري ٿو. واقعي ڪنهن جو ڪرشمه ساز قلم ڪهڙا به ڪرشما ڏيکاري سگهي ٿو.
محترم
نصير مرزا خيمي ۾ شام ۾ مذڪوره صفحي تي لکي ٿو:
”خير..... مون چوڻ پئي چاهيو ته ۱۵ جون ۱۹۹۰ع تي، سٽيزن ڪالوني
۾ ٿيل سرڳواسي ماسٽر چندر جي سالگرهه ملهائڻ واري ڏينهن تي بهشت نما گهر جي ڪشادي
ڊرائنگ روم ۾ قمر سومرو تيز لئي تي ڪوئي خوشي ڀريو ڪلام ڳائي رهيو هو ۽ حميد
سنڌي، ادا محبوب شيخ، سائين نثار حسيني ۽ مان دائرو ٺاهي جهمريون هڻي ڦري رهيا هئاسين.
سائين محمد ابراهيم جويو، ذوالفقار راشدي صاحب، سائين ولي رام ولڀ ۽ دادي
ليلان تاڙين
جي تال ڏئي ڄڻ اسان کي اتساهي چئي رهيا هئا؛ ”نچ نچ ناچو، مهل اها ٿي نچڻ جي“.
مانواري ماهتاب محبوب ته اهو سيٽيزن ڪالوني وارو بنگلو ۱۹۸۸ع ۾ ٺهرايو ۽ ان کان
اڳ ۾ هوءَ لطيف آباد نمبر ۶ ۾ رهندي هئي ۽ اها محفل جي
تاريخ ۽ سن ۱۵ جون ۱۹۹۰ع آهي ته ائين ڪهڙي ريت ۽ ڪيئن
ممڪن آهي ته مرحوم ذوالفقار راشدي صاحب، ان ڏينهن، تاريخ ۽ سن ۾ حيدرآباد ۾ شرڪت
ڪئي؟ جڏهن ته سندس حياتي جي گل ٿيڻ جي تاريخ ۲۶ آگسٽ ۱۹۸۶ع آهي!
سنڌ جا راشدي برادران ڪنهن به رسمي تعارف جي ضرورت نه ٿا
رکن. پير علي محمد راشدي، سنڌ جو هڪ متنازعه ڪردار هو ۽ ان سان گڏ هڪ سٺو اديب ۽
اعليٰ درجي جو نثرنگار پڻ هيو. ان کي ڇڏي، سندس ننڍي ڀاءُ پير
حسام الدين راشدي ته علم جو درياءُ هو، ان ڪهڙا ڪوڙ هنيا ها يا ڪهڙن نقادن پير حسام
الدين جا ڪوڙ پڪڙيا هئا؟ ان لاءِ صفحو ۲۲۷ شاهد آهي، جنهن ۾
محترم نصير مرزا سنڌ جي مشهور ۽ مانائتي ليکڪ محترم مراد علي مرزا کان انٽرويو ڪندي
سوال پڇيو؛ ”ڀلا سنڌ جي ڏيڍ سؤ سالا نثري ادب ۾ صاحب اسلوب
نثر نگار اوهان جي نظر ۾ ڪير؟ پهرين ته راشدي برادران ..... ۽ ڇا ته بلا جا نثرنگار
هئا، اهي ڀائر ڪوڙ کي سچ ڪن يا سچ کي ڪوڙ، نثر ۾ ڪرشما ڏيکارڻ جا ته اصل ماهر
هئا.“
پير حسام الدين ڪهڙي سچ کي ڪوڙ ڪري
ثابت ڪيو هو يا ڪهڙي ڪوڙ کي سچ ڪري ڪو ڪرشمو ڏيکاريو هئائين؟
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ايترو ضرور چئبو ته اسان جي
جديد اديبن ۾ محترم نصير مرزا جهڙو عمدو نثر شايد ئي ڪو لکندو هجي. ڪراچي بنواس
وارا صفحا بيحد وڻندڙ آهن. خيمي ۾ شام ۾ جتي شيخ اياز، بردي،
نارائڻ شيام
جو ذڪر موجود آهي، اتي سنڌ جي عڪاس شاعر استاد بخاري جو نالي ماتر به ذڪر نه ڪرڻ
کٽڪي ٿو ۽ ڪتاب جي آخر ۾ سيلف پورٽريٽ ٻئي جي آخر ۾ اردوءَ جي نقاد پروفيسر وقار
عظيم جي ڏنل جملي ”مان تنقيد ۾ شرافت جو قائل آهيان“ تي، مان نصير مرزا کي مٿس عمل
ڪرڻ جي دعا ڪريان ٿو.
No comments:
Post a Comment