24/11/2012

ڪتاب ”مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر - نذير احمد سومرو



خادم حسين چانڊئي جي ڪتاب
مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر

پروفيسر نذير احمد سومرو

خاڪا، سوانح عمريون يا وڏن ناميارن ماڻهن بابت تعارفي ڪتاب ڏاڍي شوق ۽ وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪنهن جڙتو ۽ چور شاعر وانگر، پرايون سٽون ۽ پراوا خيال چورائي لکيل ڪونه هوندا آهن. بلڪ اهي سنئين سڌي نموني ۾ اهڙن شخصيتن جي باري ۾ لکيا ويندا آهن، جن پنهنجي دَور ۾ وڏو نالو ڪمايو هو ۽ ڪن شخصيتن کي ته سنڌ ۾ محاوري/پهاڪي/ورجيس جهڙي حيثيت ملي وئي. مثال طور؛ تون ڪهڙو گامون سچار آن؟ يا ڀڳت ڪنور رام وارو ٽولو يا تون ڪهڙو ڄام ڪانڀو خان آن؟ وغيره. ماضيءَ ۾ سائين جي ايم سيد، وفائي، غلام رباني آگرو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ علي احمد بروهي جا مختلف نالن سان سنڌ جي مشهور، ڪجهه گمنام پر پنهنجي دَور جي اهم ۽ منفرد ماڻهن بابت لکيل ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن. ان کان سواءِ ضلعي جيڪب آباد جي شخصيتن بابت ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي جو تعارفي ڪتاب ”مٺڙا ماڻهو“ جي نالي سان ۲۰۰۲ع ۾ شايع ٿيو، ته ان جي ڪڍ هڪ ٻئي اديب محترم ”خادم“ چانڊئي جو سنڌ جي اديبن، شاعرن، ڳائڻن، گوين، سياستدانن بابت هڪ تعارفي ڪتاب ”مارو ملير جا“ نالي سان، گنج بخش ڪتاب گهر طرفان شايع ٿيو آهي.

هِن ڪتاب ۾ گذريل ويهين صديءَ دوران سنڌ ۾ نالو ڪمائيندڙ ۽ مڃتا ماڻيندڙ، سنڌ جي عظيم شخصيتن جو تعارف، تفصيل سان ڏنل آهي. هن ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي، سنڌ جو مشهور ماڻهو نصير مرزا صفحي ۶ تي ”خادم کي هن خدمت تي لک شاباش“ جي سري هيٺ لکي ٿو: ”..... خاص جس ته ان ڳالهه تي ته هن ڪتاب ۾ هن (خادم حسين چانڊئي کي) جنهن يڪ مشت ۶۵۰ شخصيتن سان اسان جو مکاميلو ڪرايو آهي...“ ڪتاب جو مرتب محترم خادم حسين چانڊيو پڻ ”مرتب پاران“۾ لکي ٿو؛ ”هن ڪتاب ۾ مختلف شعبن ۾ شهرت رکندڙ هڪ صديءَ جي ۶۵۰ کان وڌيڪ سنڌي سڄڻن جو تحقيقانه انداز ۾ ذڪر ڪيل آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ پهريون مثال آهي.“
ٻئي؛ محترم اديب ۽ محترم نصير مرزا، ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل شخصيتن جو انگ ۶۵۰ لکن ٿا، جڏهن ته ڪتاب جي فهرست ۾ انگ ۶۱۷ آهي. جيڪو آثم ناٿن شاهي کان شروع ٿئي ٿو ۽ آخري انگ ۶۱۷ نور محمد نظاماڻي مولوي تي دنگ ڪري ٿو. خبر ناهي ته ڇا صحيح آهي؟ مرتب ۽ نصير مرزا جي لکت يا ڪتاب جي فهرست؟ ٽائيٽل ڪور تي سنڌ جي مهان هستين جي وچ ۾ ۽ ڪن کان ته مٿي ۽ نمايان جڳهه تي جلال چانڊئي جي تصوير، خبر ناهي ڪهڙي حيثيت سان ڏني وئي آهي؟ جلال چانڊيو ڪهڙيءَ ريت اهڙي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي؟ محترم خادم حسين چانڊئي وٽ معيار ۽ ماڻَ جو ڪو ماپو ضرور هوندو، جو سنڌ جي هڪ ڳائڻي جلال چانڊئي کي اهڙي ۽ ان ريت سنڌ جي ڏاهن، عالمن، سياستدانن، جهڙوڪ سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ اياز ۽ مرزا قليچ بيگ کان به مٿانهين جڳهه تي ڏيکاريو اٿس! جيڪڏهن ڳائڻن جي حيثيت ۾ جلال چانڊئي کي آندو ويو آهي، ته پوءِ مرحوم جلال چانڊئي کان وڌيڪ مشهور ته ڀڳت ڪنور رام به هو، جيڪو هڪ الله لوڪ ۽ سخي مرد هو، راڳ بند ٿيڻ کان پوءِ جهوليءَ ۾ آيل پيسا، ڏوڪڙ ۽ سونُ، اتي جو اتي مسڪينن ۾ ورهائي، بوڇڻ ڇنڊي، ميدان مان ٻاهر نڪرندو هو. مرڻ پڄاڻان، وٽانئس ڇا نڪتو؟
”فقير جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، هڪ تڏي.“
گذريل ويهين صديءَ ۾ عالمي شهرت ماڻيندڙ ٻن شخصيتن، مثلًا؛ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جون تصويرون، خبر ناهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري ڪونه ڏنيون ويون آهن ۽ اها ڪسر، محترم خادم حسين چانڊئي اندرئين صفحي ۾ بليڪ اينڊ وھائيٽ تصويرون ڏئي پوري ڪري، سڀني سان تر سنوان ڪيا آهن.
جن شخصيتن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، انهن مان ڪن جي باري ۾ معلومات اڻ پوري ڏنل آهي. هتي چند مثالن تي اڪتفا ڪجي ٿو:
مثال (۱) سنڌ جي هڪ بهترين غزل گو شاعر، ايڊيٽر، صحافي ۽ اڻ ڌرئي نقاد مرحوم ذوالفقار راشديءَ لاءِ صفحي ۲۵۶ تي لکيل آهي ته؛ ”سونهن ۽ پيار جو شاعر ذوالفقار راشدي ۲۷ آگسٽ ۱۹۸۶ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو.“ مرحوم ذوالفقار راشدي جي وفات جي تاريخ ۲۶ آگسٽ آهي ۽ نه ۲۷ آگسٽ ۽ نه ئي کيس چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. کيس لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۾ ريلوي اسٽيشن جي سامهون نئين ٺهيل هڪ خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو هو. هن جي مزار پير ڳوٺ لڳ نئون ديرو جي هڪ اڍائي سؤ ساله پراڻي ۽ تاريخي مسجد جي ڇانوَ ۽ پاڇي ۾ آهي.
مثال (۲) قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي بابت ڪجهه اڻپوري معلومات ڏنل آهي. گڏيل پاڪستان جي آخري مهينن ۾، جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ وڌي ويو هو، پاڪستان جي صدر جنرل يحيٰ خان، اوڀر پاڪستان مان قومي اسيمبلي جي اڪيلي سيٽ حاصل ڪندڙ (۱۹۷۰ واريون چونڊون) هڪ پراڻي ۽ کک سياستدان نورالامين کي پاڪستان جو وزيراعظم ۽ ڀُٽي کي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪيو هو. ۱۹۷۱ جي نومبر/ڊسمبر مهيني ۾ ڀُٽي صاحب، اقوام متحده جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي، نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه جي حيثيت سان ڪئي هئي ۽ پاڪستان ٽٽڻ وقت پاڻ پاڪستان ۾ ڪونه هو. کيس خاص هوائي جهاز ذريعي گهرائي، پاڪستان جي صدر جي عهدي جو حلف کڻايو ويو. اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ کان پوءِ اولهه پاڪستان جو تصور ئي ڪو نه رهيو هو، پر محترم خادم حسين چانڊيو صفحي ۲۶۰ تي لکي ٿو ”۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي جنرل يحيٰ خان جي استعيفا ڏيڻ کان پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو اولهه پاڪستان جو صدر ۽ پهريون سول چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. خبر ناهي ته محترم خادم حسين چانڊئي، ڀُٽي صاحب کي اولهه پاڪستان جو صدر ڪيئن لکيو؟ اولهه پاڪستان ته تڏهن ڪوٺبو هو جڏهن اوڀر پاڪستان به پاڪستان جو حصو هو. جڏهن اوڀر پاڪستان نه رهيو ته اولهه پاڪستان جو صدر ڇا معنيٰ؟ محترم خادم حسين کي هي به لکڻ گهربو هو ته؛ پاڪستان جي صدر جي عهدي تي فائز رهندڙن ۾ ڀٽو صاحب، پهريون سنڌي صدر ٿيو هو.
جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي وڏي فرزند، مير مرتضيٰ ڀُٽي جو ذڪر ڪندي محترم خادم حسين چانڊيو، بيگم نصرت ڀٽو کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي هم ڪلاس لکي ٿو: ”بيگم نصرت ڀٽو جيڪا اڃا خير سان حال حيات آهي، ڀٽي صاحب جي هم ڪلاس پڻ رهي چڪي آهي. بيگم نصرت ڀٽو جي والد ماجد عبداللطيف خان جو تعلق، ايران جي مشهور شهر اصفهان سان هو. سنڌي ماڻهن وٽ چوڻي هئي، اصفهان؛ اڌ جهان. ان اڌ جهان واري شهر جي هڪ معزز ۽ نيڪ انسان عبداللطيف جي نياڻي نصرت صاحبه جي پهريون ڀيرو ڀُٽي صاحب سان جيڪا ملاقات ٿي سا ڪراچيءَ ۾ ڪنهن شادي/وهانوءَ ۾ ٿي هئي، سا به ۱۹۵۱ع ۾. ڀٽو صاحب پڙهيو ممبئي، برطانيا ۽ آمريڪا ۾، ته پوءِ نصرت ڀٽو، ڀُٽي صاحب جي هم ڪلاس ڪيئن ٿي؟ ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نصرت ڀٽو ڪيترا دفعا انٽرويو ۾ اهو چئي چڪي آهي ته؛ ڀٽي صاحب کي هن پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ ڏٺو هو.
محترم خادم حسين چانڊيو، صفحي ۵۱۲ تي سنڌ جي هڪ معروف سياستدان ۽ سنڌ جي سابق وزيراعليٰ قاضي فضل الله بابت لکي ٿو؛ ”...هو (قاضي فضل الله) آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾ مارشل لا قائم ٿيڻ تائين وزير رهندو آيو ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ ۽ زمين سنڀالڻ جي ڪم ۾ مشغول رهيو.“ قاضي فضل الله جون وزارتون ۱۹۵۸ع تائين ختم نه ٿيون پر جناب ذوالفقار علي ڀٽو، جڏهن پاڪستان جي صدر ايوب سان تاشقند معاهدي تي سخت اختلاف رکي، وزارت خارجه تان استعيفا ڏني، تڏهن ڪجهه مهينن کان پوءِ، دشمنيءَ ۾ جنرل ايوب خان، لاڙڪاڻي جي هن سياستدان (قاضي فضل الله) کي صوبائي ون يونٽ واري اولهه پاڪستان حڪومت ۾، گورنر موسيٰ خان واري وزارت ۾ هوم منسٽر ڪري رکيو هو. قاضي فضل الله، ان عهدي تي پاڪستان جي ٻي مارشل لا (۱۹۶۹ع واري) تائين رهندو آيو. اولهه پاڪستان جو يحيٰ خان واري مارشل لا کان اڳ، ٻه چار ڏينهن يوسف هارون (ڪراچي وارو) گورنر ٿيو هو، جنهن جو (يوسف هارون جو) ذڪر هن ڪتاب ۾ شامل ڪونهي.
نئين زندگيءَ جي باني ايڊيٽر مرحوم عبدالواحد سنڌي جو ذڪر ڪندي صفحي ۴۲۰ تي لکي ٿو: ”هڪ دفعي سندس ملاقات مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ٿي، جنهن کيس ٽوڪيندي چيو ته؛ مان سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيس. ڄام پور ۾ تعليم حاصل ڪيم ۽ ڀرچونڊي ۾ وڃي مسلمان ٿيس. پاڻ کي سنڌي لکندو آهيان ۽ گورنمينٽ رڪارڊ تي به سنڌي آهيان. پر افسوس جو تون سنڌي هوندي به پاڻ کي سنڌي لکندي شرم ٿو محسوس ڪرين. هن واقعي کان پوءِ مولانا عبدالواحد پاڻ کي سنڌي لکڻ لڳو.“ حقيقت هيءَ آهي ته مولانا عبدالواحد سنڌي، هندستان جي صدر، ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو پٽيلو هو ۽ ڪراچي ۽ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمود حسين جي گهر ۾ رهندو هو ۽ ڊاڪٽر وارن ئي مولوي عبدالواحد سنڌي جي شادي هڪ اردو ڳالهائيندڙ خاندان مان ڪرائي هئي.
محترم خادم حسين چانڊئي جي مٿين ڳالهه ڪيتري قدر صحيح ۽ سچ آهي جو هو صاحب لکي ٿو ته؛ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي وڏي پايي جي عالم ۽ سياستدان واتان شرم وغيره جا لفظ اُچارائي لکي ٿو. ان جي ترديد، ڊاڪٽر محمود حسين جي ياد ۾ ملير ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ڪتاب صفحو ۱۵۶ تي ڪري ٿو. ڪتاب جو مرتب صادق علي لکي ٿو:
”سنڌي صاحب ڪي ڪتابون مين اهم ترين تصنيف ’رسول پاڪ‘ ٿي. اس ڪا تعارف خود ذاڪر صاحب (ڊاڪٽر ذاڪر حسين سابق صدر هند) ني تحرير فرمايا ٿا. اس ڪتاب ڪي باري مين ذاڪر صاحب اڪثر ڪلمات تحسين ادا ڪيا ڪرتي ٿي. ايڪ بار انهون ني فرمايا؛ ’اگر مين بادشاهه هوتا تو عبدالواحد ڪو خلعت سي نوازتا‘. جب اس ڪتاب ڪا مسوده تيار هو گيا تو عبدالواحد سنڌي صاحب، جو اس وقت عبدالواحد جامعي ڪي نام سي مشهور ٿي، مسودي ڪي ايڪ نقل جناب عبيدالله سنڌي صاحب ڪو مشوري ڪي غرض سي ڀيجِي. يه وه دور ٿا جب عبيدالله سنڌي صاحب اپني انقلابي سرگرميون ڪي باعث حڪومت وقت ڪي عتاب مين ٿا اور ان ڪي جلاوطني ڪي احڪام ڀي صادر هو چڪي ٿي. عبيدالله سنڌي صاحب ني ممبئي سي وه مسوده عبدالواحد ڪو صرف ايڪ جگه پر تبديل ڪر ڪي واپس ڀيج ديا. يه ترميم ان ڪي نام مين ٿي اور جامعي ڪو ڪاٽ ڪر اس ڪي جگه سنڌي لک ديا اور اس ڪي ساٿ انهون ني ايڪ پيغام ڀي ارسال ڪيا، ڪه عبدالواحد ڪو ايڪ نه ايڪ دن سنڌ واپس جا ڪر خدمت انجام ديني هونگي. ڪهين ايسا نه هو ڪه اهل سنڌ انهين غير سمجهه ڪر فراموش ڪر بيٺين. اس طرح عبدالواحد جامعي، عبدالواحد سنڌي هوگئي.“ هاڻي قارئين پاڻ اندازو لڳائن ته حقيقت جي شڪل ڪيئن بگاڙي وئي آهي. آئون خود حيران هوس ته، عبيدالله سنڌي جهڙو ماڻهو اهڙي غير معياري ٻولي ڪيئن استعمال ڪندو؟!
فلمي دنيا سان لاڳاپيل، پنجابي فلمن جي بي تاج بادشاهه مصطفيٰ قريشي جو ذڪر ڪندي صفحي ۶۸۱ تي لکي ٿو: ”مصطفيٰ قريشي ۱۹۶۸ع ۾ فلمي دنيا سان وابسته ٿيو. سندس پهرين سنڌي فلم ”ڌرتي لال ڪنوار هئي.“ جڏهن ته سنڌ جي هن سپوت مصطفيٰ قريشي جي پهرين فلم ”پرديسي“ هئي، جنهن جو فلمساز حيدرآباد وارو سيد علي شاهه فاضلاڻي هو. ”پرديسي“ فلم ۾ مصطفيٰ قريشي هڪ عياش وڏيري جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ فلم ۾ سندس نالو ”انور“ هو. تصديق لاءِ اڄ به پرديسي فلم ڏسي سگهجي ٿي. هيءَ ڪا ايڏي پراڻي فلم ڪانهي، جنهن جي پرنٽ، آئوٽ آف مارڪيٽ هجي!
اهڙيءَ طرح سنڌ جي هڪ ماهر تعليم، سيد غلام مصطفى شاهه کي ڊاڪٽر (پي ايڇ. ڊي) ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري لکڻ واري ڳالهه خود تحقيق طلب آهي، ته ڇا پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه پي ايڇ. ڊي به ڪئي هئي؟ محترم خادم حسين چانڊيو، صفحي ۴۹۵ تي پاڻ به غلام مصطفيٰ شاهه کي پروفيسر ڪري لکي ٿو. جڏهن ته ٻين پي ايڇ. ڊي رکندڙن جي نالي سان گڏ ڊاڪٽر لکي ٿو. مثال طور اياز قادري ڊاڪٽر (صفحو ۱۰۷بشير احمد شاد ڊاڪٽر (صفحو ۱۲۲الهداد ٻوهيو ڊاڪٽر (صفحو ۸حيدر سنڌي ڊاڪٽر (صفحو ۲۳در محمد پٺاڻ ڊاڪٽر (ص- ۲۴۶شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر (ص- ۳۲۶عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر (ص- ۴۱۰عمر بن دائودپوٽو ڊاڪٽر (ص-۳۲۶غلام علي الانا ڊاڪٽر (ص- ۴۷۰)، غلام محمد لاکو ڊاڪٽر (ص- ۴۸۷فيروز احمد ڊاڪٽر (ص-۵۱۹نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر (ص- ۷۲۰نواز علي شوق ڊاڪٽر (ص- ۷۴۰)، ۽ هڪ اڌ ٻيو. جيڪڏهن پروفيسر غلام غلام مصطفيٰ شاهه ڊاڪٽر هو ته پوءِ سائين خادم حسين چانڊئي صاحب لاءِ لازمي هو ته هو سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي ڊاڪٽر لکي ها. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ڪڏهن به پاڻ کي ڊاڪٽر نه لکيو ۽ نه ڪوٺايو. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه لاءِ محترم خادم حسين لکي ٿو؛ فلاڻي سال کين گورنمينٽ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ وري کيس سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۵ع ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ٿيو (صفحو ۴۹۶). ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن ٿيڻ کان اڳ ۾ پروفيسر غلام مصطفي شاهه مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال به رهيو هو، جن ۾ سنڌ جي ثقافتي شهر شڪارپور جو چيلاسنگهه سيتل داس المعروف سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور به شامل آهي.
سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار مرحوم نسيم کرل کي گنبٽ، کهڙا ۽ رپڙي روڊ تي هڪ ڳوٺ سائديءَ ۾ سندس بنگلي ۾ قتل ڪيو ويو هو، جيڪا وڏي ۽ اهم ڳالهه آهي. نسيم کرل جي حوالي سان سندس اوچتو قتل ٿيڻ جو ذڪر پڻ ضروري هو، پر خادم حسين صرف تاريخ ڏئي ان جي هميشه لاءِ موڪلاڻي ڏيکاري ٿو.
محترم ناز سنائيءَ جو (ص- ۷۱۸ تي) ذڪر ڪندي لکي ٿو: پنهنجي اشاعتي اداري ”سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد“ مان ٽي سو کن معياري ڪتاب مختلف اديبن جا شايع ڪري چڪو آهي. ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ به محترم ناز سنائي جو ادارو آهي، پر ان طرفان هيستائين رڳو ٽيهه ڪتاب شايع ٿيا آهن. جڏهن ته جنهن اداري جو محترم خادم حسين ذڪر ڪري ٿو ان جو نالو ”سنڌي ساهت گهر“ آهي. ٻئي طرف ناز سنائيءَ جي ڇپيل ڪتابن جي لسٽ ڏني وئي آهي. انهن ۾ ”منهنجو عزم فولاد“ ۽ ”سنڌ جو سفر“ ته ڇپيل به ڪونهن.
محترم خادم حسين چانڊيو، پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۲۴۲ تي سنڌ جي هڪ لوڪ فنڪاره مرحومه نور بانو جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته؛ سيد زمان شاهه راشدي جي معرفت ريڊيو تي پهتي. مائي نور بانو تلهار شهر جي پير شهاب الدين راشدي جي گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. پير علي محمد راشديءَ ۽ مرحوم حسام الدين راشديءَ جي تلهار واري پير آف شهاب الدين سان مٽي مائٽي هئي. هنن ٻنهي راشدي ڀائرن جو اڪثر تلهار اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جتي هڪ دفعو هنن مائي نور بانو کان ڳارايو. سندس آواز جي لوڇ، لئي ۽ سر، ٻنهي ڀائرن کي موهي وڌو ۽ جڏهن پير علي محمد راشدي اطلاعات ۽ نشريات کاتي جو وزير بڻيو ته کيس ريڊيو تي وٺي آيو. مائي نور بانو آخري وقت تائين پير حسام الدين راشدي جي گهر ۾ هڪ ڀاتي جيان، وڏي عزت ۽ احترام سان رهي.
بهرحال محترم خادم حسين چانڊئي جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. تاهم هڪ ڳالهه هر هر کٽڪڻ جهڙي آهي ته، محترم خادم حسين پنهنجي هن ڪتاب ۾ جتي نامعلوم ۽ معمولي مشهور ۽ پنهنجي ضلعي ۽ تعلقي تائين محدود يا پرنٽ ۽ پبليڪيشن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان سلهاڙيل معمولي قابليت رکندڙ ماڻهن کي جاءِ ڏني آهي، اتي سنڌي فلمن جو بنياد وجهڻ واري سيد حسين شاهه فاضلاڻيءَ جو نالي ماتر به ذڪر نه ڪيو آهي.
سنڌ جي هڪ وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار بابت انتهائي مختصر معلومات ڏني وئي آهي. هو سياستدان ھئڻ کان سواءِ هڪ سريلي گلي ۽ موسيقي تي مڪمل دسترس رکندڙ شخص هو. پاڻ جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ هو، تڏهن ميرپورخاص شهر ۾ کيس مدعو ڪيو ويو. ميزبانن طرفان ٽيبل تي جيڪو ڪيڪ رکيو ويو هو. ان ڪيڪ جي مٿان سنڌ جو نقشو ٺهيل هو ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ لاءِ پيرزادي عبدالستار کي چاقو هٿ ۾ ڏنو ويو، ته خار کائيندڙ نظرن سان ميزبانن ڏانهن ڏسي چاقو کي پري اڇلائيندي چيائين ته؛ ”سنڌ جي پيٽ ۾ ڇُرو هڻڻ لاءِ رڳو مان وڃي بچيو آهيان ڇا؟ اهڙي ڪڌي ڪم لاءِ سنڌ جو غدار ڪو ٻيو گهرايو. آئون ڪنهن به حالت ۾ سنڌ ماءُ جي پيٽ ۾ ڇرو/ ڪاتي ڪو نه هڻندم.“
ڪتاب ۾، لاڙڪاڻي ريڊيو جي حوالي سان جتي ٻين دوستن جو ذڪر خير ڪيو ويو آهي، اتي ”رسالو“ جهڙو ادبي پروگرام لاءِ هر هفتي ڪوشان رهندڙ ۽ سٺي شاعر عنايت ميمڻ جو ذڪر به ضروري هو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي نشريات منجهان، ”رسالو“ اهو خالص ادبي پروگرام آهي، جيڪو ڏاڍي چاهه سان ٻڌو ويندو آهي. ايئن عنايت ميمڻ وانگر سنڌ ۾ تجريدي نظم لکڻ واري نديم ملڪ کي به وساريو ويو آهي ۽ ان بابت ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر محترم علي احمد قريشي دادو وارو ۽ دادو جي هڪ محقق سائين اظهر سولنگي کي پڻ وساريو ويو آهي. پهاڪن ۽ ورجيسن ۾ نمايان فرق ٻڌائيندڙ، اسان جي وقتِ روان جي محقق، انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو ڪتاب ۾ ڪٿي نالو به لکيل ڪونهي. اميد ته محترم خادم چانڊيو آئينده ڪتاب لکڻ وقت گهڻي احتياط کان ڪم وٺندو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي زماني جا لکيل ڪتاب آئنده جي مورخ لاءِ دستاويز هوندا ۽ آئنده جو مورخ گهڻو تڻو ههڙن ئي ڪتابن تي ڀاڙيندو.

No comments:

Post a Comment