14/11/2012

رتُ ۽ تلوارن جا گيت (ڪتاب) - اسحاق سومرو



هڪ ڌيءُ جي پيءُ بابت لکيل آتم ڪٿا
”رتُ ۽ تلوارن جا گيت“
اسحاق سومرو
فاطمه ڀٽو جو لکيل ھيءُ زبردست ڪتاب جيڪو سندس پيءُ مرتضيٰ جي آتم ڪٿا پڻ آھي، ان ۾ ھن ڀُٽي خاندان جي تاريخ، غير فطري موتن، جدوجھدن توڙي عياشين کي بي باڪيءَ ۽ ايمانداريءَ سان لکيو آھي، جنھن ۾ ھن نه رڳو پنھنجي پڦيءَ بينظير ڀٽو ۽ سندس مڙس تي ڪڙي تنقيد ڪئي آھي. پر پنھنجي پيءُ، چاچي شاھنواز جي گوريلا سرگرمين ۽ رنگين زندگين کي به کُلي طرح سان لکيو آھي.
فاطمه ڀٽو ھن ڪتاب کي لکڻ لاءِ ڪيترائي دفعا يورپ، آمريڪا، عرب ملڪن توڙي يونان ۾ پنھنجي پيءُ مرتضيٰ جي ساٿين، ڪلاس فيلوز ۽ محبوبائن سان پاڻ ملاقاتون ڪري پنھنجي پيءُ جي زندگيءَ جي ڪڙين کي ڪڙين سان ملايو آهي. هيءُ هڪ دلچسپ، ڇرڪائيندڙ ۽ انڪشافن سان ڀريل ڪتاب آهي. فاطمه ڀٽو پنھنجي ڪتاب جي شروعات خانداني پس منظر کان وٺي 2008ع تائين ٿيل انھن مڙني دکدائڪ داستانن کي لکي قلمبند ڪري، پڙھندڙن توڙي تاريخ ۽ سياست جي شاگردن لاءِ گھڻو ڪجهه بيان ڪيو آھي، پاڪستان ۽ سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ ھيءُ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جنھن ۾ توھان کي لاڙڪاڻي جي ڀٽن جي شھزادن توڙي شھزادين کي سمجھڻ لاءِ گھڻو ڪجهه پڙھڻ لاءِ ملندو.

فاطمه ڀٽو پنھنجي خاندان جي پس منظر کي بيان ڪندي لکي ٿي ته ڀٽو خاندان راجسٿان کان لڏي سنڌو جي ڪناري  ”مٺي جو مڪان“ نالي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو، جيڪو ڳڙھي خدابخش ۽ ميرپور ڀٽو جي وچ ۾ ھو. خدا بخش ڀٽو فاطمه جو تڙ ڏاڏو، جنھن جي نالي تي اڏيل ڳڙھي خدا بخش ڀٽو شھيدن جي آخري آرامگاھ. واري ڳوٺ سان دنيا ۾ مشھور آھي. خدا بخش ڀُٽي جو پٽ مرتضيٰ ڀٽو (اول)، جنھن کي برطانوي سفارتڪار جي زال سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ان انگريز آفيسر کي دوکي سان گھرائي کاڌي ۾ زھر ڏئي مارائي ڇڏيو. اھو ڀُٽي خاندان جي فردن جو پھريون ”غير فطري موت زھر ڏيڻ“ سبب ٿيو. ان کان گھڻو پوءِ فاطمه جي چاچي مير شاھنواز ڀُٽي جو موت پڻ فرانس جي هڪ شھر ۾ زھر جا ڪيپسول واپرائڻ سبب ٿيو ۽ پوءِ ڀٽن جي غير فطري طور تي مارجي وڃڻ جو سلسلو اڃا به جاري آھي. مرتضيٰ خان (اول) جي شخصيت ڊگھي، قدآور ۽ خوبصورت ھئي، ۽ پوءِ فاطمه ڀٽو جي پيءُ تي سندس تڙ ڏاڍي مرتضيٰ جو نالو رکيو ويو، جنهن جو موت به 1996ع ۾ سندس ئي گھر جي اڳيان غير فطري انداز ۾ ٿيو. مرتضيٰ ڀٽو (اول) جو پٽ سر شاھنواز ڀٽو وري سنڌ جي سياست ۾ ھڪ نمايان حيثيت وارو ڪردار ھو. ھن ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي اسڪول ڪراچي ۾ ورتي پر ھو اتان پرائمري جا پنج درجا به پورا نه ڪري سگھيو. جوان ٿيڻ کان پوءِ سياست ۾ پير پاتائين ۽ بمبئي جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر بنيو پر 1937ع واري اليڪشن ۾ ليلارام عرف عام شيخ عبدالمجيد سنڌي کان پنھنجي ئي شھر لاڙڪاڻي مان شڪست کائڻ کان پوءِ سياست کي خيرباد چئي پنھنجي فيملي سميت بمبئي لڏي ويو. سر شاھنواز ڀٽي کي 3 پٽ ھئا، ٻه پھرئين گھر واريءَ مان، سڪندر علي ۽ امداد علي خان ڀٽو ھئا. امداد علي ڀٽو ۽ سڪندر علي، ذوالفقار علي ڀٽو کان عمر ۾  گهڻا وڏا ھئا. ھو وڏا پياڪ ۽ انتھائي شوقين ۽ عورتن ۾ تمام گھڻا مقبول ھئا. انھن ۾ امداد علي ڀٽو وڌيڪ خوبصورت ۽ خوش لباس ھو. ھو ھميشه فل سوٽ پھريندو ھو.  بقول فاطمه ڀٽو جي ته هو ٻئي Noted loather ھئا. ٻنھي خوبصورت نوجوانن جا فطري موت 30 سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي ٿي ويا. سر شاھنواز جي ٻيو نمبر گھر واري لکي ٻائي عرف خورشيد بيگم جيڪا پونا انڊيا جي ھڪ عام ۽ غريب خاندان سان واسطو رکندڙ عورت ھئي، جنھن سان شاھنواز ڀٽو عشق جي شادي ڪئي ھئي کيس ان مان ذوالفقار علي ڀٽو ۽  ٽي ڌيئر بينظير، مانا ۽ ممتاز پيدا ٿيون.
سر شاھنواز ڀٽو 1937ع جي اليڪشن ۾ شڪست کان پوءِ دلبرداشته ٿي جڏھن بمبئي ھليو ويو ان وقت سنڌ جو وزير اعليٰ خان بهادرالھه بخش سومرو ھو جنھن جي سفارش تي شاھنواز ڀُٽي بمبئي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي سرڪاري نوڪري کي قبول ڪيو.
انھيءَ دوران جهونا ڳڙھ رياست جو وزير اعليٰ جيڪو سر شاھنواز نواز ڀٽو جو ذاتي دوست ھو، جيڪو بيمار ٿي پيو ۽ علاج لاءِ يورپ ھليو ويو. ھن شاھنواز ڀٽو کي اعتماد وارو دوست سمجھي جهونا ڳڙھ رياست جو وزير اعليٰ مقرر ڪري ڇڏيو جتي ھو گڏيل ھندستان جي ورھاڱي تائين جھونا گڙھ جو وزير اعليٰ رھيو. فاطمه ڀٽو پنھنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين شاديءَ لاءِ لکي ٿي ته ھو ڪرڪيٽ راند جو وڏو شوقين ھو. ھن جي ٻالڪپڻ جو فائدو وٺندي ۽ ڪرڪيٽ واري بيٽ جي تحفي عيوض کيس ڀٽو فيمليءَ جي مالدار احمد خان ڀُٽي جي ننڍيءَ ڌيءَ شيرين امير بيگم سان شادي ڪرائي وئي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو کان عمر ۾ ڏھ سال وڏي ھئي. امير بيگم جي ٻي ڀيڻ جي شادي وري ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي ڀاءُ امداد علي ڀٽو سان ڪرائي وئي، جڏھن ته سندن ٽين ڀيڻ کي سندس خاندان جو ھڪ ماستر زمين تان ٿيل جھگڙي کان پوءِ اغوا ڪري کڻي ويو ۽ ساڻس شادي ڪيائين. ذوالفقار علي ڀُٽي بمبئي ۾ پھريون عشق Soraya Karim Bhoy  سان ڪيو. جڏھن سوريا جي مائٽن کي خبر پئي ته ھوءَ ذوالفقار علي ڀُٽي جي ٻي گھر واري ھوندي ته ھنن پهرين ئي پرڻيل ذوالفقار علي ڀُٽي کي پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي امڙ خورشيد بيگم انتھائي غريب ۽ معمولي خاندان جي عورت ھئي جنھن پنھنجي پٽ کي چيو هو ته ”سياست جي جنت عام ماڻھن جي پيرن ھيٺان آھي“. تنھنڪري تون ڪڏھن به اهو  نه وسارجان ته تون سنڌ جي ھڪ غريب ڌرتيءَ سان واسطو رکين ٿو ۽ اھو ئي سبب ھو جو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي امڙ جي غريب ھئڻ ۽ سندس ٻڌايل نصيحت جي ڪري غريبن جو ليڊر بڻجي ويو. جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا ۾ پڙهندو هو تڏهن وري نصرت اصفھاني جي عشق ۾ مبتلا ٿي ويو سندس ماءُ خورشيد بيگم انھيءَ شاديءَ تي اعتراض ڪيو ته نصرت جو خاندان شيعه فرقي سان تعلق رکي ٿو ۽ ڀٽا سني آھن.  نصرت جو پيءُ ھڪ معمولي صابڻ چي (صابڻ ٺاھڻ جو ڪاروبار ڪندڙ) آھي. نيٺ 1951ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي ٻي شادي نصرت اصفهاني سان سندس دوست “اِلو” عرف الاھي بخش سومري ۽ نڪاح جي شاھد طور ڪريم داد جوڻيجي جي مدد سان ڪراچيءَ ۾ ٿي، جيڪي نصرت کي سندس پيءُ جيڪو نابين ھو، جي گھر کان کڻي آيا ۽ سندن طرفان وڏي ڪوشش کان پوءِ شيعه نڪاح خوان مولوي کي آندو ويو، جنھن نڪاح پڙھايو. ڀٽو نڪاح کان پوءِ سڌو گھر نه ويو ، ھن کي شادي وارا پھريان ڏينھن ڪراچيءَ جي  پيلس ھوٽل ۾ گذارڻا پيا، ڪجهه ڏينھن کان پوءِ شاھنواز ڀٽو ٻنھي گھوٽ ڪنوار کي ھوٽل مان گھر وٺي آيو. 1953ع ۾ نصرت ڀٽو کي جڏھن سولجر بازار ۾ قائم ھڪ ڪرسچن اسپتال ۾ بينظير ڀٽو پيدا ٿي ته ڀٽو خاندان کي پھريون ٻار ڌيءُ  جي ڄمڻ تي ڪابه خوشي نه ٿي، ڇو ته ھو نصرت مان پٽ جي ڄمڻ جي اميد رکيو ويٺا ھئا، ايستائين جو ڀُٽي خاندان جو ڪوبه فرد کيس ڌيءَ (بينظير) جي ڄمڻ تي مبارڪون به ڏيڻ نه آيو. نصرت پنھنجي ساھرن جي اھڙي رويي تي لڙڪ لاڙي ويٺي ھئي. ان وقت نصرت جي تيماداري نواب اڪبر بگٽيءَ جي ڀيڻ ۽ شيرباز مزاريءَ جي گھر واريءَ ڪئي ھئي. ھڪ سال پوءِ جڏھن نصرت ڀٽو مير مرتضيٰ کي جنم ڏنو ته سندس ڏاڏي خورشيد بيگم نه رڳو اسپتال ۾ نصرت جي تيمارداري ڪندي رھي پر ھوءَ پنھنجي نُنھن لاءِ تحفا ۽ سونو ھار پڻ کڻي آئي ھئي.
ذوالفقار علي ڀُٽي پنھنجي پٽن جي تربيت تمام سٺي نموني سان ڪئي ھئي. ھو کين چوندو ھو ته هو پيرن تي ھٿ رکي جھڪي ملڻ وارن ماڻهن کي منع ڪن ۽ ساڻن  ڀاڪر پائي ملن، سگريٽ نه واپرائين ڇو ته سگريٽ صحت لاءِ نقصانڪار آھن، جنھن مان ڪينسر جھڙي خطرناڪ بيماري ٿي سگھي ٿي، ان کان بھتر آھي ته ھو شراب واپرائين۔ ڀُٽي کي جڏھن لاڙڪاڻي مان آخري دفعو گرفتار ڪري لاهور کڻي ويا ته ھن کي پنھنجي ٻنھي پٽن جو سخت اونو ھيو، ھن ڪنھن طرح سان کين نياپو موڪليو ته ھو ھاڻي ھتان ھليا وڃن. ھن پنھنجن دوستن کي پڻ چورايو ته ھو ھن جي پٽن جي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ ۾ قانوني طريقي سان مدد ڪن، جيڪڏھن نه، ته ھو ڪھڙو به طريقو اختيار ڪري کين ملڪ کان ٻاھر موڪلين۔
فاطمه ڀٽو ھن ڪتاب کي لکڻ لاءِ ڪئي دفعا ھر انھيءَ جڳهه تي ۽ انھن ماڻھن سان ملي معلومات ڪٺي ڪئي جيڪي مرتضيٰ ڀٽو جا ساٿي ۽ دوست رھيا ھئا. ھن پنهنجي ڪتاب ۾ پيءُ ۽ چاچي جي طرفان سندن والد ذوالفقار علي ڀُٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن، پيپلز لبريشن آرمي ۽ الذوالفقار تائين جي سفر کي به تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن سندن زندگيءَ ۾ آيل عورتن ۽ شادين جو ذڪر به ايمانداريءَ ۽ سچائي سان ڪيو آھي.
ھن لکيو آھي ته جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ قيد ھو ته ھنن ڀائرن جي سياسي سرگرمين جو مرڪز لنڊن ھو جتي ھڪ ڏينھن يونائيٽيڊ نيشنس جي طرفان ٿيل ھڪ ڪانفرنس ۾ سڪندراعظم جي ڄم واري شھر veria سان واسطو رکندڙ عورت ڊيلا جي سندس پيءُ مير مرتضيٰ سان ملاقات ٿي. ڊيلا فاطمه کي ٻڌايو ته ھن ان ڪانفرنس جي Basement واري ھال ۾ محسوس ڪيو ته ھن کي ھڪ نھايت ئي خوبصورت ۽ قد ۾ کائنس ٻيڻو شخص کيس گهوري رهيو آهي ۽ ايئن اسان ھڪٻئي سان مسڪراھٽن جي مٽاسٽاڪئي. ڊيلا ان وقت ساڻس گڏ ويٺل برطانيه ۾ صوماليا جي سفير کان ھن شخص جو پڇيو. ھن کيس ٻڌايو ته ھو پاڪستان جي اڳوڻي سوشلسٽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جو وڏو پٽ مرتضيٰ آھي، جنھن جي حڪومت جو فوج تختو اوندھو ڪري کيس قتل جي ھڪ ڪيس ۾ قيد ڪيو آھي. هو هاڻي پنھنجي پيءُ جي آزاديءَ ۽ کيس بي گناھ. ثابت ڪرڻ لاءِ سرگرم آھي. اھو به عجيب اتفاق ھو ته ڊيلا به پنھنجي محبوب مڙس لاءِ جيڪو يونان جي آرميءَ جو برطرف ٿيل جنرل ھو، جنھن کي وري ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو، يونان جي انھي فوجي جنرل Michal Raufogalis سان ڊيلا سندس گرفتار ٿيڻ کان صرف 3 مھينا اڳ پيار جو پرڻو ڪيو ھو. جنرل کائنس عمر ۾ 25 سال وڏو ھو. جنرل مائيڪل کي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ نه رڳو ھٽايو ويو پر کيس بغاوت  ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا اچي وئي هئي. جنرل مائيڪل يونان جي ھٽايل ملٽري صدر Rapadopolous جو ويجھو ۽ با اعتماد ساٿي ھو. ايستائين جو جڏھن ڊيلا جي جنرل مائيڪل سان شادي ٿي ته ھن کي شادي واري منڊي به انھي صدر جنرل پارائي ھئي.
ڊيلا انھن ڏينھن دوران پنھنجي مڙس جي آزاديءَ ۽ سندس عمر قيد جي سزا ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪن (سي آئي اي) جي عملدارن سان نيويارڪ ۾ ملاقاتون ڪندي رھندي ھئي. ائين مرتضيٰ ۽ ڊيلا جي وچ ۾ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ٻنھي ھڪٻئي سان پنھنجي زندگيءَ جي تلخين کي شيئر ڪيو. اهڙي طرح هو ٻئي مختلف ريسٽوريٽن ۾ گڏجي کائيندا پيئندا ۽ ڊانس ڪندي ھڪ ٻئي کي ويجھو اچي ويا. جڏھن فاطمه ڀٽو 2008ع ۾ اٿينس جي شھر ۾ پنھنجي پيءُ جي محبوبا ڊيلا سان ملاقات ڪئي ته ان وقت ڊيلا جي عمر 60 سالن کان مٿي ٿي چڪي ھئي، پر ھن جي جسامت ٻڌائي رھي ھئي ته ھو اڃا به ھڪ خوبصورت عورت آھي. ڊيلا فاطمه سان گرم جوشيءَ سان ملي هئي ھن فاطمه جي اکين ۾ مرتضيٰ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھن جي وارن کي چميون ڏنيون. ھن کيس مرتضيٰ جا لکيل خط ۽ تحفا ڏيکاريا. ھن کيس مرتضيٰ سان گڏ نڪتل ھڪ تصوير به ڏني. ھن کيس ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي پٽن کي جيل مان ڳجھي نموني سان خط لکي چيو ھو ته ”جيڪڏھن توھان منھنجي قتل جو پلاند نه ڪيو ته توھان منھجا پٽ نه ھوندا“. ھن فاطمه کي اھو به تفصيل سان ٻڌايو ته مرتضيٰ پنھنجي پيءَ جي زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ ڪيترا ۽ ڪيڏا جتن ڪيا، پر ھو ٻئي ڀائر کيس بچائي نه سگھيا. ھن کيس ٻڌايو ته جنھن وقت کين لنڊن ۾  معلوم ٿيو ته سندن پيءُ کي ڦاسي ڏني وئي آھي ته مير مرتضيٰ جا ھٿ ۽ چھرو ڏڪڻ لڳو پر ھن جلدي پنھنجي جذبن تي ڪنٽرول ڪري ورتو. آءٌ ساڻس گڏ ھئس کيس دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رھيس ۽ مون ھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيو ته ھو ٿڌو ٿئي. ھن تنھن وقت چيو ته ”ھنن ھيري کي ماريو آھي کين ان جي قيمت ڏيڻي پوندي“. ھن پوءِ پاسي واري ڪمري ۾ وڃي پنھنجي ڀاءُ شاھنواز کي ننڊ مان اٿاري ٻڌايو ته اسان جي پيءُ کي ڦاسي ڏني وئي آھي. پوءِ ٻئي ڀائر سفيد ڪپڙا پھري ٻاھر آيا جتي تمام گھڻا ماڻھو ۽ ميڊيا وارا سندن انتظار ڪري رھيا ھئا. مير مرتضيٰ ڊيلا کي ڪابل ۾ گھرائي منڊيءَ جو تحفو ڏيندي شاديءَ جي باقائده آفر پڻ ڪئي. پر ڊيلا کيس ٻڌايو ته ھن جو مڙس جنرل مائيڪل اڃا به جيل ۾ آھي تنھنڪري ھن وقت ھوءَ ڪوبه فيصلو نٿي ڪري سگھي.
ھن فاطمه کي ٻڌايو ته هوءَ ھڪ دفعو مرتضيٰ جو خط کڻي ڪراچيءَ پڻ آئي ھئي، جتي ھن اھو خط نصرت ڀٽو کي پھچايو ھو. جتي نصرت ڀٽو ته ساڻس ٻاٻوهه ۽ پيار سان پيش آئي ھئي پر بينظير ڀٽو کيس 70 ڪلفٽن ۾ ئي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ کان پوءِ ملي پر ھن کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو ھو.
ڊيلا ٻڌايو ته ھڪ دفعو شام جي صدر حافظ الاسد سان مرتضيٰ، شاھنواز ۽ سندس گڏيل ملاقات پڻ ٿي ھئي، جتي مرتضيٰ شام جي صدر حافظ الاسد سان سندس تعارف (fiancé) مڱيندي طورڪرايو ھو. فاطمه کي هن اھو به ٻڌايو ته ابوظھبي جي شيخ زيد ڀٽو ڀائرن جي ٺاهيل (PLA) پيپلز لبريشن آرميءَ جي مدد کان به انڪار ڪيو. پر ھن  تحفي جي طور تي  ڀُٽي جي پٽن کي 10,000 ھزار ڊالر ڏنا. فاطمه ڀٽو پنھنجي ڪتاب ۾ پنھنجي چاچي شاهنواز جنھن کي ھو  (Goge)گوگيءَ جي نالي سان سڏي ٿي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ شاھنواز کي Goge سڏيو ويندو ھو، جنهن لاءِ لکي ٿي ته چاچي گوگيءَ جو عشق ساڻس گڏ سوئزرلينڊ ۾ پڙھندڙ ترڪش نسل جي ھڪ بت ۾ ڀريل ڇوڪري Nurseli  سان ٿيو. ھو ساڻس ڪيترائي سال گڏ پڻ رھيو ۽ ان ڇوڪريءَ سان هن جو مڱڻو به ٿيو. جڏھن نرسيلا جي گھروارن کي خبر پئي ته ھو مسلح جدوجھد ڪندڙ گوريلو آھي ته ھن جي والدين ان مڱڻي کي فورن ٽوڙي ڇڏيو، پوءِ شاھنواز به لنڊن مان سڌو ڪابل منتقل ٿي ويو. فاطمه ڀٽو ٻنهي ڀائرن جي ڪابل ۾ رھائش ۽ شادين جو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته ڪابل ۾ ٻئي ڀائر وزير اڪبر خان اسٽريٽ جي  پيلس- 2 جي ھڪ ٽن بيڊرومن جي سنگل اسٽوري بنگلي ۾ رھندا ھئا، جيڪو جرمني ۽ لبيا جي سفارتخانن جي بلڪل آمھون سامھون ھو، جتان کان صرف اڌڪلوميٽر جي مفاصلي تي پاڪستان جو سفارتخانو ھو.
مرتضيٰ ڪابل ۾ سليمان خان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ڊيلا مرتضيٰ جي جدوجھد وارن سالن ۾ اتي ساڻس گڏ رھندي ھئي. ڊيلا اردو ۽ اسپينش ٻوليون به سکڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ھن ان دوران پنھنجي يونان ۾ قيد جنرل کي ڇڏڻ جو فيصلو به ڪري ڇڏيو ھو. مرتضيٰ جي ساڻس گھرائپ جو اندازو کيس لکيل انھيءَ خط مان به لڳائي سگھجي ٿو ته ھن کيس لکيو ته اسين جيڪي واعدا پورا نه ڪري سگھياسين ”اھي واعدا پنھنجي وطن سنڌ ۾ ھلي پورا ڪنداسون“۔ مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي آرگنائزيشن جو سياسي سربراھ ھو، ته شاھنواز ان جو جنگجو ڪمانڊر ھو. ڊيلا جڏھن لڳاتار ڪابل ايندي رھندي ھئي ته افغان انٽيليجنس وارن مرتضيٰ کي آگاھ ڪيو ته ڊيلا آمريڪن سي آئي اي جي ايجنٽ آھي ۽ پوءِ اھڙو اظھار مرتضيٰ ڊيلا ڏانھن لکيل ان آخري خط ۾ به ڪيو ته مون کي پنھنجن دوستن توھان جي آمريڪي سي آئي اي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ٻڌايو آھي. ان کان پوءِ مرتضيٰ ۽ ڊيلا جا رستا الڳ ٿي ويا. انھيءَ دوران ڪابل جي انھيءَ وزير اڪبر خان نالي واري روڊ تي مرتضيٰ ڀٽو، شاھنواز ڀٽو ۽ سندن ويجھو ترين دوست سھيل سيٺي شام جو پَسار ڪندا ھئا، جتي سندن پاڙي ۾ رھندڙ Fowzia فوزيه پڻ شام جو واڪ ڪندي ھئي. اتي سندس مير مرتضيٰ سان عليڪ سليڪ وڌندي وئي ۽ نيٺ اھا عليڪ سليڪ مرتضيٰ سان شاديءَ ۾ بدلجي وئي. فوزيه جي والد جو تعلق ھڪ سفارتڪار گھراڻي سان ھو. اهڙي طرح سندن شامون فوزيه جي گھر ۾ ان جي خاندان وارن سان گذرڻ لڳيون. انھيءَ دوران وري مرتضيٰ جي ننڍي ڀاءُ شاھنواز جو واسطو فوزيه جي ننڍي ڀيڻ ريحانا سان ٿي ويو.
ريحانا، تنھن وقت ۾ روس جي خلاف وڙھندڙ افغان مجاھدين جي وڏي حمايتي ھئي ۽ شاھنواز وري ھڪ ڪميونسٽ ملڪ جو مھمان ھو. ھو ٻئي ان تي چرچن ڀوگن ۾ وڙھندا رھندا ھئا. جيتوڻيڪ ٻنھي ڀائرن جون شاديون چند ڏينھن جي وقفي سان ٿيون ھيون، پر ٻنھي جي شاديءَ جي دعوت واري تقريب گڏيل ٿي ھئي، جنھن ۾ مرتضيٰ ۽ شاھنواز فلسطيني گوريلن وارا يونيفارم پاتا ھئا. مير جي يونيفارم جو رنگ ڳاڙھو ۽ شاھنواز ڪاري رنگ وارو يونيفارم پھريو ھو. جڏھن ڀٽو ڀائرن جو گڏيل دوست سھيل سيٺي ان شاديءَ واري تقريب جي دعوت کڻي، ان وقت جي افغان انٽيليجنس جي اڳواڻ ڊاڪٽر نجيب الله جيڪو پوءِ افغانستان جو صدر به بنيو، وٽ ويو ته ھن ان جي اڳيان ھڪ ڳجھو فائيل سامھون رکيو ۽ چيو ته ھن مون کي پھرين ڇو نه ٻڌايو ته ھُو ٻئي ڀائر جن ٻن ڀينرن سان شاديون ڪري رھيا آھن جن جي پيءُ ۽ فيملي جا افغان مجاھدين سا ويجھا لاڳاپا آهن. ھنن جو پيءُ فارين سروسز ۾ ملازم آھي ۽ خصوصن جنرل ضياءَ جي (آئي ايس آئي) جي ذريعي افغان مجاهدين  کي ھٿيار فراهم ڪرڻ سميت ٻي مدد پڻ ڪندو آھي، جيڪي آمريڪن سي آئي جي معرفت کين ڏنا ويندا آھن. پر نجيب جا اھڙي قسم جا انڪشاف ۽ خدشا ٻنھي ڀائرن جي شاديءَ ۾ ڪا رڪاوٽ بڻجي نه سگھيا، جنهن سان ڊاڪٽر نجيب کي وڏي مايوسي ۽ نااميدي ٿي ۽ ايئن ھو ٻئي انھيءَ ان وقت جي مجاھدين ۽ اڄ جي طالبان جي حامي خاندان جا ناٺي بڻجي ويا.
فاطمه ڀٽو جي پيدائش 29 مئي 1982ع تي شام جو 3:45 منٽن تي ڪابل جي ھڪ فوجي اسپتال ۾ ٿي. ان وقت ڪابل ۾ ڪرفيو ھو جتي فاطمه جي ماءُ فوزيه کي سخت پھري ۾ اسپتال ۾ آندو ويو، تڏهن اھو به خطرو ھيو ته ڪٿي مجاھدين ان اسپتال کي ٽارگيٽ نه بنائين ۽ ان حملي ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي باغي پٽن کي ختم نه ڪيو وڃي. ان لاءِ ڊاڪٽر نجيب طرفان اسپتال ۾ خصوصي انتظام ڪيا ويا ھيا. ايستائين جو ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس زال به اسپتال ۾ پھچي ويا. ان وقت مرتضيٰ ڀٽو فلسطيني يونيفارم ۾ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ٻاھران ٻار جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رھيو ھو. بقول فاطمه جي ته سندس ماءُ فوزيه شاديءَ کان اڳ ئي اميد سان ٿي وئي  هئي (Fowzia was already pregnant with me). جڏھن فاطمه جو جنم ٿيو ته سندس پيءُ مرتضيٰ جي خيال ۾ ٻه نالا ھئا، جيڪي نئين ڄاول ڇوڪري لاءِ ھن سوچيا ھئا جن ۾ ھڪ سندس ماءُ جي والده جو نالو فاطمه ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀُٽي جي ماءُ جو نالو خورشيد هو. بعد ۾ منھنجي ايراني پڙنانيءَ جو نالو فاطمه ئي تجويز ڪيو ويو ۽ اھڙيءَ طرح منھنجي سوٽ ۽ چاچي گوگيءَ جي ڌيءُ جو نالو سنڌ جي ھڪ لوڪ داستان جو ڪردار ”سسئي“ رکيو ويو. منھنجي ڏاڏي نصرت چوندي ھئي ته منھنجي مڙس کي قتل ڪيو ويو. آءٌ پنھنجي اولاد کان پھرين مرڻ پسند ڪنديس. ھن پنھنجي ڪنھن ٻئي پياري جو موت زندگيءَ ۾ ڏسڻ نه ٿي چاھيو.
فاطمه پنھنجي سموري خاندان جي تمام گھڻي وقت کان پوءِ ٿيل انھي رات واري گڏجاڻيءَ جو احوال به تفصيل سان لکيو آھي جتي ڀُٽي خاندان جا سمورا فرد گڏ ٿيا ھئا. مرتضيٰ ۽ شاھنواز شام مان اچي شريڪ ٿيا ھئا. بي نظير ڀٽو ۽ صنم ڀٽو لنڊن مان اچي شريڪ ٿيون ھيون. سندن والده جنيوا مان آئي ھئي. سڀني پنھنجي ٻالڪپڻ جون يادون ۽ شرارتون ھڪٻئي سان شيئر ڪيون. فاطمه ۽ سسئي ان وقت بالڪل ننڍڙيون ھيون، جيڪي پنھنجي پيءُ ۽ چاچي جي ٽنگن کي پڪڙي خوش ٿي رھيون ھيون. اھا خوشيءَ واري شام ريحانا ۽ شاھنواز جي معمولي اختلافن تي ختم ٿي وئي، ايستائين جو منھنجو والد جيڪو پنھنجي ڀاءُ شاھنواز کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو، ان طرفان معمولي مداخلت ڪرڻ تي چاچي به ريحانا کي خاموش رھڻ جو چيو ۽ ھن عورت اتان منھنجي پيءُ ۽ پڦيءَ کي به ڪڍي ڇڏيو. اسين سڀئي ڏاڏي نصرت سان گڏجي سندس رھڻ واري فليٽ تي ھليا آياسون. صبح جو سويل انھيءَ فليٽ جو بيل وڳو. بابا ٻاھر ويو ته منھنجي چاچي ريحانا ٻاھر بيٺي ھئي ھن ٻڌايو ته شاھنواز کي نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آھي. اسين سڀئي سندس فليٽ تي آياسين. اسان ڏٺو ته چاچا گوگيءَ جو لاش صوفي ۽ ڪافيءَ واري ٽيبل جي وچ ۾ ڪِريو پيو ھو. سندس قميص لٿل ھئي، بدن تي بلو رنگ جا نشان ھئا.
بابا پنھنجي امڙ کي چيو ته ”امان گوگي ھليو ويو“ ۽ پوءِ فرانس جي تحقيق ڪندڙ پوليس پنھنجي رپورٽ ۾ چيو ته شاھنواز جو موت زھريلا ڪيپسول واپرائڻ جي ڪري ٿيو آهي. سندس آنڊي، بدن ۽ ٻين حصن ۾ زھر ڦھليل ھو. شاھنواز جي مرتئي کان پوءِ مرتضيٰ ۽ فوزيه ۾ اختلاف وڌي ويا. سندن ھاڻي ھڪٻئي سان گڏ رھڻ ناممڪن ٿي پيو ان وقت منھنجي عمر صرف 3 سال ھئي. منھنجي پيءُ مون کي ماءُ جيان پاليو ھو. هو مون کي پنھنجي ھٿن سان وھنجاريندو ھو، منھنجا وار ڪٽي سنواريندو ھو، مون کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪھاڻيون ٻڌائيندو هو ۽ ٿڌڙا ڪڍي سمھاريندو ھو. مون کي پنھنجي بوٽن جھڙا بوٽ پارائيندو ھو. آءٌ صفا Tom boy لڳندي ھئس. ايئن مون پنھنجي جنم ڏيندڙ ماءُ کي بنهه وساري ڇڏيو. جڏھن منھنجو پيءُ قتل ٿي ويو ته پوءِ فوزيه ھڪ ڏينھن اوچتو منھنجي ڪراچيءَ واري ھاءِ اسڪول ۾ اچي نڪتي جتي ھن اسڪول انتظاميه کان منھنجي لاءِ گھر ڪئي، مون ساڻس پهرين ته ملڻ به پسند نه پئي ڪيو ڇو ته منھنجي پيءُ ته ھن سان گڏ نڪتل فوٽو به فيملي البم مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيا ھئا. بالاخر مون کي ساڻس اسڪول جي اندر ئي ملايو ويو. ھن مون کي چيو ته مرتضيٰ کيس اغوا ڪري کڻي ويو ھو. ھن کيس چيو ته ”ھوءَ کيس هڪ دفعو پنھنجي ماءُ سڏي“ پر مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ساڻس وڃڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته آءٌ کيس ھتي وڌيڪ ڏسڻ به نٿي چاھيان. ھن پوءِ پڦي بينظير جي مدد سان ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي ھئي.
فاطمه جتي پنھنجي پيءُ مرتضيٰ ۽ وڏي (بينظير) جي اختلافن جو ذڪرڪيو آھي، اتي ھن پنھنجي پيءُ جي بيدرديءَ سان قتل واري ڏينھن جو به دل ڏاريندڙ ذڪر ڪيو آھي ته ھن کي ڪيئن نه مجبور ٿي، وڏي (بينظير) سان وزيراعظم ھائوس اسلام آباد ڳالھائڻو پيو، جتان کيس آصف زرداريءَ ٻڌايو ته ”تنھنجو پيءُ مارجي ويو آھي.“
ھن پنھنجي پيءُ جون ساروڻيون ياد ڪندي لکيو آھي ته بابا جڏھن ملڪ کان ٻاھر جلاوطن ھو، ته به پنھنجي گھر ۽ سنڌ کي ياد ڪندو ھو ۽ ھو جمالو وارو سنڌي لوڪ گيت ترنم ۾ ڳائيندو ھو. ھو سنڌ جو روايتي اجرڪ استعمال ڪندو ھو، شڪارپور جو آچار کائيندو ھو، جيڪو ھن کي شڪارپور مان سوکڙي ٿي ايندو ھو. ھن وڌيڪ اھو به لکيو آھي ته بابا مون سان ڪڏھن به اردو ۾ نه ڳالھايو.  ھو مون سان ھميشه انگلش ۾ گفتگو ڪندو ھو. ھن پنھنجي پيءُ ۽ غنويٰ ڀُٽي جي شاديءَ ۽ محبت جو احوال به سچائي ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪيو آھي، جو ٻنھي جي پھرين ملاقات ھڪ لفٽ ۾ ٿي ھئي،  پوءِ ھو آھستي آھستي ھڪٻئي جي ويجھو اچي ويا. ھو دمشق جي charn ھوٽل ۾ گڏجي ترندا ھئا. اتي مون کي پڻ بابا ترڻ سيکاريندو ھو.
غنويٰ لاءِ سندس چوڻ آهي ته ھوءَ بيروت مان اچي دمشق ۾ ھڪ ھنڌ رِسپشنسٽ ٿي ۽ ڪيٿولڪ چرچ ۾ نوجوان ڇوڪرين جا (Ballet) ڊانس وارا ڪلاس وٺندي ھئي. غنويٰ جا مائٽ مارڪسٽ ھئا. ھن جي ماءُ ڪافيه جيڪا شاعره ۽ استاد پڻ ھئي ۽ سندس والد عبود ھڪ انجينئر ھو، جيڪو 1940ع ۾ فرينچن جي خلاف پڻ وڙھيو ھو. ھن لکيو آھي ته مير مرتضيٰ پنھنجي اسيمبليءَ دوران ملندڙ الائونس ۽ پگھار ايڌي وٽ جمع ڪرائيندو ھو.

No comments:

Post a Comment