19/11/2012

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول - رکيل مورائي



ڪاميابيءَ جا سونهري اصول
هڪ علمي ڪتاب
رکيل مورائي
انساني علمن ۾ ڪي اهڙا علم به آهن جيڪي انسان جي شخصي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي سوارڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن، اڄ جي دنيا جنهن کي علمي دنيا ڪوٺجي ٿو ان ۾ ڪيئي اهڙا ڪتاب به لکيا ويا آهن، جن جو سڌو واسطو انسان جي سماجي ۽ معاشي ڪاميابين سان آهي.
ڪاميابي جا سونهري اصول“ ڪتاب دنيا جي انهن اهم ڪتابن مان هڪ آهي، جن ڪتابن جي مطالعي مان اڄ جو انسان گهڻو ئي ڪجھه پرائي ۽ عملي طور حاصل ڪري سگهي ٿو.

جيڪ ڪئن فيلڊ جو لکيل ۽ اسان جي نوجوان دوست وقار احمد راهمونءَ جو ترجمو ڪيل هيءُ ڪتاب زندگي جي انهن تجربن تي آڌاريل آهي جيڪي انسانذات لاءِ اڳتي هلي نهايت ڪارائتا ٿيڻ وارا آهن. اها پڪ آهي، اڄ الڳ الڳ شعبن جنهن تيز رفتاريءَ سان وڌي رهيو آهي، اها تيز رفتاري انسان کي ڪٿي پهچائيندي، ان جو اندازو اڄ موبائيل، سم ۽ مئمري ڪارڊ کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. انٽرنيٽ جنهن تيزيءَ سان انسان کي انسان جي ويجهو آندو آهي، اها تيزي اڄ جي علمن جي سڃاڻپ آهي. ”ڪاميابي جا سونهري اصول“ پڻ اهڙي ئي علم جو هڪ ننڍڙو حصو آهي، جنهن کي وقار احمد راهمون سنڌي ۾ آڻي هڪ اهم ڪم ڪيو آهي ۽ هن نيڪ ڪم جي پويان جيڪا آئيڊيا آهي اها سنڌ جي نهايت اهم اداري سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ نور احمد ميمڻ صاحب جي آهي، جنهن کي اها ضرورت محسوس ٿي ته نوان/جديد علم سنڌي نوجوان جيستائين نه پرائيندو تيستائين سندس ڪاميابي اڌوري رهندي. هيءُ ڪتاب انهي سلسلي جو ستون ڪتاب آهي. 6 ڪتاب اڳ ئي سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران ڇپجي سنڌي پڙهندڙن تائين  پهچي چڪا آهن. هن ڪتاب کي اسان جي دوست وقار احمد راهمونءَ نهايت صاف ۽ سهڻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هيءُ سندس پهريون ترجمو ڪيل ڪتاب آهي پوءِ به ترجمو ساراھه جوڳو آهي. هن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو هن قسم جهڙا علمي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي علم، ادب جي جهولي ڪشادي ڪندو. ائين هو سدائين ياد ڪيو ويندو. 272 صفحن جو، سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران ڇپايل خوبصورت ڪتاب سنڌي نوجوانن جي رهنمائي ڪندو. ڪتاب جو ملھه 200 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment