ڏوري ڏٺائين ڏيھه
عاشق منگيءَ جي ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ جو مهاڳ
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ربِ ڪائنات، چئن عناصر مان جوڙيل جنهن پرٿويءَ تي هيءُ مانڊاڻ جوڙيو
آهي، تنهن جا به عجيب رنگَ ۽ بوءِ آهن. مٽيءَ ۽ منجهائنس خليقل شين کي ڏسو ته عقل
حيران آهي. باھ جي ڪارنامن ڏي نظر ڪر ته ڇا ڪرشماتي منظر آهن! پاڻيءَ جي وجود تي
نظر ڦير ته عقل چرخ ٿي ٿو وڃي. هوا جنهن کي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو، ان جي هجڻ ۽
نه هجڻ سان ڪيڏا نه تغير ۽ ڦيرا آهن!
ڌرتيءَ تي انهن چئن عنصرن جي ميلاپ سان جيڪي مانڊاڻ متل آهن، تن جي
ڪهڙي بات ڪجي! نه زبان کي بيان ڪرڻ جي طاقت آهي ۽ نه عقل کي عنصرن جي احاطي جي
استعداد آهي. نه ذهن انهن زواين کي پرکي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ڪا ٻولي انهن کي بيان
ڪرڻ لاءِ ٻکُ وجهي سگهي ٿي.
انسان ڌرتيءَ جي جنهن خطي تي ڄائو آهي، تنهن سان کيس اڻ-لکي محبت ٿئي
ٿي. ان محبت جي صدقي کيس انهن رندن ۽ پنڌن، پڊن ۽ پٽن، جهنگن ۽ ٻنين، واهڙن ۽ ويءَ
سان پڻ انس پيدا ٿئي ٿو، جيڪي سندس آس پاس ۽ ارد گرد ۾ هجن ٿا. ان وستيءَ کي وسئن
بخشيندڙ هر مادي جيوت؛ حيوانات، جمادات، نباتات سان کيس محبت ٿئي ٿي. انهن کي کولڻ
۽ جاچڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ منجهس اڻ تڻ پيدا ٿئي ٿي. مٿن سوچ ويچار، غور فڪر ڪري
ٿو. انهن جو منڍ-پڇ جاچي ٿو. منجهانئن ملندڙ منافعن نقصانن تي ويچار ونڊي ورڇي ٿو.
جنهن گهر ۾ ڄائو آهي ۽ اور پوريل اٿس، تنهن لاءِ ته کيس دل ۾ ڪشش آهي
پر جنهن گهٽيءَ ۾ بانبڙا پائي پليو آهي ۽ منجهس پاڻ جيترن جيتامڙن سان راند روند
ڪري مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پاتيون اٿائين، تنهن گهٽيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ ۽ خوشبوءِ کيس
ساري عمر مقيد ڪندي رهي آهي. جن سان ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهي، تن کي سمجهڻ لاءِ بي
پناھ جستجو رهيس ٿي. جن اوطاقن جي اندر، ٿيل ڪچهرين کي ٻڌو اٿائين، تن اوطاقن جي
کٽن ۽ منجن، ڇنن ۽ ڪوٺن، دلي ۽ مٽ کان وٺي گاھ ۽ ڪتر مشين تائين، هڙئي سندس دل ۾
واسو ڪيل آهن. اوطاقي مڙسن جي ڪچهرين ۽ ڳالهين مان جيڪو حِس
۽ حِظ حاصل ٿيس، تن هڙني کي به هڙ ۽ هنج ۾ ورتو اٿائين. نه هنن کي هٿان ڇڏڻ لاءِ
تيار آهي ۽ نه هنن مان ٻک ڪڍڻ لاءِ.
جلباڻي سردارن جي ڳوٺ مسوديري اندر، حجمن جي ٻارن وانگر، رلي پني
پليو آهي ۽ اتي جون يادگيريون به کيس پاڻ ورجائڻ تي مجبور ڪيون بيٺيون آهن ته نئين
ديري اندر جوڀن ۽ جواني ڏيڻ سبب، اتان جا واھڙ ۽ گھٽيون، کيس پاڻَ تي لکڻ لاءِ
ستائي رھيا آھن. ٻنھي وستين ۾ وڃايل، عمر جي موڙيءَ سان، جيڪا حاصلات ٿي اٿس سا
کيس لکڻ لاءِ اتساهي پئي. هڪ جندڙي، هزار حوال. لکي ته ڇا تي لکي، ڇڏي ته ڇا کي ڇڏي!
حجمن جا حوال ڊگها، ڪتابن جا پيٽ ننڍا. نه حوال هُنن جي پيٽ ۾ ٿا ٽڪن، نه حوال هِنن
جو پيٽ ٿا ڀرين. هر هنڌ اڃا اڃا جي اڃ ۽ اساٽ آهي. لکي ٿو مسوديرو تي ته نئون ديرو
رٺو ٿو وڃي. لکي ٿو نئون ديرو تي، ته مسوديرو ڪاوڙيو ٿو وڃي. وڃي ته وڃي ڪيڏانهن،
ڪري ته ڪري ڪوھ؟
ٻنهي هنڌن تي ڳالهيون ڳول ته ڳالهين جا ڳوٺ، ماڻهو ميڙ ته ماڻهن جا
ڊنب ۽ انبوھ، واٽون وڙول ته واٽون ويھ. واهڙ ويچار ته انهن جو به نه اٿو نه مٿو.
ڪري ٿو فتوئل واھ جو ذڪر ته وچ ۾ گهاڙ واھ ۽ سکر واھ ٿا ٽپيو پون. ڪري ٿو تذڪرو
گهاڙ واھ جو ته وچ ۾ فورڊ واھ ٽنبڪو ڏيو بيٺو آھي. حالات به اهڙا آهن جو وائڙو ڪري
ٿا ڇڏين. هڻين مٿي ڀر ته بيٺا آهن پيرن ڀر، هڻين پير ڀر ته بيٺا آهن مٿي ڀر. رڳو
بيهي رهن ته به چڱو. هٿائين بيهي، چيلھ تي ھٿ رکي، نڪ کي موڙو ڏئي، چپن کي چٻو ڪري
پيا چيٻارا ڪڍن ۽ کلون ٺٺوليون ڪن. جڏھن تاريخ جي ڄاڻن کان، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جون
ڳتيل ڳوپيل ڳنڊيون، هڪ دفعو جاگرافيائي پڊن ڦٽي وڃڻ پڄاڻان، ڪڏهن نه سلجهي سگهيون
آهن. اهي به ٿاڦوڙن هڻڻ ۾ پورا آهن. ان جڳھ تي، ماستريءَ جي خول ۾ بند رهڻ وارو،
محدود وسائل سان ڇا ڇيني نبيري ۽ نکيڙ ڪندو. جتي جاگرافيءَ جي ڄاڻو جگادرين بيهي،
پاڻيءَ ۾ لٺيون هنيون آهن، تتي اگر هڪ ماستر پري کان بيهي ڦوڙھ اڇليو ته اهو ان جي
اندر جو اڌمو هيو. اهو ڀينڊ، تاريخ يا جاگرافيءَ ۾ ڪو اضافو ته ڪو نه ڪندو پر ککر
۾ کڙو ضرور ثابت ٿيندو. ڇو جو گهاڙ ۽ سکر، فتوئل ۽ فورڊ واھ ڇا، بلڪ سموري سنڌ جا
سمورا واھ، جيڪي ١٩٣٢ع جي زرعي اصلاحات کان اڳ، قدرتي ڦاٽن مان اُڙها پئي، تن
سمورن جا پيٽ والارجي، سڌا سنوان ٿي ويا آهن. انساني عقل ۽ انجنيئرنگ جي مدد سان
جوڙيل سسٽم جو هڪ محدود دائره ڪار هوندو آهي. قدرتي وهڪرن ۽ لاهين جا پنهنجا رند
کنڌ هوندا آهن. انجنيئر، ڊزائين ڏيڻ وقت، قدرتي وسيلن ۽ وهڪرن کي نظر ۾ رکندي،
ڊزائين ڏيندا آهن ۽ ساڻن هٿ-چراند جو پاڻ ۾ ساهس به نه ڀائيندا آهن. اھي انھن گھٽن
گھيڙن کي انھيءَ رنگ ڍنگ ۾ ضرور ڇڏيندا آھن. متان قدرت وارو، ڪڏهن پنهنجي وهڪرن کي
وري بحال ڪري وجهي. صدين پڄاڻان ائين ٿيندو به آهي. زمينن کي آباد ڪرڻ وارا واھ ۽
شهرن منجھ جڙيل گندي پاڻيءَ جون ناليون، قدرتي وهڪرن ۽ لاهين کي نظر انداز ڪري،
جڏهن به ڊزائين ٿيا آهن، يا مٿن حددخليون ٿيون آھن، تڏهن تباهيون ضرور آيون آهن. ٢٠١٠ع
واري مها ٻوڏ ان جو ادنيٰ مثال آهي.
هيءُ جيڪو چرين وانگر ٻاڪاريندو نظر ٿو اچي ۽ چوي ٿو؛ فتوئل ڦٽي ويو،
گهاڙ واھ گُهٽجي پورجي ويو. سکر واھ سڪي ۽ سارين جي پوک لائق ٿي ويو. فورڊ واھ جو
پيٽ ڀرجي، زيتونن جا باغ ٿي ويا. اهي اڄ ڀلي اجايون ڳاليهون نظر اچن. پر سڀاڻي
جڏهن، قدرتي نعمتن جو رنگ ڦرندو ۽ آفتن جو روپ اختيار ڪنديون، تڏهن مجبور ٿي پراڻن
وهڪرن کي بحال ڪرڻ لاءِ سوچڻو پوندو. انهن جي جيڪڏهن اڄ نشاندهي ٿيل هوندي ته
سڀاڻي کين کوٽي بحال ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. جيڪڏهن انهن جا نشان، سندن نقش و نگار،
اڄ وانگر ڦٽي ٽٽي ويا ته پوءِ، سڀاڻي ايندڙ نسل کي سواءِ ويرانيءَ جي ٻيو ڪجھ به
پلئه نه پوندو.
ڦٽل گهاڙ واھ جي پيٽ ۾ مٽي ڀري، ٿلها ٺاهي، ڇنون ۽ لانڍيون هڻي،
گهرڙا ٺاهي، ٻچا ٿانيڪا ڪري، شهر اندر روزگار کي جنبي وڃڻ ۽ پنهنجي عمر، منجهس
ڳاري ڇڏڻ جون به پنهنجيون يادگيريون آهن. انهن کي سارڻ به انهن جو حق آهي. انهن جي
به هڪ تاريخ آهي. اهي به وقت جي وهڪرن ۾ وهي، معرضِ وجود ۾ آيون آهن. گهٽين ۽
اوطاقن، مسجدن ۽ مدرسن، دڪانن ۽ گهرن جو ذڪر پڻ، پاڻُ ورجائڻ تي ستائيندو رهندو
آهي. جن دوستن سان چوياريءَ ۾ اٿجي ويهجي ٿو، ساڻن گڏ راند روند ڪجي ٿي، علم پرائڻ
لاءِ تعليم و تربيت حاصل ڪجي ٿي، تن جا احوال ننڊ ڪرڻ نه ٿا ڏين. ڪچيءَ نند مان ڌونڌاري
اٿاري ڇڏين ٿا. پاڻَ تي لکڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. انهن بابت تاثرات بيان ڪرڻ، انهن جو
بار لاھڻ برابر ته آهي، پر پنھنجي پاڻ کي قرار ۾ رکڻ جو ھڪڙو نسخو پڻ.
انسان هن ڌرتيءَ تي، ڪمن ڪارين کان علاوه، وندر ورونهن خاطر پڻ هلي
چلي ٿو، ڏسي پسي ٿو. اها گهمڻ گهتڻ واري سفري روداد کيس قلمبند ڪرڻ تي مجبور ڪري
ٿي. چپ رھڻ ۽ سک سان سمهڻ، اها به نه ٿي ڏئي. شاھ عنايت جو ميلو ھجي يا عمرڪوٽ ۾
ٿر سيمينار ھجي. ڀٽ شاھ تي دنيا جي عظيم ڏاھي ۽ وليءَ، شاھ لطيف جي ڄمڻ جو جشن
ھجي. گھمڻ لاءِ دل گھري ۽ ڏسڻ لاءِ اک گھري، ته پوءِ لکڻ لاءِ ھٿ ۽ قلم به چرڻ
گھرن ٿا.
يادگيريون، تاثرات ۽ سفري روداد، جڏهن ستائيندا ۽ من ۾ مانڌاڻ
مچائيندا آهن تڏھن سواءِ لکي جان ڇڏائڻ جي ٻيو چارو نه هوندو آهي. هڪ اکرن جو عالم
۽ استاد هجي، مٿان مشاهد ماڻڻ جا موقعا به ملنس. لکڻ جو به ڏانءُ هجيس ۽ سنگت به
هُشي ۽ همت افزائي ڪرائيس ته پوءِ ويٺي کيس ڪٿان قرار ايندو. دهل وڄي ۽ دوسو نه
نچي! اڻ ٿيڻي ڳالھ!
جيڪي جنهن ماحول ۾ پلبا آهن، تن تي تنهن ماحول جا اثرات ضرور مرتب
ٿيل هوندا آهن. جن جي زبان ۽ قئنچي، ساڳي رفتار سان هلندي هجي، تن کي ڏسڻ وارن تي پڻ
ساڳيا اثرات پوندا آھن. پر هتي اثر ابتو ٿو نظر اچي. هن جي زبان ۽ قئنچيءَ کان، چڳ
۽ پڳ وڍجندي بچيل آهن. لکڻ وارو لکڻ ۾ ايترو محتاط آهي، جيئن مڇي کائڻ وارو، مڇي
کائڻ وقت، چٻي چٿي کاڌي تي ڏند ڏيندو آهي. سچتائيءَ سان چُپَ چوريندو آهي، احتياط
سان زبان ڦيريندو آهي ۽ ڌيان ڌري نڙيءَ مان ڳيت ڏيندو آهي، ڇو جو کيس خبر آهي ته
هڪ دفعو نڙيءَ کان هيٺ لٿل ڪنڊو، معدي ۽ آنڊن ۾ ڪهڙا کلم ڪندو آهي.
ائين هن ڪتاب جي ليکڪ جي لکيت مان اندازو ٿئي ٿو ته کيس خبر آهي ته؛
”ڇٽل تير، ڏڌل کير، نڪتل گفتو، ڪڏهن به موٽي ماڳ نه پهتو.“ پوءِ جي ابول ڪرڻ کان،
اڳ ئي سوچي سمجھي، قدم کڻجي ۽ وک وڌائجي. قلم کي قلم سمجهي وهائجي ۽ تلوار سمجهي،
ٻه-هٿڙيو، اکيون پوري، نه ڀيڙجي. انھيءَ اپرانڌ، منگي محتاط ٿو نظرجي. جنھن تي به
قلم کنيو اٿائين، احتياط سان کنيو اٿائين. ڇنڊن کان پنھنجو دامن ته بچايو اٿائين،
پر اڳلي کي به عزت افزائي ڏني اٿائين. پوءِ ڀلي ميجر مجاھد ميراڻيءَ جي شھادت جو
حوال ھجي يا اڪبر سومري جي زندگيءَ جو فسانو، غلام نبي شاھاڻيءَ جو تذڪرو ھجي يا
محمد عيسيٰ ڪنڌر جو مذاڪرو. مڙني ۾ پاڻ نباھي چڙھيو آھي. اميد ته اڳتي به عاشق،
اھڙي انھماڪ سان اکر اوڳاڇيندو. تنھن ھوندي به دعا آھي ته رب پاڪ، کيس پنهنجي حفظ
و امان ۾ رکندو ۽ سندس قلم کي اوڙي پاڙي جي ننگ ۽ ناموس جو محافظ بڻائيندو.
No comments:
Post a Comment