28/11/2012

سعيد سومري جي ”اڌ خيال جي خاڪ“ - رکيل مورائي


نوجوان شاعر سعيد سومري جي ”اڌ خيال جي خاڪ“
رکيل مورائي
ادب ۾ سدائين تجربن جي لاءِ رستو کليل رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو قبول ڪيو ويو آهي ته ورجاءَ کان نواڻ بهتر آهي، ذڪر هيٺ آيل ڪتاب لاءِ به ليکڪ پاران اهو ڄاڻايو ويو آهي ته هن ڪتاب ۾ هڪ تجربو ڪيل آهي، اُهو هيءُ ته هن ڪتاب ۾ هڪ سَو غزل آهن ۽ اُهي هڪ ئي بحر وزن تي لکيل آهن.
هن ڪتاب جو نالو ”اڌ خيال جي خاڪ“ آهي ۽ هن جو تخليڪار اسان جو دوست ۽ خوبصورت شاعر سعيد سومرو آهي. سعيد پڪ سان تخليقي دنيا جو شخص ته آهي ئي، پر سندس ٻي ۽ اهم سڃاڻپ اها به آهي ته هو سنڌ جو هڪ اهڙو پبلشر آهي جنهن نئين ٽهيءَ جي هڪ وڏي انگ کي صاحب ڪتاب بڻايو آهي. جڏهن اسان جا ادارا زوال ڏانهن وڃي رهيا آهن اتي سعيد سومري جي ’ڪنول پبليڪيشن‘ پاران مسلسل، لڳ ڀڳ هر مهيني ڪتاب اچڻ سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ ڀري ڳالھه آهي. هاڻ سعيد جي ڪتاب ”اڌ خيال جي خاڪ“ بابت ڪجھه!

هي ڪتاب سعيد سومري جو پنجون شايع ٿيل ڪتاب آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته تخليقي طور سعيد سومرو پنهنجي مڪملتا ڏانهن وڃي رهيو آهي. ساڳئي وقت هي ڪتاب اهو به ٻڌائي ٿو ته سعيد سومري جي هر وک اڳڀري آهي، سندس غزل ۾ فني پختگي ته آهي ئي، پر هن وٽ جيڪو شاعراڻو احساس آهي ۽ ان احساس کي اظهارڻ جو ڏانءُ آهي، اُهو هن کي پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ اهم بڻائڻ جهڙو آهي. ”اڌ خيال جي خاڪ“ اهڙي شاهدي ڏئي ٿو. سندس رديف وارن غزلن ۽ بغير رديف وارن غزلن ۾ هڪ جهڙي حسناڪي آهي، ٻيءَ طرح رديف غزل جي سونهن وڌائيندو آهي، پر سنڌي ۾ نارايڻ شيام اهڙو شاعر آهي جنهن جو غزل رديف کان سواءِ به حسين لڳندو آهي. سعيد جا غزل جن ۾ رديف نه آهي، انهن ذاتي طور مون کي پڙهڻ وقت پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڇڪايو آهي. ايئن سعيد جي غزل ۾ شاعراڻي حسناڪي هن ڪتاب ۾ ڪجھه وڌيڪ ئي ظاهر ٿي آئي آهي، جيڪا اڄ جي شاعراڻي ادب ۾ اهميت ڀري ڳالھه آهي. سعيد جو هيءُ ڪتاب پنهنجي جڳھه جوڙڻ لاءِ گهڻي جستجو نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي غزل جي تازگي سعيد جي هن ڪتاب ۾ گهڻي موجود آهي ان ڪري هي ڪتاب ڪوٽيبل ڪتاب بڻجڻو آهي. اهو ڪتاب پاڻ پنهنجي پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي ٻڌائيندو.
نهايت خوبصورت ڇپيل هيءُ ڪتاب پنهنجي ڇپائيءَ جي ڪواليٽي به ظاهر ڪري ٿو، جنهن سان اهو اطمينان ٿئي ٿو ته سنڌي ڪتاب پرنٽ جي دنيا ۾ ڏيکارڻ جهڙو پڻ بنجي ويو آهي، جنهن لاءِ سعيد ۽ سندس ڪنول پبليڪيشن جُس لهڻن، 128 صفن تي ٻڌل هيءُ خوبصورت ڪتاب 100 رپين جي مُلھه ۾ مارڪيٽ ۾ موجود آهي.

No comments:

Post a Comment