10/11/2012

ادب جو ڪارج - رابيندر ناٿ ٽئگور/جهامنداس ڊي ڀاٽيا



ادب جو ڪارج
ليکڪ: رابيندر ناٿ ٽئگور
سنڌيڪار: جهامنداس ڊي ڀاٽيا
ٻاهرين دنيا جڏهين اسان جي احساسن اندر داخل ٿي ٿئي، ته اُها بلڪل ٻئي نموني جي ٿيو ٿي پوي. سندس ڊول اگرچ ساڳيو ئي ٿو رهي، ته به ڦير گهير سندس سَتَ ۾ ضرور پيدا ٿيو پيو. سندس رنگ، آواز، وغيره ساڳيا رهندي به اسان جي پسنديءَ ناپسندي، اسان جي حيرت ۽ خوف، اسان جي غَمَ ۽ خوشيءَ سان رڱجيو ٿا پون. انهيءَ طرح اُهي اسان جن امنگن، لاڙن، لاڳاپن، فڪرن ۽ ذڪرن، خيالن ۽ افعالن سان مليو، بدلجو ٿا پون. سندن بدل سدل اسان جي دنيا ۾ ڦيرو ٿي آڻي وجهي. اُن جو گهيرو ۽ گهوم. اَن جو ويڙهو ۽ جهوم، اهڙا ته بدلجيو ٿا پون جو وسهڻ ۾ ائين پيو اچي، ته دنيا ئي نئين سر اسان کي نئون نظارو ڏيکارڻ، نئون پسارو پَسائڻ لاءِ پيدا ٿي پيئي آهي، انهيءَ نئينءَ دنيا جو اسان سان گهاٽو ۽ گهرو ڳنڍُ ڳنڍجي ٿو پئي.

جن انسانن کي هاضمي جي رسن جو پورو ورثو ڪونهي، سي کاڌي کي پنهنجي بدن کي هلائڻ لاءِ سَگهه ۽ سَتا ۾ بدلائجي نٿا سگهن، ۽ نه پنهنجي جسم کي جوانن وانگيان ورائي ٿا سگهن. ساڳيءَ ريت، جي ٻاهرينءَ دنيا کي امنگن جو اڪسير سان بدلائڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن سي پنهنجي دنيا بنائڻ ۾ ڪاهل ۽ ڪمزور ٿا ثابت ٿين.
پوئين نموني جا انسان زندگيءَ جو مڪمل مزو نٿا وٺي سگهن، ۽ نه اُهي ڪو مزو ڏيئي ٿا سگهن، اُهي سدائين پنهنجيءَ پيدائش واريءَ دنيا کان گهڻي قدر محروم آهن، ۽ تنهنڪري پنهنجي هم رفيقن کي پاڻ کان اڳرو خوش مزاج ڏسي مجروح ٿيندا ٿا رهن. سندن دلين کي ٿوريون ڪي گهڻيون دَريون آهن، پر نه کين ڪو کولڻ جو آر آهي ۽ نه منجهن جو دنيا جي موسيقي ماڻڻ جو ڪو سُر آهي، هٿڙا هڻندي به، اُهي ڳٿن مان ڳچيون ڪڍي نٿا سگهن. ليئي ۽ جهاتيءَ وجهڻ لاءِ واجهائيندي به سندن اکين ۾ ڪو عڪس نٿو اُڪري اچي. دنيا جي وچ ۾ رهندي به هو جلاوطن ٿي جلندا ٿا رهن. ٻئي طرف کان اُهي انسان آهن، جن جا عبرت ـــــ عشق ۽ آڏاري جا احساس خوش قسمتيءَ سان سدا سجاڳ آهن. اهڙن انسانن لاءِ قدرت جي ڪُنڊ ڪُنڊ ۽ ڪوٺي ڪوٺي ڪانڍ جهليو بيٺي ٿي رهي. انسانيت، دلين جي چُرپُر، سندن زندگيءَ جي لڙهين ۾ همدرديءَ جي لرزش پيدا ڪندي ٿي رهي. انهيءَ ڪري، ٻاهرين دنيا سندن لِکَ ۾ نئينءَ ريت ۽ نئين روپ ۾ پيدا ٿي رهي. اهڙي رنگ ۽ روپ ۾ زندگيءَ جو زور آهي، اُن ۾ موڙ آهي ته ڇوڙ به آهي؛ اُن ۾ اُڀَرَ آهي ته اُڇَل به آهي؛ اُن ۾ چاڙهه آهي ته لاههُ به آهي؛ جوش آهي ته هوش به آهي، جنون آهي ته سڪونُ به آهي، اِها زندگي احساسن جي پکيڙ ۽ کيڙَ مان اوڪرڻ ڪري ئي کين حاصل ٿي ٿئي.
دنيا به اهڙن انسانن لاءِ پنهنجو پاڻ نئين روپ ۾ بنائيندي، وِک وڌائيندي، سندن اوڏي اچي ٿي ٿئي. دل مان پيدا ٿيل هوندي دل جي پهچ کان پري رهي نٿي سگهي. دماغ جي بخششن سان پُر ٿيل هئڻ ڪري، دماغ ان جي اندروني تهن ۾ ترڪي وڃي سگهي ٿو. اهڙي دنيا انسان کي صرف اها خبر ڏيئي نٿي سگهي ته هيءَ ڪاري آهي ۽ هوءَ اڇي، هيءَ ننڍي آهي ۽ هوءَ وڏي، پر هوءَ جدا جدا سرن ۾ اڻوڻندڙ ۽ وڻندڙ چيزن بابت گيت ڳائيندي ٿي رهي. هوءَ هرکائيندڙ ۽ ڌڪاريندڙ، چڱي ۽ مَٺي جي سُڌ ڏيندي ٿي رهي. هيءَ انسان جي دنيا هڪ دماغ کان ٻئي دماغ ڏانهن وهندي ٿي رهي. انهيءَ جي وهڪ، اونهي ۽ جهوني هوندي به، سدائين نئين رهندي ۽ ٺهندي ٿي اچي. ان کي جُڳان جُڳ تازا حواس ۽ تازيون دليون نئون ڪنديون ٿيون رهن.
سوال تڏهين اهو ٿو پيدا ٿئي ته اِها دنيا هٿ ڪيئن ايندي ۽ ڪيئن اُن جي مٿان ضابطو پائي سگهبو، جيسين اها اندروني دنيا ٻاهر پکڙجي ظاهري روپ اختيارنه ڪندي، ته اُها ڀڄي ڀُري، ٽڙي پکڙي ويندي، جنم وٺندي، هيءَ زنده دنيا، پکڙجڻ کان پاسي ٿي، اسان جي اندر ۾ ئي گُم ٿي ويندي. پيدا ٿيندي ئي منجهس اِها آس اُڀري ٿي ته شل هوءَ پنهنجي زندگي قائم رکي سگهي ـــــ ۽ انهيءَ ڪري محڪم حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانکي آهي. انهيءَ ڪري ايامن جي دور ۾ انسان جي اندر ادبي اظهار جو اراُڀرندو، اُسرندو، وڌندو ۽ ويجهندو پئي رهيو آهي.
اَدب بابت ڪنهن به فيصلي ڏيڻ ۾ ٻن ڳالهين جو ويچار ضروري رکڻو ٿو پوي: پهرين ڳالهه جا ڌيان ۾ آڻڻي ٿي پوي سا هيءَ آهي ته ڪيتري قدر مصنف ڪائنات جي مکيه حصي تي قبضو ڪري سگهيو آهي؛ ۽ ٻي ڳالهه وري هيءَ آهي ته هو ڪيتري قدر انهيءَ حاصلات کي دائمي روپ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. جت انهن ٻنهي مرادن موافق ميلاپ ۽ مڌرتا حاصل ڪئي آهي، اُت نتيجو چڱي کان چڱو ٿو ڀانئجي، اهي ٻئي هڪ هنڌ ڪاميابي حاصل ڪن، سا ڳالهه تمام مشڪل پيش ايندي آهي.
جيتري ويڪري ادبي ڪلاڪار جي احساسن جي پکيڙ هوندي، اوتري ئي اونهي خوشي اسان کي ان مان حاصل ٿيندي، ۽ ايڏي ئي ڪشادي انسان جي دنيا هو پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جا، وقت جي وٿن کان آزاد هوندي، انسان ذات جي لاءِ راند جو ميدان بنجيو ٿي پوي، پر اُڀاريندڙ ادب ۾ ڪاريگريءَ جي اهم ضرورت آهي، اگرچ بيان ٿيل چيز کڻي خسيس به هجي، ته به ڪلا، جا اُن جي اظهار لاءِ ضروري آهي، سا رواجي نه آهي، اها ته جيڪي سو ٻوليءَ لاءِ دائمي حاصلات آهي، جا انسانذات جي بيان ڪرڻ جي طاقت جي طاقت کي وڌائيندي ٿي رهي، ڪامياب ليکڪن جو قرض، پڙهندڙن کين ساراهه جي روپ ۾ ڏيندا ٿا رهن.
سوال تڏهين اهو ٿو پيدا ٿئي ته امنگ انسان جي اندر ۾ جا نئين دنيا کڙي ٿا ڪن، تنهن کي ڪهڙيءَ طرح بيان ڪجي جو امنگن جو وجود اُن وسيلي ۾ نابود ٿي نه وڃي، پر جيڪي سو اُهو اظهار ڪرڻ واريءَ ٻوليءَ دوران بکندو رهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ٻولي سينگار جي ڪُل سامگريءَ جي ساهتا حاصل ڪري.
ڌنڌي ۾ جڏهين انسان مشغول ٿو ٿئي ته سندس پهر ۽ پوشاڪ سادي ٿي ٿئي، اُها جيتري سادي، اوتري بهتر، عورت، ٻئي طرف، سڀني سڌريل پنگتن ۾، پنهنجي هارَ سينگار ۽ پنهنجي ٺاهه ٺوهه جا سمورا ساج ڪتب ٿي آڻي ــــ ڳهه ڳٺا نه پائي، سنوار سنوت نه ڪري، مهٽ چهٽ کان منهن موڙي، ته هوند سندس بکڻ تي بيهجي وڃي. ڪيتريون چيزون کڻي غير ضروري مرد کي معلوم ٿين، مگر عورت لاءِ اُهي لازمي آهن، جو عورت جو واسطو دل سان آهي، کيس ٻين جي دلين کي موت ڪري، پنهنجي دل کين ارپڻ ڪرڻي آهي، انهيءَ مراد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هوءَ غير ضروري ساجَ ڪم ۾ لڳائي. مرد ته جيئن جو تيئن ٻين اڳيان اچي وڃي سگهندو، مگر عورت لاءِ اهنجو آهي، ائين ڪرڻ، مرد لاءِ صفاگو ۽ راست رو رهڻ ٺيڪ آهي، مگر عورت ماٺ، ڳجهه ۽ لِڪ کان رهي نه سگندي. سندس انڪاري، اشارا، موڙا ۽ چشمن جا اوڀارا ۽ لهورا چارا ڏيکارا، آهن، ڏيهه ڪنهن ٻئي جا، جنهن جي معنى سمجهي سگهڻ جي سگهه آهي ئي ڪن سگهڙن کي!
ساڳيءَ طرح ساهت کي سينگار جو کَپُ آهي، جيئن اُهو پنهنجي مراد حاصل ڪري سگهي، سندس سينگار جا هارَ ۽ هَسيون، ڪوڪا ۽ ڦُليون، ڪنگڻ ۽ ڇلا، آهن ئي گهڙت ٻيءَ جا، پَدن جو ميل، آواز جو ٺڪاءُ، تشبيهه ۽ خوش گوئي ــــ اهي آهن ڪي سينگار جا وسيلا، ادب جي ٻولي سائنس ۽ فلسفي وانگيان ڪنجوسيءَ کي خصلت بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندي. بيصورت کي صورت دواران ظاهر ڪرڻ لاءِ، ٻوليءَ کي جمال ۽ جلال لاءِ جاءِ ضروري ڇڏڻ ئي گهرجي، جو اهي انگ ادب جا اهڙا اهميت وارا آهن، جهڙا عورت جا حيا ۽ نزاڪت ڀريا رنگ، نقل ڪرڻ سان ادب اهي انگ حاصل ڪري نه سگهندو. مٿس ڳهن ڳٺن جو پاڇو اهڙيءَ طرح ته نه پئي جو اهو خود ئي لڪي غائب ٿي وڃي. سينگار جي سنجن دواران ئي ساهت جي سونهن کي ظاهر ٿيڻ جو وجهه ملندو رهي.
جيڪي لفظن ذريعي ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ جيڪي ظاهر ٿي نه سگهيو آهي، تنهن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ٻوليءَ کي ٻن ٻين اوزارن کي مددگار بنائڻو پوي ٿو: موسقي ۽ مصوري اِهي ٻئي سينگار جا وسيلا آهن، جن کي ٻولي پنهنجو هٿيو بنائي پنهنجي مراد حاصل ڪندي ٿي رهي، جيڪي لفظ ۾ چيو نٿو وڃي، تنهن کي موتن دواران ظاهر ڪري ٿو سگهي، ادب ۾ تصويرن بنائڻ جو ته ڪو انت ئي ڪونهي. تشبيهه، استعارو مثالي ڪهاڻي ـــــ اِهي عام رواجي صورتن ٺاهڻ جا وسيلا آهن، جن جي معرفت انساني امنگ، جي ظاهر ٿيڻ جي آرزو رکندڙ آهن. سي صورت وٺي هستي حاصل ڪري سگهن ٿا. مثال طور، هن سٽ تي ويچار ڪري ڏسو: ”اکيون منهنجيون پکي آهن، جي پَسڻ لئه اوهان جي پرواز ڪن ٿيون.“ انهيءَ گفتي ۾ شاعر ڇا ڇڏيو آهي، اکين جي اُڪير اکرن ۾ اظهار ڪرڻ اهنجي هئي، پر جڏهين پکي بنائي کين پرواز ڪرايو ويو، تڏهين ئي مطلب سِڌ ٿي سگهيو ۽ دل جي جلڻ پوري ظاهر ٿي سگهي.
موسيقيءَ جي مدد به اهڙي ئي اڪثر گُهري ويندي آهي، جهڙي نقشبنديءَ جي لفظن جي للڪار ۽ مڌر اقرار سان ٻوليءَ ۾ راڳ جو رَس آڻي، اڻ ٻوليل ۽ اڻ کوليل جو اظهار آڻي ٿو سگهجي. لفظ تکا ۽ چڀندڙ، موسيقي جي مدد سان ٿيو ٿا پون. معنائون جي مٿاڇريءَ نظر اُڇلائڻ سان رواجي معلوم ٿين، تن کي موسيقي مائيدار بنائي، حسن بخشي ٿي ڇڏي.
مصوري ۽ موسيقي، ادب جا ٻه جزا آهن، مورت خيال کي خَطُ ٿي عطا ڪري، ته موسيقي کيس چرپر ٿي بخشي، مورت جسم آهي، ادب جو، ۽ موسيقي سندس زندگي آهي.
انسان جي صرف دل نه آهي، جا ادب ڏانهن دائمي مقام بنائڻ لاءِ واجهه وجهندي ٿي رهي: انساني فطرت به حواس سڌي طرح سمجهي سلجهائي نٿا سگهن، جهڙي هو معدني قدرت ڪري سگهن ٿا، اها انسان جي حڪم هيٺ ماٺ ۾ نٿي اچي وڃي: جيتوڻيڪ اعلى ۾ اعلى ويچار جوڳي کڻي ڇو نه هجي، ته به پڃري ۾ پاليل پکيءَ جيان کيس ٻين اڳيان ظاهر ڪري نٿو سگهجي.
ادب، تڏهين پاڻ تي انهيءَ ڀَڄندڙ ترڪندڙ انساني فطرت کي اندروني تهخاني مان ڪڍي، عملي جٽادار روپ ڏيڻ جي جوابداري هموار ٿو ڪري، هي ڪم تمام ڪٺن ڪشالي جو آهي، ڇاڪاڻ ته انساني فطرت نڪي هڪ ڪَري آهي ۽ نه کيس ڪو قيد آهي جو پنهنجي خيال ۽ مرضيءَ موجب ڦري گهري نه سگهي. انساني فطرت کي طبقا آهن، کيس گهڻائي تهه آهن، سندس اونهاين ۾ گهڙڻ اهنجو آهي. اهڙي جرئت سندس حياءُ قبول ئي نه ڪندو. ان جي راند اهڙي ته لطيف آهي، اهڙي وقت جي پائبندين کان آجي آهي، ۽ اهڙي ته ويچار جي جهَل پَل کان خالي آهي، جو سندس ڇيدُ ڪري سگهجي ئي ڪين ٿو. دل سان تڏهن ان کي احساس ۾ آڻڻ جو اُراعليٰ بيدار ۽ ڄمندي ڄام انسان کي ارپيل آهي، اسان جا وياس، والميڪي (رامائڻ جو رچيندڙ) ۽ ڪاليداس (شڪنتلا جو مصنف) اهو ڪَم ڪندا پئي رهيا آهن. شاعرن ۽ مشاهدي وارن کي اندرين تهن ۾ گهڙي وڃڻ جي ڏات ڏنل ٿي ٿئي.
هاڻ، سموريءَ ڇنڊڇاڻ بعد، هڪ ئي لفظ ۾ کڻي چئون ته ساهت جو سنٻنڌ انسان جي امنگ ۽ اخلاق سان آهي. اخلاق جو اضافي طور ذڪر ڪرڻ اجايو آهي. اسان کي ته پاڻ ائين چوڻ کپي ته انساني فطرت ۽ ٻاهرينءَ قدرت جي رُوپن ۽ ويس جو ـــــ جيڪي انسان جي دل کي پهريندا ۽ اختيار ڪندا ٿا رهن، راڳ جي اوت الائيندا ٿا رهن. ”اکرن ۾ اظهار ڪرڻ“ ادب جو ڪم آهي، اُهي مڌر مٺا گيت جي وِسُ ڳائيندي ٿي رهي، ادب وري وري اُنهن کي دهرائي ٿو. زندگيءَ جي بنسريءَ ۾ سوز ڀريا راڳ ۽ راڳڻيون، لهرا ڏينديون ترڪنديون ٿيون اچن ۽ اسان جي اڳيان پيئيون نچن، ساهت اُنهن کي جهٽي ۽ جهپي، ٻوليءَ ۾ هميشه لاءِ قابو رکندو ٿو رهي.
ادب ڪنهن خاص جي ملڪيت نه آهي. خود مصنف اُن جو خاوند نه آهي، اِهو اِلاهي اُڀَرَ جو اظهار آهي. اِلاهي اُن کي انهيءَ ڪري ٿو ڪوٺجي جو شاعر خود پنهنجيءَ لکت تي تعجب ۽ تپرس ۾ ٿو پئجي وڃي. جيئن ٻاهرين دنيا پنهنجي چڱائي مَٺائي جو اظهار لڳاتار ڪندي ٿي رهي ۽ پنهنجين حاصلاتن ۽ اڻپورائين کي روپ دواران پڌرو ڪندي ٿي رهي، ساڳيءَ طرح هيءَ اِلاهي اُڀَرَ به هر ڪنهن ديس ۾، هر ڪنهن قوم ۾، هر ڪنهن ٻوليءَ دواران، پنهنجو رستو اسان جي دلين مان لهي، ٻاهرين شڪلين ۾ ظاهر ڪري، هميشه لاءِ خوشيءَ جو ذريعو ٿيندي ٿي رهي.

No comments:

Post a Comment