جنڊيءَ جي رنگن ڀريل زندگي
ڪتاب ”ڪويءَ جي ڪٿا“ تي تبصرو
منوج ڪمار
ماڻهو آتم ڪٿا ڇو لکندو آهي؟ شايد انهيءَ جو جواب
تخليقي ادب سرجڻ واري عمل ۾ ئي ملي سگهي ٿو. اسان گيت، ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما به
ان ڪري ئي لکون ٿا، جو اسان جي اندر ۾ اها خواهش ڀرپور نموني موجود هوندي آهي ته
پنهنجن خيالن کي ٻين سان ونڊيون. انهي ڪري اڄڪلهه آتم ڪٿائن کي اُهو ئي درجو حاصل
آهي جيڪو تخليقي ادب کي حاصل آهي. هڪ خوبصورت آتم ڪٿا اسان جي اها ساڳي جمالياتي ۽
روحاني اڃ اجهائي ٿي، جيڪا تخليقي ادب جو ٻيون صنفون اجھائينديون آهن ۽ ڪي آتم
ڪٿائون ته ڪنهن ادبي شهپاري کان گهٽ به نه هونديون آهن.
منهنجي مطالعي ۾ هن وقت سنڌي جي ڀلوڙ شاعر سوز هالائي جي آٿم ڪٿا ”ڪويءَ
جي ڪٿا“ آهي. سوز جي شاعري کي
ڪنهن تعارفي حوالي جي ضرورت نه آهي. سوز سنڌي شاعريءَ کي رنگ رتا پيچرا،
درشن ڌارو ڌار ۽ من اندر جي موسم
(زير طبع) جي صورت ۾ ٽي خوبصورت مجموعا ڏنا آهن. انهي کان سواءِ سوز هالائي سنڌي
موسيقيءَ جي بي حد سريلي راڳي محمد جمن جي فن موسيقي تي به ”ڪارون وس ڪيام“ جي نالي سان ڀيٽا ارپي چڪو آهي. نثر ۾ سوز جو هيءُ ٻيو ڪتاب آهي.
شاعر جڏهن نثر لکندا آهن ته انهيءَ ۾ به اها مڌرتا،
اهو تخيل ۽ اهي احساس هوندا آهن، جيڪي سندن شاعريءَ ۾ هوندا آهن. سوز جي آتم ڪٿا ۾
به هڪ شاعر جي موجودگي کي هر سٽ ۽ هر لفظ ۾ محسوس ٿئي ٿي. اِهو هڪ شاعر جو ئي تخيل
ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هِن اڌ صديءَ کان به اڳ پيش آيل واقعا ۽ تاريخ جي وهڪري ۾
لڙهي ويل اهي جڳهيون وري ڪاغذن تي زندهه ڪري ڏيکاريون آهن. ماءُ جي ڪک ۾ ئي يتيم
ٿيل ٻارڙي جي سنڌ جي سرموڙ شاعر ٿيڻ واري سموري سفر کي سوز انتهائي فنڪارانه
سادگيءَ سان پيش ڪيو آهن. پنهنجي زندگيءَ جي انهيءَ پوتاميل ۾ انتهائي ايمانداريءَ
کان ڪم ورتو آهي. انهي ۾ سوز ڪي لٻاڙون نه هنيون آهن (جيڪي اڪثر آتم ڪٿائن ۾
هونديون آهن) هُن پنهنجي زندگي انتهائي ايمانداريءَ سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪئي آهي.
سوز ڇاڪاڻ ته بنيادي طور تي شاعر آهي، تنهنڪري هُن
جي آتم ڪٿا ۾ اهي شاعراڻه تخيل جابجا موجود آهن. خاص طور سندس ڪتاب جو باب ’مان ۽
منهنجو شهر‘ بلاشڪ نثري ادب جو هڪ شهپارو آهي. انهيءَ ۾ سوز هالاپراڻا جي ورهاڱي
کان اڳ واري زندگيءَ کي انتهائي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ کي پڙهڻ
سان اهو سمورو دور وري زنده ٿي و ڃي ٿو ۽ پڙهندڙ انهيءَ دور ۾ وري جيئڻ لڳي ٿو.
سوز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ رڳو پنهنجي ذات کي محور نه
بنايو آهي، پر هُن پنهنجي دور ۽ پنهنجي همعصرن کي پڻ پنهنجيءَ آتم ڪٿا جو موضوع
بنايو آهي. سندس واهڻ ٻيهر حياتي پائن ٿا، جيڪي هاڻ هِن ڌرتيءَ تان وجود وڃائڻ لڳا
آهن.
ساڳيءَ طرح سوز انهن سڀني ماڻهن کي پڻ پنهنجي آتم
ڪٿا ۾ جاءِ ڏني آهي، جيڪي ماڻهو سوز جي زندگيءَ جي سفر ۾ ساٿي رهيا آهن. انهن ۾
سوز جي ننڍپڻ جي معصوم محبت ڪمال به آهي. سوز انهي لاحاصل محبت کي ڏاڍي پاڪيزگيءَ
سان پيش ڪيو آهي.
سوز پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ پنهنجي نوڪريءَ جا ٻه
تجربا به بيان ڪيا آهن. سندس روينيو ڊپارٽمينٽ ۽ سندس جيلر هئڻ واري دور کي انتهائي
دلچسپ پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح ريڊيو پاڪستان ۽ انهيءَ سان وابسته ماڻهن
کي پڻ سوز پنهنجي آتم ڪٿا جو حصو بنايو آهي. اهڙيءَ طرح سوز هڪ اداري جي ماضيءَ جا
ڪيئي اڻ ڇهيل پهلو سامهون آندا آهن.
پاڻ پهرين ئي ذڪر ڪيوسين ته آتم ڪٿائون هاڻي
تخيلقي ادب جو ئي هڪ حصو تسليم ڪيون پيون وڃن. سوز جي آتم ڪٿا به اڃا بهتر ٿئي ها جيڪڏهن
سوز تخليقن جي اها اڏام برقرار رکي ها جنهن سان هن ڪويءَ جي ڪٿا کي شروع ڪيو هو.
هيءَ آتم ڪٿا وڌيڪ خوبصورت ٿي پوي ها، جي سوز اهوئي پيرايو برقرار رکي ها، جيڪو هن
پهرئين بابن ۾ رکيو هو. جيڪڏهن سوز پنهنجي زندگي ۾ پيش آيل واقعن ۽ سندس حياتيءَ
سان وابسته شخصيتن کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ بيان ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي بيان ۾ رلي جي مختلف رنگن
وانگر پوئي ها ته هوند سندس آتم ڪٿا جو رنگ ئي ڪو ٻيو هجي هان. ساڳيءَ طرح موسيقي
۽ ريڊيو پاڪستان سان وابسته ڪافي شخصيتن جو ذڪر سوز اڳيئي پنهنجي ڪتاب ’ڪارون ويس ڪيام‘ ۾ ڪري چڪو هو. سندس اهي پاٺڪ جن جو اهو ڪتاب پڙهيل آهي تن کي اهو
ورجاءُ شايد غيرضروري محسوس ٿئي. ڪتاب مان ڪجهه واقعا يا ڪجهه شخصيتن کي سٺي نموني
ايڊٽ ڪيو وڃي ها ته آتم ڪٿا اڃا به بهتر ٿي پئي سگهي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اسان جي ڪويءَ جي هيءَ
ڪٿا پڙهڻ جهڙي آهي ۽ هِن کي انهيءَ ڪري به پڙهيو وڃي ڇو ته اسان جو نسل انهيءَ
شاندار دور کان واقف نه آهي، جيڪو وقت جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي چڪو آهي.
No comments:
Post a Comment